تازيون خبرون

آدمشماري ۾ ٻاهر رهندڙ پاڪستاني غير ملڪي تصور ٿيندا….!!!

وفاقي حڪومت ٻاهرئين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي غيرملڪي تصور ڪندي ڇهين آدمشماري ۾ انهن کي شامل نه ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ موجود غيرملڪين کي به ملڪي تصور ڪري ڳڻپ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته آئين ۾ ڪٿي به لکيل نه آهي ته هر 10 سالن کانپوءِ آدمشماري لازمي آهي، آدمشماري ڪرائڻ لازمي آهي اهو صرف عالمي پڌرنامي ۾ چيل آهي ته 10 سالن کانپوءِ آدمشماري ڪرائي وڃي پر هر ملڪ پنهنجي وسيلن کي ڏسي قدم کڻندو آهي. آدمشماري جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 68 هزار 120 بلاڪ ٺاهيا ويا آهن جڏهن ته ملڪ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي ڳڻيو ويندو ۽ پاڪستان ۾ موجود ڪنهن به شخص کي غيرملڪي تصور نه ڪيو ويندو جڏهن ته ملڪ ۾ 15 مارچ کان شروع ٿيندڙ آدمشماري جي عمل ۾ هر ڳڻپ ڪندڙ سان هڪ فوجي جوان مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ضلعن کي فوج سان صلاح مشوري کانپوءِ ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو. شماريات کاتي جي چيف آصف باجوه بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي آدمشماري ۾ نه ڳڻيو ويندو پر اهي غيرملڪي تصور ڪيا ويندا، هن وقت ٻاهرئين ملڪ ۾ رهندڙ 70 کان 80 لک پاڪستاني آهن. ننڍي کنڊ ۾ پهرين آدمشماري 1881ع ۾ ٿي هئي ۽ پاڪستان ٺهڻ کان ويندي هيستائين 5 ڀيرا آدمشماري ٿي چڪي آهي، آئين ۾ 10 سالن کانپوءِ آدمشماري ڪرائڻ جو ڪو شرط موجود نه آهي، اها ڳالهه عالمي پڌرنامي ۾ آهي ته 10 سالن کانپوءِ آدمشماري ڪرائڻ ضروري آهي. هر ملڪ پنهنجا وسيلا ڏسي  آدمشماري ڪرائي ٿو، پاڪستان ۾ ڇهين آدمشماري 2008ع ۾ ٿيڻي هئي جيڪا مختلف سببن جي ڪري ملتوي ڪئي وئي، سي سي آءِ سپريم ڪورٽ جي هدايت تي 15 مارچ تي ڇهين آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آدمشماري ۾ ملڪ ۾ رهندڙ هر شخص کي ڳڻيو ويندو، چاهي اهو پاڪستاني هجي يا غيرملڪي. ٽن ڏينهن ۾ 15، 16 ۽ 17 مارچ تي گهرن جي ڳڻپ ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ 10 ڏينهن ۾ هڪ ڳڻپ ڪندڙ ۽ هڪ فوجي جوان فارم ڀرڻ جي لاءِ معلومات گڏ ڪندا ۽ هڪ ڏينهن بي گهر ماڻهن جي لاءِ رکيو ويو آهي. سڄي ملڪ ۾ فوج سان مشاورت کانپوءِ ڪجهه بلاڪن کي فيز ون ۾ رکيو ويو آهي ۽ ڪجهه کي فيز ٽو ۾ رکيو ويو آهي، 18 مارچ تي ڳڻپ جو ريفرنس ڏينهن هوندو جنهن ۾ ڳڻپ ڪندڙ گهر وارن کان هر قسم جي معلومات پڇندو. سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ تعلقي جڏهن ته بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر هوندا. ملڪ ۾ هڪ لک 68 هزار 120 بلاڪ ٺاهيا ويندا جن ۾ سنڌ ۾ 38 هزار، پنجاب ۾ 86 هزار، بلوچستان ۾ 10 هزار 104، فاٽا ۾ 3 هزار 793، اسلام آباد ۾ 1303، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 4 هزار 23 بلاڪس ٺاهيا ويندا. هن چيو ته پاڪستان جي ڳڻپ واري اداري جي 785 ماسٽر ٽرينر سکيا مڪمل ڪري ورتي آهي جيڪي فوجي آفيسرن ۽ سرڪاري اسڪول جي استادن کي سکيا ڏيندا. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو کدڙن فقيرن کي به ڳڻيو ويندو. ڳڻپ کاتي واري سربراهه چيو ته هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 7 مهينن ۾ مهانگائي جي شرح 3.85 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي .

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *