تازيون خبرون
شاهد خاقان عباسي نيب هٿان گرفتار، نيب ۽ نيازي تماشو لڳائي رهيو آهي: ن ليگ - ن ليگ جي خواهش پوري ٿي، شاهد خاقان چوري کائڻ وارو مجنو نه بڻجي: فردوس عاشق - ادارا قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائن، حڪومت ڪم ۾ مداخلت نه ڪندي: عمران خان - سياسي اڳواڻن جون گرفتاريون بني گالا مان ملندڙ هدايتن تي پيون ٿين: مرتضيٰ وهاب - حڪومت گرفتارين ذريعي ناڪاميون لڪائڻ چاهي ٿي، اپوزيشن خلاف امتيازي احتساب قبولڻ جوڳو ناهي: بلاول ڀٽو زرداري - پنهنجي پارٽي ۾ پاڻ کي مڃرائڻ ۽ پنهنجي جاءِ بڻائڻ جي لاءِ ڏاڍيون قربانيون ڏيڻيون پيون: مريم نواز جو انٽرويو - ايڇ آءِ وي تي ڪنٽرول ۽ پکيڙجڻ کي روڪڻ لاءِ 600 ملين رپيا مختص، متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ھڪ ارب فنڊ قائم ڪيو آھي: وڏو وزير - شاهد خاقان کي گرفتاري جي خبر هئي، ايل اين جي ڪيس ۾ اڃان به ڪيتريون ئي گرفتاريون ٿينديون؛ شيخ رشيد - جج ويڊيو اسڪينڊل: ايف آءِ اي ٽيم جو ميان طارق جي دڪان ۽ آفيس تي ڇاپو، اهم دستاويز هٿ - نيب جو نالو تبديل ڪري ن ليگ احتساب بيورو رکيو وڃي، عمران خان کي پاڪستاني هٽلر ٿيڻ نه ڏينداسين: احسن اقبال/مريم اورنگزيب

Category Archives: پاڪستان

سياسي ۽ عسڪري قيادت وچ ۾ ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم عمران خان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

هاڻي نه پٽواري ماتحت آهن نه ئي ٿاڻيدار، بيگم صفدر هاڻي جي ٽي روڊ جي ٽريفڪ جو سهارو وٺڻ چاهي ٿي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌسماءِ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته منڊي بهاولدين جي ڪارنر ميٽنگ ۽ ورڪرز ڪنيونسشن ناڪام ٿيڻ کان پوءِ بيگم صفدر اعواڻ جي ٽي روڊ ٽريفڪ جو سهارو وٺڻ چاهي ٿي وات ۾ چاندي جو چمچو کڻي پيدا ٿيندڙ جدوجهد نه صرف جعلسازي ڪري سگهن ٿا هاڻي نه تپيدار ماتحت آهن ۽ نه ئي ٿاڻي جو انچارج کين عوام جو نه رڳو پنهنجي اقتدار وڃائڻ جو ڏک آهي اربع تي فردوس عاشق اعواڻ ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته عمران خان پاڪستانين جي دلين جو آواز آهي ان جي عوامي مقبوليت سان حسد رکندڙن جو احتجاج عوامي رنگ کان محروم آهي هن چيو ته پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهندڙ نئين پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو قانون جي هڪ جهڙي عمل سان بي وس ٿيا آهن دآڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته کين اها ئي تڪليف ماري رهي آهي ته قانون انهن کان مٿانهون ڪيئن ٿي ويو هن چيو ته عوام لٽيندڙن کي رد ڪري ورڪرن جي امانت ان قيادت جي حوالي ڪئي جيڪا پاڪستان کي خوشحال ڏينهن ۽ روشن مستقبل جي رستي تي آڻيندي.

 

 

وفاقي حڪومت ڪڻڪ جي برآمد تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، ماني ۽ نان جي قيمت ۾ واڌ جي روڪٿام لاءِ  قدم کڻڻ جي هدايت

اسلام آباد (اين اين آءِ) اقتصادي رابطي واري ڪميٽي ڪڻڪ ۽ اٽي جي ايڪسپورٽ تي پابندي مڙهي ڇڏي، ناڻي صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اقتصادي رابطي واري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي خريداري گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 33 سيڪڙو گهٽ ٿي آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ اٽي ۽ ماني جي قيمت وڌڻ جو روجحان آهي، ڪميٽي ملڪ ۾ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ ۽ ججهي مقدار ۾ مهيا ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ ۽ اٽي جي ايڪسپورٽ تي پابندي مڙهڻ جو فيصلو ڪيو، پابندي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ افغانستان ڏانهن به ڪڻڪ نه موڪلي ويندي، واضح رهي ته پنجاب حڪومت به وفاق کي ايڪسپورٽ تي پابندي جي سفارش ڪئي هئي. ڪميٽي پي آءِ اي کي ان فلائيٽ انٽرٽينمينٽ سسٽم ۾ سڌاري لاءِ 70 ڪروڙ رپين جي خرچ جي منظوري ڏئي ڇڏي، قومي ايئر لائين حڪومت پاران منظور ٿيل 24 ارب رپين جي پيڪيج سان هي رقم استعمال ڪندي، ڪميٽي هلندڙ مالي سال لاءِ تمام جي گهٽ ۾ گهٽ امدادي قيمت مقرر ڪرڻ سميت اسپورٽس، يوٽلٽي، ويڪلز ٻاهران گهرائڻ تي 11 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي لڳائڻ جي منطوري ڏني، ڪميٽي ڳڻپ واري اداري لاءِ قيمتن جي تعين بابت بيس ايئر 2015 ۽ 2016 مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.

 

ميان طارق جي گرفتاري، حسين نواز جي تصوير ليڪ ڪرڻ وارن کي به پڪڙيو ويندو؟: مريم نواز جو ٽوئيٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جج ارشد ملڪ جي وڊيو ٺاهيندر مک جوابدار ميان طارق جي گرفتاري تي چيو آهي ته حسين نواز جي تصوير ليڪ ڪرڻ جي خلاف به ڪارروائي ٿيندي اربع تي مريم نواز جج ارشد ملڪ جي وڊيو ٺاهيندڙ مک جوابدار ميان طارق جي گرفتاري جي ردعمل ۾ ٽيوٽر تي ٽوئٽ ڪيو ته سٺو ٿيو پر هن وڊيو کي جج کي ڏيکاري بليڪ ميل ڪرڻ ۽ نوازشريف کي بيگناهه هوندي به سزا ڏياريندڙن کي به پڪڙيو ويندو هن چيو ته هڪ ٻي ٽوئٽ ۾ سوال ڪيو ته حسين نواز جي تصوير ليڪ ڪندڙن جي خلاف به ڪارروائي ٿيندي واضح رهي ته هلندڙ سال 6 جولاءِ تي مريم نواز پريس ڪانفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي سزا ٻڌائيندڙ احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي هڪ وڊيو جاري ڪئي جنهن ۾ مبينه طور تي اهو ٻڌايو ويو ته جج ارشد ملڪ کي نوازشريف کي سزا ٻڌائڻ لاءِ بليڪ ميل ڪيو ويو ان بيناد تي مريم نواز اها گهر ڪئي ته ڇو ته جج پاڻ اعتراف ڪري ورتو آهي تنهنڪري نوازشريف کي سزا ٻڌائيندڙ سزا کي ڪالعدم قرار ڏيئي کيس آزاد ڪيو وڃي.

 

چوري ۽ سينا زوري نه هلندي، ڦريل مال واپس ڪرڻو پوندو: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي ڪابينا سڪوڪ بانڊ جاري ڪرڻ لاءِ فنانشل ايڊوائزر جي مقرري، اي ڪامرس پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته سڌ سماءَ جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ اڳوڻن حڪمرانن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته مغليا خاندان قوم جي پيسن تي شاهاڻي زندگي گذاريندا رهيا، عوام کي ٻڌائيندا رهنداسين ته سياسي گند کي پورڻ جي ضرورت آهي، واپارين جا جائز مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، حڪومت ٽيڪس رجسٽريشن جي عمل کان پوئتي نه هٽندي، ماني ۽ اٽي جي قيمت ۾ واڌ هڪ سازش آهي، گيس جي قيمتن تي عمل آگسٽ ۾ ٿيندو، ميڊيا سينسرشپ جي حوالي سان ڏنو ويندڙ تاثر درست نه آهي، اڱاري تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ گذريل حڪومت پاران ميڊيڪل ۽ ڪيمپ آفيسن جي خرچن جو تفصيل پيش ڪيو ويو، ذريعن موجب ڪابينا رولز آف بزنس، 1973 جي شيڊول هڪ ۾ ترميم جي منظوري ڏني، وفاقي ڪابينا اي ڪامرس پاليسي فريم ورڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي ڪابينا پي اي ايف بيس شهباز ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن کي جيڪب آباد ڪنٽومينٽ جو ايرا قرار ڏيڻ جي منظوري ڏني، زرعي ترقياتي بينڪ جي مڪمل ڪاروبار تي وفاقي ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي، نيو ٽيڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي منظوري ڏني وئي، ذريعن موجب گورنر هائوس ۾ سرڪاري عمارتن جي مستقبل تي بريفنگ ڪابينا ۾ جيڪا پيش ڪئي وئي، ڪابينا نيپرا جي چيئرمين جي مقرري جي منطوري ڏني، ڪابينا ريڪوري آف مور گيج بيڪ سيڪيورٽي آرڊيننس 2019 منظور ڪري ورتو، ڪابينا ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون اٿارٽي جو وقتي چيئرمين جي مقرري جي منظوري ڏني، ڪابينا اسلام آباد هيلٿ ڪيئر سهولتن جي بل 2019 جي منطوري ڏني، ڪابينا شاپنگ بيگز جي سامان گهرائڻ ۽ سيل تي مڪمل پابندي لڳائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي ڪابينا پنهنجي فيصلن تي عمل ڪرائڻ جو جائزو ورتو، ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نهايت اهم ڪابينا جو اجلاس ٿيو، هن چيو ته گذريل اجلاس ۾ تعليم جي وزير ڪجهه ڄاڻ توهان جي اڳيان رکي، هن چيو ته ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته ماضي جي حڪمرانن جي دورن جو تفصيل اڳيان آندو ويندو، هن چيو ته سمورن ملڪن کان تفصيل وٺي ميڊيا اڳيان رکنداسين، فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته عامر علي احمد کي چيئرمين سي ٽي ڊي اي طور 3 مهينن جي واڌ ڏني وئي آهي، وزيراعظم اٽي ۽ ماني جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، هن چيو ته وزيراعظم صوبائي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪئي آهي، هن چيو ته حڪومت صحافت جي آزادي ۽ راءِ جي اظهار جي آزادي تي يقين رکي ٿي، هن چيو ته ڪو اهڙو صحافي ٻڌائي جنهن تي وات تي اسان ٽيپ هڻي ڇڏي هجي، هن چيو ته ڏٺو وڃي ته ڪهڙو مائينڊ سيٽ آهي جيڪو پاڪستان جو غلط تاثر پيدا ڪرڻ ۾ مصروف آهي، ميڊيا کي وڌيڪ سگهارو ڪنداسين، هن چيو ته سياسي گند هاڻ پنهنجي پڄاڻي تي پهچڻ وارو آهي، ان کان اڳ فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ ۾ اعلان ڪندي چيو ته شاهد خاقان عباسي جو چئلينج قبول آهي، چوري جا پيرا برطانيا وڃي رهيا آهن، چوري جو معاملو هاڻ ٻين ملڪن ۾ به ويندو، اڃا انڪشاف ٿيڻ وارا آهن، هي پهرين حڪومت آهي جيڪا چورن کي گهر تائين پهچائي رهي آهي. وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نواز شريف سيڪيورٽي جي نالي تي 431 ڪروڙ 83 لک، آصف زرداري سيڪيورٽي اينڊ انٽرٽينمينٽ جي نالي تي قوم جي ٽيڪس جا 316 ڪروڙ 41 لک خرچ ڪيا، يوسف رضا گيلاني جون 5 ڪيمپ آفيسون هيون، 24 ڪروڙ 50 لک 49 هزار رپيا سيڪيورٽي تي خرچ ڪيا ويا، 2015 ۾ نواز شريف جو آمريڪا جو دورو 4 لک 60 هزار ڊالر جو هو، هلندڙ مهيني عمران خان جو هي دورو 60 هزار ڊالر ۾ مڪمل ٿي ويندو، اڱاري تي وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ فردوس عاشق اعواڻ وفاقي وزيرن سان گڏ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هڪ مخصوص خاندان جي سياسي ڳٺ جوڙ سبب قرضن ۾ ٻڏل ملڪ جي عوام سان ناانصافييون ٿيون، هن مغليا خاندان قوم جي پيسن سان ٺٺ واري زندگي گذاري، ان موقعي تي وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته نواز شريف سيڪيورٽي جي نالي تي 431 ڪروڙ 83 لک، آصف زرداري سيڪيورٽي اينڊ انٽرٽينمينٽ جي نالي تي قوم جي ٽيڪس جا 316 ڪروڙ 41 لک خرچ ڪيا، يوسف رضا گيلاني جون 5 ڪيمپ آفيسون هيون، 24 ڪروڙ 50 لک 49 هزار رپيا سيڪيورٽي تي خرچ ڪيا ويا، 2015 ۾ نواز شريف جو آمريڪا جو دورو 4 لک 60 هزار ڊالر جو هو، هلندڙ مهيني عمران خان جو هي دورو 60 هزار ڊالر ۾ مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته سنڌ جي ڳالهه ڪريون ته سپريم ڪورٽ ۾ جمع رپورٽ موجب ٿر ۾ هر سال 5 سئو کان وڌيڪ ٻار بک سبب فوت ٿي رهيا آهن، اتي صحت جي اها صورتحال آهي جو ايمبولنس به موجود نه آهي، صاف پاڻي جي مسئلا سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۽ پوءِ ڏکڻ پنجاب ۾ نظر ايندا، هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته سڀ کان وڌيڪ بک بدهالي سنڌ ۾ آهي جنهن کانپوءِ ڏکڻ پنجاب جو نمبر آهي، وفاقي وزير پ پ جي دور ۾ وزيراعظم رهندڙ يوسف رضا گيلاني بابت ٻڌايو ته يوسف رضا گيلاني جون 5 ڪيمپ آفيسون هيون، 24 ڪروڙ 50 لک 49 هزار رپيا سيڪيورٽي تي خرچ ڪيا ويا، 2015 ۾ نواز شريف جو آمريڪا جو دورو 4 لک 60 هزار ڊالر جو هو، هلندڙ مهيني عمران خان جو هي دورو 60 هزار ڊالر ۾ مڪمل ٿي ويندو، پريس ڪانفرنس ۾ شهباز شريف جي خرچن جو تفصيل ٻڌائيندي هن چيو ته هن قوم جا 872 ڪروڙ، 59 لک 59 هزار رپيا پنهنجي سيڪيورٽي تي خرچ ڪيا، هن ٻڌايو ته شهباز شريف 131 ڪروڙ جو هيليڪاپٽر ورتو، ان کانسواءِ نواز شريف جي وزيراعظم طور استعمال هيٺ جهاز کي شهباز شريف 556 ڀيرا استعمال ڪيو جنهن تي قوم جا 41 ڪروڙ 77 لک 33 هزار رپيا خرچ ٿيا، هن اڳوڻي صدر ممنون حسين بابت ٻڌايو ته هن ڪراچي جي گهر کي ڪيمپ  آفيس ظاهر ڪيو ۽ ان لاءِ 30 ڪروڙ 32 لک 7 هزار رپيا استعمال ڪيا، جڏهن ته شريف خاندان جي سيڪيورٽي تي 22 هزار 717 اهلڪار مقرر هئا، ٻئي پاسي هن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي اچڻ کانپوءِ سيڪيورٽي خرچن ۾ 85.6 سيڪڙو، گهٽتائي، اهڙي طرح سفري الائونس به گهٽ ڪيو ويو، ان جي ۽ عمران خان جي ڪا ڪيمپ آفيس نه آهي.

 

اين آر او نه گهرنداسين: ن ليگ ملڪ گير احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد/لاهور (اين اين آءِ) (ن) ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز سڄي ملڪ ۾ احتجاجي ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته احتجاجي ريلين ۾ نوازشريف جي لاءِ انصاف، قانون جي حڪمراني گهرنديس، راءِ جي اظهار جي آزادي، چونڊيل ماڻهن کي سزائوپن ڏيڻ لاءِ سسٽم جي غلط استعمال جي روڪڻ جي گهر ڪنديس مريم نواز چيو ته قوم جو مينڊيٽ چورائڻ، سليڪٽڊ کي لڳائڻ خلاف آواز اٿارينديس جيڪو آزاد، جمهوري ۽ انصاف تي ٻڌل پاڪستان ۾ رهڻ چاهيندو هجي اهو منهنجو ساٿ ڏي هي وطن امانت آهي. ٻئي طرف (ن) ليگ جي پارليماني ليڊر خواجه محمد آصف قومي اسيمبلي ۾ صاف لفظن ۾ چئي ڇڏيو آهي ته سندس جماعت اين آر او نه گهرندي عزت ۽ وقار سان جنگ وڙهندي اسان تاريخ مان سبق نٿا سگهون نوازشريف جو نالو ختم ڪندڙ پاڻ ختم ٿي ويندا. ڀٽو جو نالو اڄ به زنده آهي ۽ نوازشريف جو نالو به هميشه لاءِ زنده رهندو جج جي وڊيو آئي، جج واپس هليو ويو معاملو عدالت ۾ آئي فيصلي جي ڪائي حيثيت ناهي رهي پر نوازشريف اڄ به جيل ۾ آهي اسان کي عدالتن کان انصاف ملندو رانا ثناءَالله جي خلاف داخل ايف آءِ آر کل جوڳي آهي ماضي ۾ هڪ اسيمبلي ميمبر تي مينهن جي چوري جو ڪيس اسان جي سياست ۾ مثال بڻجي چڪو آهي انتقامي ڪارروايون موجوده حڪومت جي سڃاڻپ بڻجي چڪي آهي اسان ته مشرف جي دور ۾ به جيل ڀوڳيا مان ايوان ۾ آيان مشرف ڪٿي آهي سعد رفيق سميت سڀ جيڪي جيل ۾ هوندا. جيل جون سزائون ڀوڳي وٺنداسين معاشي بحران کان ڌيان هٽائڻ لاءِ شهبازشريف کي ٽارگيٽ بڻايو پيو وڃي جيڪي به فيصلا ٿيندا رهن پر آخري فيصلو خلق خدا جو هوندو اڱاري تي قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر جي سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران خواجه آصف جذباتي انداز ۾ تقرير ڪئي ۽ پنهنجي حريف تي تنقيد جا تير وسايا خواجه آصف چيو ته اسان تاريخ مان سبق نٿا وسکون نوازشريف جو نالو ختم ڪندڙ پاڻ ختم ٿي ويندا ليگي اڳواڻ چيو ته ڀٽو جو نالو اڄ به زنده آهي ۽ نوازشريف جو نالو به هميشه زنده رهندو خواجه آصف قومي اسيمبلي ۾ چٽن لفظن ۾ چيو آهي ته ان جي جماعت اين آر او نه گهرندي عزت ۽ وقار سان جنگ وڙهندي. هن چيو ته نوازشريف تي ڪرپشن جو الزام ناهي ان جي خلاف ڪيس عدالتن ۾ آهي ايوان کي چوان ٿو ته انصاف جون گهرجون پوريون ڪريو هن چيو ته جج جي وڊيو آئي معاملو عدالت ۾ آهي ڪيس جي ڪائي حيثيت ناهي رهي پر نوازشريف اڄ به جيل ۾ آهي اسان کي عدالتن مان انصاف ملندو. هن چيو ته سعد رفيق سميت جيڪي قيد ۾ هوندا سڀ قيد ڪٽي وٺندا هن چيو ته رانا ثناءُالله جي خلاف داخل ايف آءِ آر کل جوڳي آهي هن چيو ته رانا ثناءُالله تي الزام ته 20 ڪلو هيروئن هن پوئتي ٿي کڻي ڏني هي اهو ئي ڪيس آهي جيئن چوڌري ظهور الاهي تي مينهن جي چوري جو ڪيس داخل ٿيو ماضي ۾ هڪ اسيمبلي ميمبر تي مينهن چوري جو ڪيس اسان جي سياست ۾ مثال بڻجي چڪو آهي. خواجه آصف چيو ته انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جا ملازمن پاڪستان اچن ٿا ۽ ٻيڙو ٻوڙي هليا وڃن ٿا هن چيو ته نان اليڪٽيڊ ماڻهن اليڪٽيڊ ماڻهن جي توهين ڪرائي وڃي ٿي هڪ ڏينهن مملڪتي وزير کي وفاقي وزير بڻايو ٻئي ڏينهن نان اليڪٽيڊ جي دٻاءَ تي واپس ڪيو ويو.

 

جج ارشد ملڪ وڊيو ڪيس: آزاد ماڻهو پاڻ ڪم ڪندا آهن ڪنهن جي چوڻ تي نه: چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان احتساب عدالت اسلام آباد نمبر 2 جي جج محمد ارشد ملڪ جي مبينه تڪراري وڊيو ڪيس بابت درخواستن جي ٻڌڻي کان پوءِ اٽارني جنرل انور منصور خان کان هن معاملي تي تجويزون طلب ڪري ورتون جڏهن ته چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو آهي ته ان ۾ ڪوئي شڪ نه آهي ته معاملي ۾ غير معمولي ڳالهيون به آهن ان ڳالهه سان مڪمل اتفاق آهي معاملي کي ڏسڻ جي ضرورت آهي اسان آڏو مسئلو ٻيو آهي ته معاملو ڪنهن کي ۽ ڪڏهن ڏسڻ گهرجي هي معاملو پهريان ئي هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي اصل معاملو عدليه جي ساک آهي ماڻهن کي عدليه تي اعتماد نه هوندو ته انصاف ڪيئن ٿيندو بنيادي مسئلو ئي عدليه جي اعتماد جو آهي جيڪڏهن ڪنهن توهين ڪئي آهي ته ان جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي اڱاري تي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهي ۾ جسٽس شيخ عظمت سعيد ۽ جسٽس عمر عطا بنديال تي ٻڌل ٽن ميمبرن واري بئنچ وڪيل اشتياق احمد مرزا پاران پنهنجي وڪيل چوڌري منير صادق جي ذريعي داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي سپريم ڪورٽ معاملي جي حقيقتن جي مڪمل جاچ لاءِ ايڊووڪيٽ سهيل اختر پاران پنهنجي وڪيل محمد اڪرام چوڌري جي مدد سان داخل درخواست جڏهن ته ايڊووڪيٽ طارق اسد پاران خود داخل ڪيل ڌار ڌار درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي جي موقعي تي محمود خان اچڪزئي طارق فضل چوڌري، جاويد هاشمي، ۽ رفيق رجوانا به عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا عدالت ۾ ٻڌڻي شروع ٿي ته چيف جسٽس چيو ته پهريان اشتياق مرزا جي وڪيل کي ٻڌون ٿا درخواست گذار اشتياق مرزا جي وڪيل منير صادق دليل ڏيندي چيو ته مريم نواز 6 جولاءِ تي پريس ڪانفرنس ڪئي پريس ڪانفرنس ۾ جج ارشد ملڪ تي سنگين الزام مڙهيا ويا چيف جسٽس چيو ته هي ميڊيا بريفنگ ڪٿي ٿي وڪيل جواب ڏنو ته ميڊيا بريفنگ لاهور ۾ ٿي هن چيو ته وڊيو ليڪس اسڪينڊل جي ذريعي عدالت تي سوال اٿاريا ويا هي عدليه جي آزادي ۽ وقار جي حوالي سان هڪ اهم ۽ حساس معاملو آهي تنهنڪري عدالت هن معاملي جي جاچ ڪرائي ذميوارن جو تعين ڪري درخواست گذار جي وڪيل چيو ته هي ڪيس عام مفاد جو آهي مريم نواز 6 جولا3 تي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي. جنهن ۾ ڪجهه الزام مڙهيا ويا جنهن ۾ چيو ويو ته عدليه دٻاءَ ۾ ڪم ڪري رهي آهي وڪيل چيو ته هي سنگين الزام آهن ان جي انڪوائري ٿيڻ گهرجي ان تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڇا ٿا چاهيو جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته مان سچ جي تلاش چاهيان ٿو هن چيوت ه پاڪستان جون سموريون سياسي جماعتون ۽ وڪيلن وڊيو اسڪينڊل جي جاچ جي گهر ڪئي ۽ چيف جسٽس کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ لاءِ چيو تنهنڪري هڪ ڪميشن ٺاهيو وڃي بيشڪ هي ڪميشن هڪ رڪني ڇو نه هجي وڪيل جي جواب تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته هن ڪميشن جو سربراهه ڪير آهي جنهن تي وڪيل چيو ته جج ڪميشن جو سربراهه هجي ان تي چيف جسٽس چيو ته ڪجهه اهڙو ڪلچر ٿي ويو آهي جو هڪ جي خراب ٿيڻ تي سڀني کي ايئن سمجهيو وڃي ٿو چيو وڃي ٿو ته سڀ جج اهڙا آهن سڀ سياسدان اهڙا آهن چيف جسٽس پڇا ڪئي ته اهو ٻڌايو ته ڪميشن ڇا ڏسي ان تي وڪيل چيو ته ڪميشن سچائي کي ڏسي ته جيڪڏهن الزام ثابت ٿئي ته ان جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل چيو ته احتساب عدالت جي جج حلفي بيان جي ذريعي ڪجهه حقيقتون بيان ڪيون جڏهن ته وزيراعطم عمران خان ان معاملي تي عدليه کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي هن چيو ته پ پ پ ۽ امير جماعت اسلامي به عدليه کان هن معاملي جي جاچ جي گهر ڪئي سياسي جماعتن جو موقف آهي ته عدليه جاچ ڪري ان کان سواءِ پاڪستان بار ڪائونسل به اهو ئي مطالبو ورجايو وڪيل جي دليل تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ماڻهن جي چوڻ تي ڪو ڪم ڪنداسين ته ڇا اسان آزاد ٿيندا پاڻمرادو نوٽيس ڪنهن جي مطالبي تي وٺون ته پوءِ اهو پاڻمرادو نوٽيس نه ٿيو چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جڏهن کان انسان پيدا ٿيو آهي سچ جي ڳولا جاري آهي جيڪڏهن سچ ڳولڻو آهي ته پوءِ جن ججن مرڪزي اپيل ٻڌي اهي اهي ڇا ڪندا. چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ ڪوئي فيصلو ڏنو ته هاءِ ڪورٽ پابند ٿي ويندي پوءِ هاءِ ڪورٽ ڪيئن ڪارروائي ڪندي ان تي وڪيل صفائي چيو ته فيصلو سپريم ڪورٽ جو نه پر ڪميشن جي فائڊنگ تي هجي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته مان اوهان کي انهيءَ طرف وٺي اچڻ چاهيون پئي ڪميشن جي فائڊنگ تي ڪائي عدالت نوٽيس نٿي وٺي سگهي. وڪيل چيو ته ارشد ملڪ جو طريقيڪار اها ڳالهه ثابت ڪري ٿو ته هو بدعنوان ڪمن ۾ ملوث رهيو آهي هڪ پرڏيهي فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو جج جي تعصب ۾ ٻيهر ٽرائيل ٿيندو هن چيوت ه ٽي وي چينل تي اهڙي قسم جا ٽاڪ شوز هوندا آهن مان ڪمري کان ٻاهر هليو ويندو آهيان ان تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪمرو ڇڏڻ بدران هڪ بٽڻ هوندو آهي ان کي دٻائي ٽي وي بند ڪندا ڪريو چيف جسٽس جو ان ريمارڪس تي عدالت جي ڪمري ۾ ٽهڪ ٻڌا ويا ٻڌڻي دوران درخواست گذار سپريم ڪورٽ جي جج تي ٻڌل ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو ان تي عدالت چيو ته حڪومت کي به ڪميشن ٺاهڻ جو اختيار آهي. پر اوهان چئي رهيا آيو ته عدليه ڪميشن بڻائي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته احتساب عدالت جو جج لاهور هاءِ ڪورٽ جي ماتحت هو وفاقي حڪومت ڊيپوٽيشن تي ان جي مقرري ڪئي جڏهن ته هي وڊيو جو معاملو آهي فورم ڪهڙو هوندو هن چيو ته ٻيون ڳالهيون عوامي ڳالهيون آهن ڪنهن جي وڊيو ڪيئن ٺاهيون ڪيئن عوام آڏو آئي ان کي ڏسڻو آهي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جڏهن سڀ ڪجهه سپريم ڪورٽ ڪري ٿي ته اعتراض ٿئي ٿو پر جڏهن اسان هٿ ڪڍون ٿا ته سپريم ڪورٽ ڪري اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي معاملو ۾ ڪٿي هٿ وجهڻو آهي ڪٿي نه هن چيو ته جج جي مس ڪنڊڪٽ کي به ڏسڻو آهي اسان کي ڏسڻو آهي ته ڪٿي مداخلت ڪرڻي آهي جلد اسان ڪجهه شيون طئي ڪنداسين ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته وڊيو درست يا ناهي ان ڳالهه جو يقين ٿيڻ گهرجي هن چيو ته وڊيو ۽ آڊيو جي قابل قبول هجڻ جا ڪيترائي پهلو ڏسڻا هوندا آهن ان ۾ ڪيترا ماڻهو ملوث آهن چيف جسٽس چيو ته جج صاحب جي مس ڪنڊڪٽ جو معاملو به آهي توهين عدالت جو معاملو فراموش نٿو ڪري سگهجي چيف جسٽس چيو ته سڀ ڪجهه اسان مٿان وڌو ويو هن چيو ته جڏهن اسان ڪجهه ڪريون ٿا ته چون ٿا سپريم ڪورٽ ۾ هي ڪري ڇڏيو هاڻي اسان هٿ روڪي ڇڏيو ته سپريم ڪورٽ ئي ڪجهه ڪري چيف جسٽس چيو ته ڇيو ويو ته فيصلي کان اڳ جج تي دٻاءُوڌو ويو ۽ اهو به چيو ويو ته فيصلي کان پوءِ به دٻاءُ وڌو ويو سمورا پهلو اسان ڏسنداسين جنهن کان عدالت هن معاملي تي اٽارني جنرل کان تجويزون طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 23 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

قرض جي بار هيٺ دٻيل ڪا به قوم خوشحال نٿي ٿي سگهي، قرض مان ڇٽڪاري لاءِ ٽيڪس جو دائرو وڌائڻو پوندو: شاهه محمود

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته قرض مان ڇٽڪاري لاءِ ٽيڪس  جو دائرو وڌائڻو پوندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته قرض جي بار هيٺ دٻيل ڪا به قوم خوشحال نٿي ٿي سگهي، قرض مان ڇٽڪاري لاءِ ٽيڪس جو دائرو وڌائڻو پوندو، معيشت کي دستاويز شڪل ڏيڻي پوندي. هن چيو ته ٽيڪس جي ادائيگي لاءِ اسان سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ٽيڪس جي ادائيگين لاءِ ٻين کي به همٿايو، پاڪستان خوشحال ٿيندو ته اسان خوشحال ٿينداسين.

 

افغان امن عمل مان ڀارت جو ٻاهر ٿيڻ پاڪستان جي ڪاميابي آهي: ٽائيمز آف انڊيا

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) سفارتي محاذ تي پاڪستان کي وڌيڪ هڪ وڏي ڪاميابي ملي آهي ۽ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري باوجود ڀارت افعان امن عمل مان مڪمل طور ٻاهر ٿي ويو آهي، وزيراعظم عمران خان جي آمريڪي دوري سان ڀارت ۾ ڳڻتي جي لهڙ ڊوڙي وئي آهي. ڀارتي اخبار ٽائمز آف انڊيا افغان امن عمل ۾ ڀارت جي مڪمل طور ٻاهر ٿيڻ تي پاڪستان جي سفارتي ڪاميابي قبول ڪندي وزيراعظم عمران خان جي آمريڪي دوري کي ڀارت لاءِ پريشان ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڀارتي اخبار اعتراف ڪيو ته افغان امن عمل جي نتيجي ۾ پاڪستان، آمريڪا، روس ۽ چين سان گڏجي طالبان سان امن ٺاهه کي آخري شڪل ڏئي رهيا آهن. ٻئي طرف اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ۽ گهرا مفاد هئڻ باوجود ڀارت جي وجود کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آهي. ٽائيمز آف انڊيا به اهو به لکيو آهي ته سموري افغان عمل ۾ هندستان نه نظر اچي ٿو ۽ نه وري سندس خدشن جو ڪو نشان ملي ٿو، تازي صورتحال مان واضح آهي ته پاڪستان خطي ۾ مرڪزي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي، ڀارت کي افغانستان جي مستقبل بابت فيصليو ڪرڻ جي عمل کان ٻاهر ڪيو ويو آهي. اخبار وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته پاڪستان خطي جي جيو پوليٽڪس ۾ سينٽر اسٽيج جي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي ۽ ان حوالي سان ڀارتي ڳڻتي تي ڪنهن به سطح تي سنجيدگيءَ جو اظهار نه پيو ڪيو وڃي.  ٽائيمز آف انڊيا لکيو آهي ته پاڪستان صورتحال مان مڪمل طور مطمئن  ۽ خوش نظر اچي رهيو آهي، آمريڪا ۽ سندس اتحادي سعودي عرب، امارات ۽ قطر  پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪري رهيا آهن، آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ امدادي پئڪيج جاري ڪري ڇڏيو آهي، چين ۽ پاڪستان به هڪ ٻئي طرف ڏسي رهيا آهن پر ڀارت منظر تان غائب آهي، پاڪستان پاڻ کي خطي لاءِ اهم ۽ اڻٽر ملڪ ثابت ڪيو آهي.

 

 

بلوچستان ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ دٻجي ويل وڌيڪ چئن پورهيتن جا لاش هٿ

ڪوئٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي علائقي ڊيگاري ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڦاٿل چئن پورهيتن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته باقي ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن. بلوچستان جي علائقي ڊيگاري ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڦاٿل پورهيتن کي ڪڍڻ لاءِ امدادي آپريشن جاري آهي. ذريعن موجب ڪوئلي جي کاڻ ۾ 41 ڪلاڪن کانپوءِ چئن پورهيتن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته هڪ پورهيت کي زنده ڪڍيو ويو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير جي هدايت تي صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي ٽيم ڊيگاري پهچي وئي آهي ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ حصو وٺي رهي آهي.