تازيون خبرون

گلاب ۽ خواب جي وکري وڃڻ جو درد…!!: پروفيسر منير ڊومڪي

لاڙڪاڻي جي اوڀر اتر طرف واقع ننڍڙي شهر مدئجي سان تعلق رکندڙ هڪ معزز تخليقڪار سيد عابد عباس ڪاظمي گھڻ پاسائو نمايان شخصيت آهي.بهترين تنقيد نگار،براڊ ڪاسٽر ۽ زبردست ڪمپيئر ته هو آهي ئي،پرپنهنجي ذات ۾ هو هڪ لائبريري به آهي.سياست هجي،مذهب هجي،سماجيات هجي يا هن جو پسنديده فيلڊ فلسفو ۽ ادب هجي انهن موضوعن تي ڳالهائڻ ۾ سمورو وقت ۽ سج جو رنگ نارنگيءَ مان نيرو ٿي ويندو،پرسائين عابد جو علم کٽڻ جو نالو ئي نه وٺندو. آئون هن سان کائنس پهريون ڀيروان وقت مليس،جڏهن آئون ڪاليج ويندڙشاگرد هئس،پوءِ ان وقت کان وٺي مسلسل ڏهه ورهيه مون بطور ريڊيو اردو ڪمپيئر پنهنجي برجستي براڊ ڪاسٽر سائين عابد عباس ڪاظميءَ سان گڏ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي ۾ گذاريا.

سيد عابد ڪاظمي نثر جو نرالو ليکڪ آهي،پر هن جو نظم جي ٻوليءَ تي دسترس به ڪمال جو آهي ۽ خاص ڪري اردو شاعري ڄڻ ته هن جي پنهنجي دل جي ٻولي آهي.اهو ئي سبب آهي جو هڪ سنڌي ڳالهائيندڙ ٿي ڪري،هن اردو شاعريءَ جي فيلڊ ۾ پنهنجي شاعريءَ جي پهرين مجموعي ”خواب هوائون پي لکهون“ سان ڊبنگ انٽري ڪئي آهي.سيد عابد ڪاظمي جنهن جي اردو شاعري جي مجموعي کي پڙهڻ کانپوءِ اردو ادب جي هڪ نامياري نانءُ محترم عطاالحق قاسمي،هن جي شاعري جي ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي چوي ٿو ته ”عابد ڪاظمي جي شاعري لطيف طرزِ احساس ۽ معصوم جذبن جي ترجمان آهي،ان جي شاعري کي پڙهي انهيءَ تازگي جو احساس ٿئي ٿو جيڪو شام جي وقت سنڌ ۾ هلندڙ هوائن کان محسوس ٿيندو آهي.“سيد عابد عباس ڪاظمي جي شاعري ڪيترن ئي خصوصيتن سان سرشار آهي.بطور تخليقڪار هو پنهنجي شاعريءَ ۾ سادن لفظن سان به وڏو تخليقي ورتاءُ رکي ٿو.هن جي شاعري ۾ معصوم جذبن جو به ججهو نماءُ آهي.هو شعرن کي سرجڻ وقت پنهنجي لب و لهجي کي وڏي افاديت ڏي ٿو.بظاهرته هن جا لفظ عام ۽ روز مره ٻوليءَ جا لفظ هوندا آهن،پرانهن لفظن جي ظاهري ۽ اندروني معنى کي سمجهڻ لاءِ ڪي پل لڳي وڃن ٿا ۽ انهن لاءِ وڏي عقل و فهم جي ضرورت به هوندي آهي.ڪاظميءَ جي شاعريءَ جي سڀ کان وڏي خوبي اها به آهي ته هو سحرانگيز شاعري ڪري ٿو،هڪ اهڙي قسم جي شاعري،جيڪو ٻڌندڙ يا پڙهندڙ کي ائين ته لڳي ٿو ته اهڙي سادي ۽ دل کي لبها.ئيندڙ شاعري اهي پاڻ به ڪري سگھن ٿا،پر جڏهن ٻڌندڙ يا پڙهندڙ پنهنجو قلم کڻي اهڙي قسم جي شاعري لکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته پوءِ اهي ان قسم جي شاعري ڪرڻ کان پاڻ قاصر ٿي وڃن ٿا،ڇو ته انهن کي خبر پئجي وڃي ٿي ته اهڙي قسم جي اعلى ۽ منفرد شاعري صرف ان شعر جو شاعر ئي ڪري سگھي ٿو ٻيو ڪو به نه.اڄ اسان هن جي اردوشاعريءَ جي پهرين مجموعي ”خواب هوائون پي لکهون“مان هن جي هڪ نامياري غزل” سوکهه ڪر اِڪ گلاب بکهرا هي“تي هڪ نظر وجهنداسين.

سوکهه ڪر اِڪ گلاب بکهرا هي،

جاني ڪس ڪا يه خواب بکهرا هي؟

شاعرعابد عباس ڪاظمي جي هن غزل جي پهرين بند يعني مطلع ۾ ئي هڪ گھري فڪر جو جامع اظهار ڪيو ويو آهي.هن مٿين شعر ۾ بظاهر ته پڙهندڙن کي ائين لڳي ٿو ته هڪ گلاب جي گل جي مرجهي وڃڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي،جنهن گلاب جي گل  سان ڪنهن جو خواب سلهاڙيل هو.پر شاعر جو وکريل گلاب مان مراد دراصل! محبت آهي،اها به اجڙيل ۽ وکريل حالت ۾!!

شاعرڪاظمي هڪ وکريل گل جي ذريعي هن بند ۾ نه فقط ظاهري اجڙيل ويران محبت جو نوحو ٻڌائي ٿو،پرساڳئي وقت پنهنجي شاعرانه ڏانءُ سان ڪتب آندل استعارن”گلاب“ ۽ ٻي سٽ ۾”خواب“ جي ذريعي محبت جي ابدي ۽ حقيقي فطرت کي به ايڪسپلور ڪري ٿو، محبت جي اها ابدي فطرت ته ”ساٿ ڪيسين محبتون رهنديون؟“هڪ گلاب جو گل ڪڏهن اڀرندو،ٽڙندو۽ ٻهڪندو آهي؟جڏهن بهارجي موسم هوندي آهي،پر بهار کانپوءِ ان گل جو اجڙڻ اڻ ٽر هوندو آهي.نئون تازو گل هوندو آهي ته پوءِ ان جو تازگي ۽ خوشبوءِ به وڻندڙ هوندي آهي.نئون گل ٽڙي،پوءِ مرجهائجي ۽ پوءِ ختم ٿي ويندو آهي ائين ئي نئي حب جو تعلق گرم ۽ جوشيلن جذبن سان هوندو آهي ۽ انساني محبت به جذبن ۽ حالتن جي رحم ڪرم تي آهي،جيڪي جذبا ۽ حالتون ڪڏهن به ساڳيون ۽ مستقل نٿيون رهن.ڇڙوڇڙ ٿيل گلاب مان ٻيو اهو به مطلب آهي ته محبوبا جي حالت به اجڙيل ويران آهي،اها مها گل جيڪا ڪنهن ديواني جو خواب هوندي هئي.جڏهن مهه جبين ئي اجڙيل ۽ وکريل آهي ته پوءِ پيار وارو خواب ڪيئن رنگين ۽ سالم ٿي سگھي ٿو؟هڪ ديواني لاءِ اها هڪ اهڙي حقيقت هوندي آهي،جيڪا روح کي جهنجهوڙيندڙ هوندي آهي.

ادب ۾ ۽ خاص ڪري شاعريءَ ۾ گلاب جو گل هڪ مڪمل، پرسڪون ۽ هم آهنگ دنيا جي علامت طور به ڪتب آندو ويندو آهي.جيڪڏهن ڪو گلاب مرجهائجي وکري ويو آهي ته ان جو مطلب ته دنيا مان هم آهنگي به ختم ٿي وئي آهي ۽ خواب وکري ويو آهي ته ان جو مقصد ڪنهن جو ته اهو خواب هو،جيڪو انسانن جي آباد ڪيل هن سڄي دنيا کي هڪ ڪرڻ پئي چاهيو ٿئي،پر افسوس ته ان ماڻهوءَ جو اهو خواب پورو نٿي سگھيو ۽ اهو خواب منتشرٿي ويو!!

جيئن ته گلاب مرجهيل ۽ خواب وکريل آهي،شاعر جي اهڙن سنجيده جذبن جي عڪاسي مان اهو به مراد آهي ته سونهن به پنهنجي فطرت ۾ فاني آهي.”گلاب“ يعني محبوبا جيڪا ڪنهن وقت ۾ پنهنجي زيب و زينت جي ڪري سڃاتي ويندي هئي، هاڻي اها ان ساڳي شڪل و صورت ۾ نه رهي آهي ۽ آشنا جو اهو خواب ته سجني هميشه پنهنجي جواني ۽ سونهن سڀيتا وارين ڏينهن ۾ ئي رهي ۽ هو هن کي هميشه ائين ئي سونهن سورنهن سينگارن ۾ ئي پسندو رهي،هن جو اهو خواب ساڀيان نه پئي ٿي سگھيو،اهو خواب هاڻي وکرجي ويو آهي.

شاعر عابد ڪاظميءَ جي هن غزل جي وڏي خصوصيت اها به آهي ته هن پنهنجي سليس،نرم ۽ ملائم ٻوليءَ جي ذريعي وڏي مهارت سان خيالن جي تسلسل کي برقراررکيوآهي.غزل جي مطلع ۾ جنهن دل نشين جي ڦٽيل سونهن جي پهرين مصرعي” سوکهه ڪر اِڪ گلاب بکهرا هي“ ۾ ذڪر ڪيو ويوآهي پوءِ هن ئي غزل جي ٻي بند يعني ”حُسن مطلع“ ۾ محبوبا جي سونهن ختم ٿيڻ واري ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي.اهو به محب کي جڏهن ڪو ٻيو ان جي حُسن بابت سوال ڪري ياد ڏيرائي ٿو ته هن جي سونهن ۾ اها دلفريبي ۽ ڪشش باقي نه رهي آهي:

ڪس ني مارا سوال ڪا پٿر؟

آئيني ڪا جواب بکهرا هي!

شاعر جو هن بند ۾ آئيني کي استعاري ۽ علامت طور استعمال ڪري زندگيءَ جي اصل حقيقت پڻ ٻڌائڻ آهي.آئيني جو ڪم ڇا هوندو آهي؟جسماني طور آئينو روشني جي عڪاسي ڪندو آهي،پراهو انسان کي پنهنجي ظاهري دنيا جي سچ کان به آگاهه ڪندو آهي.هتي هن مٿين بند ۾ آئيني مان مراد اها واقفيت ۽ آگاهي حاصل ڪرڻ آهي ته جنهن زيبائتي صورت تي دلربا جيڪي ناز نخرا ۽ ارڏائي ڏيکاريندي هئي،هاڻي آئيني ۾” جواب بکهرا هي!“ پنهنجي موجده وکريل عڪس کي ڏسي اتي ئي ڄڻ ته جهٽ پل ۾ هن جي زندگيءَ جون هڙ ئي حسين بهارون ختم ٿي خزان ۾ تبديل ٿي ويون هجن!!

اردو شاعر غالب چيو هو ته انسان هزارين خواهشن ڪرڻ واري مخلوق آهي،جنهن جي هر خواهش تي خواه اها خواهش پوري ٿئي يا نه ٿئي،ڄڻ ته زندگي آهسته آهسته کٽندي وڃي ٿي.شاعر عابد عباس ڪاظمي جي غزل جي اڳين سٽن ۾ به اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته ،نه فقط هڪ خواهش جي پويان ٻي خواهش ڪندڙ پرننڍڙي حياتي ۾ وڏين خواهشن جي پويان هر وقت ڪنهن بي لغام جانور وانگر بي حس ڊوڙندڙ آدمي کي اها خبر ئي نٿي رهي ته هو ڪيئن پاڻ قدم قدم تي بي حساب وکرجندو وڃي ٿو.

خواهشون ڪو سميٽتي يارو،

آدمي بي حساب بکهرا هي!

ٻن انسانن جي وچ ۾ قائم محبت ۾ سڀ کان وڏي تڪليفده ڳالهه انهن جي زندگيءَ ۾اچانڪ ڪهي آيل جدائي جي بي رنگ موسم هوندي آهي.اهو بي رحم وڇڙي جو واچوڙو جڏهن ايندو آهي ته پوءِ محبوبا جي ڪل ثبات زلف توڙي شباب جو اهو حشر ڪري ڇڏيندو آهي،ڄڻ ته ماڻهو جيئري ئي مئل هجي!

موسم هجر آگيا شايد،

بال بکهري،شباب بکهرا هي!

شاعر عابد عباس ڪاظميءَ جي مٿين غزل جو هي ”بيت الغزل“ آهي.يعني هن جي سڄي مٿين غزل جو فڪري حوالي سان سڀ کان بهترين بند آهي.پڙهندڙن کي هن ئي بند ۾ هڪ ڳوڙهو فلسفو به سمجهايو وڃي ٿو.”هجر“مان هتي مراد ماڻهوءَ جو هن دنيا مان طبعي طور هميشه لاءِ موڪلائي وڃڻ به آهي.ماڻهو جڏهن پنهنجي زميني حياتيءَ جي سڀ حالتن ۽ صورتن جو گھمرو پورو ڪري ٿو،پهريان ننڍپڻ، پوءِ شباب ۽ جواني،پوءِ پيري ۽ پوءِ آخر ۾ هن جو هن دنيا مان ناس ٿي هجر ڪري وڃڻ هوندو آهي.

جيڪڏهن محبت ٻه طرفه ۽ سچيت جي احساسن سان ڀريل آهي ته پوءِ وڇوڙو ٻنهي محبوبا توڙي چاهيندڙ کي هڪ جيڏي سزا ڏيندو آهي.جڏهن هجر جي بي رحم موسم هجي ۽ دل نشين جا وار وکريل ۽ شباب وکريل هانوءَ کي وڍ ڏيندڙ منظر هجي،پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هن جو چاهيندڙ سالم ۽ سلامت هوندو؟!نه هرگز نه.

خود ڪو هوا سا لگتا هون،

کچهه تو مجهه ۾ جناب بکهرا هي!

(ليکڪ انگريزي ادب جو استاد آهي.)

Muneerdomki84@gmail.com

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *