تازيون خبرون

پيار جي پرڻڻ ۾ برباد ٿيل گهر..!!: غلام مصطفيٰ جمالي

ڇا.؟سڀ سهڻيون هڪ جهڙيون آهن.يا سڀ سھڻيون هڪ جهڙيون ناهن هونديون، ذات نالا چهرا هڪ جهڙا ٿي سگهن ٿا پر رويا هڪه جهڙا ناهن هوندا، سوچ هڪ جهڙي ناهي هوندي،لباس ٻولي،هڪ جهڙي ناهي هوندي. سهڻيون ته سڀ سهڻيون پر ڪا سسئي آ ڪا سهڻي آ ڪا مومل آ ته هير آ ڪا شيرين آ.. پر حسن جي انڌ تي الائي ڪيترائي گهر اجڙي ويا الائي ڪيترن مائرن جون مرڪون موڪلائي ويون الائي ڪيترا پيءُ جن چيچ مان جهلي هلڻ سيکاريو سي روئي اکين جو نور وڃائي ويٺا، پريم ۽ پريمي جوڙا قصور ڪنهن جو والدين جو جن پڙهائي لکائي وڏو ڪيو جن پنهنجو پيٽ بکيو رکي انهن کي پاليو جن سردي گرمي سر تي سهي اونهاري جا ڪاڙا ڪاٽيا، ۽ ٻچن کي کاريو، يا ڏوهه  ان امڙ جو جنهن ڏهه مهينا پيٽ ۾ رکي موت جي منظر مان گذري ڪري هڪ ڌي کي جنم ڏنو جنهن جو نالو رکڻ لاءِ ڪيترا نالا سوچيا جنهن  جي جنم تي مٽايون ورهايون ويون. جنهن جي جنم جي ڏينهن تي مبارڪ اها ئي ملندي رهي ته نِياڻي جي مبارڪ هجي. ۽ ڄاول انهي ٻار جو ڪير به  نالو ناهي وٺندو سڀ لفظ “نياڻي” استعمال ڪندا آهن..ڇو ته“نياڻي” نالو وٺڻ سان پيار جي هڪ بهار ءُرت جهڙي هوا  اندر جي انسان کي ڏاڍو سرور بخشيندي آهي. پر اها الائي ڇو اها انهن مائرن کي نياڻي اکين ۾ ڌوڙ  وجهي ڌار ڇو ٿيندي آهي.؟ ڇو محبت هن کي ايترو محبور ڪندي آهي جو هو اهو گهر ڇڏي ڏيندي آهي. جتي هو پتڪڙا پير کڻي گهر اڱڻ اڳيان پيءُ جي چيچ جهلي هلڻ سکي جتي سهيلين سان گڏ گڏين راند کيڏي،جتي هو اڱڻ ۾ ٻيٺل نم جي وڻ ۾ لوڏ ٻڌي لڏي،،جنهن گهر ۾ سندس ماءُ پنهنجي پيٽ جو ٽڪر به ان کي کارايو، جتي هو ڀاءُ جي وڙهڻ کان پوءِ ٻئي مٺيون پوري اکين تي رکي روئيندي امڙ کي دانهن ڏيندي هئي ته “امان ادا ماري ٿو” ۽ ماءُ پٽ کي دڙڪا ڏيندي هئي ته “ڇورا” منهنجي ڌي کي ڇو ماريو اٿئي.؟ اڄ اها ماءُ آهي ۽ اها ئي نِياڻي پر اڄ هو ڪنهن کي به سڃاڻِي نه ٿي.! ڪورٽ آ ،قانون آ، ماءُ جي جهولي آ ،پر…! اڄ اها جهولي کالي ڦهليل آ، اها نياڻي اڄ اکين اڳيان ڪنهن ٻئي جي ٿي وئي اڄ هن ممتا جي کير جي هڪ هڪ ڍڪ جو قرض لاهي ڇڏيو…. اڄ هن ماءُ کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو .

اڄ ته انهي جي اکين پيءُ جي پيار جا سمورا پنا ساڙِي خاڪ ڪري ڇڏيا… اڄ ته قيامت جو ڏينهن ٿي ويو… اڄ ماءُ جي لاڏلي ڌي پيار جي پنج ٻولن خاطر زندگي جا سمورا رشتا ناتا ٽوڙي عشق جي انڌ جي سوار ٿئي ڪنوار بنجي ڪنهن سان گڏ هلي وئي،، پر ماءُ جون اکيون اڃان به نهارين پيون  لڙڪ هارين پيون،، ويڳاڻو پيءُ شرم کان منهن لڪائي دنيا جي کل کان منهن تي ڪپڙو ڏئي واپس موٽيو آهي. جنهن ڪيترن ڏينهن کان ماني ناهي کاڌي جنهن کي اڃان به اهو فڪر آهي منهنجي ڏکي هوندي، هن ماني کاڌي هوندي الاءِ نه پر ماءُ جي ممتا تي ڇا لکان مون وٽ الفاظ آهن پر اهي الفاظ مان جي ممتا کي جوڙڻ جوڳا ناهن پنا ختم ٿي ويندا پڙهڻ وارا ٿڪجي پوندا مان جي ممتا تي لکڻ نه کٽندو. پر مان عنوان ڏنو آهي ته سڀ سهڻيون هڪ جهڙيون ناهن هونديون. پراڄ به سنڌ ۾ ماءُ جي ممتا هٿان مجبور نياڻي پيار کي  قربان ڪري ماءُ جي ممتا جي لڄ رکيو اچن اڄ به پوڙهي پيءُ جي عزت برقرار آهي.،،مان نه ٿو چوان ته محبت نه ڪيو محبت ڪرڻ ڪو ڏوهه ناهي پر جذبات ۾ اچي اهڙا فيصلا نه ڪجن جن سان دليون غمغين ٿين جن سان ماءُ رنج  ٿئي جن سان پيءُ جو هانءُ ڏري ……..

اهڙا فيصلا ڪرڻ کان پهرين هڪ نه پر هزار بار سوچجي ته انهن فيصلن جو آّخر نتيجو ڇا نڪرندو.؟ انهي جا معاشري تي ڪهڙا اثرات پيدا ٿيندا وقت مٽيل آهي حالات مٽيل آهي معاشرو تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي سائنس ترقي ڪري رهي اسين اهي پراڻا خيال ڇو رکون. جي اها سوچ انهن سهڻين جي آهي ته منهجي نظر ۾ هن ڌرتي تي انهن کان وڌيڪ  بيوقوف ٻيو ڪو به ناهي،، ڇو ته ڪيتريون خبرون نظر مان گّذرينديون رهن ٿيون،،، ته ڪجهه ڏينهن پهرين پسند جو پرڻو ڪندڙ پريمڪا پريمي هٿان قتل..الائي ڪيترا بيان چپجي چڪا آهن انهن موضعن تي . اڄ ڪالهه جي نوجوانن تي الائي ڪهڙو پيار جو جن سوار آهي جو هو انهي ضد تان لهن ئي نٿا. الائي ڪهڙي مٽي جا ٺهيل آهن جن جي ذهن تي ڪوبه اثرنه ٿو ٿئي. پر سندس ذهن ۾ نصيحت جهڙي ڳالهه ڀوڳ يا مشڪري ٿي لڳي. پيار ڪري ..محبت سان محبت حاصل ڪري سگهجي ٿي مان نه ٿو سمجهان ته ڪوبه والدين پنهنجي ٻچي جي خوشي ۾ ناراض هوندو پر وقت جو انتظار ڪرڻ صبر تعمل کان ڪم وٺي پوءِ اهڙا فيصلا ڪجن ته بهترآهي ڇو جو مان نه ٿو سمجهان ته گهر کان ڀڳل عورت کي سواءِ انهي انسان جي جنهن سان هوءُ نڪتي آهي  ٻئي ڪنهن وٽ عزت  هجي ڇو هوءُ جڏهن به ڪو غلط ڪم ڪندي ته هن کي اهو مهڻو ضرور ٻڌڻو پوندو ته جي اهڙِي سٺِي هجي ها ته مائٽ نه ڇڏي هان….توهان پاڻ سوچيو ته اهي لفّظ ٻڌڻ کان پوءِ انهي ڇوڪري تي ڇا گذرندو هوندو جن مائٽن جو گهر ڇڏيو هوندو پيار لاءِ  مڃان ٿو ته پيار محبت هڪ  رشتو آهي جيڪو رکڻ گهرجي محبوب زندگي ۾ ڪرڻ گهرجن ته اهي هڪ دائري ۾ هجن ته بهتر آ اهي اديون جيڪي اهڙي فيصلي ڪرڻ جو ارادو رکن ٿيون يا فيصلي ڪرڻ جون سوچين ٿيون مان انهن کي هٿ ٻڌي اپيل ٿو ڪيان خدرا منهجي والدين کي راضي ڪيو پيار جا پرڻا پيار سان ڪيو جنهن ۾ گهوٽ هجي ڪنوار هجي سيج هجي دهل هجن شرنايون هجن ڀا۽ هجي پيءُ رخصتي ڪري ..باقي والدين جي دلين ۾ ڏار وجهي پرڻا ڪرڻ بلڪل غلط آهن چوندا آهن ڏٺي مان به ڏسجي ته بهتر آهي باقي فيصلا جذبات ۾ ڪرڻ  جهالت آهي ناداني آهي جنهن ۾ سواءِ رسوائي جي ٻيو ڪجهه به ناهي ملندو آخر ۾ مان ايترو ضرور چونديس ته والدين به اولاد جا بهتري لاءِ سوچي سمجهي  فيضلا ڪن ته بهتر آهي.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *