تازيون خبرون

ڪيرجوڀن کي سنڀالي…!!: منير ڊومڪي

ڪي ماڻهو ڪنهن وڏي گھراڻي يا ڪنهن نامور ادبي ڪٽنب ۾ پيدا نه ٿي ڪري به تخليقي دنيا ۾ پنهنجي هڪ الڳ ۽ منفرد حيثيت ۽ مقام ماڻي ۽ ٺاهي ويندا آهن.اهڙن ڀاڳ وارن انسانن منجهه خيرپور ناٿن شاهه دادو جو سينيئر تخليقڪار محترم فياض بلوچ به هڪ آهي.ادب،شاعري ۽ فياض بلوچ هڪ ئي ٽڪنڊي جا ٽي نقطا آهن.هو ڳچ عرصي کان مضمون به لکندو رهيو، ته هن ڪهاڻي واري صنف تي به خوب لکيو آهي،پرشاعري هوند هن جو پنهنجو عڪس آهي.

تخليق       Creation:

شاعرفياض بلوچ جي پراميد سوچ ۽ نرالي ذاتي جستجو ۽ هماليه حوصلي جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگھجي ٿو ته عمومي طورماڻهو سرڪاري ملازمت ريٽائرمينٽ پڄاڻان چپ ڪري گھر ۾ ننڍڙن ٻارن جي دل وندرائڻ وارو ڪم ڪندا آهن، پر18گريڊ ۾ بطور ٽيچر ايجوڪيٽر ريٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ اڄ هن البيلي تخليقڪار جي پهرين قلمي ڪمائي “ڪيرجوڀن کي سنڀالي”هن جي مخلص ساٿين جي حوصلا افزائي ۽ شاعريءَ سان مثالي عشق ۽ “پيار” جي ڳچي هار بڻجي سنڌ جي مختلف ڪتاب خانن جي زينت بڻجي چڪي آهي:

اسلوب Diction:

فياض جديد عهد جي سنڌي غزل جي صنف جو هڪ نرالو شاعر ٿي اڀريو آهي.هو پنهنجي نياري شاعريءَ ۾نوان استعاره ۽ اڻ ڇهندڙ تشبيهون ڪتب آڻي ٿو،جيڪي سنڌ جي اڪثر شاعرن جي ڪويتائن ۾ڪين ملن ٿيون:

سمجهه منهنجي حُسن جي نشي ۾ وئي،

ڦٽ پراڻي جيان زندگي ڀر جُهران!

**

سج ڪَڪر لِڪ لِڪوٽي راند ڪِن،

اُڀ ۾ ٿا ساز شي هلن گڏ گڏ…

**

چنڊ تارن جي روشني ڍُرڪي،

تيئن ٿا ڍُرڪن ڪمال اکين جا!

شاعريءَ جو تصور   Concept of Poetry:

هربرجستي شاعر جي ٻين خصوصيتن مان هڪ نمايان خصوصيت اها به هوندي آهي ته هو هميشه شاعريءَ جي ذريعي پنهنجي شاعري جوهڪ الڳ تصور پڻ پيش ڪندو آهي.شاعر فياض بلوچ شاعريءَ جو پنهنجو هڪ الڳ ۽ منفرد خيال ڏنو آهي.هن جي شاعريءَ جو تصور اهو آهي ته صرف اهو ماڻهو ئي عاشق ۽ شاعر ٿي سگھي ٿو،جيڪو عشق ۽ شاعريءَ کي پارٽ ٽائيم مشغلو نه سمجهي.دل لڳي ۽ شاعري سنجيده نوعيت جون ڊيوٽيون آهن،جن لاءِ ڳچ وقت درڪار آهي سائين:

شاعري وقت ٿي گُهري سائين،

دل لڳي وقت ٿي گُهري سائين!

۽ ٻي ڳالهه ته:

ڳالهه دل جي سڌي ڪرڻ “فياض”،

شاعريءَ ۾ کڻڻ منع آهي!

شاعر جي ڄاڻ: Poet’s Knowledge

بطور تخليقڪار بلوچ ادب جي جديد ۽ جديد پڄاڻان ٽرينڊس کان به ڀليءَ ريت واقف لڳي ٿو ۽ انهن لاڙن ۾ جيڪي موجوده شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ عنوانن جي چونڊ ڀليءَ ريت نٿا ڪري سگھن،انهن جي برعڪس، شاعر فياض نه فقط جديد ۽ جديد پُڄاڻان موضوعن کي چونڊي ٿو،پرانهن جو اظهار به پنهنجي شاعريءَ ۾ججهي مقدار ۾ڪري ٿو:

سمورا منجهائي ڇڏن فلسفا ٿا،

زماني ۾ سوچن جو ڪهرام آهي!

**

وار گردي جا هت وسن تبرا،

وار لفظن جا پيار ٿو سمجهين،

هت رواجن جي ٽياس تي ماڻهو،

مرڪ ڪوڙي بهار ٿوسمجهين!

**

دوستي دشمني هلن گڏ گڏ،

کِل خوشي ۽ غمي هَلن گڏ گڏ!

منهن تي ڳوڙها،گِلا ٿي ٿئي پر پُٺ،

بندگي گندگي هَلن گڏ گڏ..!

**

مٽائي ڏٺا گس جياپي جا جيئن پئي،

جياپو ٻين وٽ پيل سام آهي،

اصولن ۾ مشڪل رهڻ آهي ٿيندو،

هتي ڪنهن نه ڪنهن جو رکيل دام آهي!

فڪريا شاعري     Thoughtful Poetry

ان کان علاوه فياض جي شاعريءَ جي هن ڪتاب ۾ فڪريا شاعري به خوب ملي ٿي،جنهن فڪرانگيز شاعري جي اڄوڪي سنڌي ادب ۾ اڪثر اڻاٺ آهي،پربلوچ جي شاعري ڄڻ ته ان ادبي بحران کي پاڻمرادو ختم ڪرڻ جو هڪ ذريعو بڻي ٿي.

درد ڀوڳڻ مذاق ٿو سمجهين،

ائين،سوچڻ مذاق ٿو سمجهين،

ٿا حقي روپ ٿي وڃن نقلي،

روپ مٽجڻ مذاق ٿو سمجهين،

مک تي مُرڪون هلي سجائي ٿو،

غم ۾ مرڪڻ مذاق ٿو سمجهين.

**

هوش بيهوش ٿي غم ۾،

عقل تي ناز ڪين ڪنهن پاتو.

**

بدنصيبي عجيب آهه “فياض”،

زندگي وئي بهار جي پويان.

اهم خصوصيت     Essential Feature:

بلوچ صاحب جي شاعريءَ جي وڏي خصوصيت اها به آهي ته هو تازن واقعن ۽ مسئلن تي به پنهنجي قلم جي نوڪ کي خوب هلائي ٿو:

روڊ رستا بلاڪ ٿي ويا هِن،

ڪين کُليا، ڪلاڪ ٿي ويا هِن،

شهر ۾ ڪو مَتو ممڻ آهي،

فون نمبر جو لاڪ ٿي ويا آهن.

جڏهن معصوم عوام جي مقدس ووٽ کي وٺڻ وارا ان ووٽ کي بيڪار سمجهن ۽ ان جي سرعام تذليل ڪن،ته پوءِ عوام جي جذبن جي نمائندگي ڪندڙ انهن جا اصل نمائيندا شاعر چپ ڪيئن ويهي سگھن ٿا.

ووٽ بيڪار ٿي ويو پنهنجو،

موٽ ۾ زور گارتي آهي.

ان سان گڏوگڏ ڪنهن سماجي هڏڏوک وانگر فياض پنهنجي ارد گرد موجود غربت ،سماجي بک،بيوسي ۽ بد حالي کي ڏسي چپ نه ٿو ويهي،بلڪه انهن بابت اڻ ڳڻيا سوال به اٿاري ٿو:

ڪربلا مسڪين جي گھر،

ٿي رهي گڏ هر پهر ۾

**

کوڙ نظريا بک گھٽائڻ لاءِ ٺَهيا،

پر ڪٿي ٿي بک ختم آهي ڏسان؟

روزگاري ڏوڪڙن تي ٿي کپي،

بيوسن لئه ڪٿ ڪو ڪم آهي ڏسان؟

تاريخي شخصيتن تي شاعري     Poetry on Historical Figures:

شاعر فياض بلوچ تاريخي شخصيتن تي به شاعري ڪري ٿو،محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي پنهنجي زبردست ڀيٽا ڏيندي چوي ٿو ته:

ڊسمبر اچي ڦٽ کولي ٿو،

دليون آهن رنجور اڃان،

تو تي سلام شهيد جمهوريت،

عام نه ملي جهمور اڃان،

تنهنجو قاتل مفرور اڃان،

ڏينهون ڏينهن آ،مغرور اڃان!

رومانويت جو عنصرElement of Romanticism:

بلوچ جي شاعري رومانويت سان سرشار آهي ۽ ان جو اظهار به  مفصل آهي.

چنڊ تارن جي لِڪ ڇَپ وَڻي ٿي،

پيار وارن جي لِڪ ڇَپ وڻي ٿي،

هڪ ٻئي کي هوا ۾ چُمن وڻ،

سا نظارن جي لِڪ ڇَپ وڻي ٿي!

**

ڳل پري تنهنجا چُمي کان،

تو ڇني سوغات ڏاڍي!

**

گلابن جا ڏسي گل ياد آيا،

اوهان جا خوبصورت ڳل سجايل!

ذاتي پيڙاءَ  Personal agony:

شاعري سنجيده ۽ رومانوي خيالن کان علاوه شاعر جي اندروني دنيا جي ويرانگي ۽ ڏک جو اظهار به هوندي آهي.اها اندر جي غم ۽ ويرانگيءَ جي شدت ڇا هوندي آهي،اهو ته ڪوشاعر فياض کان پڇي:

لڙي آيو نه دل ڏي ڪومسافر،

رهيا ويران دل جا سڀئي خزانا!

**

وڇوڙن جي راتين ۾ “فياض”،

ڪٽي آهي جاڳي جواني.

ذاتي سورن ۽ دردن کان علاوه هن سهڻي تخليقڪار کي ڪنهن پرين پياري جا ڏک به آهن:

هٿ نه آيو،پرين جو پيار ڪڏهن،

وقت ويو بي مهار جي پويان!

**

ساهه مُرڪن مان ڇڏائي ويو پرين،

زندگي هئي بي ثمر تون ڪيئن هئين؟!

عمليت     Pragmatism:

جڳ مشهور لاطيني شاعر ۽ نقاد ڊانٽي شاعريءَ ۾ موضوعن جي چونڊ بابت پنهنجي هڪ تنقيدي تصنيف ۾ چيو آهي ته هڪ سٺي شاعر لاءِ شاعريءَ جا موضوع مذهبي نصحيت،قوميت ۽ عورت(محبوبا)لاءِ پيار وارا موضوع موزون آهن.ڊانٽي جن عنوانن کي شاعريءَ ۾ شامل ۽ استعمال ڪرڻ لاءِ تجويز ڏي ٿو،اهي عنوان بلوچ جي شاعريءَ ۾ ورجاءُ وارا موضوع آهن.

هڪ وڏي تخليقڪار جو ڪم پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي صرف پنهنجي ڪومل جذبن جو اظهار ڪرڻ واروڪم نه هوندو آهي.شاعر ته عوام الناس جي لاءِ پنهنجي شاعريءَ کي فيض ۽ نصحيت جو ذريعو به بڻائيندا آهن،فياض بلوچ به اهو شاعر آهي،جنهن جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي راز بهيد ۽ پيچدگي کي پروجهڻ لاءِ پڙهندڙن کي نصحيت آميز نمايان شاعري ملي ٿي.

آ ته گڏجي ڪتاب کي سمجهون،

زندگيءَ جي نصاب کي سمجهون،

پيار تحمل،سکون وڌي اڳتي،

ڏينهن روشن جي تاب کي سمجهون،

ڪيئن زمانو،ڪَڍي ترا ٿو پيو،

پيچده،تنهن حساب کي سمجهون!

عشق جو تصور Notion of Love:

فياض بلوچ جي شاعري ۾ عشق و پيار جو تصور هن جو ذاتي نرالو ۽ منفرد  به ملي ٿو،جنهن تصور مطابق عشق انسان کي انسان بڻائي ٿو ۽ پيار هر مرض جو علاج به آهي:

عشق انسان ٿو بَنائي هت،

پيار درمان ٿو بنائي هت!

ته ساڳئي وقت روايتي عشق جو خيال به ملي ٿو:

عقل ڪمزور عشق جي آڏو،

عشق مستان ٿو بنائي هت!

ان سان گڏ هو عشق ۽ پيار جي فطرت جو جائزو به عزازت کان ڪري ٿو:

عشق جو راز ڪين ڪنهن پاتو،

راز نياز ڪين ڪنهن پاتو،

چار پل پيار جا غنيمت پر،

پيار آواز ڪين ڪنهن پاتو.

**

نه ٿي لهي پيار جي اڃان اُڃ،

پياس راهون،طويل آهن!

قوميت جو عنصر Element of Nationalism:

هن جي شاعريءَ ۾ وطن پرستيءَ جو پيار مثالي ۽ دل کي ڇُهيندڙ ملي ٿو.ڀلا! جيڪو شاعر پنهنجي چمن بابت هي دعويٰ ۽ نصحيت ڪري پوءِ اهڙو ڪهڙو بدنصيب هوندو جو ان ديس ۾ زندگي بسر نه ڪري!

پيار سان سارجان زندگي ڀر پيو،

ذهن کي ٺارجان زندگي ڀر پيو،

ڪين دنيا ۾ اهڙو چمن پُر امن،

سنڌ ۾،گھارجان زندگي ڀر پيو.

ذاتي پرينءَ کان علاوه شاعر فياض بلوچ جي شاعريءَ ۾ قوميت جو اٿاهه درد به ملي ٿو:

روز لُٽجن سنڌي هِتي يارو،

عام ڪٽجن سنڌي هتي يارو،

حق گھرڻ ۽ چوڻ تي روڊن تي،

سڀ تان وڍجن سنڌي هتي يارو،

دربدر ٿي زمين پنهنجي تي،

غير سڏجن سنڌي هتي يارو!

تصور حياتNotion of Life:

زندگي محبت ۽ سونهن هن جي شاعريءَ ۾ بار بار ورجاءُ وارا موضوع آهن.هن جي شعرن کي گھرائي سان پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ ان نتيجي پهچي ٿو ته جيترو شاعر جيون کي قريب کان ڏٺو آهي اوترو شايد ئي ڪنهن ان جو مشاهدو ڪيو هجي.شاعر فياض جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي وصف توڙي تلخ تجربا حقيقت تي مبني آهن:

گل ٽڙي ڪومائجن ٿا،

زندگي ٿي ائين نظر ۾!

**

زندگي جون مُسافتون ڏکيون،

پار نڪرڻ مذاق ٿو سمجهين!

سونهن بابت ويچار ۽ تصورConcept of Beauty:

فياض بلوچ جي شاعريءَ جي پهرئين مجموعي واري ڪتاب“ڪير جوڀن کي سنڀالي”۾ سونهن جو تصور به وسيع ۽ جامع ملي ٿو.پڙهندڙ شاعر جي سونهن بابت گهري /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

ڄاڻ ۽ ذاتي عملي تجربن جو ان ڳالهه مان بخوبي اندازو لڳائي سگهن ٿا، ته هڪ ته سونهن هن لاءِ شاعريءَ لاءِ اتساهه جو ذريعو آهي:

سونهن کان اتساهه ورتو،

هن ۽ هن کان چاهه ورتو.

ٻيو شاعر حُسن مطلق يا حقيقت جي باري ۾ ٻڌائي ٿو،ٽيون فطرت جي سونهن بابت،چوٿون هو محبوب جي مزاجي حسن جي ماهيت ۾ پاڻ مهو ٿي وڃي ٿو،پنجون ۽ آخري هو معصوم ٻارڙن جي سونهن جو تذڪرو به ڪري ٿو.ان سان گڏوگڏ شاعر سونهن جي طاقت ۽ فطرت جو جائزو پڻ وٺي ٿو.شاعر جڏهن حسن بابت گفتگو ڇيڙي ٿو ته بي ڪيف مزاجي حقيقت کان اڳتي حسن مطلق يا حسن حقيقت ڏانهن پاڻ مرادو هليو وڃي ٿو:

گُفتگو حُسن يار تي ٿيندي،

ذڪر اذڪار در لڙي آيو!

فياض جڏهن فطرت جي سونهن بابت ٻڌائي ٿو ته هو هڪ ته فطرت سان حال دل اوري ٿو،ٻيوهو فطرت جي حسن کي انساني ڏکن ۽ غمن کي گهٽائڻ جو علاج جو ذريعو به سمجهي ٿو.

چنڊ تارن سان رات ۾ دل جو،

حال البو ڪڏهن ڪڏهن آهي!

**

چنڊتارن سان دل ٿي وندري پئي،

غم ٻڌڻ جا هِراڪ ٿي ويا آهن!

شاعر فياض کي ته ٻارن جي وڻندڙ سونهن به فطرت جيڏي سحر انگيز لڳي ٿي.

سونهن آهن زمين جا تارا،

راند ٻارن جي لڪ ڇپ وڻي ٿي!

مزاجي محبوب جي سونهن جي ڳالهه ڪجي ۽ ان جي جسماني ثبات ڏسي ماڻهو چپ رهي ائين ٿي ئي نٿوسگھي:

اڇي اُجري جواني واهه جي آ،

عُقابي اک نشاني واهه جي آ.

**

هي اشارا غضب جا آهن ڪو،

تير ٽاري مجال اکين جا!

سونهن جي طاقت ۽ اثرPower and Influence of Beauty:

سونهن جو سڀ ڪمال ڏِس پيارا،

چو طرف کان جمال ڏِس پيارا،

سونهن تي ساهه ٿو ڏئي انسان،

سِرسهي هر وبال ڏِس پيارا.

**

نظرن،شڪار ڪيو آ،

هُن جئن حجاب کوليو!

شاعر فياض جي سونهن بابت دور دراز نظر ۽ نظريئي جي خبر ان مان به پوي ٿي ته،جن ماڻهن ۾ اسان کي سونهن نظر نٿي اچي يا اسان انهن کي بدصورت ڪوٺيون ٿا،پرشاعر کي اها گدلي ميري،بي ڍنگ صورت به لڀائي ٿي.اهو ئي فرق آهي هڪ عام ماڻهو ۽ تخليقڪار جي عقابي نظر ۾:

ظاهر ۾ ڀلي صورت گدلي ۽ هجي ميري،

بي جوڙ بدن جا سڀ سينگار لُڀائن ٿا.

سونهن جي ابدي فطرت جو جائزوExploring Eternal Nature of Beauty:

بلوچ جتي سونهن بابت پنهنجا جامع ويچار ونڊي ٿو ته اتي هو سونهن جي ابدي فطرت جو مشاهدو به ڳوڙهي نموني ڪري ٿو.ڪهڙي ابدي فطرت ؟ته سونهن  خواهه پوءِ اها ڪهڙي به هجي پنهنجي فطرت ۾ اها فاني آهي.

ساٿ تارا ٿا ڇڏن،

سونهن وارا ٿا ڇڏن.

**

سونهن چُٽڪو هٿان هليو ٿو وڃي،

بي بقائي جو حال ڏِس پيارا.

شاعر فياض بلوچ جي شاعريءَ جي پهرئين مجموعي “ڪير جوڀن کي سنڀالي”۾ جتي هن جي شاعريءَ ۾ جدت،نواڻ،قومي رنگ ،ذاتي پيڙا،عوام الناس جو ڏک ،سگهارن خيالن جو بينظير اظهار،رومانويت،۽ حسن جا بي تهاشا جلوا پسڻ ۾ پئي آيا،اتي ئي هن ڪتاب ۾ مون کي ڪجهه جهول به نظر آيا.اهي هي ته هڪ شاعر فياض جا چند خيال ڪن جاين تي متضاد نظر آيا.ٻيو هو پنهنجي شاعري ۾ هڪ ٻه ويچارن جو ورجاءُ ڪري ٿو.ٽيون ۽ آخري نقص ته بلوچ جي شاعريءَ ۾ فطرت نگاري جي اڻاٺ نظر آئي.

(ليکڪ انگريزي ادب جو استاد آهي.)

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *