تازيون خبرون
وفاقي ڪابينا جو بجلي ۽ گيس جون قيمتون نه وڌائڻ جو فيصلو - سنڌ پوليس ۾ ڪانسٽيبل جون 6 هزار کان وڌيڪ سيٽون خالي، ڀرتيون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. - قومي لٽيرن کي عوام نظرن کان ڪيرائي ڇڏيو: فردوس عاشق اعواڻ - آرمي چيف جي ڪويت جي عسڪري ۽ سياسي قيادت سان ملاقات، بچاءُ ۽ سيڪيورٽي جي مختلف شعبن ۾ ٻن طرفه سهڪار وڌائڻ تي اتفاق - حڪومت پاران ٽيڪس وصولي جا حدف حاصل نه ٿيڻ جو اعتراف - سپريم ڪورٽ جي ججز خلاف الزام لڳائڻ تي حڪومت اٽارني جنرل آف پاڪستان انور منصور خان استعيفيٰ وٺي ڇڏي - انتظار جون گهڙيون ختم، پي ايس ايل جو ميلو سجي ويو، انتهائي سخت سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا آهن: ناصر حسين شاهه - ملڪ  جي تاريخ ۾ ايتري مهانگائي ناهي ٿي جيتري گذريل 15 مهينن ۾ ٿي آهي: بلاول ڀٽو زرداري - سپريم ڪورٽ گيس انفرا اسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس (جي آءِ ڊي سي) بابت ڪيس جو فيصلو محفوط ڪري ڇڏيو - ايڪسپورٽ گهٽ آهي، ائين ملڪ نٿو هلي سگهي: اسٽيٽ بينڪ جو موجودا معيشت جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار

Category Archives: سنڌ

وزيراعظم جي خاطري باوجود آءِ جي وارو معاملو ٽنگيل آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وزيراعظم پاڪستان پنهنجي تازي ڪراچي واري دوري ۾ کيس چيو هو ته وفاقي حڪومت ٽن اسپتالن اين آئي سي وي ڊي، جي پي ايم سي ۽ اين آئي سي ايڇ نٿي هلائي سگهي تنهن ڪري انهن اسپتالن کي صوبائي حڪومت حوالي ڪيا وڃن ته جيئن اهي هلائين. هن چيو ته وزيراعظم سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو هو ته سندس خبر آهي ته هڪ اسپتال کي هلائڻ ۾ ڪيترين ڏکائين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ان ڪري صوبائي حڪومت انهن ٽنهي اسپتالن کي هلائي. هن اها ڳالهه رورل هيلٿ سينٽر بلديا ۾ اڄ صبح ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريندي ست ڏهاڙا پوليو مهم جي خاتمي واري مهم جو افتتاح کانپوءِ  ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي تازي ڪراچي واري دوري ۾ ٽن اسپتالن جي پي ايم سي، اين آئي سي وي ڊي ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (اين آئي سي ايڇ) جي انتظامي ڪنٽرول جو معاملو غور هيٺ آيو هو. وزيراعظم چيو هو ته هو ان ڳالهه کان ڀلي ريت واقف آهي ته هڪ اسپتال کي هلائڻ ۾ ڪهڙي ريت ڏکائين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي تنهن ڪري هن کين (وڏي وزير) کي ٽئي اسپتالون سنڀالڻ لاءِ  چيو. مراد علي شاهه چيو ته هن وفاقي حڪومت کي ٻه آپشن ڏنا هئا. آپشن نمبر هڪ تحت وفاقي حڪومت اهي ٽئي اسپتالون سنڌ حڪومت کي پي پي پي موڊ تحت ڏئي سگهي ٿي. آپشن نمبر ٻه تحت انهن اسپتالن جي انتظامي ڪنٽرول کي صوبائي حڪومت حوالي ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت انهن اسپتالن کي هلائڻ ۾ سنجيده آهي ته کيس ڪوبه اعتراض نه هوندو پر پوءِ کيس (وفاقي حڪومت) کي سندس حڪومت پاران ۲۰۱۱ کان انهن اسپتالن ۾ صحت جي سهولتن جي مد ۾ لڳايل پئسو واپس ڪرڻو پوندو جهڙوڪه وفاقي حڪومت چيو هو. پوليو ڪيسن ۾ واڌ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته هڪ مسئلو ڪي پي ڪي ۾ پوليو ويڪسين خلاف پيدا ٿيو هو جنهن ڪري مهم بند ٿي وئي ۽ اسان ان کي گذريل مارچ ۾ شروع نه ڪري سگهياسين. هن چيو ته ۲۰۱۹ ۾ تازو ۱۹ ڪيسن جو اضافو ٿيو آهي اهي انهيءَ سينٽلمينٽ جو نتيجو آهي نه ته اسان پوليو تي ضابطو آڻي ڇڏيو هو ۽ ۲۰۱۷ ۾ هتي فقط هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو هو. هن يو ته هلندڙ سال ۲۰۲۰ ۾ اڃان تائين پوليو جي ۵ ڪيس جي نشاندهي ٿي آهي. هن چيو ته اها منهنجي لاءِ  هڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي ڇوته آئون پوليو تي ضابطي آڻڻ لاءِ  سرگرم آهيان پر هيل تائين منفي نتيجا آڏو آيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته نومبر ۾ نيشنل پوليو جي خاتمي واري ٽاسڪ فورس جو وزيراعظم جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ ان کي نه سڏايو ويو. هن چيو ته هاڻي حڪمت عملي تبديل ڪئي وئي آهي ۽ لوڪل باڊيز، سول سوسائٽي ۽ ٻارن جا ماءُ پي پڻ شامل ڪيا ويا آهن ته جيئن اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي ان موذي مرض کان محفوظ ڪري سگهون. هن چيو ته اهو اسان جي ٻارن/والدين جو سوال آهي ته اهي پنهنجن ٻارن کي صحتمند مستقبل ڏيڻ چاهين ٿا يا سڄي زندگي جي معذوري. هن پاڪستان خاص طور سنڌ جي سڀني والدين تي زور ڀريو ته اهي پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي حوالي سان ذميداري جو مظاهرو ڪن ۽ انهن جي صحتمند مستقبل کي يقيني بڻائين. مراد علي شاهه چيو ته هيءَ ست ڏهاڙا مهم ۾ ۲.۳ ملين ٻارن جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي جنهن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. هن اڄ رورل هيلٿ سينٽر ۾ ان مهم جو افتتاح ڪيو. هڪ ٻي مهم ۱۷ فيبروري کان صوبي جي ٻين ضلعن ۾ شروع ڪئي ويندي جنهن ۾ ۶.۷ ملين ٻارن جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي ۽ هن والدين تي زور ڀريو ته جيڪڏهن سندن ٻار رهجي وڃن ٿا ته انهن کي اسپتالن ۾ پوليو جا ڦڙا ضرور پيارين. هن پوليو مهم ۾ شرڪت ڪندڙ ۱۳ هزار ورڪرن جو ٿورو مڃيو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جو پڻ ٿورا مڃيا جنهن سيڪيورٽي فراهم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اهي سمورا ماڻهو اسان جي ٻارن جي بهتري لاءِ  ڪم ڪري رهيا آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته لوڪل باڊيز رولو ڪتن خلاف پڻ مهم شروع ڪئي آهي. هن چيو ته مون کين هدايتون جاري ڪيون آهن ته اهي هڪ خاص مهم شروع ڪن ۽ ماڻهن خاص طور ٻارن کي ڪتي جي ڪٽڻ کان بچائين. بلديه جي رهواسين جي ڌيان ڇڪرائڻ تي وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ۱۰۰ بسترن تي ٻڌل اسپتال کي جلد کان جلد مڪمل ڪري. سيڪريٽري صحت وڏي وزير کي ٻڌايو ته آر ايڇ سي بلديه ۾ تقريبا سمورن سهولتن سميت گائناڪولوجسٽ فراهم ڪيون ويون آهن. هن بلديا اسپتال جي ڪم جي ذاتي طور تي نگراني جي هدايت ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ان جي گورنر سان ملاقات معمول موجب هئي ۽ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪابه نئين ڳالهه نه ٿي. آئي جي پوليس بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته هن وفاقي حڪومت کي نئون آئي جي پوليس مقرر ڪرڻ لاءِ  پنج نالا اماڻيا آهن. آئي جي پوليس کي هٽائڻ جو فيصلو ڪابينا ڪيو آهي ۽ وڏو وزير هئڻ جي ناتي هو ڪابينا جي فيصلي کي مڃڻ جو پابند آهي. هن چيو ته هن وقت بال وفاقي حڪومت جي ڪورٽ ۾ آهي ۽ نئون آئي جي پوليس جي تعيناتي ۾ دير کيس سمجهه کان مٿانهون آهي.

 

مهانگائي جو ذميوار وزيراعظم قرار، عمران خان ڪنهن ٻئي کي نه پر پاڻ کي سزا ڏئي؛ پيپلز پارٽي

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي ترجمان سينيٽر مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته مهانگائي جو ذميوار وزيراعظم پاڻ آهي ڪنهن ٻئي کي نه پر پاڻ کي سزا ڏئي. وزيراعظم اسان کي پيارو آهي ، پاڻ کي ڪا ئي ٻئي سزا نه ڏئي بس رڳو مهرباني ڪري عوام جي جند ڇڏي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عمران خان صاحب اوهان عوام کي وڌيڪ بيوقوف بنائڻ لاءِ نوان نوان اعلان ڪريو ٿا ۽ پوءِ يوٽرن وٺو ٿا، آءِ ايم ايف جي عوام دشمن پيڪيج  تي ڪنهن عمل ڪيو بجلي ڪنهن مهانگي ڪئي، سليڪٽيڊ صاحب ٻڌايو ته گيس ڪنهن مهانگي ڪئي، بني گالا وارا ٻڌايو پيٽرول ڪنهن مهانگو ڪيو، دوائون ڪنهن مهانگيون ڪيون، اٽو کنڊ جي ذخيري ڪندڙن کي پناهه ڪنهن ڏني. هن چيو ته هڪ ڪروڙ نوڪرين جو آسرو  ڏئي لکين ماڻهن کي بيروزگار ڪنهن ڪيو. 50 لک گهر ٺاهڻ جو ڪوڙو واعدو ڪري هزارين گهر ڪنهن ڪيرايا رڳو ڪجهه مهينن ۾ ملڪي معيشت جو ٻيڙو ڪنهن ٻوڙيو.

 

سيد ناصر حسين شاهه پاران ايس آئي يو ٽي جو دورو، هميشه وانگر اداري جي هر ممڪن مدد جي خاطري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، بلديات ۽ وائلڊ لائف واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه اڄ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ٽرانسپلانٽيشن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر اديب رضوي  سيد ناصر حسين شاهه جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کيس اداري پاران حڪومت سنڌ کي گذارش ڪندي وڌيڪ اضافي جاءِ لاءِ دررخواست ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير (ايس آئي يو ٽي) جي انتظاميا کي مڪمل تعاون ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته مان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي صحت جي اعليٰ اداري جو دورو ڪرڻ آيو آهيان سنڌ حڪومت پهرين ئي اداري جي مدد ڪئي آهي ۽ آئنده به مدد ڪئي ويندي. سيد ناصر حسين شاهه ڊاڪٽر اديب رضوي کي يقين ڏياريو ته هميشه وانگر اداري کي اوليت ڏيندي هر ممڪن صحت جون سهولتون ۽ گهربل اضافي جاءِ لاءِ عملي قدم کڻندي دوري کانپوءِ ڊاڪٽر اديب رضوي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه کي هڪ ڪتابن جو سيٽ تحفي طور ڏنو.

 

ملازمن کي رهتون نه مليون: سي اي او اسٽيل ملز جو جواب رد، ڇو نه اسٽي ملز جا اڪائونٽس منجمد ڪيا وڃن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اسٽيلز ملز جي ملازمن کي رهتون نه ملڻ تي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ پروڊڪشن کي طلب ڪندي چيو آهي ته ڇو نه اسٽي ملز جا اڪائونٽس منجمد ڪيا وڃن. عدالت ملز جي سي اي او جي جواب کي رد ڪري ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ اسٽيل ملز جي رٽائرڊ ملازمن کي رهتون ادا نه ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ملز جي چيف ايگزيڪيوٽو پيش ٿي جواب جمع ڪرايو. عدالت جواب کي غير تسلي جوڳو قرار ڏيندي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ پروڊڪشن کي 4 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي. عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته ملازمن کي رهتون ادا نه ڪيون ويون آهن، ڇو نه اسٽيل ملز جا اڪائونٽس منجمد ڪيا وڃن.

 

سنڌ حڪومت جو 17 سالن کانپوءِ افغان مهاجرن جي نئين سر رجسٽريشن ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ حڪومت 17 سالن کانپوءِ افغان مهاجرن جي نئين سر رجسٽريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي صوبائي گهرو کاتي لاڳاپيل ادارن ۽ وفاقي وزارتن سان افغانين جي معاملي تي لک پڙهه شروع ڪري ڇڏي آهي 2003  کانپوءِ سنڌ ۾ رهندڙ افغان مهاجر جي رجسٽريشن نه ٿي سگهي هئي انهي ڪري ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ رهندڙ افغانين جو ڊيٽا سنڌ حڪومت وٽ موجود نه آهي، ڪافي سالن کان غيرقانوني طور رهندڙ افغانين جي خلاف قانونن تحت ڪارروائي به نه ڪئي وئي آهي هاڻي سنڌ جي گهرو کاتي لاڳاپيل ادارن ۽ وفاقي وزارتن سان افغانين جي معاملي تي لک پڙهه شروع ڪري ڇڏي آهي سنڌ ۾ چار لک کان وڌيڪ افغاني رهن ٿا پر رجسٽريشن رڳو ٽي هزار جي آهي. سنڌ حڪومت صوبي ۾ آباد سمورن افغانين جي رجسٽريشن ڪندي، سنڌ جو گهرو کاتو افغانين جي رجسٽريشن لاءِ طريقو جوڙي رهيو آهي.

 

خواهش آهي ته ڌيءُ ۽ پُٽ جي شادي پٺاڻ برادري ۾ ٿئي: غنويٰ ڀٽو

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو چيو آهي ته منظور پشتين جي شادي ٿيل نه هجي ها ته کيس پنهنجي ڌيءُ فاطمه جو رشتو ڏئي ها، سندس خواهش آهي ته ڌيءُ ۽ پُٽ جي شادي پٺاڻ برادري ۾ ٿئي. غنويٰ ڀٽو طرفان جلسي کي خطاب واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي. جلسي کي خطاب ۾ غنويٰ ڀٽو پهرين پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن کان پي ٽي ايم اڳواڻ منظور پشتين جي شادي جي حوالي سان پُڇيو، جنهن تي کيس ٻڌايو ويو ته منظور پشتين جي شادي ٿيل آهي. خطاب ۾ غنويٰ ڀٽو جو چوڻ هو ته، هوءَ 2 زالون رکڻ جي خلاف آهي، پر جيڪڏهن منظور پشتين جي شادي نه ٿيل هجي ها ته پنهنجي ڌيءُ (فاطمه ڀٽو) جو کيس رشتو ڏئي. پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن وڌيڪ چيو ته سندس ڌيءُ ۽ پُٽ جي شادي ٿيل نه آهي، خواهش آهي ته ٻنهي جي شادي پٺاڻ برادري ۾ ٿئي.

 

 

سجاول ضلعي ۾ پيئڻ جو پاڻي صحت لاءِ ھاڃيڪار قرار، رپورٽ جاري

سجاول(رپورٽر) سجاول ضلعي ۾ پيئڻ جو پاڻي صحت لاءِ ھاڃيڪار قرار، رپورٽ چيف سيڪريٽري حوالي، سمورن تلائن ۽ نلڪن جي پاڻي جي چڪاس جو فيصلو، ان ڏس ۾ واٽر ڪميشن سجاول جو دورو ڪري مختلف ھنڌن تي پيئڻ جو پاڻي چڪاسيو ھو، جنهن بابت رپورٽ چيف سيڪريٽري کي پيش ڪئي وئي آھي. رپورٽ موجب عوام کي فراھم ٿيندڙ پاڻي صحت لاءِ ھاڃيڪار ۽ پيئڻ جي معيار موجب ناھي، اھڙي رپورٽ بعد چيف سيڪريٽري ڪمشنر حيدرآباد کي خط لکيو آهي، جنهن وري ڊي سي سجاول کي خط لکيو آھي. ڊي سي سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرز، ايگزيڪيوٽو انجنيئر پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ، ايڪزيڪيوٽو انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس، ڊي ايچ او سجاول ۽ انچارج مرف کي خط لکي ھدايت ڪئي آھي ته پيئڻ جي پاڻي توڙي زميني نلڪن جي پاڻي جي ليبارٽري مان لازمي چڪاس ڪرايو ۽ ضلعي جي سمورن اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ آر او پلانٽ لڳرايو، جتي آر او پلانٽ لڳل آھن ته فعال بڻايو.

 

وڏي وزير جو نوٽيس، سنڌ سرڪار ٽرئفڪ پوليس کي ون وي جي ڀڃڪڙين تي گرفتارين کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ون وي ٽريفڪ جي معاملي تي گهرو کاتي ۽ سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو هو، هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ان معاملي تي سخت فقر مند هو ۽ کيس شهرين جي پريشاني جو احساس هو، صوبائي صلاحڪار ايڊيشنل آءِ جي ٽريفڪ سان ان معاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته هن ڀڃڪڙي تي ڪا به ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وڃي ۽ نه ڪنهن کي گرفتارڪيو وڃي، هن چيو ته شهري به ٽريفڪ قانون جي رکوالي ڪندي مهذب شهري هجڻ جو ثبوت ڏين ۽ گاڏين کي ون وي جي مخالف رخ ۾ نه هلائين، پنهنجا سمورا قانوني دستاويز پاڻ سان گڏ رکن.

 

سعيد غني ۽ امتياز شيخ مٿان الزامن تي جي آئي ٽي لاءِ درخواست، سنڌ سرڪار، وفاق ۽ اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن صوبائي وزيرن سعيد گھني ۽ امتياز شيخ مٿان ڏوهارين جي سرپرستي بابت لڳل الزامن جي جاچ لاءِ جي آئي ٽي جوڙڻ ۽ کين نااهل ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي وفاق ۽ صوبائي حڪومت سميت اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت ڌُرين کي درخواست جون ڪاپيون ڏيڻ جو حڪم ڏنو. درخواست موجب ته ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان جي رپورٽ موجب ٻئي وزير ڏوهارين جا سرپرست آهن. جڏهن ته رپورٽ ۾ امتياز شيخ تي ڪرمنل ونگ هلائڻ جو الزام آهي. عدالت کي معاملي تي جي آءِ ٽي جوڙڻ ۽ ٻنهي صوبائي وزيرن کي نااهل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

 

مدئجي لڳ ڪاڪيپوٽا-بروهي تڪرار ٻڙڪي پيو، ايس ايڇ او ڳاهيجا جي خانگي گارڊ سميت 2 ڄڻا مارجي ويا

مدئجي(رپورٽ) مدئجي ويجهو ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ۾ بروهي ڪاڪيپوٽا بروهي تڪرار تان ايس ايڇ او واهيجا جي نجي محافظ سميت2 ڄڻا قتل، ڳڙهي ياسين جي بروهي ۽ ڪاڪيپوٽا تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، ڳاهيجا ٿاڻي جي حد اسحاق ديرو لنڪ روڊ ڳاهيجا سم شاخ شرن جي وانڊ وٽ ڪاڪيپوٽا برادري جي هٿياربندن موٽرسائيڪل تي ويندڙ بروهي برادري جي ٻن ڄڻن امام علي بروهي ۽ غلام قادر بروهي مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن سبب ڳوليون لڳڻ ڪري ٻئي ڄڻا موقعي تي قتل ٿي ويا جنهن بعد ڳاهيجا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي ڄڻن جا لاش تحويل ۾ وٺي مدئجي اسپتال پهچايو ان موقعي تي ايس ايس پي شڪارپور رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعيو ڪاڪيپوٽا-بروهي تڪرار تان پيش ايو آهي جنهن ۾ 2 ڄڻا قتل ٿيا آهن، شڪارپور ضلعي اندر ناڪابندي ڪئي آهي جلد ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، هوڏانهن قتل ٿيل امام علي بروهي جا وارث لاش وصول ڪرڻ لاء مدئجي اسپتال پهچي ويا ان موقعي تي مقتول جي سئوٽ احمد بروهي ٻڌايو ته منهنجو سئوٽ ايس ايڇ او ڳاهيجا ذوالفقار پٽاڻ جو پرائيويٽ گن مين هو جيڪو ڳوٺ منڱر واھ کان ڳاهيجا طرف اچي رهيا هئا ته ڪاڪيپوٽابرادري جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيا آهن- هن وڌيڪ ٻڌايو ته پوليس پاڻ قبيلائي تڪرارن کي هٿي ڏئي رهي آهي- ايس ايس پي شڪارپور چاهي ته هڪ ڏينهن اندر تڪرار ختم ٿي سگهي ٿو- هن وڌيڪ ٻڌايو ته سردار ڀوتار نه چاهيندا ته ڌريون کير کنڊ ٿين ان ڪري جو جهڙا هلندا ته ڌريون روز انهن وٽ حاضريون ڀريندا- هن اخر ۾ وڌيڪ چيو ته پوليس مان ڪا به اميد ناهي هو صرف ٻڌڇوڙ ڪري پئسا وٺي جهيڙن کي هٿي ڏيندا آهن- هوڏانهن ٻنهي ڄڻن جا لاش مدئجي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارث پرائيويٽ ڏاٽسن ذريعي اباڻي ڳوٺ کڻي ويا هوڏانهن ٻنهي ڄڻن جي قتل کان پوء گهرن ۾ قهرام مچي ويو ۽ ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويا آهن- خبر فائيل ٿيڻ تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو-