تازيون خبرون

Category Archives: پاڪستان

 ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪو، پوليس اهلڪارن سميت 7 ڄڻا شهيد، 23 زخمي

ڪوئيٽا  (اين اين آءِ) ڪوئيٽا جي علائقي نيو سرياب ۾ پوليس جي ٽرڪ تي آپگھاتي ڪار بم حملي جي نتجي ۾ پوليس اهلڪار سميت ست ڄڻا فوت ۽ 23 زخمي ٿي پيا . سيڪيورٽي فورسز موجب اربع جي ڏينهن  صبح ساڍي 8 وڳي ڪوئيٽا  جي علائقي نيو سرياب ۾ سبي روڊ تي درخشآن فاٽڪ جي ويجھو  قاسم لائين کان ڪوئيٽا شهر ويندڙ پوليس جي ٽرڪ سان آپگھاتي  حملو ڪندڙ بارود سان ڀريل ڪار ٽڪرائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 پوليس اهلڪار ۽ وڌيڪ ٻه واٽهڙو فوت  جڏهن ته عورت ۽ پوليس اهلڪار سميت 23 ڄڻا زخمي ٿي پيا، بم ڊسپوز ل اسڪواڊ موجب ڌماڪو آپگھاتي هيو. حملو ڪندڙ بارود سان ڀريل ڪرولا ڪار ٽرڪ سان ٽڪرائي. ڌماڪي ۾ سئو ڪلو گرام بارودي مواد استعمال ڪيوويو.  جنهن کانپوءِ ٽرڪ ۾ باهه ڀڙڪي وئي . واقعي کانپوءِ ايف سي پوليس ۽ ريسڪيو اختيار موقعي تي پهچي لاشن ۽ زخمن کي سول استپال ڪوئيٽا پهچايو. سول اسپتال جي ترجمان ٻڌايو ته  ڌماڪي ۾ شهيد پوليس اهلڪارن سميت ستن شهيدن ۽ 10 زخمين کي سول اسپال ڪوئيٽآ پهچايو جتي 10 زخمين جي  حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ  ماڻهن ۾ محمد نواز، غوٿ بخش فضل محمد، محمد يونس ، خديجا علي، محمد علي، عبدالحميد ، عرفان ڌ، شڪيل ۽ ٻيا شامل آهن.  سيڪيورٽي فورسز واقعي واري جاءَ کان شاهديون گڏ ڪرڻ کانپوءِ علائقي ۾ سرچ اپريشن  شروع ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف  صدر مملڪت ممنون حسين، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزير مريم اورنگزيب، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق، ڊپٽي اسپيڪر جاويد مرتضيٰ عباسي، پ پ پ پارليامينٽرين صدر آصف علي زرداري، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ ٻين ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي حملي جي سخت مذمت ڪندي فرض سرانجام ڏيڻ دوران شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل بيانن ۾ سندن چوڻ هو ته اهڙي قسم جا بزدلاڻا حملا دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف اسان جي قومي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن.

 

حڪومت ڪراچي جي ترقي لاءِ رڪارڊ پيڪيج منظور ڪيو آهي، نواز شريف جا سمورا واعدا پورا ڪيا ويندا: وزير اعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت ڪراچي جي ترقي لاءِ رڪارڊ پيڪيج منظور ڪيو آهي ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جا سمورا واعدا پورا ڪيا ويندا، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ترقياتي پيڪيج جو جائزو ورتو ويو ۽ فنڊز هلندڙ مهيني جاري ٿيڻ کي يقيني بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته وزيراعظم نومبر ۾ حيدرآباد يونيورسٽي جو بنياد به رکندو، ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد ڪي ايم سي جي حوالي سان سنڌ حڪومت جي عدم تعاون جي شڪايت به ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هيو ته ڪراچي پاڪستان جو اقتصادي گادي واري هنڌ آهي، جنهن کي امن ۽ خوشحالي جو گهوارو بڻائڻ اسان جو گڏيل هدف آهي، حڪومت ملڪ ۾ هر سطح جي چونڊيل جمهوري ادارن جو احترام ڪري ٿي، بلدياتي ادارن جو ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، جنهن لاءِ صوبائي حڪومت جو ڌيان ڇڪرايو ويندو، ڇو ته گڏيل جمهوريت ئي جمهوري استحڪام جي ضمانت آهي، حڪومت ڪراچي جي ترقي لاءِ ريڪارڊ پيڪيج منظور ڪيو آهي ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جا سمورا واعدا پورا ڪيا ويندا، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد سان ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي جي لاءِ سمورين جمهوري جمهوري قوتن کي پنهنجا اختلاف پاسي تي رکندي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ آئين جي بالادستي ۽ جمهوري عمل جو تسلسل لازمي آهي، ملڪ جا سمورن مسئلن جو حل آئين، قانون ۽ پارليامينٽ جي بالادسٽي ۾ آهي ۽ ان سلسلي ۾ پارليامينٽ جي آئيني مدت جو احترام ضروري آهي، اجلاس ۾ ڪراچي جي امن کي هر قيمت تي يقيني بڻائي رکڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته وزيراعظم گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته ڪيسن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي شڪايتن جو جائزو ورتو وڃي ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪيون وڃن.

 

عمران خان ۽ جهانگير ترين ڪيس جو فيصلو گڏ ڪنداسين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته عمران خان ۽ جهانگير ترين ڪيس جا فيصلا گڏ ڪنداسين، سپريم ڪورٽ ۾ جهانگير ترين نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ جهانير ترين جي وڪيل سڪندر بشير دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 26 آڪٽوبر تي سارڪ ڪانفرنس لاءِ سري لنڪا وڃڻو آهي، گهرائي سان ٻنهي ڪيسن کي ڏسي رهيا آهيون، عمران خان ۽ جهانگير ترين ڪيس جو فيصلو گڏ ڪنداسين. ٻڌني دوران چيف جسٽس جهانگير ترين جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اسان ڄاڻڻ ٿا چاهيون ته شيئرن لاءِ ڪيتري رقم لڳائي وئي ۽ الله يار ڪيتري رقم جا شيئر خريديا. جنهن تي وڪيل بشير چيو ته اهو غلط آهي ته الله يار، حاجي خان باورچي ۽ مالي آهن،  اهي ٻئي ڄڻا جهانگير ترين جا پراڻا ملازم آهن، هن ٻڌايو ته الله يار 13 ملين جا شيئر خريدي 46 ملين ۾ وڪڻيا.

 

ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀو آهي، افراتفري جي سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ تغيراتي تبديليءَ تي ٽريننگ شروع ڪري رهيا آهيون، موسمياتي تبديلي سيمينار کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته تغيراتي تبديلي لاءِ آگاهي اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي، ان رپورٽنگ ۾ وڌ کان وڌ تحقيق ۽ تربيت جي ضرورت آهي، موسمياتي تبديلي جي رپورٽنگ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪنيڪل ڪم آهي، پارلياماني سطح تي تغيراتي تبديلي تي ڪم ٿي رهيو آهي، تغيراتي تبديلي تي رپورٽنگ سٺو سنئوڻ آهي، هن چيو ته اسان جون نديون خشڪ، گليشيئر تيزي سان ڳري رهيا آهن، ٻوڏ اچڻ جي خبر آهي پر ڇو آئي، ان تي ڪا ڳالهه ناهي ٿيندي، هن چيو ته دهشتگردي کانسواءِ صحت، موسميات، تعليم، فلم تي ڳالهه ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي، موسمياتي تبديلي سان خطي ۽ پاڪستان تي خطرا وڌي رهيا آهن، سٺو سنئوڻ اهو آهي ته انهن موضوعن تي ڳالهه ٿي رهي آهي، تغيراتي تبديلي جي اثرن کان اسان مان ڪو به بچيل ناهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت مضبوط ٿي رهي آهي، سمورا سياسي نمائندا، پارليامينٽيرينز عوام جون زندگيون بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪن، پايرليامينٽ ۾ ايجوڪيشن، صحت، تغيراتي تبديلي تي بحث ٿيڻ گهرجي، ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀو آهي، افراتفري جي سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي، سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سيمينار کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته پاڙيسري ملڪ افراتفري جي بحث کان اڳتي نڪري ويا آهن.

 

مسلم اتحادي فوجن جو ڪمانڊر بڻجڻ وڏو اعزاز آهي: (ر) راحيل شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آرم چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته مسلم اتحادي فوجن جي ملٽري ڪمانڊر جي حيثيت کي ڪوليشن جو حصو بڻجڻ  وڏو  اعزاز آهي. مڊل ايسٽ ملٽري الائنس اينڊ ڪوآرڊيشن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي راحيل شريف چيو ته دهشتگردي سڀ کان وڏو خطرو آهي، اسلامي ملڪ دهشتگردي جي وڏن چيلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪستان عالمي امن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.

 

قنديل بلوچ قتل ڪيس: مفتي عبدالقوي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو

ملتان(ويب ڊيسڪ) پوليس قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ مفتي عبدالقوي جي ضمانت واري درخواست خارج ٿيڻ بعد کيس گرفتار ڪري ورتو. اڄ ملتان جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت جي جج چوڌري امير محمد جي عدالت ۾ قنديل بلوچ قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ان موقعي تي ڌرين پنهنجا دليل مڪمل ڪيا جنهن بعد عدالت قرار ڏنو ته جوابدار مفتي عبدالقوي خلاف قلم 302 ۽ 109 تحت ڪارروائي ٿيندي. عدالت جوابدارن جي ضمانت واري درخواست خارج ڪئي ته ان کان اڳ ئي مفتي عبدالقوي عدالتي اڱڻ مان هليو ويو جڏهن ته عدالت جوابدار جي گرفتار جو حڪم ڏنو. عدالتي حڪم کان پوءِ پوليس جا سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار مفتي عبدالقوي جي گرفتاري لاءِ سندس گهر پهتا جتي اهلڪارن سندس گهر ڀرسان مدرسي جي به جهڙتي ورتي تنهن هوندي مفتي عبدالقوي اتي موجود نه هو. عدالتي حڪم بعد پوليس مفتي عبدالقوي کي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ۽ کيس گرفتار ڪري ورتو. ايس پي ملتان ڪينٽ ڊاڪٽر فهد ٻڌايو ته مفتي عبدالقوي جي گرفتاري جنهگ ويندي هاءِ وي تي عمل ۾ آندي وئي ۽ کيس هاءِ وي پوليس جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس اختيارين موجب مفتي عبدالقوي کي هاڻ ملتان منتقل ڪيو پيو وڃي تي ڪيس  موجب ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

 

نواز شريف خلاف اٿي بيهڻ جو فيصلو، هن ڀيري آر اوز اليڪشن ٿيڻ نه ڏبي: آصف زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري 2018ع جي چونڊن بابت چيو آهي ته هن ڀيري آر اوز اليڪشن نه ٿيڻ ڏينداسين، 2013ع واري مينڊيٽ وارا خوش فهمي ۾ نه رهن، پنجاب جي محاذ تي ڀرپور تياري سان لهي رهي آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارٽي اڳواڻن سان پنجاب اليڪشن پلان تي ڳالهين دوران ڪيو.  اجلاس ۾ عام چونڊن ۾ پنجاب مان هر سيٽ تي اميدوار بيهارڻ واري حڪمت عملي تيار ڪئي وئي، پارٽي ۾ نون ماڻهن کي شامل ڪرڻ لاءِ رابطا تيز ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ ٻهراڙي وارن علائقن کي خاص طور هدف بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پ پ جي حڪمت عملي بابت ٻڌايو ويو ته سياسي هدفن کي حاصل ڪرڻ واري حڪمت عملي الڳ هوندي جڏهن ته چونڊ منشور ۾ عوامي مسئلن کي فوڪس ڪيو ويندو. اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته اسان ته ڪوڙن ڪيسن کي عدالتن ۾ منهن ڏنو، ن ليگ به منهن ڏئي، هن چيو ته ن ليگ ڪيسن کي منهن ڏيڻ بدران دئونس تي لهي آئي آهي، نواز شريف عدالتن ۾ ڪيس وڙهڻ بدران عدالتن سان وڙهي رهيا آهن، نواز شريف پاڻ کي بچائڻ لاءِ جمهوريت ۽ عدليه کي ناڪام ڪرڻ چاهي ٿو، اسان نواز شريف جي برائين خلاف اٿي بيهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، مفاهمت جمهوريت جي لاءِ هئي، نواز شريف جي لاءِ نه هئي.

 

حڪومت نئين احتساب قانون ۾ فوج ۽ عدليه کي شامل ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) حڪومت فوج ۽ عدليه کي نئين احتساب قانون ۾ شامل نه ڪرڻ بابت شهباز شريف جي بيان جي حمايت ڪئي آهي. قانون واري وزير زاهد حامد اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي زاهد حامد چيو ته نئين احتساب قانون ۾ فوج ۽ عدليه کي شامل ڪرڻ تي کين خدشا آهن. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جو بيان مسلم ليگ ن جي پاليسي آهي. سندس چوڻ هو ته نئين احتساب قانون ۾ فوج ۽ عدليه کي شامل ڪرڻ بابت ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي..

 

عابد شير علي ۽ ڪئپٽن صفدر سميت 261 اسيمبلي ميمبرن جي ميمبر شپ معطل

اسلام آباد (اين اين آءِ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 261 پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرشپ مطعل ڪري ڇڏي آهي، گوشوارا جمع ڪرائڻ تائين ميمبرن جي ميمبرشپ معطل رهندي، الڪيشن ڪميشن پاران 7 سينٽر، 71 قومي اسيمبلي جا ميمبر، پنجاب اسيمبلي جا 84 ميمبر، سنڌ اسيمبلي جا 50، ڪي پي ڪي جي 38 ۽ بلوچستان جي 11 ميمبرن جي ميمبرشپ مطعل ڪري ڇڏي آهي، جن ۾ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف جو نياڻو محمد صفدر، سردار يوسف، عائشا گلالئي، طارق فضل چوڌري، طلال چوڌري، فهميده مرزا ۽ ٻيا شامل آهن، اليڪشن ڪميشن ان سلسلي ۾ نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

 

نااهلي جي فيصلي کي اسان مڃيو پر پاڪستاني عوام ناهي مڃيو: وزير اعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نااهلي جي فيصلي کي اسان مڃيو پر پاڪستاني عوام ناهي مڃيو، هن چيو ته آرمي چيف معيشت تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، سول ملٽري ڇڪتاڻ ناهي، اختلاف راءِ ٿي سگهي ٿو، سٺي ڳالهه آهي، آرمي چيف پبلڪ فورم تي ڳالهه ڪئي، اختلاف راءِ هر گهر ۾ هوندو آهي، سڀني جو مقصد هڪ آهي ته ملڪ ترقي ڪري، مون کي هميشه گلاس اڌ ڀريل نظر ايندو آهي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن عدم اعتماد ٿيو ته مان پنهنجي خلاف ووٽ نه ڏيندس باقي پنهنجو فيصلو ڪندا، ن ليگ واحد جماعت آهي، جنهن جا ميمبر معاملن تي کلي عام اختلاف ڪندا آهن، پارٽي ۾ فارورڊ بلاڪ جو مون کي علم ناهي، سياست آئين ۽ عوام جي خواهش موجب ٿيڻ گهرجي.