تازيون خبرون

پرڏيهي پاليسيءَ ۾ تبديلي: اثر امام

پاڪستان جا آمريڪا سان لاڳاپا تمام پراڻا آهن. ائين چوڻ گھرجي ته ايترا ئي پراڻا جيترو پاڪستان پراڻو آهي. ڇاڪاڻ ته جهڙيءَ ريت ٻهراڙين ۾ رهندڙ ماڻهن کي سڄي رات مڇر پٽيندا آهن ۽ جڏهن صبح ٿيڻ واري هوندي آهي ته مڇر اها چارج مکين کي ڏئي هليا ويندا آهن اهڙيءَ ريت اسان جي هن ننڍي کنڊ کي ڪالونيل زماني جي ڪاري رات دوران ته انگريز مڇرن پئي پٽيو پر جڏهن ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ انهن جو وقت پڄاڻيءَ کي پهتو ته اهي بجاءِ اسان کي آزاد ڪرڻ جي آمريڪي مکين جي حوالي ڪيون ويا. تڏهن فيض صاحب کي چوڻو پيو هئو: وه انتظار ٿا جس ڪا يه وه سحر تو نهين.

فرنگين ڪئي ته هندستان سان به ساڳي ڪار پر اتي سياسي ۽ پارليماني ادارن جي سگهاري موجودگيءَ سبب آمريڪا سان اهڙا هڪ طرفا لاڳاپا نه جوڙيا ويا جهڙا اسان وٽ جُڙيل هئا، جو آخر ۾ اسان کي ڪتاب لکي آمريڪا کي ٻڌائڻو پيو ته اسان توهان جا دوست آهيون، ان ڪري اسان سان سلوڪ به دوستن وارو ڪريو غلامن وارو نه.

شروع وارو پاڪستان آمريڪا سان ياريءَ ۾ بغداد پئڪٽ، سيٽو، سينٽو وغيره جي ذريعي ويو سوگهو ٿيندو. اسان جي حڪمرانن منڍ کان وٺي آمريڪا کان هر قسم جي مدد پئي ورتي ۽ هر حوالي سان مٿس پئي ڀاڙيو. بدلي ۾ آمريڪا کي هر قسم جي سهولت آڇيندا رهيا. آمريڪا کي پنهنجي مفادن جي لاءِ اسان کي جتي جيئن استعمال ڪرڻو هئو، ڪندو رهيو ۽ بدلي ۾ اسان آمريڪي خيرات تي تڳندا رهيا سين. حالانڪه پاڪستاني عوام پنهنجي حڪمرانن جي ابتڙ منڍ کان وٺي ئي آمريڪا کان نفرت ڪندو رهيو آهي پر حڪمران ايندا به آمريڪي آشيرواد سان آهن ته ويندا به آمريڪا جي ڪاوڙ سبب آهن.

1980 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آمريڪا پنهنجي اڻ کٽ دولت ۽ اسلحو خرچ ڪري افغانستان ۾ “جهاد” شروع ڪرايو ته اسين ان جي فرنٽ لائين اسٽيٽ هئاسين. اهو اُهو زمانو هئو جڏهن اسان کي آمريڪا جي تمام گھڻو ويجهو وڃڻ جو موقعو مليو. اسان ان دور ۾ ئي تمام گھڻا پيسا به ڪمايا ۽ آمريڪي ڳجهي ايجنسي سِي. آئي. اي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ڪري اسان جي انٽيليجينس ايجنسي به دنيا جي انتهائي طاقتور ۽ خطرناڪ ايجنسي بڻجي اڳيان آئي. پر ان جي بدلي ۾ اسان پنهنجي ڏيهي توڙي پرڏيهي پاليسيءَ جي معاملي ۾ آمريڪا تي ڀاڙڻ لڳاسين. ائين سمجهو ته اهو اُهو زمانو هئو جڏهن اسان بطور هڪ آزاد ۽ خود مختار ملڪ جي پنهنجي حيثيت کي مڪمل طور تي مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو. اسان جي معيشت جو انحصار مڪمل طور تي آمريڪي امداد ۽ قرضن تي ٿي ويو. حالانڪه صدر ايوب خان جي زماني ۾ ڪنهن حد تائين پاڪستاني صنعت پنهنجي پيرن تي بيهڻ جهڙي ٿي هئي. پر آمر ضياء الحق واري حڪمرانيءَ ۾ پنهنجي ڪمائيءَ بدران خيراتن تي وڌيڪ ڪم هلڻ لڳو. پوءِ ٿيو ائين جو آمريڪا جڏهن ڏٺو ته هُن افغانستان اندر سوويت يونين کي فوجي شڪست ڏئي ڇڏي آهي ته هُو آرام سان پنهنجو هنڌ ٽپڙ کڻي اتان هليو ويو ۽ پوئتي ڪنڌ ورائي نه ڏٺائين ته سندس پراڻو يار پاڪستان هاڻي ڪيڏانهن ويندو جنهن سندس مفادن جي پورائي لاءِ سڄي دنيا سان ڦٽايو هئو. جنهن اوڙي پاڙي وارن سڀني ملڪن سان ويرُ وهايو هئو ۽ پنهنجي معيشت، سياست توڙي اخلاقي قدرن جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو هئائين. ان وقت اسان کي پنهنجي اهڙيءَ ريت ننڌڻڪي بڻجي وڃڻ تي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي جنهن جو اظهار ضياء الحق جي ڪابينا ۾ ٿيندو رهيو پر اسين آمريڪا بادشاهه جهڙي نرَ سامراج جي خلاف ڪجهه ڪرڻ جهڙا نه هئاسين. ڀُٽي صاحب جهڙي ذهين سياستدان کي اسان آمريڪا جي ئي اشاري تي ڦاهي ڏئي ڇڏي هئي ۽ سندس آڪههِ کي دربدر ڪري ڇڏيو هئو ان ڪري افغانستان ۾ منشيات جي پيداوار ۽ وڪري توڙي هِتي نه ته هُتي “جهاد” جاري رکڻ کان سواءِ ان وقت ڪوئي ڪو نه هئو جيڪو اسان جو مشڪل ڪشا بڻجي ها. بهرحال ان کان پوءِ به ڪيترا ئي موقعا آيا جڏهن اسان جي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي سنجيدگيءَ سان سوچڻو پيو ته اها آمريڪا جي ٻانهپ ۾ ائين ئي هلندي رهي يا پنهنجو رويو بدلائي. مثال طور 9/11 واري واقعي کان پوءِ آمريڪا جو اسان ڏانهن جيڪو رويو رهيو، سلاله چيڪ پوسٽ تي آمريڪي حملي کان پوءِ جيڪا صورتِ حال بڻي ۽ پوءِ ريمنڊ ڊيوس واري ڪيس ۾ يا اسامه بن لادن جي قتل واري ڪاروائيءَ به اسان جي حقيقي حڪمرانن جون اکيون کوليون ۽ اهي پنهنجي پرڏيهي پاليسي بدلائڻ بابت سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ لڳا.

پرڏيهي پاليسي تبديل ڪرڻ جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته آمريڪا اسان کي قرض ته ڏيندو رهيو آهي پر بدلي ۾ اسان کان اهڙا ڪم به ڪرائيندو رهيو آهي جيڪي ڪنهن آزاد ملڪ کان نه ٿا ڪرائي سگهجن. آمريڪا اسان کي مالي ۽ فوجي مدد ته ڏيندو رهيو آهي پر هُن اسان کي ڪڏهن به ٽيڪنالاجي نه ڏني آهي. ان جي ابتڙ چين اسان کي ٽيڪنالاجي ڏيڻ کان علاوه مالي امداد ڏيڻ پڻ شروع ڪئي آهي. چين سان گڏوگڏ روس به اسان جي ٽيڪنالاجيءَ جي فراهميءَ ذريعي مدد ڪري رهيو آهي. جنهن جو ٻيو مطلب اهو آهي ته جيتوڻيڪ چين ۽ روس به ڪنهن سٺي نيت سان پاڪستان کي پنهنجي ويجهو نه ٿا آڻڻ چاهين پر اهي نوان سامراجي مرڪز هن وقت آمريڪا کان گھٽ نقصانڪار آهن ۽ سامراجي مرڪزن جي تضادن کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪندي اسان پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪري سگهون ٿا. لڳ ڀڳ اهڙي سوچ سان اسان جي اسٽيبلشمينٽ آمريڪا کان اکيون ڦيري چين ڏانهن دوستيءَ جو وڌايل هٿ ڪجهه وڌيڪ ڊگهو ڪيو. گذريل ڪجهه سالن کان اهڙا ڪيئي اشارا موجود آهن جن منجهان پتو پوي ٿو ته اسين پنهنجي پرڏيهي پاليسي تبديل پيا ڪريون. مثال طور ويجهي ماضيءَ ۾ چين سان اسان جي ڪاروباري ڏيتي ليتي وڌي وئي آهي. پاڪستان جيڪي شيون درآمد ڪري ٿو اهي وڌ ۾ وڌ چين جون تيار ڪيل هونديون آهن. چين سان اسان جو ملڪ 19.7 سيڪڙو درآمدي واپار ڪري ٿو جڏهن ته موٽ ۾ چين کي 11.1 سيڪڙو برآمد ڪري ٿو. چين اسان کي سڀ کان وڌيڪ شيون وڪرو ڪري ٿو. پر اسين جن ملڪن کي پنهنجو تيار مال سڀ کان وڌيڪ وڪرو ڪندا آهيون انهن ۾ 18.2 سيڪڙو برآمدي واپار سان يورپي يونين پهرئين ۽ 13.6 سيڪڙو برآمدي واپار سان آمريڪا ٻئي نمبر تي آهي. يعني چين اسان کي پنهنجو تيار ڪيل مال وڪرو ڪري نه رڳو اسان کان نفعو ڪمائي رهيو آهي پر هُو اسان جي ملڪ جي صنعت کي ڪاپاري ڌڪُ پڻ هڻي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن توهان کي هر شئي چين جي ٺاهيل تڪڙي، سولي ۽ سستي ملندي ته پنهنجي ملڪ جي ٺاهيل شين کي رڳو ثواب خاطر استعمال ڪرڻ ڇو چاهيندا! نتيجي ۾ چين اسان جي ڪپڙي جي صنعت کان وٺي جوتن جي صنعت تائين کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. پر چين اسان جي جنهن صنعت کي تباهه ڪري رهيو آهي اها خاڪين جي ملڪيت ناهي. ان ڪري في الحال اهو جُوکو کنيو پيو وڃي. آمريڪا ۽ سندس خاص اتحادي يورپي يونين اسان جي مال جا وڏا خريدار آهن پر ان منجهان خطرو اهو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ڪنهن به وقت اهو طئي ڪري ورتو ته پاڪستان جي پُڇَ تي لَتَ ڏيڻي آهي ته معاشي ناڪابنديءَ جي ذريعي اسان کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو. پر اسان جي اسٽيبلشمينٽ به پرڏيهي پاليسيءَ جي تبديليءَ کي ٻاراڻي راند سمجهڻ جي غلطي ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهي. ان ڪري هڪڙي پاسي اها چين ۽ روس سان لاڳاپا وڌائڻ ۽ ايترا گهرا بڻائڻ جي ڪوشش ۾ آهي ته جيئن مستقبل ۾ جتي به ضرورت هجي پاڪستان پنهنجي حق ۾ ويٽو پاور استعمال ڪرائي سگهي. ٻئي طرف وري اها ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيڪڏهن آمريڪا بادشاهه ڏمرجي پوي ۽ پاليسي تبديل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ اسان جي ڪا ڪنَ مهٽ ڪرڻ چاهي ته ملڪ اندر جيڪي ڌريون سندس امڪاني اوزار ثابت ٿي سگهن ٿيون انهن کي اڳواٽ ئي سوڙهو ڪري نپوڙي ڇڏجي. ايران اندر ڪاروايون ڪندڙ ملڪ اسحاق هاڻي اسان جي خلاف استعمال ٿي سگهيو پئي. ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي خلاف استعمال ٿيندڙ ايم. ڪيو. ايم امڪاني طور عالمي اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري ٿي سگهي پئي. پيپلز پارٽي به اهڙو ڪو ڪردار ادا ڪري سگهڻ وارن جي لسٽ ۾ هئي ان ڪري سڀني جو هوريان هوريان صفايو پيو ڪيو وڃي. ان ڪري ئي چيو ويو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي پرڏيهي پاليسيءَ جا ڏيهي پاليسيءَ سان گھرا لاڳاپا هوندا آهن. بهرحال سنڌ اندر جيڪا وٺ پڪڙ نظر اچي رهي آهي اها ان بدليل پرڏيهي پاليسيءَ ۽ پيپلز پارٽي توڙي ايم. ڪيو. ايم جي آمريڪا ڏانهن جهڪاءَ سان به ڳنڍيل سمجهڻ گھرجي. باقي مالي بدعنوانيءَ کي دهشتگرديءَ سان ڳنڍڻ جو مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ذهن ۾ اهو سوال پيدا ٿئي ته جيڪي ڌريون ڪاروائي ڪري رهيون آهن انهن کي اهي سڀ ڪاروايون ڪرڻ جو ڪهڙو حق آهي؟ ته جواب ۾ چئي سگهجي ته ها مالي بدعنوانيءَ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ته اينٽي ڪرپشن، نيب ۽ ايف. آئي. اي جهڙا ادارا آهن پر دهشتگردي خلاف جنگ هٿياربند ادارن جو مقصد ۽ فرض آهي .

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *