تازيون خبرون

ڇا چوڌري نثار خان توهين عدالت ناهي ڪئي؟: وينگس

چوڌري نثار خان جي جنهن جنهن پريس ڪانفرنس ٻڌي ۽ ڏٺي، هن جي انداز مان محسوس ٿي رهيو هو ته هن کي پورو جو پورو اختيار حاصل آهي، جيئن چاهي جيئن وڻي ڳالهه ڪري سگهي ٿو پر جيڪڏهن ان جي جڳهه تي بلوچ، پختون ۽ سنڌ جو ڪو سياسي اڳواڻ اهڙو لهجو استعمال ڪري ها ته هيل تائين ميڊيا توهين عدالت جي صليب تي چاڙهي ڇڏي ها ۽ شايد عدالت پاڻمرادو نوٽس وٺندي توهين عدالت جو نوٽيس به ڏئي ڇڏي ها. پر ڇا ڪجي چوڌري نثار خان ڳالهائي سگهي ٿو ۽ جي ٻين جائز ڳالهه به ڪئي ته مجرم قرار ڏنا ويندا، گهٽ ۾ گهٽ چوڌري نثار خان پريس ڪانفرنس ۾ جنهن انداز جو لهجو اختيار ڪيو، ان مان هڪ ڀيرو ٻيهر ننڍن صوبن کي ان جي حيثيت ياد ڏياري وئي آهي، خير ان کان ٻه ڏينهن اڳ هڪ تصوير ذريعي وزيراعظم نوازشريف ۽ وزيراعليٰ شهباز شريف خاص صوفي تي ويٺا ته ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ کي هڪ صوفي تي ويهاري پنهنجي بالاتري ڏيکارڻ جي پوري ڪوشش ڪئي وئي يا وري اهو چوڻ ڏيو ته اميرالمومين جو احساس شريف ڀائر ڏياري رهيا هئا. خير! اهڙي جاري ڪيل تصوير تي خود پنجاب جي ساڃاهه وندن به تنقيد ڪئي آهي ۽ پوري ملڪ جي سلجهيل ذهنن سخت لفظن ۾تصوير تي ڳالهايو آهي.

هڪ پاسي چوڌري نثار خان جي پريس ڪانفرنس ته ٻئي پاسي شريف ڀائرن جي تصوير ٽن صوبن کان پوءِ واضح پيغام ملي رهيو آهي، ملڪ کي ڪهڙن روين ڪري نقصان پهچي پيو؟ ملڪ جو شهري ان قسم جي سوچ نه ٿو رکي پر هڪ طبقو جيڪو پاڻ کي اميرالمومين سمجهي ٿو، ان جو واضح مثال اها تصوير، ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا سمجهجي؟ اسان ڪجهه نه ٿا چئون پر جيڪو ڪجهه رويو اختيار ٿئي پيو، ان کي ڪهڙو ناءُ ڏجي؟ عوام اڄ توهان تي ڇڏي ٿو.

هاڻي واپس اچون ٿا چوڌري نثار خان جي پريس ڪانفرنس تي، جنهن تي چوڌري نثار خان کي ڪاوڙ آئي آهي، ڪوئيٽا رپورٽ جنهن به پڙهي، ان ۾ آخر گهرو وزير چوڌري نثار خان کي ڪهڙي ڳالهه تي چڙ آئي؟ پريس ڪانفرنس ۾ سندس ڪاوڙ رپورٽ يا مخالف ڌر تي هئي، جيڪي مسلسل نعرو هڻي رهيا آهن ته ”گو نثار گو“. جڏهن ته ڪوئيٽا رپورٽ انهن جي نعري کي ڪنهن حدتائين درست قرار ڏئي رهي آهي.

مسلم ليگ (ن) جي وزيرن کي ياد ڪرائيندا هلون ته پيپلز پارٽي جي دور ۾ وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ کان استعفيٰ جي گهر ڪئي وئي هئي، بقول ان وقت مسلم ليگ نواز جي ته وفاقي گهرو وزير عوام جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي. هاڻي چوڌري نثار خان جي وفاقي گهرو وزارت جي نڪ هيٺان ڪيترائي دهشتگردي جي ڌماڪا ٿيا آهن، خاص طور تي بلوچستان ۾ مسلسل ڌماڪا ٿيندا رهيا آهن، انهن کي ڪيترو ڪنٽرول ڪيو ويو؟ اسلام آباد ۾ بندش پيل تنظيمن جلسا ڪيا ۽ ٻين بندش پيل تنظيمن ٻين مذهبي فرقن کي ”ڪافر“ قرار ڏنو، نثار خان گهرو وزير ٻڌائي ته ڪيترن کي گرفتار ڪيو ويو؟ اڃان ڇا چئجي ته پريس ڪانفرنس ۾ هن مولانا لڌيانوي کي معزز شخصيت قرار ڏئي ڇڏيو، جيڪڏهن چوڌري نثار خان جي لاءِ مولانا لڌيانوي معزز شخصيت آهي ته پوءِ ملاقات لاءِ اهو ڇو چيو ته ”مون (نثار خان) کي خبر نه هئي ته وفد ۾ مولانا لڌيانوي به هو.“ چوڌري نثار خان عدالت کي ٽارگيٽ بڻائيندي چيو ته ”جج رپورٽ ۾ ذاتي الزام هنيا آهن، سپريم ڪورٽ توهين ڪندڙ ادارو ٿيندو ته آئون به ماٺ نه ويهندس.“

ان قسم جو جملو سنڌي، بلوچ ۽ پختون ڳالهائي ها ته هن وقت تائين توهين عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيهي ها. رپورٽ تي ايتري ڪاوڙ ڇو؟ ان ڪري ته سيڪيورٽي جي پت وائکي ٿي آهي، جيڪڏهن رپورٽ نه به هجي ها ته ڇا ڌماڪا شاهدي ڏيندڙ ناهن ته ڌماڪا ڪهڙي سبب ٿيا؟ بلوچستان ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿيندا رهيا آهن ۽ بندش پيل تنظيمون آرام سان گهمن ڦِرن پيون، نيشنل ايڪشن پلان کي لاڳو ناهي ڪيو ويو، اها وفاقي گهرو وزير جي ناڪامي نه چئبي ته پوءِ ڇا آهي؟

چوڌري نثار خان ڪوئيٽا رپورٽ ۾ ڇا چاهيو پئي ته ”رپورٽ ۾ وفاقي گهرو وزير جي شان ۾ گيت ڳايا وڃن ها، بهترين سيڪيورٽي موجود هئي، صوبي ۾ ڪنهن به قسم جي بندش پيل تنظيم ناهي، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار خان جي محنت سان صوبي ۾ امن و امان آهي پر الاءِ ڪٿان دهشتگردن اچي حملا ڪيا، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير ۽ صوبائي حڪومت جو ڪو به ڏوهه ناهي. ٻئي حڪومتون بهترين ڪم ڪري رهيو آهن.“ چوڌري نثار خان اهڙي ٻولي رپورٽ ۾ چاهي پئي ته لکي وڃي ها! تعجب آهي ته ڪوئيٽا رپورٽ بوگس ڪارڪردگي جي نشاندهي ڪري پئي، ان ۾ ذاتيات ڪٿان اچي وئي؟ ان جو مطلب هاڻي ڪير به مسلم ليگ نواز جي وزيرن کي ڪجهه نه چئي جيڪو چوندو اهو توهين ڪندو. پوءِ مسلم ليگ نواز ملڪ ۾ اعلان ڪري ڇڏي ته اهي سڀئي امير المومينن آهن، انهن جي شان ۾ هڪ لفظ به نه ڳالهايو ويندو، جيڪو ڳالهائيندو اهو توهين ڪندو. چوڌري نثار خان کي ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته بلوچستان سميت پوري ملڪ ۾ دهشتگرد حملا ڪندا رهيا آهن، مثال وٺو ته احمدين جي عبادت گاهه تي حملو ڪنهن ڪيو؟ بندش پيل تنظيمون ڪنهن جي اجازت سان جلسا ڪري رهيو آهن؟ جيڪڏهن چوڌري نثار خان کي ان جي خبر ناهي ته پوءِ وزارت تي رهڻ جو ڪهڙو فائدو؟ جڏهن نيشنل ايڪشن پلان تي عمل به نٿا ڪرائي سگهو؟

اسان کي محسوس ائين پيو ٿئي ته وفاقي گهرو وزير نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرائڻ بجاءِ نيشنل پريس ڪانفرنس پلان تي ڀرپور عمل ڪندو آهي، جڏهن به ڪو ڌماڪو ٿئي، ان تي ٻه سيٽون ڳالهائي پوءِ پوري نيشنل پريس ڪانفرنس پلان کي مخالف پارٽين جي خلاف استعمال ڪيو ويندو آهي. چوڌري نثار خان سپريم ڪورٽ کي توهين ڪندڙ ادارو چيو آهي، عوام جي ذهنن تي سڀ ڪجهه ياد آهي، جڏهن گذريل حڪومت دوران ڪو جائز اکر به ڳالهائيندو هو ته توهين عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيهندو هو. هاڻي پورو ملڪ سپريم ڪورٽ ڏانهن ڏسي پيو ته اهي جج چوڌري نثار خان جي ان ڪيل پريس ڪانفرنس تي ڪهڙو رويو رکن ٿا؟ هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ٿيندو ته ننڍن صوبن ۽ وڏي صوبي جي وزيرن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ پر ان معاملي ۾ سياسي پارٽيون جيڪي گو نثارگو جا نعرا هڻن پيون، انهن کي چوڌري نثار خان جي پريس ڪانفرنس توهين عدالت جي زمري ۾ نه ٿي اچي، اهي پارٽيون ڇو نه ٿيون ڳالهائين؟

حالتون ٻڌائين پيون ته چوڌري نثار خان کي مسلم ليگ (ن) وڌيڪ وزارت ۾ نه کڻي، ان ڪري ئي اهڙو انداز بيان سپريم ڪورٽ خلاف رکيو ويو ته جيئن سڀاڻي عذربڻائي چوڌري نثار خان کي گهر موڪلجي يا وري هڪ پريشر وجهي ادارن کي دٻايو پيو وڃي ته اهي تنقيد نه ڪن ۽ نه ئي سچائي سان ڪجهه ٻڌائين جيئن ڪوئيٽا رپورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. اهڙي رپورٽ اچڻ کان پوءِ اخلاقي طور تي وفاقي ۽ صوبائي ٻنهي گهرو وزيرن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي پر چوڌري نثار خان پنهنجي بوگس ڪارڪردگي جو ڀرپور دفاع ڪندو. ڪڏهن ڪنهن عوام جي لاءِ تحفظ ڪيو آهي جو عوام چوڌري نثار خان مان اُميد رکي ته هو انهن جو تحفظ ڪندو، جنهن کي بندش پيل تنظيمن جون سرگرميون نظر نه ٿيون اچن اهو ملڪ جو تحفظ ڪندو؟ پر چوڌري نثار خان جي پريس ڪانفرنس سپريم ڪورٽ جي توهين ڪئي آهي، ڏسون ته سپريم ڪورٽ ڪهڙو موقف اختيار ڪري ٿي؟ ڇا توهين عدالت جو نوٽيس به ايندو؟ هڪ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضاگيلاني کي خط نه لکڻ تي گهر واپس موڪليو ويو، پر هتي سپريم ڪورٽ کي ڳالهايو ويو آهي، اتي ڇا ٿو رويو اختيار ٿئي، عوام ڏسي رهيو آهي ته وڏي صوبي جي وزير جي لاءِ ڪهڙو اسٽينڊ آهي؟

******

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *