تازيون خبرون
ڪڻڪ افغانستان اسمگل ڪري هٿ سان بحران پيدا ڪيو ويو: وڏو وزير - ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل کي پنهنجي ساک جو جائزو وٺڻ گهرجي: فردوس عاشق اعواڻ - جاچ ادري جي ٽيم کي سنڌ اسيمبلي ۾ ڇو داخل ٿيڻ ڏنو ويو؟: اسپيڪر جو نوٽيس - نظام الائي ڪيئن پيا هلائين، خيبرپختونخوا حڪومت جو ڪهڙو علاج ڪريان؟: چيف جسٽس - حڪومت سيڙپڪاري جي سهولت لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي: وزيراعظم - حڪومت سڪندر سلطان راجا کي اليڪشن ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو، 2 ميمبرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري - آءِ جي سنڌ جي تڪرار ۾ اهم اڳڀرائي، وفاق آءِ جي سنڌ جي بدلي وفاقي ڪابينا جي منظوري سان مشروط ڪري ڇڏي - آرمي چيف اليڪٽرانڪ وارفيئر اينڊ گرائونڊ سرويلينس ريڊار ليبارٽريز جو افتتاح ڪري ڇڏيو - ڪراچي پوش علائقي مان ٽن گڏهن جون منڍيپن ۽ اوجهه هٿ، گوشت ڪيڏانهن ويو پوليس پريشان - آئي جي سنڌ حڪومت سان تعاون نٿو ڪري، اڳ ڪڏهن وفاقي ڪابينا ڪنهن آئي جي جي مقرري جي منظوري ناهي ڏني: سعيد غني

Category Archives: مکيه خبرون

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل کي پنهنجي ساک جو جائزو وٺڻ گهرجي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته انٽرنيشنل ٽرانسپيرنسي رپورٽ تي مخالف ڌر خوش ٿي رهي آهي، سنڌ ۾ ڪرپشن تاريخ ۾ سونهري لفظن ۾ محفوظ آهي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي ڪريڊ ايبلٽي تي تجزيو ڪرڻ ضروري آهي، اٽي جي کوٽ جو ڪو اشو ناهي، ڊمانڊ ۽ سپلائي گهٽ ٿيڻ جي بحران پيدا ٿيو، حڪومت مافيا ۽ ذخيرو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي، هن چيو ته مخالف ڌر وزيراعظم ۽ موجوده حڪومت تي تنقيد ڪري رهي آهي، اها پارٽي به تنقيد ڪري رهي آهي جنهن جي هڪ صوبي ۾ حڪومت آهي، اها پارٽي پنهنجو پاڻ کي پاڪستان کان ڌار سمجهي رهي آهي، هن چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي پنهنجي ٽرانسپيرنسي تي سواليا نشان آهي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل ۾ ڊيٽا گڏ ڪندڙ ڳٺ جوڙ کي ايڪسپوز ڪرڻ ضروري آهي، هن چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جون ڪڙيون ڪرپشن ڪندڙن پارٽين سان ملن ٿيون، هن چيو ته گذريل حڪومتون پنهنجي حمايت ۾ اهڙيون رپورٽون لکرائينديون رهيون، هن چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ٽرانسپيرنسي کي هيڊ ڪندڙ شخص نواز حڪومت کي پزيرائي ڏني، نواز شريف ان ئي شخص کي سفير مقرر ڪيو، هن چيو ته اسان جو ڏوهه اهو آهي ته اسان ان شخص کي واڌ نه ڏني، هو وقت تي رٽائرڊ ٿيو ۽ اها ڪهڙي رپورٽ آهي ته جنهن ۾ چيو ويو ته مشرف دور ۾ ڪرپشن گهڻي ٿي ۽ نواز دور ۾ گهٽ ٿي، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڊاڪٽر عدنان يو ڪي جي ڪنهن ليبارٽري مان ميان صاحب جي رپورٽ پيش ڪري، هن چيو ته ڪيمرامين جو لاڏاڻو هڪ افسوسناڪ آهي، گذريل ڏينهن صحافين جي احتجاج ۾ شامل نه ٿي سگهيس، مزدور کي مزدوري پگهر سڪڻ کان اڳ ملڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪو ادارو پگهار نٿو ڏئي ته ناانصافي جو خاتمو اسان جي ذميواري آهي، هن چيو ته مان ڪيمرامين جي لاڏاڻي تي سندس گهر وينديس، ڪوشش ڪنداسين ته اهڙي ناانصافي تي قانونسازي ڪئي وڃي، ڪو به چينل هجي ته ڪنهن کي حق ناهي ته ڪنهن جو حق کائي، هن چيو ته پيمرا جڏهن لائسنس ڏئي ٿو ته ڇا ادارو فنانشل ايترو مضبوط آهي جو پگهار ڏئي سگهي، هن چيو ته اهڙو لائحه عمل جوڙي رهيا آهيون جو پيمرا اهڙي چينل کي بند ڪري قانوني ڪارروائي ڪري.

 

ڪڻڪ افغانستان اسمگل ڪري هٿ سان بحران پيدا ڪيو ويو: وڏو وزير

راڻيپور /خيرپور(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي جي حضور ڪندڙ نه پر عوام جي خدمتن ۽ صوبي ۾ امن و امان برقرار رکڻ وارو آفيسر گهرجي. خيرپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پوليس ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن ۽ انهن قربانين کي رائيگان نه وڃڻ گهرجي، هن صوبي جي چونڊيل سياسي حڪومت جون پاليسيون ماڻهن جي بهتري جي لاءِ ئي هونديون ڇو ته اسان عوام جا نمائندا آهيون ۽ پوليس آفيسر انهن جا خادم آهن. راڻي پور ۾ هڪ ڪروڙ جي ڌاڙي ۽ بدامني جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته پوليس جي ڪري راڻي پور سميت ڪجهه ضلعن ۾ بدامني جو ماحول پيدا ٿيو آهي ۽ ان بدامني جي ماحول جي ڪري ئي ڪابينا گڏيل طور تي فيصلو ڪيو هو ته ان جو حل اِهو ئي آهي ته آءِ جي سنڌ کي تبديل ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته پوليس صوبي ۽ ملڪ ۾ امن امان جي قيام جي لاءِ جيڪي جانيون ڏنيون آهن، انهن کي اسان ڪجهه نااهل آفيسرن جي ڪري رائيگان نه وڃڻ ڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اسان کي جي حضوري ڪندڙ ماڻهو نه پر اُهو ماڻهو گهرجي جيڪو صوبي ۾ امن امان برقرار رکي سگهي ۽ صوبي جي عوام جي خدمت ڪري سگهي ڇو ته هو خادم آهي. هن چيو ته جيڪڏهن نااهل آفيسرن کي بچايو ويندو ته بدامني جي صورحال پيدا ٿيندي ۽ جيڪڏهن نااهل آفيسر پنهنجي نااهلي لڪائڻ جي لاءِ عوامي نمائندن تي ڪوڙا الزام هڻندا ته اِها عوام جي تذليل آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان عوامي نمائندا آهيون، عوام جي بهتري کي نظر ۾ رکندي پاليسي آڻيندا آهيون ۽ ان پاليسي تي هر سرڪاري ملازم ۽ خادم کي عمل ڪرڻو پوندو.  سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ راڻيپور پهچي ويو، ايم اين اي سيد فضل علي شاھ، ايم پي اي سيد احمد رضا شاھ جي سئوٽ درگاھ غوثيه دستگير جي اڳوڻي گادي نشين مرحوم پير غلام غوث شاھ جيلاني جي وفات تي تعزيت ڪئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته وفاق جي نااهلي سبب ملڪ ۾ اٽي جو بحران پيدا ٿيو آھي، ڪڻڪ افغانستان اسمگل ڪري هٿ سان بحران پيدا ڪيو ويو آهي، غريب عوام جي مٿان اٽي جو بحران پيدا ڪري مهانگائي جو جبل ڪيرايو ويو آهي، مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ تعليم بهتر آھي، اسان والدين به آھيون، ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺي رهيا آھيون، تعليمي بورڊن تي نظرثاني ڪري رهيا آھيون، ڪرپشن يا مارڪس جي لاءِ ڪي ثبوت مليا ته انشاءَ الله ڪاروائي ڪنداسين، بلدياتي چونڊون وقت تي ٿينديون، خيرپور سوڌو پوري سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي.

 

نظام الائي ڪيئن پيا هلائين، خيبرپختونخوا حڪومت جو ڪهڙو علاج ڪريان؟: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته خيبرپختونخوا حڪومت جو ڪهڙو علاج ڪريان؟ نظام الائي ڪيئن پيا هلائين. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽن رڪني بينچ سروس معاملن بابت ڪي پي ڪي حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڊائريڪٽر ايليمينٽري ايجوڪيشن خيبرپختونخوا جي سروس معاملن بابت درخواستون گهڻو مدو گذرڻ تي خارج ڪري ڇڏيون. عدالت ايڊووڪيٽ جنرل آفيس جي معاملي تي جاچ جو حڪم ڏيندي چيو ته ديري جي ذميوار ماڻهن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ۽ انهن کان رقم جي ريڪوري ڪئي وڃي. عدالت ٽن مهينن ۾ جاچ مڪمل ڪري رجسٽرار آفس کي آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت جي روش آهي ته ڪي پي حڪومت جو اڪثر درخواستن جو مدو ختم ٿي ويندو آهي ۽ پنج، پنج لکن جا ڏنڊ صوبائي حڪومت مٿان هنيا ويندا آهن. چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته خيبرپختونخوا حڪومت جو ڪهڙو علاج ڪريون؟ ڪي پي وارا نظام ڪيئن پيا هلائين، سمورا آفيسر ديرون ڪندا آهن، اهو عمل ڄاڻي واڻي ڪيو ويندو آهي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل قاسم ودود چيو ته اراضي جي ڪيسن کي ڄاڻي واڻي روليو ويندو آهي، پر هن سروس ميٽر ۾ ادارن وچ ۾ رابطن جي فقدان سبب ديري ٿي. ان تي چيف جسٽس چيو ته اها وضاحت عدالت لاءِ قابل قبول ناهي.

 

جاچ ادري جي ٽيم کي سنڌ اسيمبلي ۾ ڇو داخل ٿيڻ ڏنو ويو؟: اسپيڪر جو نوٽيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دعا ڀٽو خلاف جاچ جي سلسلي ۾ ايف آءِ اي جي ٽيم کي سنڌ اسيمبلي گهرائڻ وارو عمل پي ٽي آءِ کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دُراني معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪاوڙ ظاهر ڪئي آهي ۽ پُڇيو آهي ته جاچ ادري جي ٽيم کي سنڌ اسيمبلي ۾ ڇو داخل ٿيڻ ڏنو ويو؟ اسپيڪر آغا سراج دُراني پُڇيو آهي ته دعا ڀٽو ۽ حليم عادل شيخ جاچ ٽيم جي آفيسرز کي ڪنهن جي اجازت سان اسيمبلي گهرايو؟ اهڙي عمل خلاف سنڌ اسيمبلي جي ضابطن پٽاندڙ سخت ايڪشن کنيو ويندو، جِن ميمبرز ايف آءِ اي ۾ بيان رڪارڊ ڪرايو، اُنهن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري پُڇاڻو ڪيو ويندو. آغا سراج دُراني چيو آهي ته جاچ آفيسرز کي اسيمبلي گهرائڻ کان اڳ نه اسپيڪر کان اجازت ورتي وئي ۽ نه ئي وري ڄاڻ ڏني وئي، ڪنهن به جاچ اداري جا آفيسرز ڪنهن ميمبرز خلاف جاچ جي سلسلي ۾ اسپيڪر جي اجازت کانسواءِ اسيمبلي نٿا اچي سگهن. پ پ سينيٽر روبينا خالد ايف آءِ اي کي شڪايت ڪئي هئي ته دعا ڀٽو جعلي آءِ ڊيز تي سندس ڪردار ڪُشي ڪري رهي آهي. پي ٽي آءِ ايم پي اي ايف آءِ اي جي ٽيم آڏو پيش ٿيڻ بدران جاچ آفيسرز کي سنڌاسيمبلي گهرايو، جتي هُن 20 جعلي آءِ ڊيز واري مامري تي بيان رڪارڊ ڪرايو. اُن وقت پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ به موجود هو.

 

 

حڪومت سيڙپڪاري جي سهولت لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي: وزيراعظم

ڊيوس (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي، حڪومت ڪنهن به قسم جي ڪاروبار لاءِ وڌ ۾ وڌ مدد ڪندي، وزيراعظم عمران خان ورلڊ اڪنامڪ فورم 2020 جي اجلاس جي موقعي تي دوغان هولڊنگز جي چيئرپرسن دوغان فراليالي ملاقات ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم جو خاص مددگار سيد ذوالفقار عباس بخاري، جهانگير صديقي، جنيوا، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو مستقل نمائنده خليل هاشمي موجود هو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معيشت سيڙپڪارن کي بهترين موقعا فراهم ڪري ٿي، هن چيو ته پاڪستان کي بهترين قدرتي وسيلن سان نوازيو ويو آهي، جتي سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، هن دوغا هولڊنگ کي پاڪستان ۾ توانائي ۽ سياحت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني، دوغان هولڊنگ جي چيئرپرسن مس دوغان فراليالي پاڪستان ۾ سڌارن جي ايجنڊا جي ساراهه ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي خواهش ظاهر ڪئي.

 

حڪومت سڪندر سلطان راجا کي اليڪشن ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو، 2 ميمبرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) جي سربراهه ۽ ٻين 2 ميمبرنن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر 5 سالن تائين پنهنجي عهدي تي رهندو.  پارلياماني معاملن واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 48 سان گڏوگڏ 213 ۽ 215 تي عمل ڪندي ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڪندر سلطان راجا کي چيف اليڪشن ڪمشنر طور مقرر ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جو ملازمت وارو مد 5 سال هوندو ۽ ان تي عملدرآمد آفيس جا معاملا سنڀالڻ واري ڏينهن کان ٿيندو. ان سان گڏوگڏ اليڪشن ڪميشن جي ٻين 2 ميمبرن سنڌ مان نثار دراني ۽ بلوچستان مان شاهه محمد جتوئي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو.

 

آءِ جي سنڌ جي تڪرار ۾ اهم اڳڀرائي، وفاق آءِ جي سنڌ جي بدلي وفاقي ڪابينا جي منظوري سان مشروط ڪري ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) آءِ جي سنڌ جي تڪرار ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، وفاق آءِ جي سنڌ جي بدلي وفاقي ڪابينا جي منظوري سان مشروط ڪري ڇڏي، ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ آءِ جي سنڌ جي بدلي ٿيندي، وزيراعظم جي آفيس ان حوالي سان اسٽبلشمينٽ ڊويزن کي سمري تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ذريعن موجب وزيراعظم آفيس هدايت ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت جي تجويز ڪيل نالن تي ٻڌل سمري موڪلي وڃي، آءِ جي سنڌ جي بدلي جو معاملو وفاقي ڪابينا ڏسندي، اسٽبلشمينٽ ڊويزن آءِ جي سنڌ جي مقرري ۽ بدلي لاءِ سمري تيار ڪئي آهي، سنڌ حڪومت پاران ڏنل نالا شامل ڪري وزيراعظم هائوس ڏانهن موڪليا ويا آهن، انعام غني، ثناءُ الله عباسي، غلام قادر ٿيٻو، ڪامران فضل ۽ مشتاق مهر جا نالا سمري ۾ شامل آهن، ثناءُ الله عباسي پهرين جنوري تي آءِ جي ڪي پي ڪي مقرر ڪيو ويو آهي تنهنڪري ان جي 21 ڏينهن کانپوءِ آءِ جي سنڌ طور بدلي ممڪن ناهي، ذريعن موجب آءِ جي سنڌ لاءِ انعام غني جي نالي تي غور ڪيو پيو وڃي جيڪو موجوده ايڊيشنل آءِ جي پنجاب آهي، وفاق مشتاق مهر جي نالي تي به سنجينده آهي، ذريعن ٻڌايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي ڪيس جو درخواست گذار جبران ناصر به ان حوالي سان متحرڪ آهي جنهن جي وڪيل وفاق ۽ سنڌ کي خط لکيو آهي جنهن ۾ معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هجڻ جي يادگيري ڏياري آهي، وفاق سنڌ حڪومت جي نموني معاملو ڪابينا ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سنڌ حڪومت ڪليم امام جي بدلي جي منظوري ڪابينا کان ورتي هئي، اسٽبلشمينٽ ڊويزن جي ذريعن موجب ان معاملي تي اسٽبلشمينٽ ڊويزن ۽ وزيراعظم آفيس رابطي ۾ آهي.

 

آرمي چيف اليڪٽرانڪ وارفيئر اينڊ گرائونڊ سرويلينس ريڊار ليبارٽريز جو افتتاح ڪري ڇڏيو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجواه نيشنل ريڊيو ٽيلي ڪام ڪارپور ريشن (اين آر ٽي سي) هري پور جو دورو ڪيو. انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آئي ايس پي آر) جي طرفان جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجواه اين آر ٽي سي هري پور جي دوري جي موقعي تي اليڪٽرانڪ وارفيئر اليڪٽرانڪ وارفيئر اينڊ گرائونڊ سرويلينس ريڊار ليبار ٽريز جو افتتاح ڪيو. آئي ايس پي آر موجب آرمي چيف اين آرٽي سي جي گذريل ٽن سالن جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي ۽ نيشنل ريڊيو ٽيلي ڪام ڪارپوريشن جي ايجادن وارين ڪوششن ۾ سهڪار جي خاطري ڪرائي.

 

 

آئي جي سنڌ حڪومت سان تعاون نٿو ڪري، اڳ ڪڏهن وفاقي ڪابينا ڪنهن آئي جي جي مقرري جي منظوري ناهي ڏني: سعيد غني

عمرڪوٽ (د.ر)  سروي جماعت جي روحاني رهبر ۽ پي پي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان ، سنڌ اسميبلي اسپيڪر آغا سراج دوراني ، اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني ، صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال پاران ڳوٺ کاروڙو سيد پهچي اڳواڻي صوبائي وزير سيد حاجي علي مردان شاهه جي وفات تي ان جي ڀاءٌ ڊاڪٽر سيد نور علي شاهه ، فرزند سيد امير علي شاهه ۽ صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه سان تعزيت ڪئي ۽ دعا مغفرت ڪئي ، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سيد علي مردان شاهه پيپلزپارٽي جي هڪ سنئير اڳواڻ ۽ پارٽي ۾ هڪ وڏو اثاثي جي اهميت جو حامل هويو ۽ پارٽي ۾ ان جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو ، هن چيو ته 39 سال پارٽي جي بي لوث خدمت ڪئي ۽ پارٽي کي مضبوط ۽ منظم رکيو ، ان جي اوڇتي وڇوڙي تي  ان جي خال کي ڪڏهن به  ڀري نٿو سگهجي ، ان موقعي تي هن صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته سرڪاري آفيسر ۽ ملازم جي بدلي نوڪري جو حصو آهي ۽ پنجاب ۾ 05 دفعا آئي جي ، ڪي پي ڪي ۾ 04 دفعا ۽ اسلام آباد ۾ 03 دفعا آئي جي تبديلي ٿي چڪي آهي پر حڪومت سنڌ 16 مهنين کانپوءِ آئي جي جي تبديلي جي لاءِ سنڌ ڪابينه ۾ منظوري ورتي ۽ ڪابينه آئي جي جي ڪارڪردگي ۽ ان جي اختيارن جو ناجائيز استعمال تي عدم اعتمادي ظاهر ڪئي ۽ آئي جي حڪومت سنڌ کان ڪنهن به قسم جو تعاون نٿو ڪري، صحافين جي هڪ ٻئي ڪيل سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪنهن به صوبي جي آئي جي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي ڪابينه مان منظوري نه ورتي وئي پر سنڌ ۾ جي آئي جي جي تبديلي جي لاءِ وفاقي ڪابينه ۾ منظوري ورتي پئي وڃي ، صحافين پاران ڪيل اٽي جي قلت جي جواب ۾ چيو ته اٽي جي قلت صوبي سنڌ ۾ نه پر سڄي ملڪ ۾ هئي ۽ ان صورتحال ۾ نا جائيز منافع خورن موقعي سان فائدو ورتو ۽ اٽي جا ريٽ وڌيڪ ڪيا جنهن جي ڪري مسئلا پيش ٿيا ۽ خصوصي طور تي جيڪا سنڌ ۾ اٽي جي قلت ٿئي هن جو سبب ٽرانسپورٽرن جي 10 يا 12 ڏينهن جي هڙتال هئي جنهن جي ڪري ڪڻڪ جي قلت پيدا ٿي ، ان موقعي تي ڪڻڪ جي گودامن ۾ ڪڻڪ جو ڪرايو وٺڻ جي  ڇپيل خبر جي جواب ۾ ان خبر جي ترديد ڪندي چيو ته سرڪاري گودامن ۾ ڪڻڪ جو بوريون جو ڪو ڪرايو ادا نه ڪيو ويو آهي ۽ ڪا به خبر هلائڻ کان پهرين کاتي جي سيڪريٽري سان معلومات ورتي وڃي ، ايم ڪيو ايم پاران ڪيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آزادي سان سياست ڪرڻ هر پارٽي جو بنيادي حق آهي ۽ جيڪا ايم ڪيو ايم جا دفتر ۽ سيڪٽر کولڻ  تي پابندي هئي ان جي وجهه ماضي ۾ ايم ڪيو ايم پاران سرڪاري عمارتن ، اسڪولن ۽ راندين جي گرائونڊ تي پنهنجا ناجائيز دفتر کوليا هئا جيڪا غلط ڪم ۾ استعمال ٿي رهيا هئا پر هاڻ جيڪڏهن انهن جا دفتر کولڻ جي اجازت ملندي ته اها سياست ۽ فلاح و بهبود جي ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ جي لاءِ هوندي …

 

ڪراچي پوش علائقي مان ٽن گڏهن جون منڍيپن ۽ اوجهه هٿ، گوشت ڪيڏانهن ويو پوليس پريشان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽن گڏهن جي منڍين ۽ اوجهه پوليس کي پريشان ڪري ڇڏيو. ڪلفٽن واري علائقي ۾ باقيات هٿ اچڻ کانپوءِ پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ته گڏهن جو گوشت ڪيڏانهن ويو؟ ڪلفٽن جي لائسنس برانچ ڀرسان ڪچري ۾ گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه هٿ آيا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچره ڪنڊي ۾ ٽن گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه هٿ آيا، رات دير سان اڻڄاتل ماڻهو مبينا طور ڪُٺل گڏهن جي باقياتي اُڇلي ويا. سائوٿ زون جي پوليس ٽيم پهچي علائقي واسين ۽ رهواسين کان پُڇاڳاڇا ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ ڪئي پئي وڃي ته گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه ڪير اُڇلي ويو آهي، جڏهن ته رهيل گوشت ڪيڏانهن ويو؟