تازيون خبرون

ڪڪرا ڪربلا جا…… جهانگارا کان جهرڪ تائين ايام عزا جو سفر : بيدار جعفري

سيوهڻ لڳ ڀڳي ٽوڙهي ۽ لڪي جي لڪن مان ڪڏهن لاڳيتو ۽ ڪڏهن گاهي به گاهي ” ياحسين ياحسين“ جون صدائون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. اهو گريو، سينا ڪوبي ، روڄ راڙو ۽ ماتم ڪو هاڻوڪو ناهي. جتي سڄو سال قلندري ڌمال هلندي آهي اتي هن موسم ۾ سُر ۽ سوز به سوڳوار ٿي وڃن ٿا. لاهوت لامڪان ويبدي جيڪي پانڌيئڙا هتان گذرن ٿا سي جهانگارا ۽ باجارا جي ثقافتي قدرن ، نج سنڌي مرثئي ، جوڳين جي جهونجهار، آديسين جي آهن ، منڇر جي ماتمي تلاطم ، مقامي سادات جي ايثار ۽ قرباني کان به آگاهه آهن. ها، اهو سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد عبدالله شاهه ئي هو، جنهن پنهنجي جنم لاءِ دعا گهريل ڌرتي تي باجارا ۾ وڏو علم پاڪ نصب ڪيو هو . اڄ به دنيا وارا هن جو ذڪر ان شاندار علم پاڪ جي تنصيب سان ڪن ٿا. آراضي جي آس پاس سيد ڪوڙل شاهه جي سڳوري خاندان جي خدمتن جي واکاڻ ڪهڙن لفظن ۾ڪجي، ٿورو پري ٽلٽي جي عظيم عزادار سيد گنبل شاهه جون رباعيون ، ڏوهيڙا، ذڪر حسين جي محفل به زبان زد عام آهي. اهي سمورا سادات اصل ۾ سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي جي فڪري قبيلي سان تعلق رکن ٿا جيڪي جڏهن به زبان تي لفظ ” حسين “ آڻيندا هئا ته سندن اکين جو سمونڊ ڇيهه ڏئي ڇڄي پوندو هو. خدا ڄاڻي لفظ حسين سان اکين جي آب جي نسبت ڪهڙي آهي جو لاکيڻي لطيف کي به هي چوڻو پيو :

اکين ڪين ڪيو جو رت نه رنائون

پلاڻيندي پرين کي بيٺي ڏٺائون

انهن اکين آئون ڪهڙو ڪجل پايان

مونکي جهانگارا جي جوءِ واري هو به هو ساڳئي عزاداري جو چٽو پٽو عڪس سنڌ جي قديم راڄ ڌاني ” جهرڪ“ ۾ به نظر اچي ٿو . جيتوڻيڪ نوري آباد کان جهمپير ايندي ان ڏورانهين پهاڙي ۽ ڪوهستابي پڊن تي مرتضيٰ آباد جي گهٽين مان ساڳئي گونج ڪنين پوي ٿي پر جهرڪ ۾ جئين ۾ جهير پون ٿا . ” جهرڪ“ ڇا آهي؟ قوم جي ابي محمد علي جناح رحه جي جنم ڀومي ، سنڌو جي ڪناري آباد سنڌ جو قديم ڳوٺ ، آغا خانين ۽ اسماعيلين جي سرگرمين جو ماضي وارو مضبوط مرڪز ، سيٺ جعفر خواجه جي تهجد گذاري وارو مسڪن ، امام بارگاهه ۾ پوريل 72 شهيدن جو آخري آرام گاهه ، سنڌ جي پهرين ميونسپل ڪاميٽي ، وادي مهران جو سهڻو سينٽوريم ، ڌرتي جي ڪچي ۽ پڪي جي گذر گاهه ، تاريخي وهڪري ۾ ڌارين جي معرڪه آرائي جو مرڪز ، ڌرتي ڌڻين يا ڌراوڙن جي عزاداري جو سڀ کان انمول مرڪز ……….!!! کارادر جا هڙئي عزا خانا هتان جي رهاڪن جا بنايل آهن ۽ اڃا وڌيڪ سولو اهو ته جهرڪ جا ماڻهو   سڄي سنڌ ، سڄي ملڪ ۽ سڄي دنيا ۾ عزاداري جا سفير آهن. هي جتي به ويا آهن اتي ” ذڪر حسين “ جي هڪ نئي دنيا آباد ڪري رهيا آهن. ان ۾ ڪا نئين ڳالهه نه آهي ته ڊيلي ڊان ڪراچي جو مشهور ترين ڪرائم رپورٽر چاچا غلام علي جنهن ملڪي سطح تي شهرت ماڻي سو به هتان جي چيڪي مٽي جي پيداوار هو ۽ هن عزادار آخري ڏينهن نئين آباد ڪراچي جي هڪ سوڙهي گهٽي ۾ واقع امام بارگاهه غريب الغربا ۾ گهاريا. مون 80عه واري ڏهاڪي جي ڏينهن ۾ اکين سان اهو به ڏٺو جو کارادر ۽ کڏي مارڪيٽ جا پوڙها خواجه گجراتي ، سنڌي ، اردو گاڏڙ پولي ۾ محرم جو چنڊ ڏسڻ کان اڳ هجوم ۾ هڪ پئي کي ٻڌائيندا هئا ته فلاڻي تاريخ تي جهرڪ هلبو . هاڻي ته اهي ڪراچي جي حالتن سبب اولڊ ايريا کان ڪڻو ڪڻو ٿي ويا آهن پر ويجهي ماضي ۾ هو کارادر جي عزاداري جي به وڏي رونق رهيا . ننڍي کنڊ جي وڏي سياسي ليڊر جعفر فندو جو جڳ مشهور وارث غلام علي فندو جيتوڻيڪ ٺٽي ضلعي جي ويران وسندي ” رڙي“ کي وساري نه سگهيو آهي تڏهن به جڏهن هن اڳيان جهرڪن جو ذڪر ڪبو آهي ته سندس اکيون آب ديده ٿي وينديون آهن. عزا خانه زهرا عه ڪراچي جو عزادار شوڪت علي ويساڻي ، ريڊيو پاڪستان جو امداد علي خواجه ، پي آئي اي جو محسن علي ، مشهور سياستدان ڊاڪٽر الطاف حسين ۽ سوين ٻيا به جهرڪ سان نسبت رکن ٿا.سائين جي ايم سيد خوجن جي ٻن ڌڙن ننڍي جماعت ۽ وڏي جماعت خواجه شيعه اثناءِ عشريه ۽ خواجه اسماعيليه جي تاريخي رزمگاهه به جهرڪ کي قرار ڏنو آهي.

سج لهڻ کان ٿورو اڳ جهرڪ جي ايڏين ٽيڏين گهٽين ۾ پير رکڻ مهل روح مان رڙ نڪري     وڃي ٿي مونکي خواجه عبدالعلي – ڪرم علي جو رثائي ڪلام فضا ۾ اڄ به گونجندي نظر اچي ٿو . جيئن بهار ۽ سانوڻ رت ۾ ماکي جا مکا گلن جي سرهاڻ ۽ رس جي ڳولا ۾ نڪري پوندا آهن تئين محرم جي چنڊ ڏسڻ کان اڳ عبدالعلي جو ڪلام سيد ثابت علي ۽ پروفيسر سبط جعفر ، انيس ۽ دبير جي رڇنائن جيان مرقد حسين عه جو طواف شروع ڪري ٿو. منهنجي من جي مانڌاڻ ۾ هي اشعار وڌيڪ بيچيني پيدا ڪن ٿا:

نصرت شبير ڪا گر ايڪ لحمه بي ملي

زندگي اتني بهت هي زندگي ڪي واسطي

پر جڏهن چاهجي ٿو ته اسان جي وستي ۾ سانئڻ زهرا عه تشريف فرما ٿئي ته پوءِ

غم حسين ڪا مجهه په ڪرم هي ورنه

ڪهان غريب ڪا گهر ڪهان حسين ڪي مان

مونکي هن سرزمين جي ڪنڊ پاسي ڀائو صادق علي / لطف علي وارن جي حويلي جي هڪ پاسي واقع عورتن جي قديم عزاداري واري مرڪز ۾ اها ڪيفيت محسوس ٿي ! جتي سالن کان سڏڪا روان رهن ٿا.

مرحوم آغا حسن علي شاهه اول ۽ هزهائينيس پرنس آغا خان چوٿون سان منصوب 1843 واري محلات کان وٺي خواجه شيعه اثناءِ عشريه جماعت جي عمارتن ، مسجد ، امام بارگاهه ۽ قديم پڙ تائين هڪ وڏي تاريخ جو تسلسل نظر آيو. اتي علامه عارف حسين الحسيني جي شهادت واري ڏينهن 5 آگسٽ 1988 تي جديد اڏاوت مڪمل ٿي هئي ۽ اتي جشن عيد غدير ۽ جشن عيد مباهلا وارين تقريبن ۾ سڄي سنڌ اٿلي پئي هئي.

1941 ۾ حسيني انتظاميا ڪاميٽي جون واڳون عبدالعلي جي هٿ ۾ آيون. هي به هڪ عزادار گهراڻو آهي. جنهن جي پونئيرن نسل در نسل حسينيت جي ترويج ڪئي آهيئ. اڄ جڏهن جهرڪن جي عزاداري ٿيندي آهي ته اتي عبدالعلي سان گڏ مرتضائي ، محسن ، سيد ثابت علي ، ٻڍل بيگ ۽ ٻين جا مرثيا پڙهيا ويندا آهن. هي جهرڪ آهي جنهن جي عزادارن جون شاخون سڄي لاڙ ۾ نظر اچن ٿيون . ميرپوربٺورو ، بدين، ٺٽو، نندو شهر، ڪڍڻ ، پهاڙ مري ، ٽنڊوباگو، حيدرآباد يا ڪراچي گهمي ڏسون ، کارادر ۾ صديون اڳ جوڙايل ڏاتر ڏني مسافر خاني جي آس پاس ڏانهن نهاريون يا تلهار ۾ هن برادري جي ڪاڇيڙي نبيري ٿئي اوهان کي سمورا مائٽ گڏ نظر ايندا ۽ صدين کان جهرڪن جي خواجن جي جهنڊي هيٺ سوين ٻيا قافلا ڪربلا پهچندا آهن.ٺٽي ضلعي کي ٻن حصن ۾ ورهائيندڙ ڊاڪٽر الطاف حسين جو نسبتي تعلق به جهرڪ سان آهي. پاڪستان جي اڳوڻي صدر آغا شاهي ٺٽي ۾ پنهنجي ڊپٽي ڪمشنري واري ايام ڪاري ۾ جڏهن غلطي سان سيٺ جعفر خواجه جي هڪ وارث کي گرفتار ڪرايو ته فاطمه جناح کيس چورائي موڪليو ته ميان خيال ڪر اهي ماڻهو محمد علي جناح جا مائٽ آهن.

جهرڪن واري محلات ۽ قديم پڙ وچ ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي جنم ڀومي آهي.جيڪا هن وقت ويران حالت ۾ نظر اچي ٿي . پر محمد علي جناح جي وڏڙن واري قديم پڙ تي رسول پاڪ صه جي هيءَ حديث اڃا درج آهي : ” جنهن حسن ۽ حسين سان محبت ڪئي تنهن مونسان محبت ڪئي ، جنهن حسن ۽ حسين سان بغض رکيو تنهن مونسان بغض رکيو “

انڊس هاءِ وي لڳ آباد جهانگارا ۽ قومي شاهراهه جي هڪ ڇيڙي تي آباد جهرڪ جي ماڻهن جي سوچ ، مزاج ۽ معيار ساڳيو محسوس ٿئي ٿو اهي شهر فطرت جي ترجماني ڪن ٿا مونکي ٻنهيءِ هنڌن تي ڪربلائي جو هي ڪلام ساڳئي جوش ۽ جذبي سان ٻڌڻ ۾ آيو.

اي خدا جا لاڏلا سردار سرور يا حسين !

مصطفيٰ جا ساهه نيڻن ٺار دلبر ياحسين!

مرتضيٰ سنهنجو نپايئي جيءَ برابر ياحسين !

ظالمن ناحق رنجائيءَ واءِ ٻر ٻر ياحسين !

جهرڪ ۾ سنڌي مرثئي جو خزانو لڪل آهي ڳولي ڏسون . لاڙ پاسي سمورا ماڻهو ان ذڪر کي جاري رکيو اچن پيا. رڳو اڳتي وڌڻ جي دير آهي.

ارشاد نبي صه هي ڪه مددگار هين ميري

فرماتي هين حيدر ڪه يه غمخوار هين ميري

حضرت ڪا سخن هي ڪه عزادار هين ميري

مين ان ڪا هون يه طلبگار هين ميري

يه آج اگر رو ڪه همين ياد ڪرين گي

هم قبر ۾ ان لوگون ڪي امداد ڪرين گي

 

 

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *