تازيون خبرون

پيپلز پارٽيءَ پاران ٽڪراءَ ۾ اچڻ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟: نسيم بخاري

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس امير مسلم هاني جيڪب آباد ۾ جعلي ڀرتين ۽ صحت کاتي جي گوسڙو ملازمن بابت سندس اڳواڻي ۾ جڙيل ٽه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي آهي. ان موقعي تي هن ايڊووڪيٽ جنرل پاران ڪوڙن ڪاغذن تي ڀرتين جي اعتراف ۽ صحت کاتي جي ضلعي آفيسر جي ڪوڙي صحيح سان ڪيل آرڊرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. هن رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پنهنجا نوازي ۽ بدعنوانيءَ جي به ڪا حد هوندي آهي، پر سنڌ سرڪار سموريون حدون پار ڪري وئي آهي.

صحت کاتي سنڌ ۾ 273 جعلي ڀرتين واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو آهي ته سڌو سنئون نظر اچي پيو ته سنڌ حڪومت ڄاڻي واڻي وقت گذارڻ لاءِ بهانا ڪري رهي آهي ۽ مهينن جا مهينا انتظار ڪرايو پيو وڃي. وقت ٽاريو پيو وڃي، جيڪب آباد صحت کاتي ۾ بوگس ڀرتيون ڪيون ويون. ڀرتي ٿيل ماڻهو اهل ئي ناهن، ڊسپينسر ئي ناهن، پر ان جي باوجود هو پگهارون مسلسل کڻي رهيا آهن.

ان موقعي تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، جعلي ڀرتين جو ذميوار اي ڊي صحت جيڪب آباد کي قرار ڏنو آهي، جنهن بابت اهو پڻ ٻڌايو آهي ته کيس معطل به ڪيو ويو آهي ۽ سندس سڃاڻپ به شڪي آهي. سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل موجب جيڪڏهن سندس سڃاڻپ شڪي آهي ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان کي مقرر ڪنهن ڪيو؟

سپريم ڪورٽ سڄي سنڌ جي حوالي سان جعلي ۽ نااهل توڙي گوسڙو ملازمن جي حوالي سان تفصيل طلب ڪيا هئا، جيڪي ميسر نه ڪيا ويا، جنهن تي سپريم ڪورٽ سنڌ سرڪار تي ڪاوڙجي پئي آهي. ائين به ناهي ته سنڌ سرڪار تي ڪو پهريون ڀيرو اعليٰ عدليه ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، پر جيترو اعليٰ عدليه سنڌ ۾ ادارن جي توازن جي بحاليءَ جي حوالي سان سنجيده ڏسڻ ۾ آئي آهي، اوترو ئي سنڌ حڪومت سستي، ڪاهلي ۽ غفلت جو مظاهرو ڪيو آهي.

ٻه چار ڏينهن اڳ خبرون آيون هيون ته سنڌ سرڪار هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي ابتڙ 2012ع ۽ 2013ع ۾ بلديات کاتي ۾ غير قانوني 13 هزار ڀرتين کي پڪي ڪرڻ جو ارادو ڪري ورتو آهي. پ پ سرڪار جو مؤقف آهي ته شهيدن جي پارٽي ڪنهن کي به بيروزگار نه ڪندي ۽ ڪنهن گهر جي چلهه وسائڻ جو تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي. ڪو کڻي ڪهڙا به حڪم ڏئي ۽ خواهشون رکي، پر اسان سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪرائي ٻڏتر جو شڪار بڻجندڙ ملازمن جي نوڪرين کي مستقل طور پڪو ڪنداسين.

سنڌ سرڪار جي خواهش پنهنجي جاءِ تي پر گهٽ ۾ گهٽ اهو ته ڏسڻ ۽ جاچڻ گهرجي ته جن کي پڪي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي، اهي ڪردار واقعي به ڪارائتا آهن؟ اهي ڪم به ڪن ٿا يا نه؟ يا سياسي رشوت طور مليل نوڪريءَ ذريعي گهر ويٺي پگهارون کڻن ٿا، ٻي ۽ اهم ڳالهه اها ته اهي اداري جي گهربل ضرورتن تحت ڀرتي ڪيا ويا هئا يا ڪنهن خان ۽ ڪوٽ جي ڪونڌر جي سياسي سَخا جو نتيجو آهن، اهي ڀرتيون اهليت جي آڌار تي ٿيون يا نه!

عدالت ان نتيجي تي پڪ سان ڪنهن ڇنڊڇاڻ کانپوءِ ئي پهتي آهي، تڏهن ئي ان اهڙن ملازمن کي گهر ڀيڙو ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو، پر سنڌ سرڪار پنهنجي وزير پاران نوڪرين جي ديڳ ورهائڻ واري غلط عمل ۽ غلط فيصلي کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ سندرا ٻڌي ميدان مان نڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جن بابت سِڌيون سنيون شاهديون به منظرعام تي اچي چڪيون آهن ته اهي نوڪريون گهڻي ڀاڱي وڪري جو وکرُ بڻايون ويون هيون. اها ته رڳو هڪ وزير جي ڪهاڻي آهي، پر سنڌ جي هر کاتي ۾ ميرٽ جي ڀرپور لتاڙ ٿي آهي.

سنڌ ۾ صلاحڪارن ۽ معاونن کي کاتا الاٽ ڪرڻ ۽ وزير وارو درجو ڏيڻ پڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وارو معاملو پڻ سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي.

اڃا ڪلهه ڪلهوڪو ڏينهن آهي ته سنڌ سرڪار جي هر هڪ اداري بابت اعليٰ عدليه ڪرپشن، پنهنجا نوازي ۽ ڪاغذن ۾ اربين روپين جي ڪوڙن ترقياتي منصوبن جي تڪميل جون اصل حقيقتون عيان ڪيون هيون. اڄ به عدليه عوام دوستيءَ جي احساس سان سنڌ سرڪار سان سينو ساهي رهي آهي، جيڪا ڳالهه پ پ سرڪار کي نه پئي وڻي.

وقت تبديل ٿي ويو آهي، هاڻ عوام باخبر آهي، ميڊيا تيز آهي، جهرجهنگ ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ آهي، هاڻي خلق کي بيوقوف بڻائڻ آسان نه آهي. ان ڪري حڪمرانن کي اِنهيءَ گمان مان ٻاهر نڪرڻ گهرجي ته هاڻ به هنن لاءِ اڳ جيان سازگار وقت هوندو ۽ کين هر ڳالهه ڦٻي ويندي.

هاڻ ته ليکي چوکي جو وقت آهي، حساب ڪتاب ڏيڻ جو وقت آهي، ان ڪري ضرورت ته ان ڳالهه جي آهي ته سرڪار کي پنهنجي دامن تي لڳل داغ ڌوئڻ لاءِ ڪنهن بهتر حڪمت عملي سان آڏو اچي، پر ٿي سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ رهيو آهي. سنڌ سرڪار جي اها پاليسي ڀل ته قيادت جي ذاتي مرضي ۽ خواهش هجي، پر پارٽيءَ ۾ ويٺل اڳواڻن کي خاموش نه رهڻ گهرجي، انهن کي ڀرپور ڳالهائڻ گهرجي، ڇو ته احتساب ۽ اصلاح کانسواءِ هاڻ وٽن ٻيو ڪو دڳ بچو ئي ناهي. اڄ هنن وٽ وقت آهي، اقتدار آهي، وسيلا آهن، ماڻهن جا ڪَٽڪ ساڻ آهن، ان ڪري گذريل وقت ۾ ڪيل تاريخي غلطين جو ازالو آرام سان ڪري سگهن ٿا، پر جڏهن سندن وقت نه هوندو ۽ حالتون هنن جي خلاف ٿي چڪيون هونديون تڏهن ڪابه وضاحت عوام جي نظرن ۾ قابل قبول نه هوندي. هنن تي ڪوبه اعتبار نه ڪندا.

پ پ جو ڀٽوز جي دور ۾ جيڪو تصور هوندو هو ۽ خلق کي جيڪا خوشحالي ۽ تبديلي نظر ايندي هئي، سا اڄ خواب بڻجي وئي آهي. حقيقت اها آهي ته هاڻ رڳو ڪاريءَ وارا ڪک نظر اچي رهيا آهن. هر هنڌ هر شيءِ جو اگهه طئه ٿيل آهي، سڀ ڪجهه وڪامجي ٿو، اهڙي صورتحال اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي وئي، پر هاڻ هنن پنهنجي ساک پَت وڃائي تاريخ جي تري ۾ جاءِ والاري آهي.

ڪراچيءَ ۾ بنگالين جي 115 ڪچين آبادين کي پڪي ڪرڻ لاءِ خبرون ان وقت آڏو آيون آهن، جڏهن 2010ع ۾ ٻوڏ ستايلن کان ڪراچيءَ مان فليٽ خالي ڪرائي جبري طور سندن علائقن ڏانهن موڪليو ويو آهي. هتي پاڻ غلط طريقي سان فليٽ قبضي ڪندڙن جي وڪالت نه پيا ڪيون، پر سوال اهو آهي ته کين اتي رهايو ئي ڇو ويو؟ ڇهه سال ڪو معمولي وقت ناهي هوندو، ايڏو عرصو ڪنهن کي ڍِل ۽ ڍر ڏئي ڪي واعدا ۽ اقرار ڪري ۽ مالڪاڻا حق ڏيڻ جا حوال ڪٽي پوءِ کين ٻچن ٻارن سميت ڌڪا ڏئي لوڌي ڪڍڻ ڪهڙو انصاف آهي؟

هڪ طرف وقت جي ماريل ڌرتي ڌڻين کي زندگيءَ جي ذليل گهٽين جي ڌٻڻ ۾ اڇلايو پيو وڃي ته ٻئي طرف ڌارين ماڻهن جي ڪچين آبادين کي پڪي ڪرڻ وارا سانباهه ڪيا پيا وڃن، ان معاملي تي اخبارن ايڊيٽوريل لکيا آهن، ڪالم ڇپيا آهن، معاملو پرنٽ ميڊيا تائين پڻ پهتو آهي، پر ان جي باوجود نه ته سنڌ سرڪار ڪا تسلي جوڳي وضاحت ڪري سگهي آهي نه ئي وري سنڌ جون سڄاڻ ڌريون ان سڄي پسمنظر ۾ ڪنهن بهتر حڪمت عمليءَ سان آڏو اچي آواز اٿاري سگهيون آهن. الميو ته اهو آهي ته هر پاسي اوندهه انڌوڪار آهي، وڃجي ته آخر ڪاڏي وڃجي، چئجي ته آخر ڪنهن کي چئجي.

سنڌ جو ڪو حقيقي سهارو نه آهي، ڪو ٻڌڻ سمجهڻ وارو ناهي، ڪنهن مان ڪنهن دلداري جي ۽ دلجاءِ جي پڪ ئي ناهي ته ڪنهن جو ڪڙو کڙڪائجي ۽ ڪهڙي در ٻاڏائجي؟

سنڌ سرڪار کي نه وسارڻ گهرجي ته ذوالفقار مرزا سان ٽڪراءَ کانپوءِ هن پوليس کان جيڪا ونگار ورتي هئي، تنهن تي عدالت کين ڪيترو سوڙهو ڪيو هو. اهو ته هڪڙو معاملو هو، پر هاڻ ته گهڻ رخا معاملا سندن ڳچيءَ ۾ آهن. عدالت جي اسرار تي مقرر ٿيل آءِ جي سنڌ پوليس کي بنا ڪنهن ڏوهه ۽ جواز جي هٽائڻ وارا سانباهه سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل، بئريسٽر ضمير گهمرو مان جان ڇڏائڻ وارا جتن ۽ اي آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر کي گهر ڀيڙو ڪرڻ واريون ڪوششون اهي سڀ جو سڀ عمل ڪري يا اهڙا ارادا رکي، سنڌ سرڪار پنهنجي پير مٿان خود پاڻ ڪهاڙي هڻي رهي آهي، ٻرنديءَ تي تيل هاري رهي آهي. عدليه کي ڪاوڙائي رهي آهي. ڇا سنڌ سرڪار اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي ڪري رهي آهي ته جيئن ان جي نتيجي ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان کيس اقتدار تان هٿ کڻڻو پئجي وڃي ۽ پنهنجي مظلوميت جا پار ڪڍي، هو پنهنجن عيبن ۽ گناهن کي ڍڪرائي؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جيڪو اڄ ڀل ته بحث جو موضوع نه هجي، پر سچ اهو آهي ته حالتون ان جون چغليون ضرور هڻي رهيون آهن، اهو ته پ پ وارن کي به علم ناهي ته سندن مٿان وقت جي وڄ ڪيئن ڪرندي؟ پر اها حقيقت آهي ته اهڙي ماحول تيار ڪرڻ ۾ هنن وسان ناهي گهٽايو.

naseembukhari44@gmail.com

 

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *