تازيون خبرون

ڪڪرا ڪربلا جا………..شهيدن جي سوڳ ۾ سنڌ جي ايڪتا جو سفر: بيدار جعفري

سنڌ واسين جو سلام پهچي ڪربلا جي پاڪ ۽ پوتر خاڪ تي جنهن ۾ شامل شهيدن جي خون جي خوشبو سڄي سنسار کي حق ۽ سچ لاءِ سر گهورڻ جي دائمي دعوت ڏئي ٿي. سنڌ جو سادات خاص طور تي اهلبيت رسول صه سان رشتو ئي ته اهڙو آهي جو هن موسم ۾ سڄي سنڌ هڪ عزا خانو بڻجي ويندي آهي. صوفين جي سڳوري سنڌ جو حسن ئي نرالو آهي جو هتان جا سمورا رهواسي سوڳ ۾ مومن ۽ مولائي نظر ايندا آهن. ڀلا ايئن هجي به ڇو نه ! حيدر عه جي غلامن منجهان جڏهن هڪ ننڍڙو مدح خوان سائين شمشيرالحيدري اسان کان موڪلائي رهيو هيو ته سندس ساهه ۽ سرير جو رشتو ناتو تيستائين قائم رهيو جيستائين سندس گهر وارا سيراندي تي سندس مٿي مٿان ناد_علي عه جو ورد پڙهندا رهيا ، پوءِ مولا علي عه جي شهادت جو ڏهاڙو 21 رمضان آيو ۽ ٺيڪ مولا جي شهادت جي وقت يعني پرهه ڦٽي کان پوءِ سندس روح جو پکيئڙو اڏامي ويو، پوءِ دنيا چيو ته واقعي هي ديوانو حيدري هو، تڏهن ئي ته هو چوندو هو ته ”هزارن ۾ حيدري آهيان“ ۽ هاڻي مونکي ياد اچي ويو علي حسن چانڊيو ! جڏهن آئون سندس ڪتب خاني تي نظر ڦيرائيندو هوس ته مونکي سندس هزارن قيمتي ڪتابن ۾ شاهه نجف جو نسخو ” نهج البلاغه “ به نمايان ۽ نروار نظر ايندو هو ۽ جمال نقوي، سبط حسن ،امام علي نازش ۽ سجاد ظهير جيان هي روشن خيال اڳواڻ چوندو هو ته ذوالفقار علي ڀٽي جڏهن ملڪ ۾ ليبر لا پي ٺاهيو ته ان وقت علامه نصير الاجتهادي سندس اڳيان حضرت علي عه جو ڪلام پيش ڪيو هو ۽ پوءِ سڀني کي پورهيت جي پگهر سڪڻ کان اڳ اجرت ادا ڪرڻ وارو فلسفو سمجهه ۾ اچي ويو هو . پر دوستو ! اوهان کي خبر آهي ته هن سال جڏهن علي حسن اسان کان اڻ موڪلايو هليو ويو ته وڇوڙِي جو اهو ڏينهن 15 رمضان يعني امام حسن مجتبيٰ عه جي ولادت جو ڏينهن هو. سنڌ جو عاشق غلام محمد جعفري راڻيپور وارو اسان کان عاشور جي ڏينهن وڇڙي ويو هو. پر خبر اٿو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جنهن سڀ کان پهريائين ” جيئي سنڌ جيئي سنڌ ، جام محبت پيئي سنڌ ………..“جو نعرو هنيو هو ۽ اهو به لکيو هو سنڌ ۾ ڪو به يزيد پليد پيدا نه ٿيندو سو اسان کان ڪهڙي ڏينهن موڪلائي ويو هو ، اهو به هڪ راز آهي………………. سنڌ وارن جي محمد صه ، علي عه ، فاطمه عه ، حسن عه ، حسين عه ۽ انهن عظيم هستين جي نالن سان ڪيتري ته محبت آهي جو اوهان کي اهي نالا سنڌ جي هر گهر ، هر گام ۽ هر گهٽي ۾ نظر ايندا . دور ڀلي ڪهڙو به هجي ، بني اميه ، بني عباس کان وٺي اڄوڪي آمريڪي چرخي توڙي سندس پاليل ڇاڙتن جا ڇيهه هجن پر پوءِ به سنڌ جي وک وک تي اهو ذڪر عام نظر ايندو .سنڌ ۾ شهيدن جي مزارن مٿان هر هنڌ حضرت عباس جو علم پاڪ نظر ايندو آهي . جڏهن جڏهن به سنڌ جو ارڏو عاشق بشير خان قريشي پنهنجي اباڻي ڳوٺ رتيديري ويندي هو ته هو سڀ کان پهريان ئي وڃي جسٽس ديدار حسين شاهه وارن جي قديم ترين وڏي علم پاڪ هيٺ حاضري ڏيند هو، نياز ۽ نوڙت ۾ سندس تڪيو ڪلام هوندو هو” اسان ته سيدن جا غلام آهيون.“ آزادي جي هن سرواڻ جو اهو اشارو ته سائين جي ايم سيد ڏانهن هوندو هو پر جڏهن سائين محبوب علي شاهه ساڻس ڀاڪر پائي بي تحاشا محبت ڪندو هو ته ڪامريڊ بشير سائين کي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪندي وينتي ڪندو هو سائين! منهنجو ڪفن ڪربلا مان آڻجو ۽ ٿيو به ائين جو سائين محبوب شاهه جڏهن ڪامريڊ جو غسل علامه اياز قمي کان ڪرايو ته هن سوڳوار سيد اشڪبار اکين سان چيو ها اسين حاضر آهيون ۽ توکي سنڌ جو آخري تحفو اجرڪ ۽ مالڪن جي آخري امانت ڪربلا جو ڪفن ڏيون ٿا ۽ پوءِ سندس قبر ۾ ڪربلا جي مقدس مٽي به رکي وئي ۽ اهائي ته سر زمين آهي جتي شهيدن تلوارن ۽ تيرن جي وسڪاري ۾ آخري سجدا ڏنا هئا.

سنڌ اندرمحرم ۾ سلام جو اندازو به نرالو هوندو آهي. ڀنل اکين سان ٻئي کي سلام ڪندڙ ڪارن ڪپڙن وارو عزادار چوندو ” ياحسين عه “ ۽ سمورا ٻڌنڌڙ جواب ڏيندا ” واليءِ حسين “ !!! ۽ جڏهن ڪنهن به ڪنڊ مان اوچتو اوچتو فضائن کي چيريندڙ آواز ” علي مولا، حيدر مولا “ …….. يا ” يا حسين عه يا حسين عه“ ڪنهن جي ڪنن تائين پهچندو ته اهو ضرور فرش عزا تي پهچي ويندو. امام حسين عه جي بزم سڀني جي لاءِ هر وقت کليل آهي. تڏهن ئي ته مير انيس چيو هو ته:

مهلت جو اجل دي تو غينمت اسي جانو

آماده هو روني پي سعادت اسي جانو

آنسو نڪل آئين تو عبادت اسي جانو

ايذا هو جو محفل مين تو راحت اسي جانو

دربار معليٰ هي ولي ابن ولي ڪا

جاري هي يه سب فيض حسين ابن علي ڪا

 

سنڌ منهنجي سمورين محبتن جو مرڪز آهي. جنت البقيع ، رياض الجنت ، بهشت زهرا عه ، مشهد مقدس ۽ دامن نجف مان هر هڪ مقدس ماڳ جو مان ۽ مرتبو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڏاڍو مٿڀرو آهي پر جڏهن مونکي سنڌ جي قدم گاهه مولا علي عه ، درگاهه عبدالله شاهه غازي يا ڀلاري ڀٽ ڌڻي جي ڀونءِ جو تصور دل ۽ دماغ ۾ ايندو اهي ته من انهن ماڳن تي وڃڻ لاءِ آتو رهندو آهي پر ان کان وڌيڪ سنڌ واسين جون نسبتون لفظ حسين عه سان آهن. هزاره جتي به آباد ٿين هو سڀ کان پهريائين   زمين جو هڪ ٽڪرو امام حسين عه جي نالي سان مخصوص ڪندا آهن حيدرآباد جو علائقو ” حسين آباد “ به اهڙن ڀاڳ ڀرين ٽڪرن مان آهي جنهن جي نسبت شهيد ڪربلا سان آهي . هر امام بارگاهه جي نسبت به امام حسين عه سان آهي تنهن ڪري سموري عرب ۽ عجم دنيا ۾ امام بارگاهه کي حسينيه چيو ويندو آهي . ڪراچي جو قديم عاشور خانو حسينيه ايرانيان ،ناظم آباد جو امام بارگاهه حسينيه سجاديه وغيرهه ان جو مثال آهن.

ٿر جي مٽي ته ڄڻ ڪربلا جو مثال آهي، هن ڏس ۾ سنڌي لوڪ ادب جي استاد ڊاڪٽر پروفيسر عنايت حسين لغاري ، سائين غلام علي الانا ، ڊاڪٽر شوق يا سيوهڻ ڄائي مرثيه خوان پروفيسر سڪينه سمون ئي ڪجهه ٻڌائي سگهي ٿي پر جڏهن اسان کي ڪربلا جي رڻ ۾ امام حسين عه جا چيل هي لفظ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ته ڇڏيو ته اسان سنڌ وڃون تڏهن دل ۽ دماغ سوچڻ تي مجبور ٿين ٿا ته 61 هجري ۾ ڪهڙي ڳالهه هئي جنهن امام حسين عه کي هند / سنڌ ياد ڏياري هئي. ڪربلا جي قضئي بعد ظالمن جي ظلم کان بچڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ سيد اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا ۽ پوءِ ٺٽي مان اسلام ۽ عزاداري جو ڪلچر سڄي هندستان ۾ داخل ٿيو.

سنڌ صوفين جي سر زمين آهي جتي سڀ ماڻهو ايڪتا سان رهن ٿا پر جڏهن رياستي ادارن عالمي قوتن جي اشاري سبب اتر وزيرستان ۽ محسود قبائل کي منظم طريقي سان سنڌ جي سمورن هاءِ ويز ، گذرگاهن ، شاهراهن تي آباد ڪرائي کين اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ بڻايو آهي تڏهن کان سنڌ جي وجود لاءِ وڌيڪ خطرا پيدا ٿيا آهن. ڀورو ڀيل واقعي جا پيرا کڻو اهي وڃي يزيدي ٽولي سان ملندا ، جن کي آمريڪا ۽ عرب ملڪ اربين ڊالر ڏئي سنڌ ۾ طاقت ور ۽ انتها پسند قوت بڻائي رهيا آهن. سنڌ ۾ وڌندڙ انتهاپسندي ٻاهران ٻئي اچي ۽ ان ڪڌي ڪرتوت ۾ هتان جا ڪجهه رهبر نما رهزن به شامل آهن، آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندڙ طبقا سڀ کان وڌيڪ نقصان امام حسين جي عزاداري کي پهچائڻ گهرن ٿا، انهن کي خبر آهي ته جتي حسينيت جو وجود آهي اتي يزيديت بيهي نه سگهندي.

ٿر جي مٽي سان واڳيل مشهور اديب محمد عثمان ڏيپلائي جو 70 ورهيه اڳ لکيل ڪتابچو ”شهيد ڪربلا“ ۽ 34 سال اڳ لکيل ڪتاب انقلاب ايران منهنجي هٿن ۾ آهن. سندس عظيم قلمي پورهئي جو ذڪر مونکان ممڪن ڪونهي پر دعويٰ سان چوان ٿو ته قيامت جي ڏينهن هي ڏاهو زاد راهه ۾ فقط هي ٻه پورهيا ئي پيش ڪري ته سندس منزلت مٿانهين نظر ايندي. لکي ٿو” پيروان حسين شهادت جو سبق سکن ته يزيدان وقت جي ظلمن کان دنيا کي نجات ڏيارڻ لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جو سليقو حاصل ڪري سگهندا“

مبارڪ مائرن کي جن ڄڻيا ٻچڙا خدا ڪارڻ

خدا جي دين ڪارڻ ۽ محمد مصطفيٰ ڪارڻ

عمارت دين بر حق جي دوباره بڻجڻي آهي

شهيدن جو مقدس خون ٿو گهرجي بقا ڪارڻ

سنڌ جا سمورا رهواسي هن سوڳ ۾ شامل آهن، شال امام حسين عه جي امڙ سنڌ واسين مان راضِي رهي. سنڌ جي فضائن ۾ اڄ کان سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي سان گڏ صوفي جهامنداس عاشق ، ديوي روپ ڪماري، ڪاڪا آڏواڻي ۽ ٻين انيڪ عزادارن جا مرثيه ، نوحا ، سلام ۽ ٻيا منظوم عقيدت ناما گونجڻ شروع ڪن ٿا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *