تازيون خبرون

چين ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ، خطي ۾ نئين جنگ جا امڪان: جاويد ابڙو

ڀارت جي خطي ۾ ڪنهن به پاڙيسري ملڪن سان ڇڪتاڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر تازو چين ۽ ڀارت وچ ۾ هڪ ڌر کي وڏو جاني نقصان پهچائيندڙ ننڍي پئماني ۽ مختصر وقت جي اڻ اعلانيل جنگ ڇڙي آهي، جيڪا يقينن اهو ڏس ٿي ڏئي ته خطي جي صورتحال خطري جا گهنڊ وڄائي رهي آهي. هن وقت عالمي تجزيه نگارن جو به اهو خيال آهي ته چين ۽ ڀارت وچ ۾ وڌندڙ تڪرار خطرناڪ جنگي محاذ ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو، ڇوته ڀارتي فوج ۽ چين پاران سڪم ۽ ڀرپاسي جي تڪراري علائقن ويجهو وڏي انگ ۾ فورسز، هٿيار ۽ ٽينڪون مقرر ڪرڻ کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا متاثر ٿي رهيا آهن ۽ خدشو آهي ته ٻنهي ملڪن جي طرف کان ننڍي کان ننڍي به ڀڃڪڙي معاملن کي سنگين بڻائي سگهي ٿي. دنيا ڄاڻي ٿي ته ڪنهن به خطي ۾ جنگ کي مزيدار ۽ خوفنائتو بڻائڻ لاءِ سپر پاور قوت پنهنجن حوارين کي لاهي اڻ سڌي طرح ۽ پوءِ سڌي طرح ويڙهه جي ان ميدان تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي آهي، سو هتي به انهيءَ قوت جو ڀارت کي مڪمل سهڪار حاصل آهي، جيڪو مودي کي ڪنهن به ڏکي وقت ۾ هٿيارن جي فراهمي سميت هر قسم جي عسڪري ۽ مالي مدد فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياري چڪو آهي، سولن لفظن ۾ اهو چئجي ته ڀارت آمريڪي هٿيارن جي واپار کي وڌائڻ لاءِ ايشيائي خطي ۾ جنگ جو ٺيڪو حاصل ڪري ورتو آهي ته اهو غلط نه هوندو، اهڙي ريت دنيا جي مختلف خطن ۾ آمريڪا جا اهڙا ڪيئي ٺيڪيدار موجود آهن، بدقسمتي سان ماضي ۾ اسان به ان لسٽ ۾ شامل ٿي چڪا آهيون.

ماضي جو تاريخي پسمنظر ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سرحدي معاملن تي ڀارت ۽ چين وچ ۾ 1962ع ۾ جنگ به ٿي چڪي آهي، ان کانسواءِ هيستائين ٻنهي ملڪن جي فوجن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ به ٿيندي رهي آهي، پر وڏي عرصي کانپوءِ تازو چين ۽ ڀارت وچ ۾ جيڪا ويڙهه شروع ٿي آهي، جنهن بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته سڪم واري علائقي ۾ چين ۽ ڀارت وچ ۾ وڏي پئماني تي اڻ اعلانيل جنگ جاري آهي، ان بابت چيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڀارتي فوج سڪم واري علائقي ۾ فائرنگ ڪندي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي چيني فوج پاران ڀارتي فوج کي پوئتي ڌڪڻ لاءِ جوابي ڪارروائي ڪئي وئي، تنهن جي باوجود به ڀارتي فوج تڪراري علائقي ۾ گهڻي دير تائين فائرنگ ڪندي رهي، جنهن تي چيني فوج کي مجبورن پنهنجن ڳرن هٿيارن جو استعمال ڪرڻو پيو ۽ ڀارت جي انهن چيڪ پوسٽن کي نشانو بڻايو ويو، جتان هو چيني علائقي ۾ فائرنگ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته چيني فوج جي راڪيٽ حملن ۽ فائرنگ ۾ ڀارت جا 150 کان وڌيڪ فوجي مارجڻ ۽ ٻيا ڪيترائي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. اهو پڻ ٻڌايو وڃي پيو ته چين ڇڪتاڻ جي ڪري تبت ۾ واقع هندن جي متبرڪ هنڌ ڪيلاش مانسرور ۾ هر سال ياترا تي ايندڙ ڀارتي زائرين کي به تبت وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، جنهن سبب سوين ياترين کي واپس ڀارت موٽڻو پيو. اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ بعد ڀارت ۾ حڪومت مخالف جماعت ڪانگريس نريندر مودي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته گذريل ڏيڍ مهيني کان چين 150 ڀيرا ڀارتي سرحدن جي خلاف ورزي ڪري چڪو آهي، پر اڃا تائين مودي ڪابه پاليسي واضح ناهي ڪئي، جڏهن ته چيني فوجي هيليڪاپٽر ڀارتي صوبي اتر کنڊ ۾ ٻه ڀيرا داخل ٿي چڪا آهن، جن کي روڪڻ ۽ صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مودي حڪومت لڳاتار ناڪام ڏسجي ٿي.

چين ڀارت تي سرحدي مفاهمت جي حوالي سان دوکو ڏيڻ جو الزام به لڳائي چڪو آهي، ان ڏس ۾ چين جو چوڻ آهي ته ڀارتي فوج سندس رياستي علائقي ۾ داخل ٿي، ساڳئي وقت اتر اوڀر علائقي سڪم جي حوالي سان ٻنهي پاڙيسري ملڪن وچ ۾ جيڪو معاهدو ٿيو هو، ڀارت ان جي مسلسل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي، پر ان کان اڳ ڀارت جون اڳوڻيون حڪومتون ان مفاهمت تي پابندي ڪنديون رهيون. چين جي دعويٰ آهي ته سڪم سندس علائقو آهي، ان ڪري ڀارت يا ڀوٽان جو ان سان ڪو تعلق ناهي. جڏهن ته ڀارتي وزير دفاع چين کي سخت لهجي ۾ وارننگ ڏني آهي ته ڀارت هاڻي 1962ع وارو ناهي، بلڪه هي 2017ع جو ڀارت آهي، جنهن جي ردعمل ۾ چين جي پرڏيهي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڀارت جو اهو چوڻ درست آهي، پر ساڳي ريت چين به هاڻي اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻو مختلف آهي. ان کان اڳ چيني فوج ان علائقي ۾ واقع ڀارتي فوج کي تڪراري علائقي ۾ پنهنجا بنڪر هٽائڻ جي وارننگ ڏني هئي، جن کي چيني فوج ڏيڍ هفتو اڳ تباهه به ڪيو هو.

چين ۽ ڀارت جا فوجي جٿا هماليا جي ان بلند علائقي ۾ ماضي ۾ به ڪيترائي ڀيرا هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿي چڪا آهن، جنهن کي ”ٽرائي جنڪشن“ به چيو وڃي ٿو، ڇوته تبت، ڀوٽان ۽ ڀارت جون سرحدون اتي هڪٻئي سان لڳن ٿيون، موجوده ڇڪتاڻ جي حوالي سان چين جو چوڻ آهي ته ڀارتي فوجي جٿا سندس رياستي علائقي ۾ داخل ٿيا هئا، انهيءَ دعويٰ کي رد ڪندي ڀارت ۽ ڀوٽان موقف اختيار ڪيو آهي ته چين جنهن تڪراري علائقي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، اهو اصل ۾ ڀوٽان جو رياستي علائقو آهي. ڀارت به ڀوٽان ۾ پنهنجا فوجي دستا مقرر ڪري رکيا آهن ۽ سندس دعويٰ آهي ته سندس فوجي دستا چيني فوج جي ان يونٽ ويجهو پهچي ويا هئا، جنهن گذريل مهيني 16 جون تي هماليه جي رياست ڀوٽان ۾ ڊوڪلام واري علائقي ۾ داخل ٿي اتي هڪ رستي جي تعمير شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڀارت جو چوڻ آهي ته چين انگريز دور جي 1890ع جي جنهن معاهدي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ڀارت ان کي نٿو قبولي، ڇوته 2012ع ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ جيڪو معاهدو ٿيو هو ته ”ڪنهن اهڙي جاءِ جي سلسلي ۾ جنهن تي ڀارت ۽ چين وچ ۾ تڪرار ٿي وڃي، ان جو فيصلو انهيءَ ٽئين ملڪ جي صلاح سان ڪيو ويندو“، جتي اها جاءِ واقع آهي، جڏهن ته تڪرار ۾ شامل ٽيون ملڪ ڀوٽان آهي.

اصل ۾ تڪرار جي حل جو دارومدار ڀارتي حڪومت جي پاليسي تي ٻڌل آهي ته ڇا اها خطي ۾ پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان ڇڪتاڻ وڌائي امن کي سدائين لاءِ داءُ تي لڳائڻ چاهي ٿي يا پوءِ اها خطي لاءِ امن، استحڪام ۽ سلامتي گهري ٿي. تنهن هوندي به وقت جي تقاضا اها آهي ته موجوده صورتحال پرامن حل چاهي ٿي، پر ڀارت جيڪا هٺ ڌرمي اختيار ڪئي آهي، سا انهن تڪرارن کي حل ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. جيڪڏهن صورتحال ۾ ٺاپر نه آئي ته چين ۽ ڀارت وچ ۾ مڪمل فوجي ٽڪراءُ پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي ۽ جي ائين ٿيو ته پوءِ اها جنگ ائٽمي جنگ ۾ به تبديل ٿي سگهي، جنهن جا اثر نه صرف هن خطي پر سڄي دنيا تي پوندا ۽ اها ويڙهه 1962ع کان به ڪيئي ڀيرا وڌيڪ رتوڇاڻ واري ٿي سگهي ٿي ۽ اهو سنگين قدم دنيا کي هٿ سان تباهه ڪرڻ طرف هوندو.

چين هن وقت پنهنجي فوج ايشيا کان ٻاهر موڪلڻ جي رٿابندي تي عمل ڪري رهيو آهي، تازو ڪجهه ڏهاڙا ڳ چين آفريقي ملڪ جبوتي ۾ پنهنجو پهريون غيرملڪي فوجي اڏو قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن بعد نه رڳو آمريڪا پر سندس اتحادين ۾ ٿرٿلو متل آهي. مٿان وري چين ۽ روس وچ ۾ 24 مئي کان جنگي مشقون شروع ٿيڻ واريون آهن، جيڪي 27 جولاءِ تي پڄاڻي تي پهچنديون. هي پهريون موقعو آهي ته روس ۽ چين جون فوجون يورپي ملڪن جي بلڪل ويجهو بالٽڪ سمنڊ ۾ گڏيل جنگي مشقن ۾ حصو وٺي رهيون آهن، جنهن لاءِ چين جا ڪيئي جهاز اماڻيا ويا آهن، ساڳئي وقت چين قطر بحران جي پسمنظر ۾ نار فارس ۾ ايران سان گڏيل ساموندي جنگي مشقون به شروع ڪيون آهن. هالينڊ جي نيوي به چيني سامونڊي ٻيڙي جي خطي ۾ موجودگي جي تصديق ڪئي آهي، انهيءَ چيني ٻيڙي ۾ هڪ جنگي، هڪ جهاز کڻندڙ ۽ هڪ سامان پهچائيندڙ جهاز شامل آهن، ٻئي طرف قطر بحران جي تناظر م ايران ۽ چين گڏيل طور نار خطي ۾ جنگي ساموندي مشقن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، انهن مشقن ۾ ايران جو هڪ ۽ چين جا ٻه جنگي جهاز حصو وٺي رهيا آهن، هرمز واري هنڌ ٿيندڙ انهن مشقن ۾ ست سئو ايراني فوجي شريڪ آهن. اهڙي قسم جي مشقن سان خطي جي طاقتن وچ ۾ تڪرار وڌي سگهي ٿو. سعودي عرب ۽ سندس اتحادي ملڪن جي قطر سان ڪاوڙ جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته ان جا ايران سان ويجها ناتا آهن، هرمز کي تيل ۽ گئس جي فراهمي لاءِ دنيا جو هڪ اهم رستو تصور ڪيو ويندو آهي، ان علائقي ۾ آمريڪي جنگي جهاز به موجود آهن، جيڪي قطعي اهو نه چاهيندا ته ايران ۽ چين لاءِ هي سامونڊي رستو واپار ۽ دفاعي سامان جي آمد رفت لاءِ استعمال ۾ اچي. بهرحال، هن وقت دنيا جا طاقتور ملڪ ايندڙ وقت لاءِ پنهنجي پوزيشن سنڀالي رهيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو عالمي قوتن جا گروهه پنهنجي پنهنجي ڪئمپ ۾ مفادن تحت ملڪن جي چونڊ ڪري انهن جي ويجهو اچڻ جي ڪوششن ۾ آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *