تازيون خبرون

پهرين مئي مزدورن جو ڏينهن: حاڪم علي چانڊيو/دادو

اڄ پھرين مئي آھي ۽ پھرين مئي کي مزدورن جي ڏينھن سان سڏيو ويندو آھي ھن ڏينھن جي تاريخ اٽڪل 132 سال پراڻي آھي پر ايترو عرصو گذرڻ باوجود نہ صرف پاڪستان پر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ مزدورن جي حقن جي لتاڙ ۽ حق پائمال ڪيا وڃن ٿا ڪيترن ئي ملڪن ۾ معصوم ٻارڙا غربت سبب جبري پورھيو ڪرڻ تي مجبور آھن، پھرين مئي جي ڏينھن کي مزدورن جو عالم  ڏينھن ڪري ملھايو ويندو آھي ھي ڏينھن دراصل آمريڪا جي شھر شڪاگو ۾ مارجي ويل مزدورن جي ياد ۾ ملھايو ويندو آھي مزدور تحريڪ 1860 ۾ شروع ٿي چڪي ھُئي جيڪا مختلف مرحلن مان گذرندي 1886 ۾ اسٽارڪ ھارويسٽر جي 80 ھزار مزدورن پنھنجا مطالبا حڪومت تائين پھچائڻ لاءِ احتجاج شروع ڪيا فيڪٽرين ۾ مزدور محنت ڪندي ڪندي ڪنھن مشيني حادثي جو شڪار ٿي معزور ويندا ھئا يا فيڪٽري مالڪن جي زيادتي سبب پڻ محتاج ھوندا ھئا ۽ مزدورن جو اھو بہ مطالبو ھيو تہ انھن جي پگهار ۾ اضافو ڪيو وڃي اھڙي مطالبن جي سلسلي ۾ ھڪ ڏينھن پھرين مئي 1886 ۾ شڪاگو جي ڪارخانن ۽ فيڪٽرين ۾ مڪمل ھڙتال رھي 3 مئي تي مزدورن ھڪ وڏو جلسو ڪيو جنھن ۾ جاگيردار ۽ سرمائيدار ڏيکاريو ۽ ھن جلسي ۾ پوليس بلا جواز مزدورن تي سِڌي فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ پنج مزدور فوت ٿي ويا ان مزدورن جي المناڪ موت تي 4 مئي تي شڪاگو شھر جي مارڪيٽ چوڪ تي وڏو جلسو ۽ ريلي ڪڍي وئي مزدور ليڊرن ان جلسي ۾ 3 مئي تي مارجي ويل مزدورن بابت جذباتي تقريرون ڪيون ايتري ۾ ھڪ پوليس آفيسر سوين سپاھي ساڻ ڪري ان جلسي گاھ ۾ داخل ٿيو ۽ فورن جلسو ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ان وقت جلسي ۾ آخري ليڊر تقرير ڪري رھيو ھو تہ اچانڪ جلسي گاھ جي ويجهو ھڪ بم ڌماڪو ٿيو جنھن جي نتيجي ۾ ڪجهہ پوليس اھلڪار فوت ٿي ويا ۽ پوءِ پوليس آفيسر پوليس کي فائرنگ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ پوءِ پوليس مزدورن تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري شروع ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ مزدورن رت سيني مان نڪري زمين تي وھڻ لڳو ۽ پوءِ ھڪ مزدور قميص کي رت مان ٻوڙي جهنڊو ٺاھي ورتو ان وقت کان مزدور جي جهنڊي جو رنگ سرخ ھوندو آھي ھر طرف رت ئي رت ھيو ۽ تڙپندڙ ماڻهو ۽ لاش ھئا پر مزدورن جا حوصلا بلند ھئا ۽ جهنڊي جهولايو پئي ويو ان واقعي ۾ يارنھن مزدور شھيد ٿي ويا جنھن ۾ ٻہ عورتون ۽ ھڪ معصوم ٻار شامل ھئا پوليس ڪجهہ مزدور ليڊرن کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن عدالتي ڪاروائي شروع ٿئِي تہ بيشمار نااصافيون سامھون آيون ۽ ڪجهہ چئن مزدورن کي دھشتگرد قرار ڏئي ڦاسي جو حڪم ڏنو ويو ۽ ٻين کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي ان چئن مزدورن موت کي خوشي سان قبول ڪندي ھڪ چيو ” غريب ماڻهن کي آواز بلند ڪرڻ ڏيو نہ تہ انھن جون تلوارون بلند ٿينديون” ٻئي چيو” اسان کي تہ ماري سگهو ٿا پر تحريڪ ختم نٿا ڪري سگهو” ٽئين چيو ” اسان خوش آھيون تہ اسان ھڪ سٺي مقصد لاءِ جان ڏئي رھيا آھيون ” ۽ چوٿين ليڊر چيو ” توھان ھنن جي آواز کي بند ڪري سگهو ٿا پر وقت ٻڌائيندو تہ اسان جي خاموشي آواز کان وڌيڪ طاقتور ھوندي”

اھڙي طرح ھي ڏينھن اڄ بہ انھن مزدورن جي ياد ۾ ملھايو ويندو آھي وڏا وڏا جلوس ۽ ڪانفرنس وغيره ڪيون وينديون آھن ۽ انھن پروگرامن ۾ مزدورن کي ئي ڪم ڪرڻ لاءِ گهرايو ويندو آھي ڪنھن کي صوفا سيٽ ڪري رکڻ لاءِ گهرايو ويندو آھي ڪنھن صفائيءَ لاءِ گهرايو ويندو آھي ڪنھن کي ڪرسيون سيٽ ڪرڻ لاءِ گهرايو ويندو آھي ڪنھن کي کاڌي پيتي تيار ڪرڻ لاءِ گهرايو ويندو آھي ڪنھن کي سائونڊ سسٽم مينيج ڪرڻ لاءِ گهرايو ويندو آھي وغيره ۽ انھن پروگرامن ۽ سيمينارن ۾ وڏن ماڻهن آفيسرن فيڪٽري ۽ ڪارخانا مالڪن کي دعوت ڏئي گهرايو ويندو آھي ڇا اھي مزدور چورائڻ جي لائق آھن؟ ان سوال جو ڪنھن وٽ جواب آھي؟ نہ ھوندو. تہ پوءِ ان پروگرامن ۾ مزدورن کي فرنٽ سيٽ تي ڇو نہ ٿو ويھاريو وڃي انھن مزدورن کان انھن جا مسئلا مسائل يا روزمرہ جي زندگيءَ ۾ درپيش ايندڙ مسئلا ڇو نٿا پڇيا وڃن ٽيليويزن ۽ ريڊيو پروگرامن ۾ اديبن دانشورن وغيره کي گيسٽ طور گهرائي مزدورن تي بحث مباحثہ ڪيا ويندا آھن پر ڪڏهن ڪنھن بہ پروگرام ۾ مزدور کي گيسٽ ڪري نہ گهرايو ويو آھي ھي جيڪي پيٽ وڏا سياستدان جن جي گهران ڪروڙين رپيا پئسن ڳڻڻ جي مشينن سميت نڪرن ٿا تہ ٻئي پاسي وري ڪٿي کائڻ لاءِ ڪجهہ بہ ناھي زندگي گذارڻ لاءِ ڪا اميد ڪانھي مستقبل سڌارڻ لاءِ ڪو آسرو ڪونهي انھن وٽ زندگي گذارڻ ڄڻ گناھ ٿي ويو آھي مزدور ھر روز پلصراط تان ھلن ٿا ھتي ڪنھن کان حق گهرڻ مطلب موت کي دعوت ڏيڻ برابر آھي اسان مزدور جي ڳالھ ڪنھن سان ڪري رھيا آھيون ان سياستدان سان جنھن غريب کان بک جي نالي تي ووٽ وٺي ان کي بکيو ئي رکيو اسان مزدور جي ڳالھ ڪنھن سان ڪري رھيا آھيون ان ٺيڪيدار سان جنھن جي بلڊنگ تعمير ۾ ڪيترن ئي مزدورن جي پگهر سان گڏ رت بہ شامل آھي اسان مزدور جي ڳالھ ڪنھن سان ڪري رھيا آھيون اسپتال پوليس فوج صحافت ۽ اقتداري اعوانن ۾ ويٺل ماڻهن سان جنھن جو عملو گريڊ 1 جيڪو فوج جو سپاھي پوليس جو سپاھي اخبار فروش ھوٽل جو بيريو بيروزگار پڙھيل لکيل يا اھو ماڻهو جيڪو دفتر کي لکين روپيا فائدو ڏئي ٿو ۽ انھن کي فقط ڏھ ھزار روپيا پگهار جي نالي تي ملن ٿا

ڪڏهن بارڊر تي ويٺل سپاھي کي ڏسو اھو مزدور آھي ڪڏهن آفيس ۾ چانھ پھچائيندڙ آفيس پٽيوالي کي ڏسو اھو مزدور آھي ڪڏهن سرمائيدارن جي بنگلن تي ٻوٽن کي پاڻي ڏيندڙ کي ڏسو اھو مزدور آھي ڪڏهن چوڪيدار کي سڄي رات ننڊ ڦٽائيندي ڏسو اھو مزدور آھي ڪڏهن ھوٽل تي ڪم ڪندڙ بيرئي کي ڏسو اھو مزدور آھي ڪڏهن موچيءَ بوٽ پالش ڪندي ڏسو اھو مزدور آھي ڪڏهن درزيءَ کي گرميءَ ۾ ڪپڙا سبندي ڏسو اھو مزدور آھي ڪڏهن فيڪٽريءَ ۾ ھماليءَ ڪندڙن کي ڏسو اھو مزدور آھي ڪڏهن رازي کي بلڊنگ تي ڪم ڪندي ڏسو اھو مزدور آھي ڪڏهن بلاڪ ٺاھيندڙ ۽ کڻندڙ کي ڏسو اھو مزدور آھي ڪڏهن ڪنھن ٻار کي جبري پورھيو ڪندي ڪنھن سِرن جي بٺي تي ڏسو، گاڏيون ڌوئيندي ڏسو مختلف دڪانن يا گئراجن تي ڏسو اھو مزدور آھي ڪڏهن گڏھ گاڏو ھلائيندڙ کي ڏسو اھو مزدور آھي ڪڏهن ڪنھن عورت کي بطور ميٽ جي صورت ۾ ڏسو اھا مزدور آھي ڪنھن عورت کي ڪڻڪ جو لابارو ڪندي ڏسو اھا مزدور آھي. ۽ انھن مزدورن کي انھن جي صلاحيت جو %5 فيصد اجورو بہ ادا نٿو ڪيو وڃي اسان مزدور جو ڏينھن ڇو ملھائي رھيا آھيون؟ ڪنھن کي چئي رھيا آھيون تہ مزدورن کي حق ڏيو؟

ڀلا ڪڏهن چيتي ڪنھن ھرڻ سان دوستي رکي آھي؟ يا باھ ڪڏهن پاڻي سان دوستي رکي آھي؟ جو اسان سياستدانن کان مزدورن جا حق گهُري رھيا آھيون اوھان ڪڏهن جهنگ ۾ جانورن کي ٻڪري ڊي ملھائيندي ڏٺو آھي؟ يا چيتي کي ھرڻ ڏينھن ملھائيندي ڏٺو آھي؟ تہ مزدور ڊي ڇاھي؟ ڪڏهن ڪنھن سرمائيدار مزدور جي حفاظت ڪئي آھي؟ يا ڪڏهن ڪنھن سياستدان انھن جي احساسن کي محسوس ڪيو آھي؟ مزدور جو نالو چوڪيدار، سپاھي، درزي، ھوٽل بيريو، مالھي، ڊرائيور، رازو، ڪنڀر، مستري، موچي، اخباري ھاڪر، صحافي ۽ مالھي جو نالو مزدور آھي انھن کي مزدور چئي سگهجي ٿو ھن ڏينھن تي پوري دنيا ۾ مذدورن جي اتحاد جي لاءِ ريليون ڪڍيون وينديون آھن، جلوس ڪڍيا ويندا آھن، تقريبون ڪوٺايون وينديون آھن، ھر جڳھ تي ميڊيا کان ويندين عوام تائين مزدور مزدور جا نعرا پيا لڳندا آھن وڏا وڏا اعلان ڪيا ويندا آھن تہ مزدورن کي حق ڏنا ويندا ۽ مزدورن کي ھيءَ ڏينداسين ھوءَ ڏينداسين وغيره پر افسوس آھي تہ اھي اعلان ۽ دلاسا صرف ۽ صرف پنھنجي سياسي مفادن خاطر ڏنا  ويندا آھن بلڪہ ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ انھن مذدورن سان ھڪ قسم جو مذاق اڏايو ويندو آھي اڄوڪي ڏينھن تي رٿيل پروگرامن ۾ مزدورن کي گيسٽ واري ڪُرسيءَ تي ڇو نٿو ويھاريو وڃي؟ ڇا ان ڳالھ جو جواب ڪنھن وٽ آھي؟ نہ ھوندو ڇو تہ اسان وٽ اصُل مزدورن کي ڪمتر سمجهيو ويندو آھي ياد رکو تہ جيڪڏهن مذدور نہ ھجي ھا تہ دنيا ڪڏهن بہ ترقي نہ ڪري سگهي ھا ھن دنيا جون جديد شيون مذدورن ٺاھيون آھن ڇو جو مالڪ تہ صرف پئسا ڏيندا آھن سنڌ ۾ بہ اھڙي قسم جا پروگرام ۽ تقريبون ڪوٺايون وينديون آھن وڏا وڏا ماڻهو ايندا آھن ۽ اسٽيج تي ڊاڙون ھڻي ھليا ويندا آھن انھن پروگرامن ۾ جيڪي ماڻهو شرڪت ڪن ٿا انھن مان اڪثر ماڻهو بس کاڌو کائڻ جي چڪر ۾ ايندا آھن ۽ پروگرام ختم ٿيڻ سان ئي ماني کائڻ لاءِ لائين ۾ لڳي ويندا آھن ڄڻ روزائت افطاري پيا ڪن ڇا ڪڏهن ڪنھن مزدور جي ٻار جي اسڪول مان فيس معاف ڪرائي آھي؟ ڇا ڪڏهن ڪنھن ماڻهو مزدورن جي ڏھاڙي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي؟ ڇا ڪنھن مزدور کي وظيفو ڏيڻ جي ڳالھ ڪئي آھي؟ نہ بلڪل نہ ڇو جو انھن جو وڏن ماڻهن تي ڪھڙو فرق پوندو؟ پھرين مئي تي پوري دنيا ۾ موڪل جو ڏينھن آھي ان ڏينھن تي وڏا ماڻهو تفريح ڪندا کائيندا پيئندا ۽ دنيا جي ڪمن ۾ مصروف رھندا ۽ پوءِ اچي پنھنجي ننڊ بہ پوري ڪندا آھن

ڇا مذدور ڊي ان لاءِ ملھايو ويندو آھي تہ جيئن ويچارو مذدور موڪل واري ڏينھن بہ محنت ڪري ۽ ھن کي تہ ان ڏينھن تي بہ موڪل نٿي ڏني وڃي اگر اسان مذدورن جي پريشانين کي بيان ڪيون تہ ان لاءِ پڙھڻ وارا ٿڪجي پوندا  ۽ پين جي مس بہ ختم ٿي ويندي پر مذدورن سان روزمرھ جي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ مسئلا نہ کٽندا مذدور ويچارو پورو ھفتو لڳاتار ڪم ڪري ٿو تنھن ھوندي بہ انھن جي زندگيءَ جو گاڏو مشڪل سان ھلي ٿو مزدور ڊي جي ملھائڻ سان مزدورن جي زندگيءَ تي ڪو بہ فرق يا اثر نہ ٿو ٿئي تہ پوءِ ھن ڏينھن کي مزدور ڊي جي نالي سان ڇو ٿو ملھايو وڃي؟ ھن ڏينھن جو نالو تبديل ڪري شغل ڊي رکيو وڃي شايد ھي شغل ڊي آھي ھن ڏينھن جو اگر مزدورن تي ڪو فرق نٿو پوي تہ پوءِ ھن ڏينھن ملھائڻ جو ڪھڙو فائدو؟

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *