تازيون خبرون

Category Archives: ايڊيٽوريل

24 ڏينهن بعد منظر تي آيل اڳوڻو گهرو وزير..

گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته هنن ڏينهن ۾ مون ڪو بيان ناهي ڏنو، ڪا خبر ليڪ ناهي ڪئي، 24 ڏينهن بعد ڪجهه نه ڪجهه وضاحت ڪرڻي هئي، سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس بعد ڪيتريون ئي ڳالهيون سامهون آيون، بند ڪمري جي ملاقاتن ۾ منهنجي تقرير جي باري ۾ ڪو ڳالهه ڪري ته تصديق ڪري وٺو، ڪابينا ۾ شامل نه هئڻ جو سبب اوهان جي سامهون آهي، مون ڪڏهن پنهنجي ڪارڪردگي جي حوالي سان بريف ناهي ڪيو، ڪيترين شين جو چوڻ کانسواءِ ذڪر ضرور ڪيو، ڪيترن ماڻهن کي گهرو وزارت جي پاور جو اندازو ناهي، گهرو وزارت وٽ ڪا ايگزيڪيوٽو اٿارٽي ناهي، سوا چار سالن ۾ گهرو وزارت جو ڪم ٿيو، اهو رڪارڊ سامهون رکندس، ڪڏهن پنهنجي منهن ميان مٺو ناهيان بڻيو، قانون نافذ ڪرڻ مڪمل طور تي صوبائي حڪومت جي ذميداري آهي، سٺو ڪم ٿئي ته ان جو ڪريڊٽ کڻڻ لاءِ سڀ اچي ويندا آهن، اسلام آباد ۾ هڪ شخص آيو، ان جي ذميداري به مون تي وڌي وئي، جڏهن به ڪو واقعو ٿيو گهرو وزارت تي ذميداري وڌي وئي، صوبن ۾ جڏهن به امن امان جو مسئلو ٿيو ته ذميداري مون تي وڌي وئي، سٺو ڪم ٿيو ته ان جو ڪريڊٽ کڻڻ لاءِ سڀ ماڻهو تيار هندا آهن، باشعور ماڻهن کي گهرو وزارت جي اختيارن جو علم ناهي، مون تي تنقيد ڪندا رهيا، ننڍيون وڏيون غلط فهميون دور ڪرڻ چاهيان ٿو، مان وزيراعظم وٽ ويس ۽ چيو ته سينٽرل انٽرنل سيڪيورٽي جو اعلان ڪرڻ گهرجي، سياسي جماعتن ۾ پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، اي اين پي ڳالهين لاءِ تيار هيون، طالبان سان ڳالهين ۾ جنرل ڪياني ۽ جنرل ظهيرالاسلام آن بورڊ هيا، ڪراچي آپريشن بعد سڀ شيون واضح ٿي ويون، ملٽري آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو، اڄ پاڪستان ۾ دهشتگردي جو گراف هيٺ آيو آهي، اسان کي ثابت قدمي سان دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻو پوندو، اڄ پاڪستان ۾ دهشتگردن جو ڪو نيٽ ورڪ ناهي، پٺين اڍائي ٽن سالن ۾ ملڪي حالتن ۾ گهڻي تبديلي آئي آهي، دهشتگردي خلاف جنگ آخري مرحلي ۾ آهي، ڪراچي ايئرپورٽ تي حملي بعد فوجي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو، اڄ ڪراچي آپريشن جا ڪيترائي دعويدار بڻيل آهن، وزيراعظم جي منظوري سان 27 آگسٽ تي ڪراچي آپريشن جو اعلان ڪيو، پرڏيهين جا حاصل ڪيل 32 هزار پاڪستاني پاسپورٽس منسوخ ڪيا، 2 لک کان وڌيڪ منع ڪيل بور جا لائسنس منسوخ ڪيا، پنهنجي دور ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا، ڪيترن ماڻهن جا نالا 30 سالن کان اي سي ايل ۾ هيا، عسڪريت پسندن ڊبل گيم کيڏي، اربين رپين جي لاڳت سان پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيدار تار لڳائي وئي، هاڻي ويزا سڪيورٽي ڪليئرنس بعد جاري ڪيا ويندا آهن، اسلام آباد ۾ رهندڙ سمورن پرڏيهين جو رڪارڊ گهرو وزارت وٽ آهي، پرڏيهين جا 400 گهر اسلام آباد ۾ اهڙا هيا، جيڪي پنهنجو پاڻ کي رجسٽر ڪرائڻ نه پيا چاهين، چيو پيو وڃي ته اسلام آباد ۾ بليڪ واٽر يا خبر ناهي ڪير ڪير رهائش پذير آهن، 24 ڪلاڪن جي نوٽيس تي اسلام آباد ۾ اڻ رجسٽر گهرن کي خالي ڪرايو ويو، پاڪستان بنانا ريپبلڪ ناهي، هاڻي ڪنهن کي ايئرپورٽ تي ويزا نٿو ملي سگهي، پهرين ايئرپورٽ تي سفارش سان ويزا ڏني ويندي هئي، ڪراچي آپريشن صوبائي، وفاقي حڪومت، سياسي جماعتن جي گڏ ٿيڻ سان ڪامياب ٿيو، 4 سالن ۾ ملڪ کي اندروني سڪيورٽي بڻائڻ لاءِ ايمانداري سان ڪم ڪيو، سول آرمڊ فورسز، پوليس جون وڏيون قربانيون آهن، اڄ ڪراچي هڪ شخص جي هٿن ۾ يرغمال ناهي.

 

پ پ قيادت جو لاهور ۾ ديرو ۽ ن ليگ قيادت جو وضاحتون

پانامه ليڪس ڪيس ۾ وزير اعظم نواز شريف جي وزارت عظميٰ تان برطرفي بعد پرڏيهه ۾ ويٺل پ پ قيادت ڏيهه پهچي وئي آهي، جنهن ميان صاحب جي شهر ۾ ئي ديرو ڄمائي ورتو آهي، جنهن سبب سياسي پارو چوٽ چڙهيل آهي، لاهور ۾ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي آصف علي زرداري چيو ته ماضي ۾ پيپلز پارٽي نواز شريف جو نه پر  جمهوريت جو ساٿ ڏنو. اسان رڳو جمهوريت ۽ پارليامينٽ سان گڏ آهيون. سندس چوڻ هو ته ميان صاحب سان ڪڏهن به پاوا ناهن کاڌا، ڪيئن يقين ڏياريان ته هو نواز شريف سان نه پر جمهوريت سان گڏ آهن.نواز شريف چئن سالن دوران جمهوري رويو اختيار نه ڪيو، نه ئي کائنس ڪو فائدو ورتو ويو. سندن لاهور اچڻ کانپوءِ سياسي پارو وڌي ويو آهي. اسان جي حڪومتي دور ۾ ڪڏهن به اهڙو سياسي بحران پيدا نه ٿيو، نه ئي ڪو سياسي قيدي هو، سياست ۾ ڪا آخري ڳالهه ناهي هوندي. عمران خان  سان ڪڏهن به ملاقات ناهي ٿي نه ئي ٿيندي، ميان صاحب ۽ سندس خاندان جو سياسي مستقبل نظر نٿو اچي. اسان پارليامينٽ جو ساٿ ڏنو هو ۽ جمهوريت بچائي، هاڻي جمهوريت کي ڪو به خطرو ناهي، هن کان اڳ اسان جي وزيراعظم کي نا اهل ڪيو ويو، اسان ٻيو وزيراعظم بڻايو. جلاوطني واري دور ۾ اسان جا لاڳاپا هئا، ان جي ترديد نٿو ڪيان، پر جيڪڏهن ڀاءُ سان  4 سالن لاڳاپا نه هجن، ان بعد فون ڪيو اهو به نه کڻي، نواز شريف هاڻي پنهنجا لفظ واپس وٺي ڇڏيا آهن پر هاڻي وقت گذري چڪو آهي.

لاهور جو سياسي پارو وڌڻ بعد اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف به وضاحتو پيش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، سندس موجب ته اُهو تاثر صحيح ناهي ته فوج جا سمورا سربراهه منهنجا مخالف رهيا يا منهنجي فوج سان نٿي بڻجي.  قانون جي حڪمراني تي يقين رکي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪو قانون جي حڪمراني تي يقين نٿو رکي ته مان اُن سان اتفاق نٿو ڪريان. ڪجهه فوجي سربراهن سان منهنجي بڻي آهي ۽ اُهي مون سان تمام چڱا رهيا آهن. اسان جي حڪومت 2013 ۾ قائم ٿي ۽ وڏو واضح مينڊيٽ هو، پي ٽي آءِ پهرين ڌانڌلي جي رٽ لڳائڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ پوءِ احتجاج شروع ڪري ڇڏيو، ملڪ ۾ امن قائم ٿيو آهي، ڪراچي جو امن اسان بحال ڪيو آهي، سي پيڪ تمام بهتر انداز ۾ هلي رهيو هو، ڌرڻي دوران سخت متاثر ٿيو، ملڪ ۾ انفرااسٽرڪچر بڻجي رهيو آهي، سي پيڪ زورن سان هلي رهيو هيو پر ان تي ڪم ڌرڻن سان متاثر ٿيو، پاڪستان جي معاشي بدحالي جو ڪير ذميدار هوندو؟، پي ٽي آءِ سبب پاڪستان ۾ جمهوريت کي نقصان پهتو، مون کي ٻڌايو ته ڌرڻو هيو ڇا جي لاءِ؟، مون کي ٻڌايو وڃي ته ڌرڻي جي ڪهڙي ضرورت هئي؟، ڌرڻي جي ڪردارن جي باري ۾ بعد ۾ ٻڌائيندس، سپريم ڪورٽ پهرين پاناما جي درخواست رد ڪئي ۽ پوءِ منظور ڪري ورتي، جي آءِ ٽي ۾ شامل سمورا ماڻهو اسان جا بدترين مخالف هئا، مان بطور وزيراعظم جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيس، پورو خاندان جي آءِ ٽي سامهون پيش ٿيو، ڪهڙي ڳالهه جو احتساب ٿي رهيو آهي؟، شهباز شريف، مريم، حسن ۽ حسين نواز به جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيا، 1972 کان احتساب ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ته مون سرڪاري پئسن ۾ گهوٻيون هنيون آهن؟، ڪي سرڪاري پئسن ۾ گهوٻيون هجن ها ته اڄ اوهان جي سامهون شرمسار ويٺو هجان ها، مان ته 70 سالن کان هن ملڪ ۾ اهو ئي ڪجهه ٿيندي ڏسي رهيو آهيان، مون ته ڪرپشن جو ڪو داغ ناهي، اسان جي پنهنجي ڪاروباري معاملن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿي رهي آهي، 70 سالن ۾ اسان ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي،

 

نئب کي ڪم جاري رکڻ جو حڪم…!

سنڌ هاءِ ڪورٽ قومي احتساب بيورو جي ميمبرن کي سنڌ اسيمبلي ۽ بيورو ڪريٽس خلاف انڪوائري جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ۲ رڪني بينچ سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ نيب جي اختيارن کي ختم ڪرڻ متعلق متحده قومي موومينٽ پاڪستان ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جي گڏيل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي جي لاءِ ايڊيشنل اٽارني جنرل سلمان طالب الدين، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ بيرسٽر ضمير گهمرو، پراسيڪيوٽر جنرل نيب وقاص ڊار سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته اپوزيشن جي پيروي بيرسٽر فرغ نسيم ۽ سول سوسائٽي جي پيروي فيصل صديقي ايڊووڪيٽ ڪئي، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن پارٽين پاران داخل درخواست ۾ الزام لڳايو ويو ته پيپلز پارٽي جي وزيرن ۽ مشيرن ڪرپشن ڪئي آهي، ان جي لاءِ سنڌ ۾ نيب آرڊيننس کي ڪلعدم قرار ڏنو ويو آهي،

عدالت چيو ته جن ميمبرن خلاف نيب ۾ انڪوائري هلي رهي آهي، انهن جي فهرست عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي ۽ انهن ميمبرن کي اسيمبلي جي فهرست مان خارج ڪيو وڃي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته ۱۸ هين ترميم تحت سنڌ اسيمبلي کي ان بل جي منظوري جو اختيار حاصل آهي جنهن ۾ نيب کي صرف وفاقي ادارن ۾ ڪارروائي ڪرڻ جا اختيار ڏنل آهن، چيف جسٽس جا ريمارڪس هئا ته مطلب اهو آهي ته وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ، دهشتگردي جي خاص عدالت ۽ اينٽي نارڪوٽيڪس ڪورٽ کي تالا لڳائي ڇڏجن، عدالت نيب کي سنڌ اسيمبلي ميمبرن خلاف ڪارروائي جاري رکڻ ۽ انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو .

ياد رهي ته  سنڌ حڪومت جا ڪيترائي سياستدان ۽ آفيسر نيب جي پڪڙ ۾ آهن، صوبي ۾ ٦۰ کان وڌيڪ سياستدانن ۽ آفيسرن خلاف جاچ جاري آهي، نيب پاران هن وقت به قانون واري وزير ضياءُ النجار، ايم پي اي فقير داد کوسو، شرجيل ميمڻ ۽ ٻين حڪومتي شخصيتن خلاف انڪوائري جاري آهي، ايم پي اي اويس مظفر خلاف نيب ۾ انڪوائري هلي رهي آهي، اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ، اعجاز چوڌري ۽ ٻين خلاف نيب جاچ ڪري رهي آهي، اڳوڻي تعليم واري وزير پير مظهر الحق خلاف نيب جي انڪوائري آخري مرحلي ۾ آهي، ايم اين اي مير منور ٽالپر ۽ ايم پي اي علي مردان شاهه خلاف نيب جون انڪوائريون بند ٿي چڪيون آهن، اطلاعن موجب سنڌ ۾ هن وقت ۵ درجن کان وڌيڪ ڪيس التوا هيٺ آهن، جڏهن ته نيب پاران گذريل سال هڪ سئو کان وڌيڪ ريفرنس داخل ڪيا ويا هئا، جيڪي هن سال به ۱۲ ريفرنس فائل ٿي چڪا آهن.

 

سنڌ مان جبري گمشدگين تي ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ڳڻتي، وارثن جو سينيٽ چيئرمين کي به خط…..!

ايمنسٽي انٽرنيشنل انساني حقن جي اڳواڻ ۽ وائيس فارمسنگ پرسن آف سنڌ جي ڪنوينر پنهل سارئي جي کنڀجڻ جو نوٽيس وٺندي پاڪستان سرڪار تي زور ڀريو آهي ته کين آزاد ڪيو وڃي يا سندس موجودگي ۽ قانوني ڪارروائي بابت سندس خاندان کي آگاهه ڪيو ڃي. ايمنسٽي انٽرنيشنل موجب پنهل ساريو کي حيدرآباد ۾ خانابدوش ڪيفي کان ٻاهران ايندي زوري کنڀيو ويو، سندس دوست ڊاڪٽر سريش ڪمار هن واقعي جو اکين ڏٺو شاهد آهي، جنهن موجب پنهل ساريو کي سول ڪپڙا پهريل ماڻهن ۽ پوليس وردي پاتل اهلڪار زوري کنڀي ويا. پنهل ساريو کي ان وقت کنڀيو ويو جڏهن ٻئي ڏينهن تي گم ٿيلن بابت اديبن ۽ قلم ڪارن جي ڪانفرنس رٿيل هئي. پنهل ساريو جو هن وقت تائين ڪو پتو ناهي. مٿس سخت تشدد ۽ قتل جو به خدشو آهي. رپورٽ موجب سنڌ ۾ هن وقت 60 کان مٿي سياسي ڪارڪن گم آهن، انهن جي آزادي لاءِ هو احتجاج ڪري رهيو هو. صابر چانڊيو، خادم آريجو، هدايت لوهار ۽ بخش علي مغيري کنڀجي چڪا آهن، جن جو تعلق جيئي سنڌ قومي محاذ سان آهي. هنن حڪومت تي زور ڏنو آهي ته پنهل ساريو سميت سرڪاري حراست هيٺ جيڪي به ماڻهو آهن، انهن جو کليو عدالت ڪيس هلائي سندن وارثن سان ملاقات ڪرائي وڃي. ايمنسٽي انٽرنيشنل سفارتڪارن سميت صدر، وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير ڏانهن به اپيل جون ڪاپيون اماڻيون آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ هڪ ڏهاڪي کان ماڻهو کنڀجڻ جو سلسلو جاري آهي پر فيبروري 2017ع کان سلسلو تيز ٿي ويو آهي. بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا مان ماڻهو گم ڪيا ويندا رهيا آهن پر پنجاب ۾ به اهي ڪارروايون شروع ٿيون. آگسٽ 2015ع ۾ پنجاب ۾ هڪ صحافڻ زينت شهزادي کي لاهور مان کنڀيو ويو،زينت شهزادي اڃا تائين گم آهي. هن کي ڀارتي شهري حامد انصاري جي گم ٿيڻ بابت رپورٽنگ ڪرڻ تي زوري کنڀيو ويو آهي. جنوري 2017ع ۾ سلمان حيدر، عاصم سعيد ۽ ٻيا بلاگر انساني حقن جا اڳواڻ اسلام آباد ۽ پنجاب مان کنڀيا ويا، پاڪستان جي گڏيل قومن جي قانون تي صحيح ڪيل آهي انساني حقن جو احترام ڪري.

جسقم چيئرمين ڊاڪٽر مير عالم مريءَ سنڌ مان گم ڪيل  قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ  سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو  زرداري ۽ وزيرِ اعليٰ مراد علي شاهه کي الڳ الڳ خط لکيا آهن، جن ۾ کين گم ڪيل قومي ڪارڪنن جا تفصيل پڻ موڪليا ويا آهن. سنينٽ چيئرمين رضا رباني ڏانهن لکيل خط ۾ اهو حوالو ڏيندي لکيو ويو آهي ته اڳ ۾ پ پ سينيٽر تاج حيدر سنڌ مان کنڀي گم ڪيل پُرامن قومي ڪارڪنن جي لسٽ پيش ڪري چڪو آهي پر ان کان پوءِ به ڪيترائي قومي ڪارڪن کنڀي گم ڪيا ويا آهن. کيس پنهنجا فرض ۽ اختيار ياد ڏياريندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته گم ڪيل بي گناهه قومي ڪارڪنن جي جلد آزادي لاءِ ڪو خاطر خواهه ردِعمل ظاهر ڪيو وڃي. ٻي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي لکيو ويو آهي ته سنڌ ۾ ڪيترائي قومي ڪارڪن گم ڪيا ويا آهن. سنڌ جي اقتداري پارٽيءَ جي چيئرمين هئڻ جي ناتي کانئس مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجي ايوانن ۾ ويٺل نمائندن جي ذريعي هڪ ڀرپور ٺهراءُ پيش ڪرائي قومي ڪارڪنن جي زندگي بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.جڏهن ته وڏي وزيرِ مراد علي شاهه ڏانهن لکيل خط ۾مطالبو ڪيو ويو آهي ته ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاسن ۾ادارن کان سوال ڪيو وڃي ته آخر ڪهڙي ڏوهه عيوض سون جي تعداد ۾ بيگناهه سنڌي نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي.

 

پ پ آئين ۾ تبديلي ۽ ڪلثوم نواز جي مخالف…!

اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جي پانامه ڪيس ۾ نااهلي بعد سندس گهر واري بيگم ڪلثوم نواز ميدان ۾ لٿي آهي جنهن چونڊ وڙهڻ لاءَ نامزدگي ڪاغذ به جمع ڪرائي ڇڏيا آهن،  پاڪستان عوامي تحريڪ کان پوءِ پيپلز پارٽي به بيگم ڪلثوم نواز جي نامزدگي وارن ڪاغذن کي اليڪشن ڪميشن ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي، پيپلز پارٽي جي اين اي 120 مان اميدوار فيصل مير به  اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست ڪندي چيو آهي ته بيگم ڪلثوم نواز نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ گهڻيون شيون لڪايون آهن جنهن تي هو صادق ۽ امين ناهي رهي ان ڪري آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي تحت ان کي اليڪشن جي لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي. مٿان وري پ پ قيادت به واضح طور مخالفت ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئين ۾ ترميم لاءِ نوازليگ جو ساٿ نه ڏينداسين، قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جا پنهنجا اصول آهن، اسان پنهنجن اصولن تي سياست ڪنداسين، ملڪ جي امن امان لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين، نوازشريف جي نااهلي بعد حڪومت حد کان وڌڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ آئين ۾ ترميم ڪرڻ جي پويان پئجي وئي آهي، جيڪڏهن اهي ماڻهو ترميم ڪندا به ته ان جو نوازشريف کي ڪو فائدو نه ٿيندو، جيڪو هي چاهين ٿا اهو نه ٿيندو، جڏهن ته پيپلزپارٽي ان معاملي ۾ نوازليگ جو ڪڏهن به ساٿ نه ڏيندي، موجوده صورتحال ۾ سياسي ڇڪتاڻ مناسب ناهي، ان مشڪل وقت ۾ سوچڻ گهرجي ته اسان جي سرحدن تي ڇا ٿي رهيو آهي، سمورين ڌرين کي پنهنجي ملڪ بابت سوچڻ گهرجي. دبئي موجود اڳوڻي صدر ۽ پ پ شريڪ چيئرمين آصف زرداري  انٽرويو ۾ واضاحت ڪندي چيو آهي ته نواز شريف معافين ۽ منٿن جا پيغام پيو موڪلي، پر بلاول سرچاءُ نه ٿيڻ بابت چئي ڇڏيو آهي.  نواز شريف پنجاب ۾ حصو ڏيڻ جي آڇ به ڪئي پر بلاول انڪار ڪيو. نواز شريف پرڏيهي مدد وٺي. پاڪستاني ادارن سان اٽڪي رهيو آهي. نواز شريف جي نااهلي سان جمهوريت تي فرق نه پوندو. نواز شريف وزارت عظميٰ لاءِ ڪلثوم نواز کي ايم اين اي بعد وزيراعظم چونڊرائڻ چاهي ٿو، جنهن بعد هو ان ذريعي حڪومت ڪرڻ چاهي ٿو. اهو قوم سان مذاق هوندو. گيلاني جي نااهلي خلاف ريلي ڪڍون ها ته نقصان ٿئي ها. اسان ادارن خلاف نه وڙهياسين. مير شڪيل سدائين پ پ خلاف رهيو پر اسان جيو جي دفتر تي حملو نه ڪيو. ڪجهه ماڻهو عهدن لاءِ ملڪ کي ڪمزور ڪن ٿا، افتخار چوڌري عهدي لاءِ ڇاڇا نه ڪيو. نواز شريف مني ٽريل نه ڏئي سگهيو. نواز شريف عوام کي رستن تي آڻڻ ۾ ناڪام ٿي ويو.

 

35 رپين جو تيل 80 رپين ۾ وڪرو….

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سيد خورشيد شاهه چيو ته ملڪ ۾ 80 سيڪڙو صارفين جو تعلق غريب طبقي سان آهي، ان جي باوجود حڪومت 35 روپيا ليٽر وارو تيل عوام کي 80 روپين ۾ وڪري رهي آهي ۽ غريب صارف کي 2 روپيا يونٽ واري بجلي 7 روپين ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي ۽ سي پيڪ جي سيڪيورٽي جي نالي تي صارفين کان 17 ارب روپيا وصول ڪيا پيا وڃن، حڪمران ڀلي غريب عوام جو تيل ڪڍي مٿي تي هڻڻ پر وار پوءِ به نه نڪرندا. اجلاس ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي 13 -2012ع جي پنج ڪروڙ روپين کان وڌيڪ رهتن جو جائزو ورتو ويو، آڊٽ عملدارن ٻڌايو ته اهڙن وڏن باقيدارن جي ذمي 246 ارب 90 ڪروڙ روپين جون رهتون آهن جيڪي فوت ٿي ويا آهن يا ڪاروبار بند ڪري هليا ويا آهن، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جون سڄي ملڪ ۾ نجي ۽ سرڪاري ادارن ڏانهن 246 ارب 90 ڪروڙ روپين جون بقايائون آهن، نندي پور پاور منصوبي ۾ دير سان 43 ارب روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو جڏهن ته پي اي سي 10 آڪٽوبر تائين نندي پور پاور منصوبي جي جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جڏهن ته بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جا ادارن ڏانهن رهيل بقايائن جي تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو ته مختلف سرڪاري ۽ نجي ادارن ڏانهن ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جا 246 ارب 90 ڪروڙ روپيا بقايا آهن، سڀ کان وڌيڪ 86 ارب روپيا ڪوئيٽا ريجن جي ذمي آهن، سکر ريجن 60 ارب، پشاور ريجن 60 ارب روپيا، لاهور ريجن 40 ارب روپين جون رهتون آهن، جيڪي جلد کان جلد وصوليون ٿيڻ گهرجن، پاڻي ۽ بجلي واري وزرات جو چوڻ هو ته 39 ڪروڙ روپين جي بقايائن جا ڪيس عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ جڏهن ته 10 ارب 20 ڪروڙ روپين جا ڪيس نيب وٽ آهن، آزاد ڪشمير حڪومت ڏانهن 6 ارب 29 ڪروڙ جا بقايا آهن، هڪ ارب 70 ڪروڙ وصولين جي ڪيسن ۾ بجلي به ڪٽي وئي آهي، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي سيڪريٽري نسيم کوکر ٻڌايو ته گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان اسان وزيراعظم کي تجويزون ڏنيون آهن، شفقت محمود چيو ته لائن لاسز ۾ گهٽتائي آڻڻ وزيراعظم جو نه ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جو ڪم آهي، 10، 10 مهينا ميٽر چيڪ ناهن ٿيندا پوءِ هڪدم لک روپين جو بل موڪليو ويندو آهي، پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري چيو ته اسان وٽ رڪوري جو باقاعده ميڪنزم موجود نه آهي جنهن سبب مشڪلاتون اينديون آهن، نيب عملدارن موجب ته نندي پور منصوبي جي جاچ منظوري جي لاءِ نيب ايگزيڪيٽو بورڊ ۾ پيش ڪئي وڃي، آڊٽ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته نندي پور منصوبي جي لاڳت ۾ 35 ارب روپين جو اضافو ٿيو آهي، دير سبب روينيو ۾ 7 ارب 32 ڪروڙ جو نقصان ٿيو آهي، دير سان مجموعي طور تي نندي پور پاور منصوبي ۾ 43 ارب 37 ڪروڙ جو نقصان ٿيو آهي، پي اي سي 10 آڪٽوبر تائين نندي پور پاور منصوبي جي حتمي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

 

اڳوڻي وزير اعظم جو جي ٽي روڊ جو سفر…

سيڪيورٽي خدشن کي نظرانداز ڪندي ميان نواز شريف اسلام آباد کان لاهور تائين جي ٽي روڊ تي سفر لاءِ نڪري پيو . اسلام آباد مان نڪرندڙ قافلي جي رفتار ايتري ته سُست نظر آئي جو اندازو اهوئي لڳايو پيو وڃي ته لاهور تائين پهچڻ ۾ کين ٽي کان چار ڏينهن لڳي ويندا. قافلي جي روٽ تي اسلام آباد پوليس، اسپيشل برانچ ۽ حساس ادارن جا اڍائي هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا. سيڪيورٽي پلان موجب فيض آباد تائين اسلام آباد پوليس کي ذميداريون نڀائڻيون هيون ۽ اُن بعد پنجاب پوليس کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻي آهي، جڏهن ته ايمرجنسيءَ جي صورت ۾ راولپنڊيءَ ۾ 4 هيلي پيڊ پڻ تيار ڪرايا ويا آهن. اُن کان علاوه پنجاب سرڪار 11 آگسٽ تائين جي ٽي روڊ کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد مان نڪرڻ وقت قافلي ۾ چڱو خاصو جوش ۽ خروش هو. جيڪو ڪالهه تائين ڪنٽينر سياست کي مُلڪ ۽ قوم لاءِ هاڃيڪار سڏي رهيو هو، اڄ پاڻ هو ڪنٽينر ۾ سوار آهي. ايترو ئي نه پر هو يوسف رضا گيلانيءَ خلاف آيل فيصلي کي به غلط ڪوٺي رهيو آهي. حالانڪه تنهن وقت هُو جوشِ خطابت ۾ يوسف رضا گيلانيءَ کي بنا دير گهر وڃڻ جو چئي رهيو هو. سندس اهڙين تقريرن جا ڪيترائي ڪلپس اليڪٽرانڪ ميڊيا تي بار بار ڏيکاريا وڃن پيا. مطلب ته ميان صاحب کي تڏهن ئي هوش اچي ٿو، جڏهن هُو پاڻ ڪنهن مسئلي جو شڪار ٿئي ٿو. پر شايد هن ڀيري اهڙي ادراڪ ۾ کانئس دير ٿي چُڪي آهي. پاڻي سِر تان گذري ويو آهي ۽ اڄ جيڪو ڪجهه ساڻس پيش اچي رهيو آهي، تنهن کي سندس مخالف مڪافات عمل ڪوٺين ٿا جو ماضيءَ ۾ هُو به پنهنجي مخالفن کي اهڙي ريت ئي گهر ڀيڙو ڪرائيندو رهيو آهي! هڪ اهڙي موقعي تي جڏهن نواز شريف کي وزارتِ عظميٰ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي، سندس خلاف ريفرنس داخل ٿيڻ وڃن پيا، اهڙي وقت ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟ ڇا واقعي به ميان صاحب عدالتن ۽ اسٽبلشمينٽ سان ٽڪراءُ چاهي ٿو يا اها پارٽيءَ کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش آهي؟ جيڪڏهن پارٽيءَ کي ئي منظم ڪرڻو آهي ته پوءِ اُن لاءِ ٻيا به ڪيترائي مثبت ذريعا ٿي سگهن ٿا، ڇو جو اڃا ڪيترائي مهينا اقتدار سندن هٿن ۾ آهي، انهيءَ عرصي دوران هُو پنهنجا واعدا پاڙي عوام کي اِهو ويساهه ڏياري سگهن ٿا ته سندن پارٽي ئي مُلڪ کي ترقيءَ جي راهن تي آڻي سگهي ٿي، مُلڪ کي قرضن جي ڌُٻڻ مان ڪڍي سگهي ٿي، بيروزگاريءَ جو خاتمو يقيني بڻائي سگهي ٿي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته مُلڪ ۾ توانائيءَ جو بحران ختم ڪري سگهي ٿي! انهن ڳالهين تي عمل ڪرڻ کان پوءِ کين ايندڙ چونڊن ۾ سوڀ لاءِ ڪا گهڻي جدوجهد ڪرڻي به نه پوندي، پر اقتدار هوندي به مخالف ڌر وارو ڪردار ادا ڪرڻ وارو عمل سمجهه کان ٻاهر آهي! جيتوڻيڪ هر ڪنهن کي جلسا، جلوس ۽ ريليون ڪڍڻ جو حق حاصل آهي، پر جيڪڏهن اهڙن عملن سان مُلڪي وهنوار متاثر ٿيڻ جو انديشو هُجي ته پوءِ ڪو به ساڃاهه وند ماڻهو اُنهن عملن جي حمايت نه ڪندو. ٻيو ته ميان صاحب جنهن رستي جي چونڊ ڪئي آهي، اُن تي سيڪيورٽي جا خدشا پڻ ٻُڌايا ويا آهن، جنهن ڳالهه کي نظر ۾ رکندي جيتوڻيڪ سخت اُپاءَ ورتا ويا آهن، پر پوءِ به جيڪڏهن ڪو حادثو پيش اچي ٿو ته اُن لاءِ ڪير ذميوار هوندو؟ پر شايد اسين پنهنجي مفاد ۾ سڀ ڪجهه وساري ويهون ٿا، اسان کي نه ته عوامي زندگين سان ڪو سروڪار هُجي ٿو، نه وري معيشت جي تباهيءَ جو ڪو الڪو، بس پنهنجا پانڌ بچائڻا آهن ۽ هر صورت ۾ اقتدار حاصل ڪرڻو آهي، انهيءَ خفت ۾ جيڪڏهن اصولن جي ڀيل ٿئي ٿي ڀلي وڃي ٿئي!

 

آرٽيڪل 62 ۾ ترميم جو اعلان….

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آئين جي آرٽيڪل 62 ۾ ترميم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آئين جي رٽيڪل 62 (1) ايف جي خاتمي لاءِ آئيني ترميم آندي ويندي ۽ ان ترميم جي لاءِ مخالف ڌر سان به ڳالهايو ويندو. اطلاعن موجب ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ان حوالي سان وڏي اڳڀرائي جو امڪان آهي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي خاتمي لاءِ حمايت ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف پاران پڻ انهن آرٽيڪلن جي خاتمي جي حمايت جو امڪان آهي ڇو ته عمران خان جي مٿان پڻ انهي شق جي حوالي سان نااهلي جي تلوار لٽڪيل آهي جنهن جي ڪري تحريڪ انصاف جي پڻ ان حوالي سان حمايت مجبوري آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز  شريف جي نااهلي کانپوءِ حڪومت آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي خاتمي لاءِ ڪيترن ئي ڏينهن کان سنجيدگي سان غور ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان مختلف سياسي پارٽين سان بيڪ ڊور چينل رابطا به ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي حڪومت ڪجهه ڏينهن ۾ ان جي خاتمي لاءِ اڳڀرائي ڪندي.

هڪ نجي ٽي وي کي انٽر ويو ڏيندي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته جيترو وڏو ليڊر هوندو آهي، خطرا به اوترائي وڏا هوندا آهن، جيڪڏهن سياست ۾ رهڻو آهي ته حالتن جو مقابلو ڪرڻو پوندو، سياست جو مقابلو سياست ۽ عوامي خدمت سان ظاهر ٿيندو آهي.  نواز شريف جو اسلام آباد کان لاهور وڃڻ احتجاج ناهي، هو پنهنجي گھر وڃي رهيو آهي. نواز شريف وزير اعظم جي ڪرسي تي ناهي پر پاليسيون ان جون ئي آهن.  وزارت عظميٰ لاءِ منهنجو نالو نواز شريف تجويز ڪيو هو، سڀني ڀليڪار ڪيو. مان 45 ڏينهن لاءِ آهيان يا 10 مهينن لاءِ فيصلو پارٽي ڪندي، جيترو عرصو پارٽي چوندي، ايترو عرصو وزيراعظم رهندس. منهنجو نالو وزارت عظمي ۾ آيو ته چوڌري نثار به ڀرپور حمايت ڪئي، هو ڪابينا ۾ ناهي پر سندس مڪمل حمايت حاصل آهي، توهان کي منهنجي ضرورت هجي ته حاضر آهيان. نواز شريف کي 30 سال وفاقي حڪومت جو تجربو آهي، سندس عالمي اڳواڻن سان لاڳاپا به سٺا آهن، آمريڪا سان لاڳاپا بهتر آهن ۽ وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، روس سان ڊگهي عرصي کانپوءِ لاڳاپن ۾ بهتري آئي آهي. وڏي ڪابينا نقصان نه پر فائدي واري آهي، پاڻي واري وزارت جي سخت ضرورت هئي، جيڪا اسان قائم ڪئي آهي، هلندڙ سال جي نومبر مهيني کان پوءِ بجلي جي لوڊ شيٽنگ نه ٿيندي، ماڻهن کي اهو وسري ويندو ته ملڪ ۾ لوڊشيٽنگ ٿيندي هئي، پيٽروليم ۽ پاور واري وزارت کي ضم ڪيو آهي. سياسي پارٽين وچ ۾ ميثاق معيشيت به هجڻ گھرجي.  جيڪي ماڻهو چاهين ٿا ته پاڪستان ترقي نه ڪري اهي سازشون ڪندا آهن، اڄ گارين واري سياست عام ٿي چڪي آهي، جنهن کي ڪير به پسند نٿو ڪري، ايندڙ عام چونڊن ۾ کين خبر پئجي ويندي. قطر ايل اين جي پيدا ڪندڙ وڏو ملڪ آهي، اسان قطر کان 2.75 بلين ٽن ايل اين جي وٺي رهيا آهيون، جيڪا ڀارت سميت ٻين خريد ڪندڙ ملڪن کان گھٽ اگھه تي ورتي وئي آهي.

 

اڳڪٿي سچ ثابت، وزير اعظم تبديل نه ٿيندو…!

مسلم ليگ ن جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي  چيو آهي ته ڇا ملڪ ۾ اهڙا جج آهن، جيڪي پرويز مشرف جو احتساب ڪري سگهن ۽ کيس سزا ڏين، اهو منهنجو سوال ناهي، بلڪه پاڪستان جي مستقبل جو سوال آهي، آئون عدالت تي دٻاءُ نٿو وجهان، پر گهڻن ڏينهن کان جي ٽي روڊ ناهي ڏٺو، آئون ته پنهنجي گهر وڃي رهيو آهيان، سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ملڪ ۾ آئين ٺهيو، پر ان جي باوجود به مارشل لا لڳندا رهيا، 1973ع کانپوءِ به آمر آيا، ڪوبه وزيراعظم پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهيو،  عدالت پهرين درخواست خارج ڪئي، پوءِ خبر ناهي ته ڪيئن قبولي ورتي، جي آءِ ٽي ۾ مخالفن کي وڌو ويو، ججن به پنهنجي آبزرويشن ۾ چيو ته مون تي ڪوبه الزام ناهي، نااهلي جو فيصلو ٿي چڪو هو، رڳو جواز ڳولڻو هو. وزارت عظميٰ کان مٿانهون ٿي ڪري قوم جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو. نوازشريف پهرين چيو ته ڪنهن کي پنهنجو وڪيل ڪريون ۽ ڪنهن کان انصاف گهرون، بعد ۾ چيو ته مون کي سسلين مافيا چيو ويو، ڇا مافيا ڪڏهن جي آءِ ٽي جي سامهون پيش ٿيندي آهي؟ پاڻ کي بحال ڪرائڻ  نه پر پنهنجي گهر وڃي رهيو آهيان، جنهن روڊ ميپ جي ڳالهه ڪئي آهي، ڇا اهو ٽڪراءُ آهي؟ پاڪستان جي درست رستي جو تعين 70 سالن ۾ به نه ڪيو ويو، مناسب ناهي ته ڪروڙين ماڻهو اوهان کي ووٽ ڏين ۽ پنج قابل احترام جج اوهان کي پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي نااهل ڪري ڇڏين. جيڪڏهن هڪ ادارو ٻئي اداري جو احترام نه ڪندو ته ان سان آئين جي پاسداري نه ٿيندي. فيصلي مان لڳو ته اڳ ئي منهنجي نااهلي جو فيصلو ٿي چڪو هو، رڳو ڪارڻ ڳوليو پيو ويو. اقتدار ۾ جيڪي گذريل چار سال گذاريا، اهي آئون ڄاڻان ٿو. پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر هڪ گرينڊ ڊائيلاگ هجڻ گهرجي. هڪ نئين پوليٽيڪل ۽ سوشل ڪانٽريڪٽ جي ضرورت آهي، گهڻن ماڻهن جي آءِ ٽي جي سامهون پيش نه ٿيڻ جو مشورو ڏنو هو، پر اهو تاثر نه پيو ڏيڻ چاهيان ته آئون احتساب کان ڀڄي رهيو اهيان، جيڪڏهن منهنجي دل ۾ چور هجي ها ته پاڻ کي احتساب لاءِ پيش نه ڪريان ها. نيب قانون جي خاتمي جو ارادو هو پر مون کي موقعو نه مليو، روزانو ٿيندڙ انهن تماشن کي هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي. ڇا ملڪ ۾ اهڙا جج موجود آهن، جيڪي مشرف جو احتساب ڪن ۽ کيس سزا ڏين، آئون حالتن جي خراب نه پر درستگي چاهيان ٿو. جيڪڏهن نظرثاني درخواست تي آئون بحال به ٿي ويس ته وزيراعظم نه بڻجندس، شهباز شريف پنجاب ۾ ئي رهندو. وڪيل خواجه حارث مون سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ نظرثاني پٽيشن تي ڳالهايو ويندو، آئون ڀڄڻ وارن مان ناهيان، حالتن کي منهن ڏيندس، مون کي عمران خان ۽ پي ٽي آءِ خلاف ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي، مون کي بحال ڪرڻ لاءِ نه بلڪه ناانصافي خلاف بيهڻو پوندو. مون هڪ جج پاران اڍيالا جيل بابت ريمارڪس ڏيڻ تي چيف جسٽس کي خط لکيو پر ڪوبه جواب نه آيو.

اڳوڻي وزير اعظم جي بيان مان سنڌ جي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ جي ڪيل پيشنگوئي سچي ثابت ٿي آهي، منظور وساڻ اچ چئي چڪو هو ته وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ئي رهندو ۽ شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير ئي رهندو، ڪا به تبديلي نه ٿيندي جيڪا سچي ثابت ٿي وئي.

 

مري کان پنجاب هائوس ۽ پوءِ جي ٽي روڊ…!

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته گهڻو سمجهي ويو آهيان، سدائين خاموش نه رهندس، سڀ ڪجهه ظاهر ڪندس، ميثاق جمهوريت تي اڃا به قائم آهيان، ملڪ بدري هڪ ٺوڪر هئي ڇا ڪير هڪ آمر جو به احتساب ڪري سگهي ٿو، ڇا آئين ٽوڙيندڙ کي به سزا ملي سگهندي، هڪ چونڊيل وزيراعظم کي پگهار نه وٺڻ تي نااهل قرار ڏيڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مذاق ٿي سگهي ٿو، مشرف مون سان اين آر او ڪرڻ ٿي چاهيو پر مون انڪار ڪيو، هاڻي ته کيس پاڪستان اچڻ جي به جرئت نه آهي، اڃا ته آئون صبر جو مظاهرو ڪري رهيو آهيان، آصف زرداري جي صدر بڻجڻ ۽ عهدو ڇڏڻ تي کيس عزت ڏني. جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سڀ توهان جي سامهون آهي، آئون گهڻو ڪجهه سمجهي رهيو آهيان ۽ چوڻ به چاهيان ٿو پر في الحال خاموش آهيان ۽ سدائين ته خاموش نه رهندس. مون کان ۽ ٻارن کان پڇيو پيو وڃي ته ڪهڙو پئسو آهي جيڪو ناجائز طريقي سان ڪمايو. دهشتگردي جو خاتمو ڪيو، اسان بلوچستان ۾ مفاهمتي عمل شروع ڪيو.جي ٽي روڊ تان لاهور وڃڻ جي خواهش هئي پر سيڪيورٽي وارن منع ڪئي آهي اڄ نه ته جلد ئي جي ٽي روڊ تان لاهور ويندس. اهڙو ڪو ڪم نه ڪندس جنهن سان معاشي ترقي متاثر ٿئي، اسان ڌرڻي جو جواب ان ئي انداز ۾ نه ڏنو. ميثاق جمهوريت تي اڄ به قائم آهيان، اڳوڻي صدر آصف زرداري جڏهن صدارت سنڀالي تڏهن به مون کيس عزت ڏني ۽ عهدو ڇڏڻ وقت به کيس عزت ڏنم. گذريل ڏينهن پرويز مشرف چيو آهي ته آمريت جمهوريت کان بهتر آهي، اسان ڪڏهن به ڪنهن جي نه توهين ڪئي نه گار ڏني. ڇا اسان ڍاڪا سانحي مان سبق ناهي سکيو. پرويز مشرف ايترو بهادر آهي ته پاڪستان ڇو نه ٿو اچي، هن مون سان اين آر او ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر مون انڪار ڪري ڇڏيو. ميثاق جمهوريت تي ميان رضا رباني، احسن اقبال ۽ اسحاق ڊار وڏي محنت ڪئي ۽ مون ان تي عملي طور تي ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ به آصف زرداري وٽ ويس. اڪبر بگٽي کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، ماڻهو آهستي آهستي سڀ ڪجهه سمجهي ويندا. في الحال ملڪ جي ترقي جي ڪري خاموش آهيان پر سدائين منهنجا چپ سبيل نه رهندا، ملڪ بدري هڪ ٺوڪر هئي ۽ انسان غلطين مان سکي ٿو. ڇا ڪو ڊڪٽيٽر جو به احتساب ڪري سگهي ٿو، ڇا ڪڏهن آئين ٽوڙيندڙن کي به سزا ملندي، عوام ڏسڻ چاهي ٿي ته ڪنهن آمر کي سزا ڪڏهن ٿي ملي، جيڪڏهن ڪنهن آمر کي سزا نه ٿي ملي سگهي ته پوءِ ڪهڙو نظريو آهي. نيب ۾ جيڪي ڪيس هلن ٿا اهي بدعنواني جا هوندا آهن ۽ هي پهريون ڪيس اسان جي والد ۽ ڏاڏا جي ڪمپني جي جاچ ڪندو. جڏهن اسان جي صنعتن کي تحويل ۾ ورتو ويو تڏهن آئون سياست ۾ نه هئس.