تازيون خبرون

Category Archives: مضمون

بنگالين جو قتل عام ۽ بنگلاديش جو قيام!: ڪامريڊمنان چانڊيو

اڄ کان 46 سال اڳ 16 ڊسمبر 1971ع تي دنيا جي نقشي تي هڪ نئون ۽ آزاد ملڪ بنگلاديش، نڪري نروار ۽ نموندار ٿيو، ۽ اهڙي ريت 14 آگسٽ 1947ع تي قائم ٿيل پاڪستان 24 سالن جي چئن مهينن ۽ ٻن ڏينهن واري ڦوهه جواني ۾ ٻه اڌ ٿي ويو. هتي افسوس جي ڳالھ اها پڻ آھي، ته جتي بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمان کي هڪ فوجي جنرل مشتاق احمد 7 آگسٽ 1975ع تي بنگالي قوم جي هيري کي قتل ڪرائي حڪومت تي قضبو ڪرائي ورتو. اتي وري 4 اپريل 1979ع تي اولھ پاڪستان کي مشڪل حالتن مان اڪاري نئين سر ترقي ۽ تعمير جي راهه تي گامزن ڪندڙ ذوالفقارعلي ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري مارشل لا راڄ مڙھي، کيس جنرل ضياءُ الحق عدالت هٿان قتل ڪرائي ڇڏيو. اسان جي نظر ۾ انهن ٻنهي عوامي اڳواڻن جي غير فطري وڇوڙي کان پوءِ اتان جي عوام کي انهن جهڙا معتبر ۽ محبوب ليڊر اڄ تائين ڪونه مليا آھن. جيتوڻيڪ شيخ مجيب الرحمان جي فوجي غاصبن جي وحشيت کان بچيل اڪيلي نياڻي شيخ حسينا واجد پنهنجي عظيم پيءُ جي شھادت کان پوءِ هن وقت تائين ٻه ٽي ڀيرا حڪومت سنڀالي آھي. ۽ ساڳي ريت ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي اعليٰ پائي جي سياستدان جي ڌيءُ پنهنجي والد جي شھادت کان پوءِ ٻه دفعا ملڪ جي اقتدار تائين رسڻ کان پوءِ نيٺ ان کي به قاتل قوتن شهيد ڪري ڇڏيو. ڪيڏي نه ستم ظريفي ۽ دردناڪ ڪهاڻي آھي، ته هڪ طرف شيخ مجيب جي پوري خاندان سواءِ شيخ حسينا واجد جي، کي قتل ڪيو ويو. ته ٻئي پاسي وري ذوالفقارعلي ڀٽو کي ٻن فرزندن، هڪ نياڻي سميت به بيدردي سان ماريو ويو. ۽ ھن جي گهرواري کي به اڻ سڌي طرح موت جي مونهن ۾ ڏنو ويو. چوڻ جو مطلب ته اڳوڻي گڏيل پاڪستان ۽ پوءِ اوڀر ۽ اولھ واري پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ مقبول سياسي ليڊرن کي فيملي سميت اتان جي ظالم ۽ جلاد قوتن مارائي ڇڏڻ کان پوءِ وڃي اهو سمجهو ته هاڻي انهن جو ناءُ نشان ۽ سياست ختم ٿي ويندي. پر اڄ تائين به انهن جي نالي ۽ ڪيل عوامي خدمتن جي عيوض سندن پارٽيون موجود آھن. خير اها ٻئي ڳالھ آھي ته اڄ به بنگلاديش ۾ شيخ مجيب جي پارٽي عوامي ليگ سندس ڌيءُ جي قيادت هيٺ حڪومت هلائي رهي آھي. ۽ اسان وٽ ڀٽو جي پارٽي کي سندس موجودهه محترمين ۽ معززين، پوري پاڪستان مان سياسي، حڪومتي ۽ تنظيمي لڏو کڻائي، اچي سنڌ جي ٻھراڙين تائين سو به ڀوتارن جي رحم ڪرم تي محدود ڪري ڇڏيو آھي. بهرحال ٻن سياسي اڳواڻن ۽ سندن گهراڻن جي ڏنل قربانين ۽ انهن جي سياست جي وارثن سندن ڪيترو قدر ڪيو ۽ ڀرم رکيو، اهو ڪنهن جي اکين کان اوجهل ناهي. پر پاڻ ڳالھ پيا ڪيون بنگلاديش جي قيام جي، ته اسان کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته اڄوڪي ڏينهن تي بنگلاديش جي باني ۽ بنگالي قوم جي هيري شيخ مجيب جي نياڻي ۽ بنگالي قوم سان، لکين بنگالين جي شھادت تي عذر خواهي ڪيون يا ملڪ جي قيام ۽ قوم جي آزادي تي کين مبارڪ باد ڏيون. ڇو ته ٻنهين واقعن جي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت آھي. ان ڪري ڀٽائي جي بيت جي هڪ سٽ، کين ارپيون ٿا.

ڏيکاريس ڏکن گوندر گس پرينءَ جو. يا گهوريا سک ڏکن ريءَ.

ڏٺو وڃي ته بنگلاديش جي قيام جا ته بظاهر ڪارڻ 1979ع جي اليڪشن ۾ شيخ مجيب جي پارٽي عوامي ليگ جي شاندار سوڀ کان پوءِ اقتدار اولھ کان اوڀر پاڪستان ڏانهن منتقل نه ڪرڻ هئا، پر ان کان اڳ ملڪ تي اردو ٻولي مڙھڻ واري سوال تي بنگالي قوم کي سخت اعتراز هئا. ان کان سواءِ اتان جي سياسي، اقتصادي، معاشي ۽ تعليمي مامرن تي به بنگالين کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪرڻ تي پڻ بنگالي اولھ پاڪستان، خاص ڪري پنجابي مهاجر لابي ۽ اسٽيبليشمنٽ جي روين تي کين تحفظات هئا. ان ڪري انهن پنهنجو ووٽ هڪ طرفو شيخ مجيب جي پارٽي کي ڏئي ڪامياب ڪري اقتدار جي منتقلي جي انتظار ۾ هئا، ته جيئن ھو پاءُ صدءَ کان وٺي گهڻائي ۾ هوندي به ٿورائي وارن جي حڪومتي، سياسي، انتظامي، معاشي، ٻولي ۽ ثقافتي حوالي سان ٿيندڙ ڏاڍاين ۽ بي واجبين جو ازالو ڪري سگهن. اها حقيقت هئي ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ ٻولي بنگالي هئي. جنهن جو تناسب 54 سيڪڙو هيو. جڏھن ته اردو جو ست سيڪڙو ۽ باقي ٻين قومن جهڙوڪ؛ سنڌين، پنجابين، بلوچن، پختونن ۽ سرائڪين جو تناسب لڳ ڀڳ 39 فيصد هيو. ته پوءِ اهو ڪيئن ٿي سگهيو پئي ته ست سيڪڙو وارث ٻولي 93 سيڪڙو وارين ٻولين تي مڙھي سگهجي؟ هڪ طرف ٻولي واري مامري تي بنگالين سان ايڏي ساري ناانصافي ٿي رهي هئي، ته ٻئي طرف وري هنن جي معاشي ڦر لٽ به چوٽان چوٽ ھئي.

اسان وٽ مثال طور تي بنگال جڏھن پاڪستان جي وحدت ۾ شامل ٿيو، ته ان جي سراسري ڪل پيداوار تيرنھن بلين کان وڌيڪ هئي. جڏھن ته اولھ پاڪستان جي يارنھن بلين رپين جي لڳ ڀگ هئي. ۽ جڏھن بنگال تي فوج ڪشي شروع تي ته بنگال جي سراسري پيداوار اولھ پاڪستان جي ڀيٽ ۾ گهٽ رهي. يعني بنگال جي جي ڊي پي 23 سالن ۾ تيرنھن بلين مان وڌي 20 بلين تي پهتي ۽ اولھ پاڪستان جي 11 بلين مان وڌي 27 بلين تي پهتي. جنهن مان صاف ظاهر هيو ته پاڪستان جي وحدت ۾ شامل ٿيڻ بعد بنگال جي معاشي ترقي جمود جو شڪار رهي. ۽ اولھ پاڪستان تيزيءَ سان ترقي ڪئي. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته اوڀر پاڪستان ۽ بنگالي قوم کي اولھ وارن هٿ وٺي پوئتي ڌڪي، هنن جي ٻولي ثقافت ۽ معاشي مامرن ۾ استحصال ڪري رهيا هئا. اهي ئي سبب هئا جو بنگالي قوم پنهنجي آئيني، جمهوري ۽ اقتصادي حقن جي حاصلات لاءِ آخري حد تائين وڃڻ لاءِ تيار هئا. هڪ طرف بنگالي قوم اولھ وارن جي وڌيڪ بالادستي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه هئا، ته ٻئي طرف اولھ وارن پڻ اهو پڪو پھ ڪيو هيو، ته اقتدار ڪنهن به صورت ۾ اوڀر وارن کي ناهي ڏيڻو.

اهڙي سنگين صورتحال هئڻ ڪري ڌرين ئي پنهنجي پنهنجي حساب ۽ طاقت کان بندوبست ڪري ڇڏيا هئا. بس پوءِ جڏھن چونڊن ۾ شيخ مجيب جي واضح اڪثريت هئڻ باوجود اقتدار منتقل نه ڪيو ويو ته بنگالين اهڙي عمل خلاف ڀرپور احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي، ۽ ان تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ 25 مارچ 1971ع تي پاڪستاني فوج ڍاڪا شھر تي ڪاهه ڪري هڪ رات ۾ گهٽ ۾گهٽ ست هزار شھرين کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو. اهڙي وحشياڻي حملي ۾ ڍاڪا يونيورسٽي جا 200 شاگرد هڪ ئي وقت قتل ڪيا ويا. جنهن وقت يونيورسٽي تي حملو ٿي رهيو هيو، ان وقت وري ٻيا فوجي دستا شھر جي ٻئي حصي ۾ پوليس جي هيڊ ڪوارٽرن تي ڪڙڪي پيا جنهن ڪري 11 سئو پوليس وارا پڻ قتل ٿيا. ڏٺو وڃي ته بنگلاديش جي آزادي واري تحريڪ ۾ لکين ماڻھو بيدردي سان ماريا ويا. هتي پاڻ ڪجھ ڏکوئيندڙ واقعن جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا. هڪ ڳوٺ ۾ پاڪستاني فوج ڳوٺاڻن کي چيو ته فوجي جوانن لاءِ رت کپي، ان کان پوءِ ۽ ڪيترين ئي ڳوٺاڻن کي کٽن تي سمهاري، کانئن ايتري تائين رت ڪڍڻ شروع ڪيو ويو، تان جو سندن سمورو رت وهي وڃڻ کان پوءِ اهي مري نٿي ويا. بنگلاديش ۾ جتي ماڻھن جو ڪوس ڪيو ويو، اتي وري اٽڪل ٻه لک اهڙيون عورتون هيون جن سان پاڪستاني فوجين ۽ انهن جي ڇاڙتن البدر ۽ الشمس وارن زوري زنائون ڪيون. جن کي وري پنهنجي مڙسن اهو چئي، ته توهان هاڻي اسان کان حرام ٿي ويون آهيو. ساڻن لاتعلقي جو اظھار ڪري ڇڏيو.

اسان هتي بنگالين جي ٿيل قتل بابت ڀٽو صاحب جا ڪجھ چيل الفاظ لکڻ ضروري سمجهون ٿا. ”اوڀر پاڪستان ۾ جيڪي ڀيانڪ واقعا ٿيا ۽ جا قيامت ٿي گذري، اهو سڀ ڪجھ هڪ خوفناڪ خواب پيو لڳي. اسان ان جو تصور ڪرڻ به نٿا چاهيون. مان وري ڪڏھن به اهو ساڳيو ماڻھون ٿي نه سگهندس، جيڪو انهن واقعن کان اڳ هيس. اڄ به اسين انهن ڳالهين جو سوچيون ٿا ته ننڊون ڦٽيو پون. اسين ڪي جهنگلي ڪو نه آهيون. اسان سڌريل انسان آهيون، پر اسان ڪن جهنگلين جي چنبي ۾ اچي وياسين. مون اول ئي شيخ مجيب کي ٻڌايو آھي، ته جو ڪجھ ٿيو آھي. ان تي اسان کي سخت افسوس آھي. انهن واقعن تي رڳو ويچار ڪرڻ سان به منهنجا لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن. جو ڪجھ ٿيو آھي. ان تي مون کي ۽ اسان سڀني کي ڏک رسيو آھي“ صدر پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽو. ڪئنيڊا جي براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن سان ڪيل انٽرويو. 23 جنوري 1972ع.

 

 

ٿر ڪوئلو عالمي سيڙپڪار لا۽ ڪراچي ڪيئن پُھچندو…!: فدا حسين ڪُٻر 

ٿر ڪوئلو پروجيڪٽ پنھنجي منزل تي ڪڏھن پُھچندو, ۽ آخر ڪيئن پُھچي سگھندو. خالي بلاڪس کي مختلف ڪمپنين جي حوالي ڪري ڇڏي ڏيڻ سان ڪوئلي مان حاصل ٿيندڙ بجلي جا ڌڻي ڪڏھن به نه ٿي سگھنداسون. پروجيڪٽس تي ڪيل مھاعدن مطابق ڪمپنين کي روڊن, رستن, ۽ ايئرپورٽس ۽ ٻين گذر لنگھن ۽ ٽرانسپورٽس جي سھولتُن سان اجاگر ڪرڻ پوندو ته جيئن ڪمپنيون روڊن رستن ذريعي آساني سان ۽ بنا ڪنھن مشڪلاتُن سان پنھنجي چونڊيل منزل تي پُھچي سگھن, تڏھن ئي ٿر ڪوئلو پنھنجي منزل تي پُھچي سگھندو.  ٿر جي ترقي ڪراچي جھڙي بندرگاھ جي حيثيت رکندڙ شھر کان سوا۽ ممُڪن ناھي. اُنھي ڪري ڪراچي ٿر ڪوئلي جي پروجيڪٽ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو. ڪوئلو ڪڍڻ جي لا۽ جيڪي مشينز استعمال ڪيو وينديون اُھي ڪراچي کان اسلام ڪوٽ ۽ پو۽ اسلام ڪوٽ جي رستن ذريعي ٿر جي مختلف علائقن ڏانھن منتقل ڪيون وينديون ۽ کوٽائي دوران استعمال ڪيون وينديون. جنھن ڪري حُڪومت جي لا۽ سڀ کان وڏو چيلينج روڊن ۽ رستن جي ھُجڻ پڻ درڪار ھُوندو.

مطلب ته ڪراچي کان اسلام ڪوٽ تائين سي-پيڪ جھڙا بھترين ۽ نوان روڊ کپندا ۽ پُڻ ننڍن ننڍن ڳوٺن ۽ شھرن مان ھيوي مشينُن جي گُذرڻ جي لا۽ بھترين روڊن جو پڻ بندوبست ڪرڻو پوندو. جيڪڏھن پاڪستان ۽ وفاقي حڪومت چائنا جي مدد ڪندي سي-پيڪ جھڙا روڊ ٺاھي ۽ ٺھرائي سگھي ٿي ته پو۽ ھڪ سو پنجھتر ارب ٽن ڪوئلي جي رقم کي حاصل ڪرڻ جي لا۽ اسان کي سي-پيڪ جھڙا روڊ ٺاھراڻا ئي پوندا جنھن ڪري مشينن پُھچائڻ ۾ آساني ٿيندي. عام طور تي ته ٿر ۾ روڊن جي ڪا به سھولت موجود ناھي پر جيڪڏھن روڊ ٺھيل به آھن ته اھڙا آھن جنھن تان کيکڙا ۽ اُٺ گاڏا ۽ ٻيون جيپون ۽ مقامي گاڏيون ئي ھلي سگھنديون, اُتان وزني گاڏين ۽ مشينن جو گُذرڻ انساني جانين جي لا۽ خطرناڪ ۽ رسڪي عمل ھُوندو! جنھن سبب اُتان وڏي مشينري جو لنگھڻ تمام مُشڪل ثابت ٿيندو. حڪومت جي اڳيان اُھو به ھڪ وڏو چيلينج آھي ته ٿوري وقت ۾ سُٺا روڊ ڪيئن ٺاھي سگھندي! ڇا حڪومت پاران ايتري مالي انڪم ۽ انويسٽمنٽ ڪئي ويندي!

عالمي سيڙپڪار ۽ ايمرجنسي جي لا۽ اسلام ڪوٽ ۾ انٽرنيشنل يا بين الاقوامي ايئرپورٽ جي پڻ ضرورت پوندي جتي ھنگامي حالتُن ۾ ڪنھن انجنيئر يا مشينري جي وقت تي پھچي وڃڻ جو انتظام ڪرڻو پوندو. اسلام ڪوٽ ۾ اڳ ئي ايئرپورٽ قائم ڪيو ويو آھي جنھن جو رنوي پڻ تياري جي آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چُڪو آھي. سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جيڪا بلاڪ ٽو ۾ موجود آھي ۽ ڪوئلو ڪڍڻ وري عمل کي جاري رکيو آھي. ياد رکڻ کپي ته ڪوئلو ڪڍڻ کان پو۽ بجلي پيدا ڪرڻ جي لا۽ پاور ھائوس قائم ڪيا ويندا, پاور ھائوس قائم ڪرڻ کان سوا۽ بجلي جي پيدائش ممڪن ناھي جنھن ڪري ڪمپنيون ڪوئلو ڪڍڻ کان پو۽ پاور ھائوس ٺاھينديون ۽ بجلي پيدا ڪرڻ جو مرحلو شروع ڪنديون. پر پاور ھائوس ۾ جيڪي بوائلرز استعمال ڪيا ويندا اُنھن جي لا۽ مٺو پاڻي ضرور استعمال ڪرڻو پوندو. جنھن لا۽ مٺي پاڻي جو بندوبست ڪرڻو پوندو جنھن سان سوا۽ پاور ھائوس نه ھلي سگھندا. افسوس ته ٿر ۾ پھريان ئي پاڻي جي شديد کوٽ آھي,

پوري ٿر منجھ پيئڻ جي مٺي پاڻي جي لا۽ حُڪومت جي پاران ڪجھ آرو پلانٽس لڳايا ويا آھن پر انھن آور پلانٽس جو پاڻي پيئڻ جي لا۽ ئي مڪمل نٿو ٿي سگھي ته بوائلرز کي ٿڌو ڪيئن ڪيو ويندو! بوائلرز کي ٿڌو ڪرڻ جي لا۽ گھٽ ۾ گھٽ سو ڪيوسڪ پاڻي کپندو جيڪو ڪٿان ايندو! سنڌ حڪومت کي مٺي پاڻي جو پڻ مُمڪن بندوبست ڪرڻو پوندو ته جيئن بوائلرز کي مٺو پاڻي پُھچائي بجلي ٺاھيندڙ پاور ھاوس کي محفوظ رکيو وڃين. اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي انجنيئرن جو چوڻ ھُيو ته ڪمپني 2019 تائين 660 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ واري حدف ۾ ڪامياب ٿي ويندي پر جيڪڏھن پاور ھاوس جي بوئلرز کي وقت تي مٺو پاڻي نه پُھچايو ويو ته انھي ڏنل حدف ۾ تاخير جو شڪار ٿي سگھي ٿو جنھن سبب بجلي پيدا ڪرڻ ۾ ڪافي مھينا اضافي لڳي سگھن ٿا. ھڪ ئي ممڪن رستو آھي ته ٿر اندر ڪجھ ٻيا آرو پلاٽس لڳايا وڃن ته جيئن اُنھن بوائلرز تائين ڪاميابي سان پاڻي پھچائي وقت تي بجلي پيدا ڪري سگھجي.

واضح ڳالھ آھي ته ٻين ڪيميائي شين کي صاف ڪرڻ ۽ انھن جي استعمال جي لا۽ پاڻي جو ھُجڻ نھايت ضروري آھي. ڪوئلو ٿر جي ريگستان جي مختلف علائقن اندر زيري زمين ھڪ سو چاليھ ميٽرن جي اونھائي تي ملندو جنھن جي کوٽڻ کان پو۽ ئي ڪوئلو نڪرڻ شروع ڪندو, پر اُھو انھي وقت تائين استعمال نه ٿي سگھندو جيستائين پاور ھاوس ڪم ڪرڻ شروع نه ڪندا ۽ پاور ھاوس تڏھن ڪم ڪرڻ شروع ڪندا جيستائين انھن جي بوائلرز کي مٺو پاڻي فراھم نه ڪيو ويندو! ٿر ۾ مٺي پاڻي جو پُھچڻ ئي ڪوئلي پروجيڪٽ جي شروعات ھُوندي سنڌ حڪومت کي مٺي پاڻي جي ھڪ ڪيوسڪ جي فراھمي ڏيڻي پوندي ته جيئان ڪوئلي مان آساني سان بجلي پيدا ڪئي وڃين. باقي اڄ جي مضمون جو اھم نختو آھي ته ڪراچي کان اسلام ڪوٽ ۽ اسلام ڪوٽ کان ڪوئلي جي کاڻين تائين سفر ڪيئن ٿيندو…..! سنڌ سرڪار کي سي-پيڪ جھڙا ڪارائتا روڊ ٿر جي ٻاھرين رستن ۽ اندرين رستن تي ڪوئلي جي کاڻين تائين ٺاھڻا پوندا, اسلام ڪوٽ ۾ بين العقوامي ايئرپورٽ پڻ ٺاھڻو پوندو پو۽ ئي عالمي سيڙپڪار ڪراچي پُھچي سگھندي…!

 

انجامِ ئي گلستان ڇا ٿيندو؟: جاويد ڪنڀر

وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ وڏ وزارت جومسند سنڀالڻ سان گڏ سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي جو اعلان ڪيو ته ڪنهن حد تائين دل کي دلاسو مليو ته هاڻي حڪمرانن کي تعليم جو اونو ٿيو آهي هاڻي سنڌي سماج به علم جهڙي انس سان پنهنجو من منور ڪندو پر تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر جي اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي پاس استادن کان ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ ۽ ڪانٽريڪٽ وڌائڻ واري بيان تعليم واري ايمرجنسي کي بي نقاب ڪري ڇڏيو پيغمبرانه پيشي جا پاڌئيڙا سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي نڪري آيا هي هُن شعبي جا شيدائي آهن جنهن شعبي تي ناز ڪندي سرور قونين حضرت محمدﷺ جن فرمايو “ آئون دنيا ۾ معلم ڪري موڪليو ويو آهيان” پر سنڌ جا معلم پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ روڊن تي دربدر ٿي رهيا آهن دنيا جون ترقي يافته قومون پنهنجن محسن استادن تي ناز ڪنديون آهن انهن جي ضرورتن جي پورائي لاءِ پاڻ پتوڙينديون آهن پر اسان وٽ گنگا الٽي ٿي هلي جنهن کي ڳالهائڻ لاءِ ڪو موضوع نٿو ملي هو استادن تي تنقيد جا تير وسائڻ شروع ڪندو آهي هي ته اهي استاد آهن جن جي سامهون سڪندر اعظم سموري دنيا جو فاتح محڪوم بڻجي چوي ٿو “مون کي مائيٽن آسمان کان زمين تي آندو پر منهنجي استاد مونکي زمين کان آسمان تي پهچايو” سنڌ ۾ تعليم صحت ۽ پوليس جو شعبو سياسي آشرواد هيٺ رهيو آهي انسانن جون جيڪي بنيادي ضرورتون آهن اهي سياسي هٿن ۾ يرغمال رهيون آهن هر موقعي ۽ مهل تي انهن سان پنهنجي منشا آهر کيڏيو ويو آهي اهوئي سبب آهي جو گپل عرصي گذرڻ بعد به تعليم صحت ۽ پوليس جهڙا شعبا پنهنجي پيرن تي بيهي ناهن سگهيا. دنيا جا ڏاها انهي ڳالھ جو اقرار ڪن ٿا ته جنهن قوم کي دنيا جي نقشي تان مٽائڻو هجي انهي قوم جي تعليم کي تباھ ڪيو قوم پاڻهي پساھ ڏيندي اسان جو تعليمي سسٽم به اڌاري آڪسيجن تي هلي رهيو آهي اڌاري آڪسيجن مان جان آجي ڪرڻ لاءِ ڪيترائي نوان تجربا ۽  طريقا رائج ڪيا وڃن ٿا پر اهي سڀئي طريقا ڌڙ ريڊو سسي ٻاڪري وانگي ٻيهائي ۽ ٺڳي تي ٻڌل هوندا آهن جئين تازو وزير تعليم مهتاب ڏهر اين ٽي ايس پاس استادن کان ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ ۽ عرصي وڌائڻ وارو پاليسي بيان ڏنو سنڌ جي استادن سراپا احتجاج بڻجي ٻيهر ٽيسٽ وارو بيان واپس وٺن تي مجبور ڪيو پر ڪانٽريڪٽ وڌائن واري بيان تي وزير اڃا قائم آهي ۽ انهي جي خلاف اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي پاس استاد روڊن تي سراپا احتجاج آهن هاڻي هڪ وسيع نظر جو جيڪڏهن جائزو وٺون ته انهن بيانن ۽ احتجاجن جو نقصان سنئون سڌو سنڌ جا شاگرد ڀوڳي رهيا آهن هن وقت اسڪولن ۾ نصاب پورو ڪيو ويو آهي اسڪولن ۾ امتحانن،  پنجين ۽ اٺين ڪلاس جي شاگردن کان آءِ بي اي جي اداري طرفان ورتي ويندڙ  اسٽينڊرائيزڊ اچيومينٽ ٽيسٽ جون شاگرد تياريون ڪري رهيا آهن انهي قيمتي گهڙي ۾ استاد بي چيني جو شڪار آهن اهي شاگردن تي ايتري توجھه نه پيا ڏئي سگهن انڪري شاگردن جي پڙهائي پڻ متاثر ٿي رهي آهي استاد مايوسي جو شڪار آهن ڇو ته اهي نج ميرٽ تي ڀرتي ٿيل استاد آهن مختلف وقتن تي انهن کي پريشان ڪيو ويو آهي سنڌ يونيورسٽي پاس اٺن سالن کان پڪا ٿيڻ جي اوسئيڙي ۾ پنهنجيون تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن پر اڃا پڪا ٿي ناهن سگهيا انهي عرصي دوران ڪيترائي استاد گذاري ويا آهن پر انهن جي پوئنيرن کي ڪوبه مالي فائدو نه ملي سگهيو آهي اين ٽي ايس پاس استاد به ٽن سالن کان ساڳئين پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن انهن جي تبادلي تي به پابندي لڳل آهي سنڌ جي وزير اعليٰ ۽ وزير تعليم کي واقعي ۾ سنڌ جي تعليم جو اونو آهي ته انهن استادن کي پڪو ڪري بي چيني ختم ڪئي وڃي ته جئين اهي استاد تدريسي ذميواريون احسن طريقي سان سرانجام ڏئي سگهن.

 

پنڻ کي پيشو بنائيندڙ پينو فقير : ماهم سنڌي / ميرپورخاص

غربت کان  وڏي ڪا مجبوري ناهي ۽ بک کان وڏو ڪو مذهب ناهي . چون ٿا ته بکايل پيٽ جو دين ڌرم صرف ماني آهي . ان حوالي سان سنڌي چوڻي آهي ته “ بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري “ . بک ۽ مفلسي اهڙي آفت جو نانءُ آهي جيڪا ، انسان کي ايترو ٿي مجبور ڪري جو هو حدون اورانگهڻ ۾ ويرم ناهي ڪندو . غربت سبب اڻ ڳڻت سماجي مسئلا سماجي جوڙجڪ کي منجهائين ٿا ، جنهن سان سماج تي منفي اثر پون ٿا . هڪ صاف سُٿري هوا وانگر سماج به تڏهن آلودگي جي زد ۾ اچي  وڃي ٿو ، جڏهن ان ۾ غربت ، لاچاري ، جاهليت جا زهريلا عنصر شامل ٿي وڃن ٿا .

اوهان سڀن پنهنجي گهر  ۾ ايندي ويندي توڙي ٻاهر ، روڊ رستن تي ، بازارن ۾  پينو فقير عام جام ڏسندا ھوندا ، جيڪي پنهنجي الڳ ئي طريقي سان اوهانکي پنهنجا ڏک ڀريا داستان ٻڌائين ٿا . اهي پاڻ کي رحم جي قابل بڻائي اوهانکان هٿ ٻڌي جهولي جهلي خيرات پني رهيا هوندا آهن . اهي رب ۽ ان جي آخري نبي  حضرت محمد صه جا واسطا به ڏيندا ،  گڏوگڏ اهي اوهانکي بيشمار دعائون ڏئي پڻ پنندا آهن . ڪڏهن حج ۽ عمري ڪرڻ جون دعائون ، ڪڏهن پٽ جي اولاد جو دعائون ، ڪڏهن دولت جون دعائون ڏئي اهي اوهانکي هرڪائيندا ته جئين اوهان خوش ٿي ان جي جهولي ۾ ڪجھ وجهو. گهرن ۾ لنگهي ايندڙ نقاب پوش يا بنا نقاب جي اڪثر عورتون پينو فقير ٿي داخل ٿين ٿيون ، اهي پنهنجو رئو ڦهلائي هٿ ٽنگي  5 روپي جي سڪي توڙي پراڻي ڪپڙي ،  پراڻي  جوتي ۽ اٽي لاء منٿون پيون ڪنديون آهن . ان کان علاوه ٽريفڪ سگنل تي يا ميلن ۾ درگاهن ٻاهران ، بازارن ۾ خريد  فروخت جي جاين تي ، مسجدن جي ميڙاڪن ۾ ، هوٽلن ۽ اسپتالن ٻاهران پينو فقير اچي گهيرو ڪندا آهن ، جن  ۾ ٻار  نوجوان ۽ بزرگ  وڏي تعداد ۾ شامل هجن ٿا . افسوس ته بزرگ مردن سان گڏ عورتون به هونديون آهن جيڪي صحيح طريقي سان نه ڏسي سگهن ٿيون نه ئي انهن جي جسم ۾ ايڏي طاقت هجي ٿي ته هلي ڦري سگهن .  پر ان هوندي به هو وڏو آواز ڏئي ، هٿ ڦهلائي گهرنديون رهن ٿيون .
اهو اسانجي معاشري جو هڪ وڏو  منجهيل مسئلو آهي . جئين ڪوڙيئري جي ڄار ڀت تي ور وڪڙ ٺاهي ڌاڳن کي منجهائي ٿي ، تئين ئي اهو مسئلو به اڃا تائين منجهيل ۽ سمجھ نه ايندڙ آهي . عقل اها ڳالھ تسليم ڪرڻ کان ئي لنوائي ٿي ته ڇو آخر هٿن پيرن ،  اکين ڪنن ، هواش حواس ، عقل سمجھ سان نوازيل ماڻهو ٻين اڳيان پنهنجا هٿ ٽنگي عزت و آبرو وڃائيندا رهن ٿا  . انهن کي ڪٿي ڇڙٻ ، ڪٿي دڙڪو داٻو ، ته ڪٿي ڌڪا ، ته ڪٿي گار ملندي رهي ٿي ، جيڪا هر گهڙي هر روز جي بيعزتي هوندي آهي . اهي پينو فقير نڪ جي پڪائي سان ان کي روزگار جي حاصلات لاء لازمي  سمجهندي ڪو شرم محسوس ناهن ڪندا ۽ چپ چاپ صرف انهي لاء برادشت جي مادي کي پنهنجي رويي ۾ لامحدود جڳھ ڏين ٿا ، جئين سامهون وارو اسان جي  هيڻي حال تي رحم کائي خيرات ڏئي . جيڪي ماڻهو جسماني معذور آهن خدا جي ڪنهن نعمت کان محروم آهن ، اهي لاچار ٿي اگر هر ايندڙ ويندڙ سامهون هٿ ڦهلائن ٿا ته اڃا ڪجھ سمجھ ۾ اچي ٿو پر ڪيڏي نه بُري ڳالھ آهي جو چاڪ چڱا ڀلا ماڻهو به پنندي لڄي ناهن ٿيندا .  حالانڪه معذورن  کي به گهرجي ته پنهنجي جسماني قوت آهر ڪو هُنر سکي وٺن جنهن سان عزت سان ڪمائي ڪري پيٽ گذر ڪن . اسان ٽي وي تي ٻاهرين ملڪن توڙي پنهنجي سنڌ اندر به ڏسون ٿا ته معذور ماڻهو پڻ ڪو نه ڪو هُنر سکي ، ان سان پيٽ گذر ڪري رهيا هوندا آهن ، اهڙن خوددار  ۽ خوداعتمادي رکندڙ ماڻهن تي اسانجو سماج فخر ڪري ٿو . ضلعي عمرڪوٽ سان تعلق رکندڙ غريب خاندان جي ڄائي آسو ڪولهي جي سپر پاور ملڪ آمريڪا ۾ ايڏي عزت افزائي نه ٿئي ها جيڪر هو معذوري کي لاچاري سمجهي پنهنجي صلاحيتن کي دٻائي ڇڏي ها . بيشڪ هو هڪ ٽنگ کان معذور هئي پر عقل سان گڏ خوداعتمادي ان جي شخصيت اندر جهجي مقدار ۾ شامل هئي ۔  اسانجي معاشري ۾ ننڍي کان ننڍي مزدوري ۽ پگهر وهائي پئسا ڪمائڻ هڪ عزت وارو مقام عطا ڪري ٿو . هر ڪنهن جي وات ۾ هوندو ته غريب سريب ئي سهي پر محنت ڪري پنهنجي حق حلال جي روزي ڪمائي پاڻ به کائي ٿو ته ، ٻچن جو به پيٽ ڀري  ٿو . پر اڄڪلھ پنڻ وارن فقيرن جي انگ اکرن ۾ اضافو آيل آهي . گهڻيون ئي عورتون يا ته پٽ ۽ ڌي جي موتمار بيماري جو ذڪر ڇيڙي روئي پننديون ، ڪي وري ائين چونديون ته سندن مڙس نشي ۾ ڌت رهي ٿو ۽ کيس ڪمائڻ وارو ڪو ناهي سو مجبوري هن کان اهو ڪم ڪرايو آهي . گهڻن ماڻهن پننڻ ، خيرات گهرڻ کي روزگار جو ذريعو پڻ بڻائي ڇڏيو آهي جنهن ڪري اصل معذور ۽ خيرات جا حقدار پنهنجي حق کان محروم رهجي وڃن ٿيا . آبادي جي واڌ ، ان مٿان ڌارين جي داخلا ،  وسيلن جي کوٽ ۽ تعليم جي اڻ هوند سبب جئين جاهليت پکڙي آهي تئين اسانجي سماج ۾ اها  بيماري ناسور بڻجندي پئي وڃي ، جنهنکي روڪڻ لاء ڪٿي ڪو اقدام کڄندي نظر نه پيو اچي . ٻين آڏو هٿ ٽنگڻ کان هزار دفعا سٺو آهي ته انهن پينو فقير مرد عورتن کي گهرجي پاڻ لاء ڪنهن ننڍي وڏي مزدوري جي تلاش ڪن . ڏهاڙي محنت ڪري شام جو عزت سان پئسا هٿ ۾ کڻي ، ڳاٽ اوچو ڪري هلن جئين معاشري ۾ عزت جو ڪو مقام حاصل ڪري سگهن ۽ ڪنهن کي جُرت نه ٿئي ته انهن کي ڪو دڙڪو به ڏئي  .

سنڌ صوبي ۾  جتي اڻ ڳڻت اقتصادي ، سماجي ، اخلاقي مسئلا ڪَر کنيو بيٺا آهن اتي پينو فقيرن جي پڻ هڪ وڏي تعداد روزمره جي مشاهدي ۾ اچي ٿي . عورتن مردن ۽ ننڍن ٻارن جو وڏو تعداد روڊن رستن تي هٿ ٽنگايو بيٺو هوندو آهن . ان کان علاوه صوفين ۽ بزرگن جون درگاهون هجن توڙي ميلا هجن ، شاھ عبدالطيف ڀٽائي جو ميلو هجي يا قلندر جي دهمال هجي  ،  مارڪيٽ هجي يا ٽول پلازه هجن ،  بس اسٽاپ ريلوي اسٽيشن هجن، ٽريفڪ سگنل جي بيهڻ وارو هنڌ ، مطلب چئبو ته هر اهو هنڌ جتي ماڻهن جو ننڍو وڏو ميڙاڪو هوندو اتي پينو فقير پڻ موجود نظر ايندا .  وڏين پارڪن ۽ چڙياگهرن ٻاهران پڻ اهي پنڻا ڏسڻ ۾ ايندا . ڪجھ سال اڳ منهنجو سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جي درگاھ تي وڃڻ ٿيو . يقين ڪيو ته ٻاهرين دروازي کان اندر مزار جي احاطي تائين پهچندي 10 کان وڌيڪ پينو فقيرن گس روڪيو ۽ مختلف بهانن سان پئسا گهرندا رهيا . پينو فقير انهي ذريعي سان پنهنجو اخلاقي قدر ۽ عزت پڻ وڃائن ٿا پر انهن کي پڻ چيڙائي ٿا وجهين جيڪي انهن جي لاچاري تي رحم کائيندا آهن .  جيڪو رحم انهن جي غربت لاچاري ۽ معذوري ڏسڻ سان اچي ٿو سو به هو ائين ايندڙ ويندڙ کي تنگ ڪري وڃائي ٿا ڇڏين . انهن کي ننڍن وڏن واٽهڙن جي ڏنگائي توڙي ڪاوڙ کي چپ چاپ پئيڻ  سان ڪو عار محسوس ناهي ٿيندو ، ڇوته انهن کي اهو سڀ ٻڌڻ لاء ۽ سهڻ لاء روزانه منٽ منٽ ۾ ملي ٿو . نتيجي ۾ صرف 5 رپين جو سڪو يا وڌ ۾ وڌ 10روپين جو نوٽ هٿ لڳندو آهي . باقي گهڻا تڻن کي ٺونشا ئي پلئي پوندا آهن .

چون ٿا هر انسان ۾ ڪا نه ڪا صلاحيت هجي ٿي . جيڪي عورتون مرد جسماني طور هر نعمت سان بخشيل آهن ۽ هٿ پير توڙي ٻڌڻ ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ جي سگهه رکن ٿيون ، ته  اهي بيشڪ ان ڳالھ جا قابل آهن ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان روزگار سان لڳي وڃن . هر انسان ۾ ڪا نه ڪا تخليقي صلاحيت ۽ قابليت هجي ٿي ۽ انهي جي آڌار تي اگر اهي محنت ڪري ڪنهن ڪم سان لڳن ته انهن کي سماجي برابري ملڻ سان گڏ ، سماج ۾ عزت و آبرو به ملندي .  هٿ ٽنگائڻ بدران محنت ڪرڻ سان اهي هر روز ذليل ۽ خوار ٿيڻ کان بچي پوندا . پنڻ کي ڌنڌو ٺاهڻ وارن کي ايترو ته سوچڻ گهرجي ته جيڪو ڌنڌو ڏينهن رات سواء ذلالت جي ٻيو ڪجھ نٿو ڏئي ان کي اپنائڻ جو ڪهڙو فائدو؟ اگر اسان جا هٿ پير سلامت آهن ته محنت مزدوري ڪري حق حلال جي روزي ڪمائي پڻ کائي سگهون ٿا . ميڊيا جي رپورٽن موجب  پينو فقيرن جو پنڻ انفرادي نه بلڪه اجتماعي ڌنڌو هوندو آهي . پينو فقيرن جا مختلف ٽولا ۽ ٽيمون هجن ٿيون . انهن وٽ الڳ الڳ علائقا ورهايل هوندا آهن ۽ هر ڪو پنهنجي علائقي ۾ خيرات پني ۽ سڄي ڏينهن جي خواري بعد جمع ڪيل رقم هڪ هنڌ گڏ اچي رکندو . پوء  ٽولن جا سربراھ ان جي ورهاست ڪندا ۽ وڌيڪ نفعو پاڻ کڻندا . ائين پنڻا هڪ ڪاروبار طور صبح کان رات تائين ڊيوٽي سمجهي روزانه ڪندا رهندا آهن . ڪجھ هنڌن تي اهي پڻ انڪشاف ٿيا آهن ته ظالم صفت ماڻهو پئسن جي ڪمائي خاطر ننڍا ٻار اغوا ڪري انهن کي معذور بڻائي ، روڊن رستن تي ۽ بازارن ۾ ويهاري ٿا ڇڏين جئين هو ڪمائي ڪري سگهن . حقيقتن کي سامهون آڻجي ته افغان جنگ بعد پاڪستان ۾  پناھ  وٺندڙ پٺاڻ افغاني پناهگير پڻ غربت سبب وڏن شهرن ۾ ڦهلجي پنڻ کي ڪمائي جو ذريعو بنايو بيٺا آهن جنهن جو مرڪز ڪراچي  جهڙو وسيع ۽ ويڪرو شهر آهي  . سماجي اڳواڻن موجب اهي پينو فقير وڏي تعداد ۾ پنجاب کان پڻ آيل آهن ۽ گهڻو رخ ڪراچي جي شهر ۾ ڪن ٿا . چيو وڃي ٿو ته غربت بي روزگاري پنڻ جو سبب بڻجن ٿا ، پر اها ڳالھ حيرت ۾ پڪ سان نه وجهندي ته پنڻ به هڪ ڌنڌو سمجهيو وڃي ٿو . پينو فقيرن جا مافيا گروپ پنهنجي ورهايل علائقن جي سطح تائين هر وقت سرگرم رهندا آهن . پني ايندڙن جي روزاني جي خيرات جو  60 سيڪڙو سربراھ پاڻ کڻن ٿا . اهو ڳجهي طريقي سان وڏي پيماني تي هلندڙ ڪاروبار  آهي . ڪجھ سال اڳ جي هڪ رپورٽ موجب پاڪستان جي شهري آبادي ۾ 25 ملين تائين پروفيشنل پنڻا آهن جيڪي خطرناڪ حد تائين انگ اکر آهن .  شهر ڪراچي سميت پينو فقيرن جا وڏا ننڍا گروھ  هر شهر ۾ موجود آهن  . بلڪه ڳوٺاڻي آبادي ۾ به ساڳي ڪار آهي .  هاڻي ته ايتري انتها ٿي ويئي آهي جو گهر گهر تائين اهي گروھ هڪ هڪ ٿي ڪري وڃن ٿا . عورتون ته گهرن اندر وڃي پنهنجا مسئلا ٻڌائي هنجون هاري انسان جذباتن کي اڀاري پڻ پئسا گهرن ٿيون . اهي عورتون وري ڪڏهن گهرن اندر ڌاڙا  به هڻين ٿيون ۽ چوري به ڪن ٿيون . لاچار ۽ بيوس توڙي معذور انسانن کي ڏسي ته آئون رب جي آڏو توبهه ڪندس . آئون ڪنهن به طريقي سان انهن تي تنبيھ نه پئي ڪريان .  پر جيڪي لاچاري مجبوري ۽ بي وسي کي نهايت ئي ڪريل انداز ۾ استمعال هيٺ آڻين ٿا اهو انسانيت تي هڪ ڪارو داغ  آهي  . اهو هڪ عام مسئلو ناهي بلڪه  هاڻي ڪوڙهه جو مرض بڻجندو پيو وڃي ، جنهنجي روڪٿام لاء اڃا تائين ڪا واضح حڪمت عملي ٺاهڻ ته پري جي ڳالهه پر سوچ ويچار کان به پاسو ڪيو ٿو وڃي . ڪجهه پينو فقيرن مطابق اُهي پنهنجي اولاد کي به پنڻ سيکاريندا آهن ۽ ڪي ته ائين پڻ چوندا اهو پنڻ اسانجي خانداني ميراث آهي ۽ اسين پنهنجي ابن ڏاڏن کان وٺي پنندا پيا اچون ، سو مرڻ جا مري وينداسين اها روايت نه ڇڏينداسين . ڪجھ وقت اڳ ائين ئي هڪ پينو عورت  منهنجي گهر آئي . ان جي ڪلهي تي پيل ٽڪرين سان ٺهيل ڊزائين واري گودڙي ڏسي سوال ڪيم  ته : “ اوهان اها خاص ڪري پنڻ لاء گودڙي ٺاهي آهي جئين اوهان کي  اٽو يا ٻيو جيڪو ڪجهه خيرات ۾ ملي سو ان ۾ وجهندا وڃو ؟ “ ۔
ان مائي جو جواب انتهائي اچرج ۾ وجهندڙ هيو . مرڪي ٻڌائڻ لڳي  : “ اها پنڻ لاء گودڙي مونکي ڏاج ۾ مائٽن ڏني هئي ، ڇوته اسان جا وڏا ڀلي کڻي مزدوري ڪن پر پنندا ضرور آهن “ .  وڌيڪ پڇيم ڇا تون پنهنجي ڌيئرن کي ساڳي گودڙي ڏيندي ؟ چوڻ لڳي : “ هائو ! بلڪل . منهنجيون پنج ڌيئرون آهن ۽ هر ڌيءَ جي شادي تي ان کي ڏاج ۾ اها گودڙي لازمي ڏيندس . ڇوته اهو اسانجي برادري ۾ قديمي رواج آهي جيڪو آئون پڻ ادا ڪندس .“  ان مائي جو تعلق ٿرپارڪر سان هيو . ان جي ڳالهين ته منهنجي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون ته رواج ۽ رسم جي نالي ته ڪهڙي جهالت جي اونداهه امڪاني طور ٻرندڙ علم  ۽ شعور جي شمع کي آساني سان وسائي رهي آهي .  ان جو اثر فقط هڪ قبيلي تي ناهي پر ان جي ڪري هر عام انسان جيڪو روز صبح جو ٻاهر نڪري ٿو سو ڀوڳي ٿو .
پنڻن جي هڪ ٻي به بنھ خراب عادت موڊ کي بگاڙيندڙ هوندي آهي . اُهي پٽ پاراتا ۽ بد دعائون ڏئي پڻ ذهن تي منفي اثر وجهين ٿا .  ڪيڏو نه غلط آهي ته خيرات ڏيو تڏهن به مسئلو ، نه ڏيو پوء به پٽون پاراتا ۽ بدعائون جهلو .  اسان اگر ان قابل آهيون ته عزت وارو روزگار ڪمائي پيٽ پالي سگهون  ٿا ته آخر اهڙو طريقو ڇو ٿا اپنايون جنهن ۾ رڳو نفعرت ۽ بيعزتي پلئه پوي ٿي .

ان حوالي سان ملڪ جي قانون ۾ ڏسون ته پڻ حل ڏنل آهي ۽ ڪجھ نقطا اهڙا آهن جن تي عمل جي ضرورت آهي  . پر هتي قانون انڌو ئي نه بلڪه ٻوڙو گونگو ۽  معذور به آهي جنهنڪري اهو ڪجھ ڪرڻ کان لاچار آهي . خانه بدوش ۽ بي گهر ماڻهن جي ايڪٽ 1958 جي سيڪشن 7 ۾ صاف ڏنل آهي ته مقامي پوليس کي اهو اختيار حاصل آهي ته هو پينو فقيرن کي رش وارن جڳهين تي بيهڻ کان روڪڻ جو قدم کڻي . سنڌ چائلڊ ايڪٽ 1955 جي سيڪشن 49 موجب  اگر ٻارن کان مزدوري ڪرائي وئي يا زوري پينو فقير بڻائي رستن تي بيهاريو ويو ته ان تي سزا لاڳو ٿيندي . پنڻ تي ٽي سالن تائين جي سزا پڻ مقرر ٿيل آهي .
ان پنڻ جي ڪم لاء پنجن کان 10 سالن تائين جا معصوم ٻار وڏي تعداد ۾ استمعال ٿين ٿا .  انهن ٻارن مان گهڻا تڻا زبردستي ويهاريا وڃن ٿا . اغوا ڪرڻ وارن جا گروھ لالچ ۾ انڌا ٿي انسانيت جي حدن جا ستئي سمنڊ پار ڪري ٻار کي جڏو ڪري ٿا ڇڏين ۽ پوء ان ڌنڌي سان لڳائي ٿا ڇڏين . پاڪستان ۾ وڌنڌڙ دهشتگردي سبب اهي پڻ حقيقتون ظاهر   ٿيون آهن  ته دهشتگرد  پينو فقير جو روپ وٺي خاص ڪري رش ۽ پيھ پيهان واري  هنڌ معائنو ڪري رسائي حاصل ڪن ٿا ۽ پنهنجا ناپاڪ مقصد پورا ڪن ٿا . سنڌ حڪومت هلندڙ سال جي جون مهيني ۾ فقيرن جا انگ اکر گڏ ڪرڻ جو پڻ چيو ته جئين اهو پتو لڳائي سگهجي ته اها مافيا ڪيتري قدر سگهاري آهي ،  ان جو ڄار ڪيتري پيماني تائين ڦهليل آهي پر نتيجا تاحال سامهون ناهن آيا .

هٿن کان معذور ماڻهو  مون ۽ اوهان پيرن جي آڱرين سان اسان ڪم ڪندي ڏٺا آهن . اکين جي نور کان محروم ماڻهو مختلف ڪمن ۾ مصروف ڏسون ٿا . چوڻي آهي ته  “ هُنر وڏي دولت آهي“ . اگر اسانجي سماج ۾ سجاڳي وارو سج اڀري پئي ته اهي الميا باقي نه رهن ۽ سڀ ماڻهو عزت واري روزي ڪمائڻ ۽ محنت ڪرڻ کي اوليت ڏين .  هر انهي ڌنڌي ڪرڻ کان ڪيٻائين جيڪا رنج جو سبب بڻجي ٿي .
انساني خدمتگذار ۽ سماجي ورڪر به ان جي روڪٿام لاء اڳيان اچي رهيا آهن . مرحوم عبدالستار ايڌي پڻ ايڌي فائونڊيشن ذريعي رستن تي ويٺل ڪيترن ئي پينو فقيرن کي روزگار سان لڳايو پر تنهن هوندي به تعداد جئين جو تئين وڌي رهي آهي .  سماجي بهبود وارو کاتو  ، لوڪل پوليس ، ٽرئفڪ پوليس ، انساني حقن واريون تنظيمون ، سماجي ورڪر اگر سڀ گڏ ويهي ان مسئلي جو مستقل حل ڳولين ته ڪا اميد پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ انهي گداگري جي پيشي جي روڪٿام ٿي سگهجي ٿي . روزمره اهي پينو فقيرن کي ڏسي دل رنج به ٿئي ٿو . پر پوء به اها ڌڻي در دعا آهي ته شل ڀٽڪيل انسان راھ تي اچي وڃن ۽ پنڻ کي روزگار بنائڻ وارا پنڻ ۾ شرمساري محسوس ڪن . اها شرمساري انهن جي وڃايل آبرو لازمي موٽائيندي . هنن ۾ محنت ڪرڻ جو جذبو جاڳي پوندو . ائين اهي زندگي جون بنيادي ضرورتن جي پورائي لاء اٽي لٽي جي حاصلات لاء ڪنهنجي در تي يا رستي تي سڏ  نه ڏيندا  ، بلڪه انهن جي محنت جو اجورو پاڻهي انهن جي هٿ تي رکيو ويندو .

 

سنڌين جي ووٽ جو اي ٽي ايم ڪارڊ!: عاجز جمالي

سنڌ واسي ڳچ سالن کان ترقي ۽ تبديليءَ جو خواب اکين ۾ سجائي ويٺا آهن. پاڪستان جي ستر سالن ۾ هِن ملڪ جي جوانيءَ ۾ جن خواب ڏٺو، اُهي حياتيءَ کان موڪلائي ويا يا حياتيءَ جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ جيئرا هوندا پر اُهي پنهنجو خواب نئين پيڙهيءَ ڏانهن منتقل ڪري سُک جي ننڊ سُتا ته سنڌ ۾ تبديلي ضرور ايندي، اُهو خواب هاڻي ٽين پيڙهيءَ ڏانهن سفر ڪري رهيو آهي. ڇو جو اسان جي پيڙهيءَ پنهنجي وڏڙن کان ورثي ۾ مليل خواب کي سانڍي سانڍي پنهنجي ايندڙ پيڙهيءَ جي اکين ۾ اوتي ڇڏيو. اسان جي نسل به پنهنجي گذريل نسل وانگر ”سُک ڀري سنڌ“ جو سپنو پنهنجي نئين پيڙهيءَ ڏانهن منتقل ڪري جهڙوڪر فرض نڀائي ڇڏيو، پر مان ڏسان پيو ته گذريل اڌ صديءَ کان اسين ترقيءَ جي نالي تي تنزليءَ ڏانهن وڃون پيا. ائين پيو لڳي ڄڻ اسين ”خواب نگر“ ۾ رهندڙ هڪ اهڙي قوم هُجون جيڪا شهزادن ۽ شهزادين جي روپ ۾ خوشحاليءَ جا سپنا ڏسندي هجي پر سچ ڏاڍو ڪڙو آهي، حقيقتون ڏاڍيون تلخ آهن، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ آهي پر سچ اِهو آهي ته اسين سڀ ڪوڙ جي پاسي آهيون، جيڪو سچ جي پاسي آهي اُهو اسان جي نظر ۾ ڪوڙو آهي. سنڌين جي نمائنده سياسي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي جوش ۽ ولولي سان پنهنجي پنهنجي سالگرهه ملهائي رهي آهي. پيپلز پارٽيءَ جي ٽين نسل ۽ سنڌ جي عوام جي ٽين پيڙهي گڏجي نوان خواب ڳولي رهي آهي پر بادشاهن جي خوابن ۽ رعايا جي خوابن ۾ فرق هوندو آهي. غريبن جا خواب به ته غريب هوندا آهن ۽ بادشاهن جي اکين ۾ ”بادشاهتون“ هونديون آهن، ان ڪري سنڌ جي بادشاهن، سنڌ جي حاڪمن، سنڌ جي اميرن جا سپنا هميشه ساڀيان ٿي پوندا آهن ۽ غريب جا سپنا اڪثر بادشاهن جي گاڏين هيٺان چيڀاٽجي ويندا آهن، پر مرڻ کان بچي ويندا آهن. گهايل سپنا ڪجهه سالن تائين پنهنجا ڦٽ چڪائي ٻيهر ڪنڌ کڻندا آهن ۽ جيئڻ جي آس سان گڏ سماجي تبديليءَ لاءِ پنڌ شروع ڪندا آهن.

پنجاهه سالن کان سنڌ جي ڦٽيل خوابن جو اهو پنڌ جاري آهي. هڪ سپنو جيڪو اسان جي وڏڙن ”پاڪستان“ جي صورت ۾ ڏٺو هو، مون گذريل پنجويهه سالن دوران پنجويهه لک ڀيرا 1940ع جي ٺهراءَ بابت سياسي بازيگرن کان ٻڌو هوندو ته 1940ع جي ٺهراءَ تي عمل ڪونه ٿيو. اها خبر ته اسان کي 1947ع ۾ ئي پئجي وئي هئي ته هي اهو ملڪ ئي ڪونه هو، جنهن جا نيڻ نقشا ٻڌايا ويا هئا. هي ته اُهو ٻار هو جيڪو پينگهي ۾ ئي پڌرو هو. اسان جي اک ته 1970ع ۾ بنگالين کولي هئي، تيستائين ته اسان سنڌ جي آزاديءَ بابت سوچيو به ڪونه هو، اهو خواب به ڄڻ اسان پراين اکين کان چورايو هُجي، ان قوم جي اکين کان چورايو جنهن قوم پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ سان مُهاڏو اٽڪائي پنهنجي آزاديءَ جي جنگ شروع ڪئي هئي. ڇا ٿي ويو جو لکين ماڻهو مارجي ويا، باقي بچيل ته سکيا ستابا رهجي ويا، سنڌي قوم ته سڄي سوليءَ تي ٽنگيل آهي. ڪو ٻڌائي سگهندو ته ستر سالن ۾ ڪيترا سنڌي ماريا ويا، ساڙيا ويا، تيل ڪڙهائيءَ ڪاڙهيا ويا، زهر پيئاريا ويا، چوٽيءَ تان اڇلايا ويا يا جيئرا گهرن مان کڻي مٽيءَ ۾ پُوريا ويا؟ هي اهڙو سوال آهي جنهن جو خواب ڪنهن به ”ڊيٽا بيسڊ سسٽم“ ۾ نه ملي سگهندو نه هن سوال جي جواب ڳولڻ لاءِ ڪڏهن سنڌ جي حاڪمن کي ”زحمت گوارا“ ٿي. ڇو ته حاڪم سدائين ”زحمت“ جا فرشتا بڻيا هوندا. آزاديءَ جو خواب پاسيرو رکي اسين انقلاب جو سپنو اکين سان گڏ سينن ۾ سانڍيو. جنون جي حد تائين اسين ”ڳاءِ انقلاب ڳاءِ“ جي ڌن ۾ انقلاب جو پيڇو ڪندا رهياسين. هٿين خالي پٿر کڻي توپن جو مقابلو به نه ڪري سگهياسين ۽ چوندا رهياسين ته نظريو اُتم آهي، نظرئي جو هٿيار مضبوط آهي، اسان اُهو وساري ويٺا هئاسين ته اسان جو مقابلو ان جرنيلي اسٽيبلشمينٽ سان آهي جن جو نظريو صرف ڏاڍ هوندو آهي، جن جي طاقت صرف بندوق هوندي آهي، اسان تڏهن به سبق ڪونه سِکيو جڏهن بنگالين کي سيکت ڏني ٿي وئي ۽ اسين پُرامن سنڌ جا گيت ڳائيندي صوفين جي درگاهن تي ڌمال هڻندا رهياسين.

اسين پُرامن قوم آهيون، ان ۾ ڪو شڪ ناهي، اسين امن ۽ آشتيءَ جو سڏ ڏيندا آهيون، اسين صوفين جا پرچارڪ آهيون، ان ۾ ڪو شڪ ناهي پر اسين ساڳي وقت ”ڌمالي قوم“ به آهيون، هر قسم جي ڌمال ۾ خوش ٿي ويندا آهيون، آزاديءَ جي نالي تي ڌمال هڻندا رهياسين، انقلاب جي نالي تي ڌمال هڻندا رهياسين، جمهوريت جي نالي تي اسين پنجاهه سالن کان ڌمال هڻي رهيا آهيون. ديشي ڌمال، انقلابي ڌمال، جمهوري ڌمال، ڌمال رڳو مزارن تي هُجي ها ته مڃون ها ته سماج جي هڪ طبقي کي ورغلايو ويو پر هتي ته سڄي قوم کي ستر سالن کان پاڪستان جي نالي تي ۽ پنجاهه سالن کان جمهوريت جي نالي تي ورغلايو پيو وڃي. اسين پنجاهه سال اڳ وڌيڪ سُکيا ستابا هُئاسين، اڄ سڄي سنڌ ۾ پيئڻ جو مٺو پاڻي به نه ٿو ملي. جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي، درياهه جو پاڻي گدلو ٿي ويو آهي، سڄي سنڌ سِم بڻجي رهي آهي، ڪلر بڻجي رهي آهي، اُٺ تڏهن پئي رڙيا، جڏهن ٻورا ٿي سبيا. اسان ايل بي او ڊي، آر بي او ڊي جو ماتم تڏهن به ڪيو هو جڏهن هي منصوبا شروع ٿي رهيا هئا پر بادشاهن کي ڪير سمجهائي. بادشاهه جڏهن ڊالر ڏسندا آهن ته انهن جي گگ ڳڙي پوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ڪراڙن چرئي لاءِ بادشاهه جو لفظ ڪتب آندو. اڄ به سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ ڪو وڏو ماڻهو ڪو خراب ڪم ڪندو آهي ته ان لاءِ چوندا آهن فلاڻو ته بادشاهه آهي، مطلب ته چريو آهي. سو سنڌ جا بادشاهه جيڪڏهن سياڻا هُجن ها ته اڄ سنڌ به خوشحال هجي ها. سنڌي عوام جي ووٽن تي بادشاهت ماڻيندڙ پيپلز پارٽي منهنجي هم عمر آهي، جڏهن هالا ڪنوينشن ٿيو هو ته ان کان ڪجهه مهينا اڳ مان ٻانڌيءَ جي شهر ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم وٺي چُڪو هئس. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي چونڊ مهم تي هو ته اسان جي تڪ تي تلوار جي نشان تي چونڊ وڙهندڙ اميدوار حاڪم علي زرداري هو. بابا سائين ٻڌائيندو هو ته ان زماني ۾ نوابشاهه جو سيد گهراڻو سياست ۾ سگهاري ڌر طور سُڃاتو ويندو هو. ان سان گڏ غلام مصطفيٰ جتوئي جو وڏو نالو هو. اسان جي خاندان جو خيال هو ته ووٽ نه حاڪم زرداري کي ڏبو نه غلام مصطفيٰ جتوئي کي ڏبو. خاندان جو ڀروسو رئيس سومر خان جمالي تي هو، جنهن جو خيال هو ته نذر شاهه کي ووٽ ڏبو. امان ٻڌائي ٿي ته ان چونڊ ۾ تلوار بدران اسان ”هوائي جهاز“ جي نشان تي ٺپو هنيو هو. هوائي جهاز شايد نذر شاهه جو چونڊ نشان هو. خير حاڪم علي زرداري چونڊ کٽي ويو هو ۽ بعد ۾ مرحوم سومر خان جمالي به پيپلز پارٽيءَ جو حامي بڻيو هو (پيپلز پارٽي ضلعي نوابشاهه جو هاڻوڪو صدر رئيس اڪبر خان جمالي سندس خاندان مان آهي) ان ساڳي سيٽ تي هن وقت ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ايم اين اي آهي. مون ڏهه سالن جي عمر ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي ريل گاڏيءَ ۾ ويندي ڏٺو جڏهن هزارين ماڻهو ريلوي اسٽيشن تي کيس ڏسڻ لاءِ گڏ هئا، جڏهن 1977ع ۾ سندس سرڪار ختم ڪئي وئي هئي، پري کان کيس هٿ لوڏيندي ڏٺو هو، پر ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهيءَ کانپوءِ سنڌي ماڻهوءَ جو ووٽ هڪ اهڙو اي ٽي ايم ڪارڊ بڻجي چُڪو آهي، جنهن مان هميشه پاڪستان جي اقتدار لاءِ ڪيش ڪڍرائي ويندي آهي. اهو ووٽ واقعي به ڏاڍو قيمتي ووٽ ثابت ٿيو. پاڪستان جي اسٽبلشمينٽ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهيءَ کانپوءِ اڄ تائين ڀُٽي کان جان ڇڏائي نه سگهي آهي نه سنڌي عوام سياست ۾ ”ڀٽو ازم“ کان ٻاهر نڪري سگهيو آهي.

ذوالفقار علي ڀٽو جي سياست ۾ سحر طاري هو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ جي سياست ۾ وڏي تبديلي آندي. جيتوڻيڪ ڀٽو نه آزادي پسند هو نه انقلابي هو پر ڀٽو پنهنجي دور جو تبديلي پسند ماڻهو هو. پنهنجي حالتن کان باغي هو، جاگيرداراڻي طبقي سان واسطو رکندڙ ڀُٽي جڏهن زرعي سُڌارن جو اعلان ڪيو ته ان جي شروعات ”ڀٽو جاگير“ جي زمينن کان ڪئي ته سڄو ڀٽو خاندان کيس چريو چوڻ لڳو. خود ذوالفقار علي ڀٽو جي صِفن ۾ ويٺل جاگيردار پريشان ٿي ويا، چوڻ لڳا ڀٽو سوشلزم پيو آڻي. حالانڪه اسلامي سوشلزم صرف هڪ نعرو هو. ذوالفقار علي ڀٽو نه سوشلزم پئي آندو نه انقلاب پئي آندو پر هُن هڪ بهتر سماج جو سپنو ضرور ڏٺو هو. ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي وفاقي ادارن جا بند پيل دروازا سنڌين لاءِ ضرور کوليا هئا. ڪسٽم، پي آءِ اي، بندرگاهه، نيشنل هاءِ وي، واپار ۽ صنعت، فوج، پي ٽي وي، ريڊيو، ايف سي ۽ ٻين ادارن ۾ سنڌي ماڻهن کي سرڪاري نوڪريون مليون. ذوالفقار علي ڀُٽي سنڌ ۾ ترقي ۽ تبديليءَ جو سفر شروع ڪرڻ چاهيو پر کيس اندازو نه هو ته ساڻس کاٻي ساڄي بيٺل سمورا ڀوتار، چوڌري، سردار، مير، پير، مُلان، سندس خواب جا قاتل هُئا. ڀٽو جا سپنا ان خواب نگر ۾ ئي مارجي ويا، جنهن خواب نگر جو ڀٽو شهزادو هو. ڀٽو جيڏو وڏو عقلمند هو اوڏو وڏو کلاڙي هو پر ان سان گڏ هٺ به هوس. کيس اندازو نه هو ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ساڻس ئي گڏ بيٺل جاگيردارن ۽ سرمائيدارن ذريعي سندس تڏا ويڙهه جي ڪوشش ڪري رهي هئي. خود عالمي سامراج آمريڪا کي به اهو خطرو هو ته ڀٽو چين، روس ۽ عرب ملڪن سان گڏجي ايشيا ۾ سندس لاءِ وڏا مسئلا کڙا ڪري رهيو آهي. شاهه فيصل، ياسر عرفات، ڪرنل قذافي، شاهه حسين سميت اسلامي بلاڪ جي ڳالهه ڪندڙ سمورا مسلمان حڪمران آمريڪا جي اڻ وڻندڙ لسٽ ۾ شامل هئا. ڀٽو سان گڏ بيٺل سندس يار وفادار نه هئا. هونئن به سنڌ جي وڏيرڪي ڪلاس جي اها وڏي بيماري آهي، سندن وفاداري صرف اقتدار سان هوندي آهي. ڀٽو کي اندازو ئي نه هو ته مولانا ڪوثر نيازي، غلام مصطفيٰ کر، غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ ٻيا جاگيردار ڪهڙي طرف وڃي رهيا هئا. هوائن جو رخ بدلجي رهيو هو. سوشلسٽ ڀُٽي کان اسلامي قانون منظور ڪرايا ويا، قاديانين کي غير مسلم قرار ڏياريو ويو، بلوچستان ۾ آپريشن کي جاري رکيو ويو، نيشنل عوامي پارٽيءَ جي سرڪار ختم ڪرائي وئي، سانگهڙ ۾ حُرن خلاف آپريشن ڪرايو ويو، هر طرف ڀٽو جا دشمن وڌڻ لڳا. پاڪستان قومي اتحاد ٺهرايو ويو. 1977ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلين جي بنياد تي هنگاما ڪرايا ويا ۽ نيٺ 5 جولاءِ 1977ع تي مارشل لا لڳائي وئي. ڀٽو ازم جو اي ٽي ايم ڪارڊ بعد ۾ 1988ع کان وٺي 2013ع تائين وفاقي سرڪار جي اي ٽي ايم مشين ۾ استعمال ٿيندو رهيو ۽ ڀٽو جي پارٽيءَ کي اقتدار تائين سنڌين جو اي ٽي ايم ڪارڊ پهچائيندو رهيو. اڄ به سنڌ ۾ سنڌين جي اي ٽي ايم ڪارڊ (ووٽ) تي سرڪار هلي رهي آهي ۽ سنڌي ايڏا سخي آهن جو اکيون بند ڪري ڌمال هڻڻ ۾ پُورا آهن. ان جو ڪارڻ اِهو آهي ته هرطرف بي ايمانيءَ جو راڄ آهي، هرڪو ئي اسان کي لُٽڻ، ڦرڻ ٿو چاهي، فريب ڪرڻ ٿو چاهي، دوکو ۽ دولاب ڪرڻ ٿو چاهي، اسان جي اکين ۾ ڪوڙا خواب ٿو ٽنبڻ چاهي، ڇو ته هُو اسان کان اسان جو اي ٽي ايم ڪارڊ وٺي استعمال ڪرڻ ٿو چاهي. سنڌين جا اي ٽي ايم ڪارڊز ورهائجي رهيا آهن، ڪجهه بلاول جي کيسي ۾ ته ڪجهه عمران خان جي پرس ۾، ڪجهه پير پاڳاري جي جهوليءَ ۾ ته ڪجهه وري ٻين وٽ.

سنڌين کي اندازو ئي ناهي ته هر ڌر سندس اي ٽي ايم ڪارڊ جو ”پاس ورڊ“ (ڪوڊ) چورائڻ چاهي ٿي، سڀني ڌرين جي منزل ساڳي آهي. سنڌ ۾ ترقي ۽ تبديليءَ جو خواب هاڻي کوٽيل رستن جهڙو سفر بڻجي چُڪو آهي، جنهن جا کڏا وڏا ٿي رهيا آهن، پر گذريل ويهارو سالن کان اهو رستو اڻ پورو آهي، سفر ٿڪائيندڙ پيو بڻجي. ڪرڙ ۽ ڪانڊيري جي اکين ۾ سپنا هميشه لاءِ پُورجي ويا، ڇو ته اهي اکيون ئي پُورجي ويون، نه اسپتال ۾ علاج مليو، نه اسڪول ۾ علم مليو، نه گهر تائين پڪو رستو مليو نه پيئڻ لاءِ صاف پاڻي مليو نه اڇو اُجرو اٽو، لٽو، اجهو مليو نه آزادي آئي نه انقلاب آيو. جمهوريت جي نالي تي مليو ته فراڊ مليو. تبديليءَ جي نالي تي ڪوڙ جا قصا مليا. سنڌي ماڻهوءَ جي قسمت جي ڊڪشنريءَ ۾ ڪوڙ جي معنيٰ واري خاني ۾ رڳو ڀوتار ئي نه مليا پر دوکيباز دانشور، ليڊر، مُلان، عالم، اديب، اسڪالر، جڳاڙي جمهوريت پسند، قومپرست، آفيمي انقلابي ۽ مفادپرست ميڊيا جا لکيل لفظ مليا. سنڌي عوام جي ڊڪشنريءَ ۾ سچ کي ڳولجي ٿو ته ڪوڙ لکجي اچي پيو. جديد سيٽلائيٽ جي زماني ۾ سنڌين جي گوگل سرچ ۾ به ڪٿي سچ نه ٿو اچي، ڳولي ڳولي ٿڪجي پونداسين ته به سچ بدران ڪوڙ ملندو. هر شعبي ۾ ڪوڙ، هر اداري ۾ ڪوڙ، هر ماڻهو ڪوڙ جو سهارو وٺي ڪم ڪڍڻ ٿو چاهي. وزير، مشير، حڪمران ڇڏيو، امير ڇڏيو، آفيسر ڇڏيو، غريب وٽ به ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه نه بچيو.

هن سڄي پٽاڙ کانپوءِ ذهن ۾ سوال اڀريو جيڪو هر سڄاڻ ماڻهوءَ جو سوال هوندو ته آخر ان سڀ ڪجهه هوندي به ڪرڻ ڇا گهرجي؟ آخر سمورن مسئلن جو حل ڇا آهي؟ آخر سنڌ لاءِ آجپي، انقلاب، ترقي ۽ تبديليءَ جو سپنو ساڀيان ڪيئن ٿيندو؟ اچو ته گڏجي ننڍڙي سطح تي تبديلي آڻيون. پنهنجي گهر ۾، پاڙي ۾، ڳوٺ ۾، شهر ۾ موجود اسڪول، اسپتال، هنرمند مرڪز، نياڻين جي اسڪول، ڪميونٽي سينٽر تي نظر ضرور وجهون. سماجي رابطن جي ميڊيا ذريعي ئي ڪجهه نه ڪجهه آواز ضرور اٿاريون. سنڌ ۾ ايماندار ۽ فضيلت ڀرين ماڻهن جو قدر ڪرڻ ضرور سِکون. ووٽ جو اي ٽي ايم ڪارڊ سوچي سمجهي استعمال ڪريون، ان ڪارڊ جو ڪوڊ نمبر پنهنجي اندر ۾ ئي محفوظ رکون. سنڌ ۾ سُٺا ماڻهو، سنڌ دوست ماڻهو، انسان دوست ماڻهو ضرور موجود آهن پر اليڪشن جو ڪاروبار حرام جي پئسن جو ڪاروبار بڻجي ويو آهي. اليڪشن جوئا جو مثال آهي، هرڪو ئي ڇڪو هڻڻ ٿو چاهي، پئسو ڪمائڻ ٿو چاهي، پر اچو ته گڏيل سوچ، گڏيل فهم ۽ گڏيل صلاح سان سنڌ جو ڀلو سوچيون، اجتماعيت جي ادراڪ سان اڳتي وڌون.

aajizjamalijamali@yahoo.com

 

ايم ڪيو ايم اڳواڻن جون استعيفائون، ڇاڻ ٿيڻ وارو آهي؟: صاحب خان ڀٽي

سنڌ جو راڄڌاني شهر جيڪو گذريل ڪيتري ئي عرصي کي بدامني جي لپيٽ  ۾ رهيو آهي، جنهن جي ڪجهه ماڻهو فلسطين سان ڀيٽ به ڪندا آهن، هن شهر ۾ ڌارين جي آبادڪاري کان ويندي دهشتگردي، ڀتي خوري، اغوا جي وارداتن سميت ٻيون ڪيتريون ئي وارداتون ٿينديون رهن ٿيون، هن شهر ۾ ڪيتريون اهڙيون پارٽيون آهن، جيڪي نسلي فساد ڪرائي پنهنجا سياسي مفاد ماڻيون رهيون آهن، هن بدنصيب شهر تي ڪيترن ئي ماڻهن قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ رت وهايو  ۽ هو پاڻ ئي انجام تي پڄي ويا، تاريخ شاهد آهي ته برطانيا ۽ عالمي طاقتن به  سنڌ جي هن شهر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪيترائي سال حڪومت ڪئي آخر ڪار انهن کي به گوڏا کوڻڻا پيا ۽ انهن کي به واپس وڃڻو پيو. هن شهر ۾ اڳوڻي  آمر پرويز مشرف جي دور ۾ لکين  افغان پناهگيرن کي  به آباد ڪيو ۽ کيس ڪير به روڪي نه سگهيو، اڄ ڪلهه جيئن ته هو بيماري سبب ملڪ کان ٻاهر آهي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته کيس مهاجرن جي قيادت ڪرڻ جو وڏو شوق آهي،

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سندس ئي دور ۾ ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ تمام گهڻو مضبوط ٿي هئي ۽ ايم ڪيو ايم ڪراچي تي مڪمل ڪنٽرول به حاصل ڪيو، ايتري قدر جو سٽي وارڊ به ٺاهيو ويو هو، جنهن ۾ صرف ايم ڪيو ايم جا ماڻهوڀرتي ڪيا ويا هئا.  اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ ئي  12  مئي سانحي ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪيو هو ۽ ان کان پوءِ فيڪٽرين کي باهيون ڏيڻ، ڀتي خوري ۽ ٻيون وارداتون عام جام ٿي ويون  هيون، بلديا فيڪٽري سانحي جي مک جوابدار  حماد صديقي جي به گرفتاري جون گرفتاريون گردش ڪري رهيون آهن. جنهن جو تعلق به ايم ڪيو ايم سان هو، جيئن ته اڄ ڪلهه ايم ڪيو ايم ڌڙا بندي جو شڪار آهي، ان جو سبب به ڊراءِ ڪلينر فارمولي جو نتيجو آهي ۽ اهو فارمولو ان وقت استعمال ڪيو ويو، جڏهن اڳوڻو آمر پرويز مشرف پنهنجو اقتدار ڇڏيو هو ، ان کان پوءِ ڪراچي جون ان کان به وڌيڪ خراب ٿي ويون هيون، ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم جو هڪ ئي مطالبو رهيو آهي، اهو رڳو سنڌ کي ٽوڙڻ آهي، اهو خواب ايم ڪيو ايم ان ڪري ڏسي رهي آهي جو سنڌ ئي سڀ کان اڳ ۾ پاڪستان جي قيام جو ٺهراءُ پاس ڪيو هو، ان جو نتيجو اڄ ايم ڪيو ايم ۽ ڌارين جي آبادڪاري مان نڪتو آهي، اسان جي وڏڙن سوچيو به نه هوندو ته مذهب جي نالي تي سنڌ اندر ڌارين جي لوڌ آباد ڪئي ويندي، افغان مهاجر،  برمي، ايراني، بنگالي، بهاري ۽ ٻيا ڌاريا هن سنڌ وطن ۾ آباد ڪري ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويندو.

جيڪڏهن  سنڌ ۾ وفاق جي آشيروارد سان ڌارين جي آبادڪاري نه ڪئي وڃي ها ته اڄ ڪراچي جون اهڙيون حالتون نه  هجن ها ۽ نه ئي ڀتي، خور، ٽارگيٽ ۽ دهشتگردن جو راڄ هجي ها. هي اهو شهر آهي، جتي افغانستان مان دهشتگرد  اچي ڪارروايون ڪندا آهن، ڪيترائي دهشتگرد هن شهر ۾ پوليس مقابلن ۾ ماريا به ويا آهن، جن جو تعلق به اڪثر ڪري افغانستان سان ئي ٻڌايو ويندو آهي. بهرحال دهشتگردي هن شهر ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هلي رهي آهي پر سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته جيڪا پارٽي پنهنجي اجازت کانسواءِ هن شهر ۾ جلسو به نه ڪرڻ ڏيندي هئي اڄ اها پارٽي ڌڙا بندي جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ ان جو سڄو ڪريڊٽ هتان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڏانهن ئي وڃي ٿو، جيڪڏهن اها ادارا ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي نه ڪن ها ته اڄ امن قائم نه ٿئي ها ۽ نه ئي هن شهر  مان نيٽو جا هٿيار هٿ ڪيا وڃن هئا،

جڏهن ڪراچي  ۾ دهشتگردي ٿي رهي هئي ته ان وقت به ايم ڪيو ايم جو مطالبو هو ته آپريشن ڪيو وڃي ۽ جڏهن آپريشن شروع ٿيو ته ان وقت سڀ کان پهرين ايم ڪيو ايم ئي رڙيون ڪيون ۽ نائن زيرو جي ڀرپاسي وارن علائقن  کان سواءِ شهر جي مختلف علائقن مان هٿيارن جا انبار هٿ ڪيا ويا پر تعجب جي ڳالهه آهي ته اهي هٿيار ڪهڙي پارٽي جا هئا ۽  ڪيترن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، ان جا تفصيل ميڊيا کي نه ٻڌايا ويا ، جڏهن به هن شهر ۾ آپريشن ٿيندو هو ته رڳو اهو ٻڌايو ويندو هو ته شڪي  ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن، رينجرز به هٿيارن جا انبار ميڊيا تي ڏيکاريندي هئي، جنهن جو اثر اهو پيو ته دهشتگرد پنهنجي ٻرن ۾ لڪي ويا، هاڻ خبر ناهي ته اهي ڪڏهن ٿا ٻاهر نڪرن. هاڻ ته ايم ڪيو ايم ۾ کوڙ سارا ڌڙا ٿيڻ ٿي رهيا آهن، ان جو سبب ڪراچي آپريشن کان پوءِ بوکلاهٽ جو شڪار ٿيل ايم ڪيو ايم لنڊن جو سربراهه آهي، نه اهو  هتان جي ادارن کي ناراض ڪري ها ۽ نه ئي وري مٿس ڪا پابندي لڳي ها،

اڄ ڪلهه سندس سوشل ميڊيا تي تمام گهڻيون ويڊيوز شيئر ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ سندس رياست مخالفت بيان به شامل آهن، ان کان اڳ هو هن ملڪ جي سمورن ٽي وي چينلن تي ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ  سنڌ خلاف ڳالهائيندو هو پر جڏهن سندس رخ هتان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڏانهن ٿيو ته مٿس پابندي لڳي وئي ۽ ان کانپوءِ سڀني ڏٺو ته ڪراچي ۾ ڪيترو امن قائم ٿيو آهي ۽ اها پابندي سندس ساٿين ۽ پوئلڳن تي نه لڳائي وئي آهي ، رڳو هڪ شخص تي ئي لڳائي وئي آهي، جيڪو لنڊن ۾ ويٺو آهي، باقي جيڪي هن  سنڌ ۾ ترسيل آهن، انهن کي الڳ الڳ الڳ پارٽي ٺاهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي ۽ نالو اڪثر پارٽين جو ساڳيو آهي، جن جو به ساڳيو ئي مقصد آهي، جيڪو لنڊن واري شخص جو هو، فاروق ستار به لنڊن واري شخص جيان ڳالهائي رهيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي سمورن ڌڙن کي گڏ ٿيڻ جون هدايتون جاري ڪندو رهي ٿو.  شروع ۾ اسان ڏٺوسين ته ايم ڪيو ايم مان  اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال جو ڌڙو ٺهيو، جنهن جو نالو پي ايس پي رکيو ويو ۽ هاڻ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ٻيا به ڌڙا ٺهي رهيا آهن ۽ آهستي آهستي ايم ڪيو ايم جا  وڌيڪ ٻه ٻيا به ڌڙا ٿي ويا، هڪ جو نالو ايم ڪيو ايم لنڊن رکيو ويو ته ٻي جو نالو وري ايم ڪيو ايم پاڪستان رکيو ويو، جيڪي ماڻهو اسان ماضي ۾ ڏسنداسين، اهي ساڳيا  ئي  ماڻهو پارٽي  جي نالن ۾ ترميم کانپوءِ پنهنجون سرگرميون ٻيهر جاري رکندا پيا اچن. پر هاڻ حالتون وڌيڪ تبديل ٿي رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ بابر غوري،  شميم صديقي ۽ امبر خان ايم ڪيو ايم لنڊن جي بنيادي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي،

استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ بابر غوري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته پارٽي تان استعيفيٰ ڏيڻ سندس ذاتي فيصلو آهي ۽ هو پنهنجي مرضي سان پارٽيءَ جي سمورين ذميوارين تان هٿ کڻي رهيو آهي. پاڪستان ۾ جيڪا ايم ڪيو ايم آهي تنهن ۾ سندس ڪڏهن حصو نه رهيو آهي،  ايم ڪيو ايم هڪ ئي آهي جيڪا لنڊن ۾ آهي. بابر غوري ويندي ويندي هڪ اهم ڳالهه به ڪئي آهي ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي گڏجي ويون ته سٺي ڳالهه آهي. مطلب ته چونڊن کان اڳ ئي ايم ڪيو ايم جي ڌڙن  جو گڏ ٿيڻ جو امڪان آهي. هاڻ ڏسڻُ اهو آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ ان جا ڌڙا گڏجي ڪراچي جي سياست ڪندا يا وري الڳ الڳ ٿي پنهنجي سياست ۾ رڌل رهندا.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

ڇا ڌرڻا سياست ملڪ جي مفاد ۾ آهي؟: نظر محمد ڳاهو

پاڪستان جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ملڪ جي باني محمد علي جناح ملڪ جي آزادي ڳالهه ٻولهه ۽ مڪمل طرح پرامن جمهوري وسيلا اختيار ڪري حاصل ڪئي. جيتوڻيڪ برصغير ۾ انگريز جي جابرانه قبضي خلاف ڪجهه قوتون انتهاپسنديءَ ڏي وڃي رهيون هيون پر قائداعظم مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي سرگرم ٿي هڪ سرگرم سياسي عمل جي شروعات ڪئي، پر مُلڪ آزاد ٿيڻ بعد افسوس سندس حياتيءَ ساٿ نه ڏنو ۽ وري جلد ئي سندس ساٿي ۽ تحريڪ آزاديءَ ۾ سندس سڄي هٿ لياقت علي خان کي راولپنڊيءَ جي هڪ جلسي ۾ شهيد ڪيو ويو. انهن ٻنهي مقبول ۽ محنتي اڳواڻن جي جدا ٿي وڃڻ ڪري ملڪ جي سياست ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو، جنهن نه فقط ملڪ ۾ جمهوري عمل پر ملڪي سالميت کي به نقصان پهچايو.

ملڪ ۾ اوڀر پاڪستان يعني بنگال مان چونڊجي آيل وزيراعظم خواجا ناظم الدين کي برطرف ڪري اقتدار کي غير سياسي ادارن ۽ نوڪر شاهيءَ جو غلام بڻايو ويو. مغرب جي ملڪن به پاڪستان جي آزاديءَ کي دل سان تسليم ڪونه ڪيو هو، انهن آزادي بعد ملڪ اندر غير جمهوري قوتن کي توجه جو مرڪز ٺاهيو ۽ ملڪ جي اصل ۽ حقيقي آزادي نالي ماتر بڻجي وئي. ملڪي سياست ۾ مشرقي پاڪستان مان ووٽ جي طاقت تي مقبوليت ماڻيندڙ سياستدان حسين شهيد سهرورديءَ کي به وزيراعظم طور هلڻ ڪونه ڏنو ويو ۽ محلاتي سازشن ذريعي ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ايوب خان اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. ايوب خان جي يارنهن سالا آمريت واري دور ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح جمهوريت لاءِ جدوجهد ۽ آئيني جنگ ڪندي رهي پر کيس بنيادي جمهوريت جي نام نهاد جمهوريت ذريعي صدارت جي مقابلي ۾ ايوب خان هٿان هارايل ڏيکاريو ويو.
دنيا جي ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته جنهن دور ۾ ڪنهن ملڪ يا ڌرتيءَ تي ظالم ۽ جابر مسلسل حڪمراني ڪندا آهن ته ان دور جون مائرون به باغي ۽ بهادر ٻچا ڄڻنديون آهن، جيڪي عوامي انقلاب لاءِ رستو هموار ڪندا آهن. اهڙي ايوب خان دور ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار کي لت هڻي ميدان ۾ آيو ۽ وڏن وڏن جلسن، جلوسن ۽ عوام سان مسلسل رابطن ذريعي ايوب خان اقتدار کان عليحده ٿيڻ تي مجبور ڪيو. بعد ۾ ايندڙ آمرن يحيٰ خان ۽ ضياءَالحق سان مهاڏو اٽڪائيندي شهيد ٿي ويو، هُن کانپوءِ سندس وني بيگم نصرت ڀٽو، سندس نياڻي محترمه بينظير ۽ هاڻي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به پ پ جي علم کي اونچو ڪندا رهيا آهن. ملڪي سياست جمهوريت ۽ جمهوري روايتن کي زنده رکندا آيا آهن.

ملڪ ۾ 1977ع ۾ پهريون ڀيرو شهيد ذوالفقار علي جي وزارت عظميٰ خلاف اسلامي نظام جي نالي تي نون (9) سياسي پارٽين، پاڪستان قومي اتحاد جي نالي تي هڪ پُرتشدد تحريڪ هلائي، جنهن جي نتيجي ۾ جمهوري عمل کي ناقابل تلافي نقصان پهتو ۽ ملڪ ۾ وري ڊگهو عرصو آمريت جو راڄ رهيو. پ پ جي دلير قيادت خاص طور محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي خداداد صلاحيتن ۽ شاندار سياسي ڏاهپ سان هڪ طرف دنيا اندر مغربي توڙي مشرق ۾ جمهوري قوتن سان ڊائلاگ جو سلسلو جاري رکيو ته ٻئي طرف لکين ماڻهن جا ملڪ اندر جلسا ڪري وري جمهوريت کي مضبوط ڪيو.

ان دوران دل تي پٿر رکي به پنهنجي شهيد بابا جي سياسي مخالفن سان به ڳالهه ٻولهه ڪري تعاون حاصل ڪيو. هر دور جون پنهنجون سياسي تقاضائون آهن. جيتوڻيڪ ملڪ جي موجوده وزيراعظم پنهنجي غلط سياسي فيصلن ۽ سياسي فيصلن ۾ اڍنگي رويي سميت پ پ ۽ ٻين سياسي جماعتن جو اعتماد ۽ اعتبار وڃائي چڪو آهي پر پ پ جمهوري طريقي سان قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ايوان اندر پنهنجو سياسي حق استعمال ڪندي سندس غلطين ۽ ڪوتاهين جي نشاندهي ڪري رهيا آهن پر ڪجهه جونيئر سياسي پارٽين وري ملڪ جي راڄڌاني اندر ڌرڻن جي هڪ نئين روايت کي جنم ڏنو آهي، جنهن ڪري هڪ ته گاديءَ واري سڄي سياسي، انتظامي ۽ سماجي عمل رڪجي ٿو، اسلام آباد جي سڀني آفيسن جي ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي. ملڪ جي تعميري ۽ ترقيءَ لاءِ ٿيندڙ ڪاغذي ڪارروائي، عملي ڪم رڪجي وڃي ٿو ته ٻئي طرف بين الاقوامي طور ملڪ جي خواري ۽ خرابي ٿئي ٿي، جيڪا شيءِ ملڪ جي مفاد ۾ ڪانهي. سڄي دنيا ۾ هر ملڪ جي گادي واري هنڌ جو تقدس ٿيندو آهي، جنهن کي برقرار رکڻ هر ذميدار شهريءَ جو فرض ۽ حق آهي. احتجاج کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي جمهوري ۽ قانوني رستا آهن، جيڪي قائداعظم اختيار ڪري انگريزن جهڙن ڏاڍن کان آزادي ورتي. اسان کي سنجيده سياسي قوتن کي نواز شريف سان هزار اختلاف آهن، ملڪ ۾ موجوده انارڪي، ملڪ ۾ ناڪام خارجه پاليسي، ملڪي عوام جي معاشي قتل جي ڪري قوم سندس مٿان عدم اعتماد جو اظهار ڪري ٿي، پر اسان جي ملڪ جي عزت ۽ وقار لاءِ وڌيڪ بهتر سياست ذريعي سياسي احتجاج کي منظم ڪرڻ گهرجي. ڪاش نواز شريف صاحب، پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ ٻي سينئر قيادت جي ڏنل مشورن کي سنجيدگيءَ سان وٺي ها ته کيس ۽ ملڪ جي راڄڌانيءَ اسلام آباد کي ڌرڻن جا منهن نه ڏسڻا پون ها.

 

 وڙهن سئان پٽجن پوٽا واري سياست آخرڪيستائين..؟؟: غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستان جي اڳواڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جي نااهل ٿيڻ ۽خزاني واري وزيرااسحاق ڊار جو عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ  مٿس ڪيس داخل ٿيڻ سان گڏوگڏ کيس اشتهاري ڏوهاري قرار ڏيڻ وارين خبرون پاڪستان جي عوام کي مونجهاري جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي،ڇو ته پاڪستان اندر جهموريت شروع کان وٺي ئي ڪمزوز رهي آهي ۽ جهموريت پنهنجو مدو ڪڏهن به پورو ناهي ڪيو،مٿان وري جهموري حڪمرانن متي عدالتن اندر ڪيس انهي سموري ماحول پاڪستان جي حڪمرانن جو ڌيان عوام کان هٽرائي ڇڏيو آهي،هن وقت پاڪستان جي اڳواڻ صرف ۽ صرف پنهنجي ساک بچائڻ ۾ پورا آهن جيڪا هو ڪڏهن به بچائي نه سگهندا.؟ ڇو ته عدالتن هاڻي حڪمراننن کان احستاب وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي،جنهن اندر ڪو به ڪرپشن خور بچي نه سگهندو،هڪ طرف پاڪستان اندر اهڙي صورتحال آهي ته ٻئي پاڪستان پاڪستان جي عوام بهر پريشان حال نظر اچي رهي آهي  ڇو ته هن وقت پاڪستان اندر هڪ طرف وڌندڙ ۽ لوڊشِٽينگ ماڻهو جو متيون مجهائي ڇڏيون آهن اتي وري پاڪستاني سياسي ماحول اندر به تمام گهڻي گرما گرمي پيدا ٿي وئي آهي.هڪ ٻئي جون مخالف سياسي پارٽيون پنهنجا پنهنجا پورا روز لڳائي ڪري پنهنجي مخالفن کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن.

جيتري بيان بازي وڌيندي پئي وڃِي اوتري ئي ملڪ اندر سياسي ڇڪتاڻ ۾ تيزي ٿيندي پئي وڃي.ڪنهن به اهو نه سوچيو هو ته اليڪشن کان پوءِ ڇهه مهينن اندر پاڪستان مان لوڊشينگ جو آزار ختم ڪرڻ واري پارٽي لاءِ خد ڪيترائي آزار پيدا ٿي ويندا.سابق وزيراعظم  شريف پارٽي اڳواڻ هجڻ سان گڏ پارٽي جو جڙون مظبوط ڪرڻ لاءِ ڪوششون ته تمام  گهڻيون ڪيون  پر عمران خان شايد انهي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ انهي جڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ بيلچا ڪلهن تي کڻي نڪتو هو انهي اندر ڪامياب ويو ۽ ميان صاحب کي اناهل ڪرائي ڇڏيو،پر ميان نواز شريف پنهنجي سياسي ساک بچائڻ خاطر سنڌ کي ڇڏي ڪري باقي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي  اندر جلسا جلسوس ڪري عوام جون دليون کٽڻ جو ڪوشش ته ڪري رهيو آهي  ٻئي پاسي عمران خان صاحب جو قافلو به ملڪ اندر پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان آهي.جڏهن ته ميان نواز شريف سنڌ اندر تشريف کڻي نه اچي رهيو آهي جنهن جو به هڪ سبب آهي.انهي جو سبب اهو آهي ته سنڌ جي ڪا به سياسي پارٽي ميان نواز شريف جي خلاف ناهي.جڏهن ته سنڌ اندر جيڪي سياسي پارٽيون آهن انهن پارٽين ۾ قوم پرست پارٽين کي ڇڏي ڪري باقي ف ليگ، پ پ پ، ايم ڪيو ايم، ۽ نئي ٺاهيل پارٽي پاڪ سر زمين پارٽيون آهن.پر انهي سڀني پارٽين مان ڪا به اهڙي پارٽي ناهي جيڪا ميان نواز شريف جي خلاف هجي.پر اتي اهو به هڪ اهم سوال آهي ته جيڪڏهن انهن پارٽي مان ڪابه پارٽي ميان صاحب جي خلاف به  هجي پر انهي پارٽين جو ميان صاحب تي ڪو به اثر نه پوندو.

تحريڪ انصاف ميان نواز شريف کي ضرور هن سياري  جي موسم ۾ پگهر ڏياري ڇڏيو آهي برحال ن ليگ کي شڪر ٿيو جو احساس ته ٿيو.اصل جيڪا ڇڪتان سياسي پارٽين جي وچ ۾ آهي اهي پارٽيون هڪ تحريڪ انصاف ۽ ٻئي پارٽي ن ليگ آهي.ان ڪري ميان نواز شريف عمران خان صاحب جو اميج ڪيرائڻ لاءِ سنڌ بلوچستان کي ڇڏي ڪري باقي ڪي پي ڪي ۽ پنجاب اندر جلسا ڪري رهيو آهي.جڏهن ته انهي ڏس اندر عمران خان  ڪافلو سنڌ ۾ اندر حيدرآباد تائين پهتو آهي، ان ڪري لڳي ائين ٿو ته عمران خان سموري پاڪستان تي حڪومت ڪرڻ جا  خواب ڏسي رهيو آهي ۽ نواز شريف صاحب اهو سوچيندي سوچيندي جلسا پيو ڪري ته رڳو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي بچيو ته لک کٽيو.ملڪ اندر سياسي گرما گرمي اندر جلسا به ٿي رهيا آهن ۽ بيان بازيون به هلي رهيون آهن.اشتهار بازي به ٿي رهي آهي ۽ نوٽيس بازي به ٿي رهي آهي.۽ احستاب به هلي رهيو آهي،پر انجي باوجود به ڪو اهڙو ماحول به پيو ٺهي جيڪو ٺهڻ گهرجي.خاص طور تي عوام ۽ حڪمرانن جي وچ واري ماحول جي ڳالهه پيو ڪيان. انهي ماحول اندر ڪا به گرما گرمي ڏسڻ ۾ نه پئي اچي.حڪمران پاناما ليڪس ،ٽيڪس چوري ۽ ڪرپشن کي وٺي ڪري پاڪستاني عوام کي مسلسل نظر انداز ڪري رهيا آهن ۽ عوام جو انهي رد عمل ۾ اهڙو ڪو به ماحول ڏسڻ ۾ نه پيو اچي جنهن اندر عوام پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاري.پر افسوس جو عوام پنهنجا حق وٺڻ بجاءِ خاموشي سان حڪمرانن جي ڄونڊا پٽ ڏسي رهي آهي.ان مان هڪ اهڙي ڳالهه جو به اندازو لڳي ٿو ته يا حڪمرانن وٽ عوام جي ايتري اهميت ناهي جو پنهنجي مسئلن سان گڏ عوام جي مسئلن کي به حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن يا عوام ۾ ايتري سگهه ناهي جو هو پنهنجا حق وٺي سگهي.

عوام کي اها به خبر ناهي ته انهي کان سواءِ هي حڪمراني هي سياست به ڪنهن ڪم جي ناهي.عوام آهي ته حڪمران آهن جي عوام ناهي ته حڪمران به ناهن.پر الائي ڇو اها ڳالهه عوام جي ياد ناهي.جڏهن ته وقت جو تقاضو اهو به آهي ته ٽئي ڪا اهڙي ڌر ناهي جيڪا انهي مسئلي کي اڳيان کڻي اچي.انهي ڪري عوام پنهنجو ماتم پاڻ ڪري رهي آهي ۽ حڪمرانن جي ڄونڊا پٽ آرام سان ويهي ڏسي رهي آهي. شايد عوام جي انهي اندر ئي سڪون ملي رهيو آهي.ڪالهه سپريم ڪورٽ پنهنجي بيان اندر اهو صاف ٻڌائي ڇڏيو ته هن ملڪ جو ڪو ڌڻي ڌوڻي ناهي.هر ڪو پنهنجي پنهنجي سياست ڪرڻ ۾ پورو آهي ۽ انهي سياست کي سموري عوام مٿان مڙهڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي.هن وقت پاڪستان اندر جيتري قدر جهموريت هلي رهي آهي شايد انهي  ڪمروز جهموريت کي به هلڻ کان روڪيو پيو وڃي.جڏهن ته مختلف تجزيڪار اهو به چئي رهيا آهن ته جهموريت جهڙي آهي انهي کي هلڻ ڏيو.ڇو ته جهموريت مان ئي عوام کي ٿورو ئي سهي پر رليف ملي سگهي ٿو.پر شايد اها ڳالهه ڪنهن سياسي جماعتن جي هضم نه ٿي رهي آهي.آئون نه ٿو چوان ته سياسي پارٽيون هڪ ٻئي جي خلاف ڇو آهن.ڀلي انهي سياسي پارٽين جي ڇڪتاڻ جائز هجي ڀلي عمران خان سان اليڪشن ۾ ڌانڌليون ٿيون هجن انهي ڳالهه کان انڪار ناهي پر انڪار انهي ڳالهه کان آهي ته اهو رستو غلط آهي جيڪو ورتو پيو وڃِي.هن وقت جيڪي ماڻهو انهي جهموريت کي خلاف آهن منهنجو صرف انهن کان هڪ ننڍڙو سوال آهي ته ڇا هو اهو سب ڪجهه انهي هڪ آمريت جي دور اندر ڪري سگهن ها جيڪو ڪجهه هن وقت ڪيو پيو وڃي.؟؟

ملڪ جي معِيشت کي مظبوط ڪرڻ جو چيو پيو وڃي ٻئي پاسي جهموريت کي هلڻ ئي نه پيو ڏنو وڃي ته ملڪ جي معيشت ڪئين مظبوط ٿيندي.عمران خان صاحب پنهنجي جڳهه تي بلڪل به سهي هجي پر هي پنج سال ن ليگ کي به پورا ڪرڻ ڏنا وڃن ته جئين عوام کي به ته خبر پئي ته انهي سان سچي پارٽي ڪهڙي آهي.جڏهن ته ن ليگ اليڪشن کان پهرين ئي چيو هو ته سندس اهو ئي مشن آهي ته ملڪ مان بجلي جو بحران ختم ٿي پر اهي نه ٿي سگهيو ملڪ مان بجلي جو بحران ته پري جي ڳالهه آهي مگرئي ملڪ اندر  بجلي جو بحران وڌي ويو.جنهن جي ڪري عوام جي اڪثريت ن ليگ کان ناراض ڏسڻ ۾ آئي پنجاب ن ليگ جو قعلو آهي پر انهي اندر به سندس اميج ڪرندي ڏٺو ويو.جڏهن ته انهي جي خلاف لڳل ڌرڻن جيتري مقبوليت ماڻي اهو انهي ڳالهه جو رد عمل آهي.پر هاڻ وفاق ڪو به ڪم نه ڪري رهي آهي ڇو جو وٺس هڪ بهانو آهي ته وفاق کي هلڻ نه پيو ڏنو وڃي.جڏهن ته عمران خان صاحب خد کي به اها خبر آهي ته سندس ڌرڻن کان وٺي هن وقت تائين هو وفاق ڇو ڇا ڪري سگهيو آهي.ٻيڻو عوام کي آزار ۾ وجهي ڇڏيو اٿس انهي ڪري عوام کي به پورو پورو رليف نه ملي رهيو آهي.اها سڀني کي خبر آهي ته ملڪي سياست اندر عوام جو ڪير ڪيترو خيرخواه آهي انهي ڪري پ پ پنهنجا پنج سال پورا ڪري عوام کي ڇا ڏنو.سنڌ جيڪا سندس ساڄِي ٻانهن آهي پ پ ته انهي کي به کائي کائي ختم ڪتري ڇڏيو .پاڪستاني سياسي اندر اهو رواج آهي ته هتي آزمايل کي به آزمايو ويندو آهي.ان ڪري سنڌ حڪومت شروع کان وٺي انهي جي ورثي ۾ رهي آهي.پر انهي جي ڀيٽ اندر ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي عوام اهين ناهي ڪيو. ۽ جيڪڏهن اهين ڪري ها ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اندر هن وقت به پ پ جي حڪومت هجي ها.ان ڪري اهو سجهڻ ضروري آهي ته جتي سان وڙهنندا آهن اتي ٻوٽا ضرور چپبا آهن.ان ڪري ئي انهي لڙائي اندر عوام ٻوٽن وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي جيڪو شايد سندس نصيب آهي.

 

ابتو زمانو اچي ويو…!!: منير ڊومڪي

اڄوڪي هن مختصر لکڻيءَ ۾ اسان پنجابي ٻوليءَ جي معروف صوفي شاعر بُهلي شاهه(1680_1758)جي مشهور ڪافي ” اُلٽي هوئي زماني آئي“کي سمجهڻ جي هڪ ڪوشش ڪنداسين.هن ڪافيءَ جي وڏي خصوصيت اها آهي ته هي لڳ ڀڳ 3 صديون پهريان جي لکيل ڪافي آهي،پرهن ۾ بيان ٿيل خيال اڄ جي دور جو عڪاس به آهن.بُلهي شاهه جي هيءَ ڪافي نصحيت آميز مثالن ۽ تمثيلي شاعريءَ سان معمور آهي.شاعرتي دنيا جو سچ ان وقت عيان ٿئي ٿو،جڏهن سڄو زمانو ابتو ٿي وڃي ٿو.ابتو ڪيئن؟جڏهن شاعر اهو ڳوڙهو مشاهدو ڪري ٿو ته انسانن جي آباد ڪيل هن دنيا مان اهي سڀ آدرش ۽ اقدار تقريبن وڃائجي ويا آهن،جيڪي انساني صحتمند سماج کي اڏڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندا آهن.

اُلٽي هوئي زماني آئي،تان مين بهيت سجڻ دي پائي!

جڏهن الٽي گنگا وهندي آهي ته پوءِ زماني جي هر شيءِ ۾ ٽيڙ ايندي آهي.ٿلهه کانپوءِ هن ڪافي جي پهرين مصرعي ۾ بظاهر ته شاعربُهلي شاهه پکي ۽ گگدامن جي دنيا ۾ جديد دور جي آمد سان ٿيندڙ تبديلن جو ذڪر ڪري ٿو،پر پرندن ۽ جانورن جا نالاڪتب آڻي تمثيلي طور هوماڻهن جي دنيا ۽ دور تي به تنقيد جا تکا تيروهائي ٿو.

ڪان لگڙان نُون مارن لگي،چِڙيان جُرّي ڍهائي،

گھوڙي چُگڻ ارُوڙيان تي، گدّون خوِيد پوائي!

ته اهڙوزمانو اچي ويو آهي،جنهن ۾ ڪانگ،جن ڪانگن کي ڊيڄارڻ لاءِ ۽ انهن کان بچائڻ لاءِ هاري ويچارا پنهنجي پچيل فصل جي وچ ۾ مصنوعي هڪ ماڻهو جو بت ٺاهي لڳائيندا آهن،جنهن مصنوعي بُت کان اڳي دور جا ڪانوءَ ڊڄي ڀڄي ويندا هئا ۽ فصل جي ويجهو ئي نه ايندا هئا،ته هاڻي اهي ڪانوءَ ان مصنوعي بُت کي چُڳي چُڳي نستوڪري ماري ڇڏين ٿا.نه فقط اهو،اڳي باز جهرڪين کي ماريندا هئا ۽ هاڻي اهي جهرڪيون انهن بازن کي کائن ٿيون،جديد دور اهڙو اُلٽو ٿي ويو آهي!ڀلا!جنهن دور ۾ گهوڙا گڏهن جو کاڌو کائن ۽ گڏهه گھوڙن جا خلَ پهري انهن جا ڪردار ادا ڪن، ته پوءِ ماڻهو اهو چوڻ تي مجبور ته ٿيندو نه” اُلٽي هوئي زماني آئي“.

انسانن جي دنيا جي وڏي ۾ وڏي شناخت ڪيئن پيدا ٿي؟اها ايئن ته جڏهن ماڻهو جهنگلي جانور مان تبديل ٿي دنيا ۾ پهريون ڀيرو ڪٽنب وارو ادارو قائم ڪري انسان واري زندگي بسر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.انساني خانداني زندگي نه فقط ماڻهو کي ذاتي تحفظ جو احساس ڏيندي آهي پر محبت جي قدرن کي درست ڪرڻ ۽ قائم رکڻ ۾ هر وقت مدد به ڏيندي آهي،ته هن ڪافي جي اڳين بند ۾شاعر بُلهي شاهه اڄ جي ماڻهن سان سلهاڙيل انساني نسلي اندروني زندگيءَ جي اجاڙ جا سبب ٻڌائي ٿو:

آپتيان وچ الفت ناهين،ڪيا چاچي.ڪيا تائي؟

پُيو پُتران اِتفاق نه ڪائي،ڌِيّان نال نه مَائي!

اڄوڪو رواجي دورايڏو بگڙجي ويوآهي،جو خانداني قدر به تلف ڪيا ويا آهن.ڪنهن دور ۾”فيملي“ زندگي جيڪا ايڪي اتحاد ۽ محبت جي اهڃاڻ هوندي هئي، هاڻي ان خانداني زندگيءَ مان محبتون موڪلائي ويون آهن.اڄڪلهه جي اولاد نه ماءُ پيءُ جي چئي ۾ آهي،نه ئي چاچن،مامن،چاچين ۽ ماسين جي اها عزت ڪئي وڃي ٿي،جنهن عزت جا اهي مستحق آهن.ٻار والدين ۽ ڪٽنب جي ٻين بزرگن جي صدين کان ٻڌايل صحيح رستن کي ترڪ ڪندا،ته پوءِ ان ۾انهن جي ترقي نه بلڪه تنزلي آهي.

جڏهن خاندان جي ويجهن فردن ۾ محبت جو مقدار وڃي ٻُڻي بچي ۽ پيءُ ماءُ ۽ اولاد جهڙي شرين ۽ مقدس رشتي ۾ به ڏار پئجي وڃن،پنهنجائپ جي پرجوش احساسن بدران لاتعلقي جو احساس وڌي وڃي،ڪٽنب جو وجود داءُ تي لڳي وڃي،ته پوءِ مذهبي،سياسي ۽ سماجي ڏاها سڀ سمجهي ڇڏين ته معاشري جو زوال به اڻ ٽر هوندو.

صوفي شاعر بُهلي شاهه پنهنجي هن ڪافي جي ذريعي انساني قدر وڃائجي وڃڻ جو ڏک ته ڪري ئي ٿو،پران سان گڏ اهو پڻ نشاندهي ڪري ٿو ته ڪهڙا ڪهڙا اقدار ڪن جڳهن تان ڪيئن کسڪي ويا آهن.جڏهن خانداني قدرشناسي ختم ٿي وئي هجي،ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته معاشرتي قدر قائم دائم هوندا؟!

سچّيان نُون پئي مِلدئي ڌڪّي،جهوٽي ڪول بَهائي،

اگلي هو ڪنگالي بيٺي، پِڇليان فرش وِڇائي!

جديد جڳ ۾ معاشري جي پوزيشن به اتي اچي پهتي آهي جو ڪوڙن ۽ منافقن جا کوڙ محل و عمارات آهن،انهن جا ٺٺ آهن،جڏهن ته سچن ماڻهن جي هٿ ۾ پنڻ وارو رڳو ڪشڪول آهي.سچن آدرشي ماڻهن کي هتي جتي ڪٿي ڌڪا ٿاٻا ملن ٿا صرف ان ڪري جو اهي سچ ٻڌڻ ۽ سچ چوڻ جا پيروڪار آهن،جڏهن ته ڪوڙن ٺڳن ماڻهن جي هر ڪو ويجهو آهي،اهي پاڻ به هرڪنهن جي ويجهوآهن ۽انهن جي هر هنڌ هاڪ آهي،ڇو ته ڪوڙن لڱن جو انهن ماڻهن ۾ ۽ انهن ماڻهن جو ڪوڙن ۾ هڪٻئي جا ذاتي مفاد آهن،جن مفادن جي تڪميل لاءِ اهو ضروري آهي ته اهي هڪٻئي جي نظر و نياز ۽ قربت ۾ رهن.آڳاٽي زماني جا ماڻهو،جيڪي سچ جا معتقد هئا، جديد دور ۾ انهن سان اها ويڌن آهي ته هو ڪنگال ۽ غريب آهن انهن جي جهڙوڪر ڪا عزت ئي ناهي، وري اڄ جا ماڻهوعيش و آرام ۾ آهن.پراڻي زماني جا ماڻهو جن کي منافقت ۽ ٺڳي ڪرڻ نه ايندي هئي،سخت محنت اورچائي باوجود به اهي پٽ تي ويهندا هئا يا سمهندا هئا، جڏهن ته جديد عهد جي ماڻهن لاءِ ماربل ۽ سينگاريل فرش آهي،جيڪي ڪجهه نه ڪندي به فرش تي سستيءَ سان آرام ڪن ٿا.اهڙو ابتو زمانو اچي ويوآهي!

هن ڪافي جي آخري بند ۾ شاعر بُهلي شاهه پڙهندڙن کي جديد زماني جي هڪ ٻي ٻٽي رويئي کي وائکو ڪري ٿو ته نئين دور ۾نوڪرن وٽ به اهي قدر باقي وڃي نه بچيا آهن،جن قدرن جي ڪري اهي به سڃاتا ويندا هئا.جڏهن انهن خدمتگارن کي اهو حڪم ڪيو وڃي ٿو ته اهي محل ۾ ايندڙ بادشاهن جي آمد ۾ غاليچا وغيره وڇائن ته جيئن انهن جي ڀرپورآجيان ڪئي وڃي، ته راجا مهاراجائن جي انهن خوبصورت گلمن تي انهن جي پير رکڻ کان اڳ ۾،اهي نوڪرانهن سينگاريل گلمن تي پاڻ گھمي،ڦري ۽ سمهي انهن تي ڀرپور راج ڪن ٿا.جيئن ته انهن خدمتگارن کي پنهنجي مالڪ جو گلمن وڇائڻ جو اڳواٽ حڪم مليل هوندو آهي ته انهن نوڪرن کي اتان هٽائي به نٿوسگھجي جيستائين اهي پاڻ نه چاهن.اهڙو ابتوزمانو اچي ويو آهي!

ڀوُريان والي راجي ڪِيتي،راجيان ڀيڪ منگائي،

بُلهيا! حڪم حضورون آيا،تِس نُون ڪون هٽائي!

(ليکڪ انگريزي ادب جو استاد آهي.)

 

وري هڪ نئين ڌرڻي جي تياري..!!؛ غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين جناب آصف علي زرادي  پنهنجي سموري سياسي وفد سان گڏجي ڪري قبله سائين جناب ڊاڪٽرطاهرالقادي سان ملاقات ڪئي ۽ سندس آستاني تي حاضري ڀري،جنهن مان ائين لڳو ته ڄڻ مٿس لڳل سمورا ڪيس ختم ٿيندا،جڏهن ته هي هڪ الڳ ٿهيوري آهي ته آصف علي رزادي ۽ سندس ساٿين تي لڳل ڪيس ڪڏهن به ختم نه ٿيندا،جڏهن ته مناسب وقت سان گڏ گڏ سندس احستاب ٿيندو رهندو،۽ اهو احستاب آخري حد تائين به ويندو جنهن کان پوءِ احستاب کي مڪمل شڪل ڏئي ڪري پپيپلزپارٽي جو احستاب وارو دروازو شايد هميشه لاءِ بند ڪيووڃي، برحال هن وقت آئون ڳالهه ٻن اڳواڻن ۽ ٻين سياستدانن جي ڪري رهيو آهي جنهن ۾ هڪ آصف علي زرداي ۽ ٻيو ڊاڪٽرطاهرالقادي آهي .

مان سمجهان ٿو ته ايترو وقت ناهي ٿيو جو اوهان اها ڳالهه وساري ويٺا هجو ڇو ته ڪجهه عرصو پهرين عمران خان صاحب ۽ جناب ڊاڪٽرطاهرالقادي پاڪستان اندر ڌرڻن جي موسم کڻي آيا هئا جيڪا ڌرڻن وارو موسم خزان ۾ تبديل ٿي وئي هئي جهن خزان انساني زندگين جا ڪيترائي گل مرجهائي ڇڏيا هئا،هي اهو دور جڏهن عمران خان صاحب ۽ ڊاڪٽرطاهرالقادري ميان نواز شريف جي حڪومت جي خلاف اسلام آباد ۾ ڪينٽينرسجهائي رهيا هئا ۽ پنهنجي پنهنجي ڪارڪنن کي اسلام آباد ۾ ڏس ڏئي ڪري گهرائي رهيا هئا. ۽ ان وقت جناب آصف علي زرداي انهن ڌرڻن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري رهيو هو نه رڳو انهن ڌرڻن جي مذمت ڪري رهيو هو ته ميان نواز شريف جو هڏڏوکي بڻجي ڪري سندس ساٿ ڏئي رهيو هوُ ۽ کيس آٿل دلاسا ڏيڻ ۾ پورو هو ته هوُ ان سان هر موڙ تي گڏ آهي ميان نواز شريف کي جڏهن به آصف علي زرداي جي ضرورت پوندي ته هوُ سندس ساٿ ڏيڻ لاءِ سڀ کان اڳ ڀرو هوندو،ان وقت جناب آصف علي زرداي اهو به چئي رهيو هو ته ڊاڪٽرطاهرالقادري ۽ عمران خان جيڪي ڌرڻا هڻي رهيا آهن اهي غيرجمهوري آهن،ان ڪري سوال اهو به آهي ته ان وقت جيڪڏهن لڳل اها ڌرڻا غير جهموري هئا ته اهي ڌرڻا اڄ ڪئين جهموري بڻجي ويا آهن.؟ جو آصف علي زرداري ڊاڪٽرطاهرالقادري سان ملي ڪري سندس حمايت ڪري رهيو آهي.

جناب آصف علي زرداري ۽ ڊاڪٽرطاهرالقادي ٽي ڪلاڪ مسلسل ملاقات ڪئي ۽ سياسي ڳالهيون ڪيون جنهن اندر جناب آصف علي زرداي ڊاڪٽرطاهرالقادري کي يقين ڏياريو ته هو هن سان هر موڙ تي گڏ آهي جيڪڏهن ماڊل ٽائون سانحي کي وٺي ڪري ڊاڪٽرطاهرالقادي ڌرڻا به هوندو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ان سان گڏ هوندي،اها ياد رکڻ گهرجي ته انکان پهرين چوڌري شجاعت حسين عمران خان ۽ مصطفيٰ ڪمال به ڊاڪٽرالطاهرالقادري سان ملاقات ڪري چڪا آهن۽ کيس يقين ڏياري چڪا آهن ته هوُ سندن ڀرپور حمايت ڪندا،ان ڪري هن وقت پوري قوم پريشان آهي ته آخر سموري پارٽِين جا اڳواڻ آخر ڊاڪٽرطاهرالقادري کي اڳ واٽ جو اهڙيون تجزيرون ڏئي رهيا آهن،ڇو سڀ اچي ڊاڪثرطاهرالقادري جا همدرد بڻيا آهن آخر وجهه ڇا آهي.؟ مان سمجهان ٿو ته پاڪستاني اڳواڻن جي سياست به وڏو منجهيل ڏيري جو سٽُ آهي جنهن کي اڄ تائين ڪير به نه سلجهائي نه ٿو سگهي ۽ نه ئي ڪو سمجهائي ٿو سگهي،هن وقت سموريون پارٽيون ملي ڪري ڊاڪٽرطاهرالقادري کي هشي ڏئي رهيون آهن ته تون ڌرڻو هڻ اسين تونسان گڏ آهيون.! پر جيڪڏهن ڊاڪٽرطاهرالقادري ڌرڻو هڻي به ٿو ۽ خدا نه ڪري ڪو واقعو نه ٿي. پر جيڪڏهن ڪو واقعو ٿئي ٿو پوي ۽ انهي واقعي اندر ڪو جاني نقيان ٿي ٿو ته پوءِ انجو زميوار ڪير هوندو.؟

هن وقت ته سموريون پارٽيون ڊاڪٽرطاهرالقادري سان گڏ آهن مان سمجهان ٿو ته ڌرڻي کي وٺي ڪري ڪو واقعو پيش به اچي ٿو ته ان وقت ڊاڪٽر جو ڪو ڌڻي به نه ٿيندو،انڪري مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن ڊاڪٽرطاهرالقادري ڌرڻو هڻي ٿو ته عاشقان رسول به ختم نبوت جي اشو کي ٻهير کڻي ڪري روڊن تي نڪرندا ۽ پوءِ هڪ دفعو ٻيهر لاهور ۽ اسلام آباد جي مين روڊن تي ڌرڻن جي سوشو هڪ دفعو ٻيهر شروع ٿي ويندو.جنهن اندر ڊاڪٽرطاهرالقادري ،عمران خان،پاڪستان پيپلزپارٽي،پيرسالوي،ڊاڪٽرآصف جلالي،مسلسم ليگ ق، سميت سموريون جماعتون هڪ ئي ڪري پاڪستان اندر ڌرڻا جو سلسلو جاري ڪنديون.

پاڪستان سان محبت ڪندڙ شايد انهي ڌرڻن جي معاملي کي ٻڌي ڪري يقين ڏکيرا هوندا جڏهن ته پاڪستان دشمن پروگينڊا ڪندڙ تمام گهڻا خوش هوندا ته پاڪستان جو امن هڪ دفعو ٻيهر خراب ٿيڻ وڃي رهيو آهي،انڪري پوري دنيا سوچيندي هوندي ته دنيا جي ڇهين آبادي اسلامي ملڪ پاڪستان  جيڪا 2107ع ۾ به سندس عدليه ۽ صحافت آزاد آهي پر ملڪ اڃان به آزاد ٿي نه سگهيو آهي جڏهن  جو چاهي ته روڊن تي ٽائر رکي ڪري پاڪستان جو امن امان خراب ڪري سگهي ٿو،2013ع اندر عمران خان اليڪشن ۾ چار حلقا کولڻ جو مطالبو ڪري رهيو هو ۽ حڪومت مسلسل انڪار ڪري رهي هئي،پوءِ عمران خان 126ڏينهن جو ڌرڻو هنيو جنهن ۾ ڌرڻو هڻندڙن جو به اربين رپين جو خرچ ٿي ويو ۽ ڌرڻو روڪڻ وارن جو به اربين رپين جو خرچو ٿي ويو،پر مسئلو ڪو به حل نه ٿي سگهيو هو ۽ مسئلو ائين جو ائين رهيو،ماڊل ٽائون واقعو به ٿيو جنهن اندر بي گناهه عوام مئي پر سزا ڪنهن به ناهي ملي ۽ وري هڪ دفعو ٻيهر ڌرڻن جي موسم شروع ٿي وئي آهي.

اهو سوال تمام گهڻو اهم آهي ته جيڪڏهن هر مسئلو ڌرڻن سان حل ڪيو وڃِي ته پوءِ هي پوليس هي عدالتون هي ايجنسيون ۽ هي ۽ ٻيا قانون نافض ڪرڻ وارا ادرا ڇا اجالا آهن.؟ انڪري مان سمجهان ٿو ته هن وقت هر ڪوئي پنهنجي من ماني ڪري رهيو آهي ۽ هر ڪوئي پاڻ مڃرائڻ ۾ پورو آهي،مڃڻ ۽ مڃرائڻ اندر عوام جو تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي،ڇو ته ملڪ اندر ڪوبه ڪم حڪمراني روٽين ۽ آئين جي مطابق نه ٿي رهيو آهي،انڪري شايد هن وقت پاڪستان ۾ ٻيهر ڌرڻن جو پلان ٺاهيو پيو وڃي،انڪري هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته لڳندڙ ڌرڻي اندر ڪمزور جهموريت جو ڇا ٿو ٿي.