تازيون خبرون

Category Archives: رانديون

ايشيا ڪپ ۾ ملائيشيا سپر فورم مرحلي ۾ پاڪستان کي 2-3 تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) هيرو ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ ملائيشيا پاڪستان کي 2 جي مقابلي ۾ 3 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. بنگلاديش جي شهر ڍاڪا جي مولانا ڀاشاني نيشنل هاڪي اسٽيڊيم ۾ ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي لاءِ پاڪستان ۽ ملائيشيا جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيو. پاڪستان طرفان عمر ڀٽا ميچ جي پهرين منٽ ۾ ئي گول ڪري مخالف ٽيم تي 0-1 جي سرسي حاصل ڪئي. راند جي پهرين ئي ڪوارٽر ۾ ٻنهي طرفان کان هڪ ٻئي جي گول پوسٽ تي حملا ڪيا ويا ۽ پاڪستان طرفان اظفر يعقوب هڪ ٻيو گول ڪري ملائيشيا تي 0-2 جي سرسي حاصل ڪري ورتي. پهرين ڪوارٽر جي پڄاڻي کان پهريان ملائيشيا هڪ ٻئي پٺيان ٻه گول ڪري پاڪستان خلاف 2-2 تان اسڪور برابر ڪري ڇڏيو. راند جي ٻئي ڪوارٽر جي شروع جي ڪجهه منٽن ۾ ملائيشيا هڪ ٻيو گول ڪري پاڪستان مٿان 3-2 تان سرسي حاصل ڪئي جيڪا راند جي آخر تائين برقرار رهي. ملائيشيا طرفان رضي رحيم، شاهرل صباح ۽ فطري ساري هڪ هڪ گول ڪيو. پاڪستان سپر فورم مرح:ي جي ٻي ميچ اڄ ڏکڻ ڪوريا خلاف کيڏندو.

 

هاشم آملا ۽ ڊي ويليئرز جي پارٽنر شپ ۾ ٻارهين سينچري، رڪارڊ قائم

پارل (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقن بيٽسمين هاشم آملا ۽ اي بي ڊي ويليئرز ون ڊي انٽرنيشنل ميچز ۾ پارٽنرشپ ۾ ٻارهين سينچري ٺاهي نئون ملڪي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي، ٻنهي بيٽسمينن بنگلاديش خلاف ٻي ون ڊي ميچ ۾ ٽئين وڪيٽ تي 136 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪري ڪارنامو انجام ڏنو، اها پارٽنرشپ ٻنهي رانديگرن جي ون ڊي ميچ جي ٻارهين سينچري آهي، ان سان گڏ ئي پروٽيز طرفان هرشل گبز ۽ گريم سمٿ جي پارٽنرشپ ۾ وڌيڪ سينچرين جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، ٻنهي بيٽسمينن پارٽنرشپ ۾ يارهن سينچريون ٺاهيون هيون.

 

هن وقت ٽيم جو سٺو ڪمبي نيشن آهي: شاهد آفريدي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)اڳوڻي اسٽار  ڪرڪيٽر شاهد آفريدي چيو ته بورڊ هاڻي ڪراچي سيمت ٻين شهرن جي طرف به اچي دنيا کي ٻڌائي ته صرف لاهور ئي نه ملڪ هاڻي محفوظ آهي، هن وقت ٽيم جو سٺو ڪمبي نيشن آهي، ٽيم بيشڪ  ٻه ٽيسٽون هارايون آهن پر ٽيم مصباح الحق ۽ يونس خان  کان پوءِ جدوجھد ڪندي نظر اچي رهي آهي ۽ اڳتي به ڪندي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي هن چيو ته هي اطلاع آهن ته سري لنڪن ٽيم ۽ پاڪستان ٽيم جي وچ ۾ آخري ٽي ٽونٽي لاهور ۾ کيڏيو ويندو جيڪو خوش آئند آهي.  پر هاڻي بورڊ کي ڪراچي، ملتان، ۽راولپنڊي جي طرف وڃڻ گھرجي ڇو ته اسانکي دنيا کي ٻڌائي ته صرف لاهور ئي نه ملڪ هاڻي محفوظ آهي،شاهد آفريدي چيو ته ٽي ٽونٽي  جي اڻ سان ڪرڪيٽ تيز ۽ تبديل ٿي آهي  جڏهن ته 10 اوورن واري ڪرڪيٽ به بلڪل ٺيڪ آهي.  هڪ سوال جي جواب ۾ ان جو چوڻ هيو ته پاڪستان جي لاءَ جن جي خدمتون آهن انهن رانديگر ن کي فائدووٺڻ گھرجي. هن ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ سري لنڪا کان شڪست جي سوال  جي جواب ۾ چيو ته  هن وقت جيڪا ٽيم آهي اها سٺي آهي ۽ اهو بهترين ڪمبي نيشن آهي، مصباح الحق ۽ يونس خان جي نه هجڻ سان ضرور فرق  پيو آهي ۽  تسليم ڪيو ويو آهي، هي خوش آئند آهي ته ٻنهي رانديگر جي جڳهه تي جدوجھد ڪري رهيا آهن. شاهد آفريدي چيو ته تعليم سان معاشي مسئلا حل ٿي سگھن ٿا.  هو تعليم  ۽ صحت جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.  پنجاب ۾ پهريون اسڪول شاهد آفريدي فائونڊيشن ورتو آهي. اسپورٽس ڪمپليڪس جي لاءِ حڪومت سان ڳالهه ٻول ڪندس،  ڪراچي ۾ ڳالهه هلي رهي آهي، وسيم اختر جيڪو واعدو ڪيو اميد آهي پورو ٿيندو.

 

ماريا شيرا پووا اڍائي سالن کانپوءِ پهريون وڏو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو

تيانجن(اسپورٽس نيوز) روس جي ٽينس اسٽار ۽ اڳوڻي عالمي نمبر ون ماريا شيراپووا اڍائي سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو تيانجن اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ ڪالهه چين جي شهر تيانجن ۾ جاري ويمنز سنگلز جي فائنل مئچ ۾ ماريا شيراپووا جو مقابلو بيلاروس جي ارينا سباليڪا سان ٿيو، جنهن دوران ماريا شيراپووا ارينا سباليڪا کي ۵،۷ ۽ ٦،۷ تان اپ سيٽ شڪست ڏئي ڇڏي، اهڙي طرح ماريا شيراپووا اڍائي سالن کان ڪنهن ايونٽ ۾ نه رڳو فائنل ۾ پهتي آهي پر هن ٽائٽل پڻ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته ماريا شيراپووا پابندي وارين دوائن جي استعمال سبب ۱۵ مهينا ٽينس ڪورٽ مان ٻاهر نڪرڻ جي پابندي ڀوڳي چڪي آهي، ماريا شيراپووا آخري ڀيرو ۲۰۱۵ع ۾ اطالوي اوپن جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو هو.

 

پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ سيريز جي ٻي ميچ اڄ 16 آڪٽوبر تي ابو ظهبي ۾  کيڏي ويندي

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ سري لنڪا جي وچ ۾ 5 ون ڊي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز  جي ٻي ميچ اڄ 16 آڪٽوبر تي ابو ظهبي ۾  کيڏي ويندي، پاڪستان کي سري لنڪا جي خلاف سيريز ۾ 1.0 جي سرسري حآصل آهي، شيڊول موجب ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٽين ميچ 18 آڪٽوبر تي ابو ظهبي ۾ کيڌي ويندي، چوٿين ميچ 20 آڪٽوبر تي شارجه ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته پنجين ۽ آخري ميڇ 23 آڪٽوبر شارجه ۾ کيڏي ويندي، انهي کانپوءِ بنهي ٽيمن ۾ ٽن ٽي ٽوينٽي ڪرڪيٽ ميچن  تي ٻڌل سيريز جي  پهرين ميچ 26 آڪٽوبر تي ابو ظهبي ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ 27 آڪٽوبر تي ابوظهبي ۾ ، جڏهن ته ٽين  ۽ آخري ميچ 29 آڪٽوبر تي قذافي اسٽيڊيم  ۾ لاهور ۾ کيڏي ويندي، پاڪستان پهرين   ون ڊي ميچ ۾ سري لنڪا کي 83 رنسن تا شڪست  ڏني آهي.

 

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سپر ليگ جي ايندڙ ايڊيشن جي لاءِ ويڪ 13 نون رانديگرن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي

لاهور (اسپورٽس نيوز)  پي سي بي پاڪستان سپر ليگ جي ايندڙ ايڊيشن  جي لاءِ وڌيڪ 13 نون رانديگرن  لسٽ جاري ڪري ڇڏي، اهي سمورا رانديگر پرڏيهي آهن جن پاڪستان سپر ليگ کيڏڻ تي رضامندي ظآهر ڪري ڇڏي آهي. بورڊ پاران جاري لسٽ ۾ 3 رانديگر نيوزيلينڊ  جا به شامل ٿي ويا، جن جا نالا ڪولن منرو، مچل ۽ ليوڪ رونچي آهن، جڏهن ته انگلينڊ مان عادل رشيد ، آسٽريليا مان جان هيسٽنگ، ڏکن آفريڪا جو ايلمي مورڪل  ۽ وائين پارلر به آهن، انهن 13 نون رانديگرن  جي شامل ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان  سپر ليگ جي ٽئين ايڊيشن جي لاءِ سائن ڪندڙ نون پرڏيهه رانديگرن جو انگ هاڻي 20 ٿي ويو آهي، ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ پاران 2017 ۾ اجازت نه ملڻ سبب پي ايس ايل مان ٻاهر ٿيندڙ ويسٽ انڊين رانديگر جيسن هولڊر به واپس اچي ويو آهي.  پي سي بي جي سربراهه نجم سيٺي چيو ته هر سال پاڪستان سپر ليگ ۾ بهترين کان بهترين رانديگر شامل ٿي رهيا آهن.  ياد رهي ته پاڪستان سپر ليگ ۾ ايندڙ سال 2018 ۾ هڪ نئين ٽيم ملتان سلطان به شريڪ ٿي وئي آهي ۽ اها ٽورنامينٽ فيبروري 2018 ۾ کيڏي ويندي.

 

مشهور فٽبالر پال پوگبا جون پراسرار ڇوڪريءَ سان ملاقاتون

ميامي(اسپورٽس نيوز)  مانچيسٽر يونائيٽيڊ فٽبال ڪلب سان تعلق رکندڙ دنيا جي مهانگي فٽبالر پال پوگبا کي گذريل ڪجهه ڏينهن کان هڪ پراسرار اڻڄاتل ڇوڪريءَ سان گڏ ڏٺو پيو وڃي، جنهن جو برطانوي ميڊيا ڏس پتو لڳائي نه سگهي آهي. گذريل ڏينهن مڊ فيلڊر پال پوگيا ميامي ۾ پريڪٽس سيشن دوران به ساڳئي ڇوڪريءَ سان گڏ نظر آيو. ۲۴ ورهين جو پوگبا هيمسٽرنگ انجريءَ سبب في الحال پنهنجي ڪلب لاءَ دستياب ناهي، تنهن ڪري اڻڄاتل گرل فرينڊ کي وقت ڏئي رهيو آهي، ان کان اڳ ساڳئي ڇوڪريءَ کي هالي ووڊ ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ پڻ پال پوگبا سان گڏ ڏٺو ويو هو.

 

پاڪستان ۽ سري لنڪا ڪرڪيٽ ٽيمن جي و چ ٻي ۽ آخري ميچ 6 آڪٽوبر کان دبئي انٽرنيشل اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي

دبئي (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ۽ سري لنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي وچ ۾ ٻن ٽِسٽ سيريز جي ٻي ۽ آخري ميچ  6 آڪٽوبر کان دبئي انٽرنيشل اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي، سري لنڪا کي پاڪستان جي خلاف ٻن ميچن جي سيريز ۾ 0.1 جي برتري حاصل آهي، سري لنڪا  پاڪستان کي پهرين ميچ ۾ 21 رنسن تان شڪست  ڏني هئي. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ 5 ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 13 آڪٽوبر تي دبئي ۾ کيڏي ويندي ۽ ٻين ميچ 16 آڪٽوبر تي ابو  ظهبي ۾ کيڏي ويندي ٽين ميچ 18 آڪٽوبر تي ابو ظهبي ،  چوٿين ميچ 20 آڪٽوبر تي شارجه ۾ کيڏي ويندي جڏهن 5 آ خري ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ 23 آڪٽوبر تي شآرجه ۾ کيڏي ويندي ان کانپوءِ ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾  3 ٽي ٽويئٽي سيريز جي پهرين ميچ 26 آڪٽوبر تي ابو ظهبي ۾  کيڏي ويندي ، ٻين ميچ 27 آڪٽوبر تي ابو ظهبي ۾ کيڏي ويندي جڏهن ٽين ۽ آخري ٽي ٽوينٽي ميچ 29 آڪٽوبر تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي.

 

روهت شرما ون ڊي ميچن ۾ ٦ هزار رنسون مڪمل ڪندڙ ۹ ڀارتي بيٽسمين بڻجي ويو

ناگپور(اسپورٽس نيوز)ڀارتي ٽيم جي مشهور اوپننگ بيٽسمين روهت شرما ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ڪيريئر جون ٦ هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون. هو اعزاز ماڻيندڙ نائون ڀارتي بيٽسمين بڻجي ويو آهي، ان کانسواءِ اسٽار اوپنر ۱۴ سينچريون ٺاهي گڏيل طور تي پنجين ڀارتي بيٽسمين جو اعزاز پڻ حاصل ڪري ورتو. هن يوراج سنگهه جو وڌيڪ سنچرين جو رڪارڊ برابر ڪيو آهي، شرما آسٽريليا خلاف پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ انتهائي شاندار ۽ ذميوار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي سينچري ٺاهي اهو ڪارنامو انجام ڏنو.، روهت شرما هيل تائين ۱٦۸ ميچن ۾ ۱۴ سينچرين جي مدد سان ٦ هزار ۳۳ رنسون ٺاهيون آهن، ان کان اڳ ڀارت طرفان سچن ٽنڊولڪر، سارو گنگولي ، راهول ڊريوڊ، مهندرا سنگهه ڌوني، محمد اظهر الدين، ويرات ڪوهلي، يوراج سنهه ۽ وريندر سهواڳ کي به ٦ هزار رنسن جو انگ عبور ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي

 

پاڪستان کٽيل مائچ هارائي ويو، سريلنڪا جي شاندار سوڀ

ابوظهبي(اسپورٽس نيوز)سريلنڪا پهرين ٽيسٽ مئچ ۾ پاڪستان کي ۲۱ رنسن تان شڪست ڏئي يقيني فتح کان محروم ڪري ڇڏيو آهي، سيريز ۾ مهمان ٽيم کي هڪ ٻڙي جي سرسي حاصل ٿي وئي آهي، ابوظهبي ۾ هلندڙ پهرين ٽيسٽ مئچ جي پنجين ۽ آخري ڏينهن سريلنڪا جي ٽيم پاڪستان کي کٽڻ لاءِ ۱۳٦ رنسن جون هدف ڏنو، پر پوري ٽيم ۱۱۴ رنسن تي ڍير ٿي وئي، سريلنڪا طرفان اسپنر رنگنا هيراٿ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي ٦ وڪيٽون ورتيون ۽ مجموعي طور مئچ ۾ ۱۱ شڪار ڪيا.