تازيون خبرون
مودي نئين دور جو هٽلر قرار، ڪشمير تي حملو پاڪستان تي حملي جي برابر آهي: فردوس عاشق - الله جي ڳالهه ڪڏهن به تبديل ناهي ٿيندي، مسلمان پاڻ کي سياسي طور مضبوط ڪن: حج جو خطبو - وفاقي حڪومت جو اورسيز پاڪستانين لاءِ صحت کارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان - وطن لاءِ حياتي ڏيڻ سڀ کان وڏي قرباني آهي، شهيد قوم جا هيرو آهن : آرمي چيف - ڀارت جو سمجهوتا ايڪسپريس ۽ ٿر ايڪسپرين بحال ڪرڻ جو مطالبو رد، آرمي چيف ۽ عمران خان هڪ ئي گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن: شيخ رشيد - فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري خلاف ٽئڪس اوڳاڙي جو نوٽيس معطل، عدالت ايف بي آر کي ٽئڪس اوڳاڙڻ کان روڪي ڇڏيو - وفاقي حڪومت گيس ٽيرف ۾ 200 سيڪڙو تائين واڌ کان پوءِ  ڏيڍ مهيني اندر وڌيڪ 39 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي - سپريم جوڊيشل ڪائونسل، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو - ڪراچي سميت سنڌ ۾ سانوڻي جو وسڪارو، روڊ رستا ٻڏي ويا، مواصلاتي نظام درهم برهم، ڪرنٽ لڳڻ سبب 4 فوت - هزارين ڪشميرين جو پاڪستاني جهندي واري مارچ ڀارت جي لاءِ اڻٽٽ ڀت آهي: سراج الحق

Category Archives: فن ۽ تفريح

ڊپريشن “زومبي” بڻائي ڇڏيو هو: پرينيتي چوپڙا

 

ڪراچي (شوبز نيوز) ديپڪا پڊوڪون کانپوءِ هاڻي اداڪاره پرنيتي چوپڙا به هڪ چيٽ شو ۾ ٻڌايو آهي ته هڪ زماني ۾ هو ڊپريشن جو شڪار هئي ۽ روز روئيندي رهندي هئي. پرينيتي چوي ٿي ته هڪ ته سندس فلمون فلاپ ٿيندي پيون ويون ۽ ٻئي پاسي ڪنهن سندس دل ٽوڙيو جنهن کانپوءِ هن سڀني سان واسطو ختم ڪري ورتو هو نه هو ماڻهن سان ملندي هئي نه ئي پنهنجي گهر وارن سان ڳالهائيندي هئي. پرينيتي چوي ٿي ته هو ڪنهن زومبي جيان ٿي وئي هئي. ان کان اڳ دپيڪا ڊپريشن بابت پنهنجا تجربا ماڻهن سان شيئر ڪيا هئا جنهن کانپوءِ ڊپريشن جهڙو ڳنڀير مسئلو موضوع جو بحث بڻيو ۽ ماڻهن ۾ بيداري پيدا ٿيڻ شروع ٿي وئي ته اها هڪ ذهني بيماري آهي جنهن تي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هوڏانهن هڪ ڏينهن اڳ پاڪستاني اداڪارائن ماوره حسين ۽ ورهيه حسين ڊپريشن جو زبردست علاج تجويز ڪيو هو. ٻنهي ڀيڻن جو چوڻ هو ته اسان جيڪو ڪجهه کائيندا آهيون ان جو نتيجو اسان جي ذهني ڪيفيت تي پوندو آهي. لڳي ٿو ته اهي ٻئي ڀيڻون چاهي رهيون هيون ته دل جو نه پر دماغ جو رستو پيٽ سان آهي.

 

پاڪستاني اداڪاره ميرا جو پاسپورٽ دبئي جي اختيارين ضبط ڪري ڇڏيو

 

دبئي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪاره ميرا جو پاسپورٽ دبئي ۾ اختيارين ضبط ڪري ورتو آهي. اداڪاره ميرا پنهنجي فلم(باجي) جي رليز ٿيڻ کان پوءِ هن وقت دبئي ۾ موجود آهي. جتي ان جو پاسپورٽ ضبط ڪيو ويو آهي.اداڪاره جي مئنيجر حسن موجب ميرا جي پاسپورٽ جي تاريخ جو مدو ختم ٿي ويو آهي جنهن جي بنياد تي دبئي اختيارين ان جو پاسپورٽ ضبط ڪري ورتو آهي.اداڪاره جي مئنيجر وڌيڪ ٻڌايو ته هاڻ ميرا جو نئون پاسپورٽ ٺهي ويو آهي ۽ هو هلندڙ هفتي  پاڪستان پهچي ويندي.ياد رهي ته تازو ئي رليز ٿيندڙ فلم(باجي) ۾ ميرا ماڊل آمنه الياس سان گڏ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.

 

اسان جي ڊرامن ۾ اصلاح جو رخ ظاهر ٿئي ٿو: ثنا جاويد

 

لاهور (شوبز نيوز) خوبصورت اداڪاره ثنا جاويد چيو آهي ته اسان جي ڊرامن ۾ معاشري جي سڌاري جو پهلو نظر اچي ٿو. نجي شعبي ۾ اهڙا شاهڪار ڊراما ٺاهيا پيا وڃن جن جي مقبوليت ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ڊرامه سيريلز ۾ بهتري ڪردار نڀائي چڪي آهيان پر وڌيڪ بهتر کان بهتر ڪرڻ جي جاکوڙ ڪندي رهان ٿي. مان سمجهان ٿي ته اڃا مونکي گهڻو ڪم ڪرڻو آهي ۽ مونکي پنهنجي اداڪاري لاءِ اڻ ڊهندڙ نشان ڇڏڻا آهن جيڪي منهنجا مداح ياد رکن. ثنا جاويد چيو ته ڊرامه انڊسٽري ميڊيا جي هڪ شڪل آهي، اسان جا ڊراما اصلاح لاءِ بهترين آهن.

 

ماورا ۽ عروا ڊپريشن کان ڇوٽڪاري جو حل ٻڌائي ڇڏيو

 

ڪراچي (شوبز نيوز) هاڻوڪي دور جي ماڻهن جي ذهني بيمارين جي شرح ۾ ڳڻتي جي حد تائين واڌ ٿي آهي، جنهن جا گھڻا سبب ٿي سگھن ٿا.پر جيڪڏهن پاڪستاني اداڪارائن ماورا ۽ عروا حسين جي ڳالهه مڃجي ته  اها بيماري حقيقت ۾ اسان جي خوراڪ جو نتيجو آهي.هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ ٻنهي ڀينرن ڪپڙن جي مشهوري لاءِ شرڪت ڪئي  ۽ ان دوران ڳالهائيندي  هنن ذهني صحت بابت به پنهنجي راءِ ڏني.هڪ ويڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي چڪي آهي جنهن ۾ واضح آهي ته ٻئي ڀينرون ڊپريشن جو ذميواري خوراڪ کي سمجهندويون آهن.عروه حسين ڪلپ ۾ چيو ته اڄ ڪالهه گھڻا مسئلا آهن، اسان ماڻهن کان ٻڌنديون آهيون ته کين ڊپريشن يا ذهني مرض ٿي ويو آهي، پر اهي بيماريون خوراڪ سبب آهن، انهن جو ڪو ٻيو سبب ناهي؟ماروا حسين به ان جي تصديق ڪندي چيو ته اهي ان ڪري ئي آهي جيڪو اوهان پنهنجي جسم خوراڪ طور استمال ڪندا  آهيو.هونئن ته متوازن خوراڪ جي اهميت کان انڪار ممڪن ناهي جيڪا صحت لاءِ گھڻي ضروري آهي پر ذهني مرض يا ڊپريشن  جو  سبب رڳو خوراڪ کي قرار ڏيڻ غلط آهي، عام طور تي ڊپريشن جو شڪار ماڻهن ۾ کائڻ جي خواهش ئي ختم ٿي ويندي آهي يا هو جنڪ فوڊ کائڻ لڳندا آهن جيڪو ان مرض جي هڪ علامت سمجهي ويندي آهي.هارورڊ ميڊيڪل اسڪول جي هڪ تحقيق موجب ڊپريشن جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا جن جي زندگي ۾ دٻاءُ، مخصوص دوائن جا سائيڊ افيڪٽس دماغي يا جينياتي ڪمزوري وغيره.ماورا حسين انسٽاگرام تي به پنهنجي بيان جو دفاع ڪندي هڪ اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو جنهن تي لکيل آهي: جيڪڏهن اوهان گھڻو پراسيس گوشت، تريل پڪوان، ريفائن سريلز، ٽافيون، پيسٽري ۽ سڻڀ واريون شيون ته ذهني بي چيني ۽ مايوسي جو امڪان وڌي ويندو آهي.پر اسرڪين شاٽس ۾ به اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته رڳو خوراڪ ئي ڊپريشن يا ذهني مرضن جو سبب آهي.

 

آمريڪي ڳائڻي آر ڪيلي تي وڌيڪ 2 الزام لڳايا ويا

 

نيو يارڪ (شوبز نيوز) جنسي ڏوهن جي الزام ۾ قيد امريڪي ڳائڻي، موسيقار، ميوزڪ پروڊيوسر ۽ ريپر رابرٽ سولويسٽر ڪيلي تي امريڪي عدالت نابالغ ڇوڪرين سان جسم فروشي جا لاڳاپا رکڻ سميت ٻيا 2 وڌيڪ الزام لڳايا ويا آهن. آر ڪيلي کي گذريل مهيني 12 جولاءِ تي جنسي ڏوهن جي الزام تحت گرفتار ڪيو ويو هو ۽ گهٽ ۾ گهٽ 100 ڇوڪرين ۽ ننڍي عمر جي نارين سان ريپ، کين جنسي حراسان ڪرڻ ۽ لاڳاپا رکڻ جا الزام آهن.

 

ڪشمير مسئلي جي حل جي شروعات ٿي چڪي آهي ، انوپم کير جي ٽوئيٽ تي پاڪستاني فنڪارن جي ڇتي تنقيد

 

ڪراچي  (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار انوپم کير طرفان والاريل ڪشمير ۾ وڌيڪ 70 هزار ڀارتي فوج جي مقرري ۽ ڀارتي حڪومت جي والاريل ڪشمير کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي اعلان جي حمايت ڪرڻ تي پاڪستاني فنڪارن انوپم کير کي تنقيد جو نشانو بڻايو.گذريل ڏينهن بالي ووڊ اداڪار انوپم کير مودي حڪومت جي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪرڻ واري  فيصلي تي تعصباڻو ٽوئيٽ ڪندي چيو هو ته ڪشمير مسئلي جي حل جي شروعات ٿي چڪي آهي.انوپم کير  جي ان ٽوئيٽ تي رد عمل ۾ سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو ۽ هاڻ پاڪستاني فنڪارن طرفان به هن کي ڪشميرين جي نسل ڪشي جي حمايت ڪرڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.اداڪارا ارمينا خان انوپم کير جي ان تعصباڻي ٽوئيٽ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اهڙي ٻولي جنگ عظيم دوران لکين يهودين جي قتل عام کان اڳ به استعمال ڪئي وئي هئي. اهو لکندي منهنجا هٿ ڏڪي رهيا آهن، مون کي سوچيندي ڊپ محسوس ٿي رهيو آهي ته ڇا اسان هڪ ٻئي ڪاري دور ۾ داخل ٿيڻ وارا آهيو.ارمينا خان انوپم کير جي سوچ تي تنقيد ڪندي چيو ته تاريخ اهڙن ماڻهن تي رحم نه ڪندي جيڪي وڏي پيمانبي تي نسل ڪشي جو مطالبو ڪندا آهن.اداڪارا ارمينا خان کان سواءِ ناليواري ٽي وي اداڪار عثمان مختيار به انوپم کير تي تنقيد ڪندي چيو ته مسٽر کير اوهان جي نظر ۾ مسلمانن جي نسل ڪشي ڪشمير مسئلي جو حل  آهي؟

 

شوبز ۽ گهريلو زندگي ۾ بهتري لاءِ منصوبه بندي تمام ضروري آهي: ثنا

 

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني مشهور اداڪاره ثنا چيو آهي ته اسان کي اسڪرين تي ڏسي عام ماڻهن جو اهو تصور هوندو آهي ته شوبز سان تعلق رکندڙ ماڻهو وڏي آساني سان زندگي گذاري رهيا آهن پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي.ميڊيا رپورٽ موجب اداڪاره جو چوڻ هو ته عام ماڻهن جيان شوبز جي ماڻهن کي به زندگي ۾ وڏن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي پر هو انهن جو اظهار ناهن ڪري سگهندا. هڪ انٽرويو ۾ ثنا چيو ته شادي ۽ ٻارن جي پيدائش کان پوءِ زندگي معمول کان تبديل ٿي وئي آهي ۽ ننڍي ننڍي ڳالهين جو خيال رکڻو پوندو آهي. اداڪاره چيو ته شوبز ۽ پنهنجي گهر ۾ بهتري آڻڻ لاءِ خاص منصوبه بندي ڪندي آهيان جيڪا نهايت ئي ضروري آهي. ان کان سواءِ زندگي گذارڻ ممڪن ناهي.هن چيو ته شوبز انڊسٽري ۾ ڪيترائي لاها چاڙها ايندا آهن جنهن کي انسان منهن ڏئي ويندو آهي پر ذاتي زندگي ۾ هر ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويندو آهي ۽ منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته هر مسئلي کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان.

 

ايشوريا جي ڪري سلمان سان شادي نه ڪري سگهيس: سومي علي

 

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪاره، مادل ۽ فلم ساز سومي علي انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هو ۽ بالي ووڊ جو دبنگ اداڪار سلمان خان هڪ ٻئي کي پسند ڪندا هئا پر پوءِ انهن جي وچ ۾ ايشوريا اچي وئي، جنهن کانپوءِ ٻئي ڌار ٿي ويا. ڀارتي ويب سائيٽ موجب سلمان خان ۽ سندس اڳوڻي محبوبه ۽ بالي ووڊ اداڪاره سنگيتا بجلاني جي مڱڻي سندس شادي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ٽٽي وئي هئي جنهن جو سبب ٻڌائيندي سنگيتا چيو ته هن ڪيترائي ڀيرا سلمان ۽ سومي علي کي ڊيٽ ڪندي ڏٺو سلمان دوکو ڏئي رهيو هو جنهن سبب مڱڻي ختم ڪري ڇڏي. سومي علي موجب هو فلوريڊا کان ڀارت رڳو سلمان خان سان ملڻ آئي هئي. هن کي اميد هئي ته هو بالي ووڊ ۾ جاءِ ٺاهي سلمان خان سان شادي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي ڪافي حد تائين ڪامياب ٿي پر سلمان خان سان شادي نه ٿي سگهي. سومي علي جو چوڻ هو ته 16 سالن جي ڄمار ۾ سلمان خان سان شادي جا خواب ڏسندي هئس. سومي علي انڪشاف ڪيو ته سلمان خان ايشوريا سان فلم ۾ ڪم ڪيو ۽ ان کانپوءِ ايشريا جي ويجهو ٿي ويو ۽ مونکي وساري ويٺو جنهن کانپوءِ سلمان ۽ مان ڌار ٿي وياسين.

 

مايا علي فلم(پري هٽ لو) ۾ پنهنجي ڪردار تان پردو کڻي ڇڏيو

 

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪاره مايا علي پنهنجي ايندڙ نئين فلم(پري هٽ لو) ۾ پنهنجي ڪردار بابت خاموشي ختم ڪري ڇڏي. هڪ ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏيندي اداڪاره ٻڌايو ته منهنجي فلم(پري هٽ لو) ۾ ثانيه نالي هڪ بردبار ۽ مضبوط ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهيان جيڪا هڪ اعليٰ سوچ ۽ پنهنجو فيصلو پاڻ ڪندڙ ڇوڪري هوندي آهي هن کي اها به خبر آهي ته سٺو ڇا آهي ۽ خراب ڇا آهي ۽ سڀني کان اهم ڳالهه ته ثانيه پنهنجي خاندان جي اهميت به سمجهي ٿي.مايا علي اهو به چيو ته هر ڪردار جو منهنجي زندگي تي وڏو گهرو اثر هوندو آهي ۽  مان ذاتي طور تي اهو محسوس به ڪندي آهيان ته فلم(پري هٽ لو) ۾ ثانيه جو ڪردار  جيڪو مان ادا ڪري رهي آهيان اهو ڪافي مضبوط ڪردار آهي ۽ ان ڪردار جو منهنجي ذات سان ڳانڍاپو ڪري سگهجي ٿو. مايا علي چيو ته فلم ۾ شهريار سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو تمام سٺو رهيو.شوٽنگ جي دوران ائين لڳي رهيو هو ته جيئن سڀ ڪجهه پاڻ ٿي رهيو آهي ۽ اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڪيمسٽري تعريف جوڳي آهي. ياد رهي ته عاصم رضا جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم(پري هٽ لو) ۾ مايا علي، شهريار، منور، نديم بيگ، زارا نور، حنا دلپذير ۽ احمد بٽ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندا. فلم هلندڙ مهيني عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي.

 

بالي ووڊ جي شخصيتن جو ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار

 

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي حڪومت طرفان والاريل ڪشمير جي آزاد خاص حيثيت جي آرٽيڪل 370 کي ختم ڪرڻ تي بالي ووڊ جي شخصيتن به احتجاج ڪيو.والاريل ڪشمير کي آزاد خاص حيثيت ڏيندڙ آرٽيڪل 370 کي ختم ڪرڻ تي والاريل ڪشمير جي سياسي قيادت سميت ڀارت جي ڪيترن ئي سياستدانن به ان عمل جي مذمت ڪئي آهي.سياسي شخصيتن جيان فلمي ۽ فيشن شخصيتن به نريندر مود جي حڪومت جي ان عمل کي غلط قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪئي ۽ ان ڳالهه تي خدشا ظاهر ڪيا ته ان عمل سان ڇڪتاڻ ۾ واڌ ٿيندي.والاريل ڪشمير مان آرٽيڪل 370 کي ختم ڪرڻ ٿيڻ تي ڀارتي فلم انڊسٽري به احتجاج ريڪارڊ ڪندي نظر آئي.ٿورو ئي عرصو اڳ بالي ووڊ کي الوداع ڪندڙ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي اداڪارا زائره وسيم به آرٽيڪل 370 کي ختم ڪرڻ تي وادي جي ماڻهن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو.زائره وسيم پنهنجي مختصر ٽوئيٽ ۾ چيو ته  ”  اِهو وقت به گذري ويندو.“زائره وسيم جيان بالي ووڊ جي اداڪارا ديا مرزا به والاريل ڪشمير جي ماڻهن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ۽ هن ”اسٽينڊ ود ڪمشير“ جو ٽيگ به استعمال ڪيو.آل انڊيا رينيمول ڪانگريس جي ميمبر ۽ اداڪارا نغمه به والاريل ڪشمير جي آزاد حيثيت ختم ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هن ڀارتي جنتا پارٽي جي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو.نغمه ڀارتي حڪومت کان سوال ڪيو ته ڇو وادي ڪشمير ۾ انٽرنيٽ کي بند ڪري ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ ڇو ماڻهن کي هراسان ڪري تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي؟ديا مرزا وڌيڪ لکيو ته ” منهنجا خيال ۽ سوچون ڪشمير سان گڏ آهن.“اداڪار ۽ فلم پروڊيوسر سنجي سوري به وادي جي ماڻهن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو.فلم پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر عنير به وادي جي ماڻهن سان ٻڌي جوا ظهار ڪندي والاريل ڪشمير جي حالتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.هن سڄي وادي ۾ غير يقيني واري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو وڌيڪ تشدد ۽ ڇڪتاڻ جو هڪ نئون دور ڏسڻ جو خواهشمند ناهي.هن به ” اسٽينڊ ود ڪشمير“ جو هيش ٽيگ استعمال ڪندي وادي جي امن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.