تازيون خبرون

پاڻي جي کوٽ  ۽ سنڌ طاس معاهدي بابت ٿيندڙ ڳالهيون: صاحب خان ڀٽي

1960 ڌاري واري سنڌ طاس معاهدي تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت سان ڳالهيون بحال ٿيڻ طرف وڃڻ واريون آهن، ڀارت به  پاڪستان  سان سنڌ طاس معاهدي تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ  ڀارتي انڊس واٽر جي ڪمشنر پي ڪي سڪسينا کي 10 رڪني وفد سان  پاڪستان موڪلي ڇڏيو آهي،  هڪ طرف  سرحد تي ڇڪتاڻ هلي رهي ته ٻي طرف وري سنڌ طاس معاهدي تي ڳالهيون به  ٿي رهيون آهن، گذريل ڏينهن  جڏهن ڀارتي وفد ڏيهه پهتو ته لائن آف ڪنٽرول تي  ڀارتي فوج سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪندي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 2  ٻارڙا زخمي ٿي پيا هئا، ان کان اڳ نيڪال سيڪٽر تي به فائرنگ ڪئي وئي هئي ۽ ان دوران به ٻه ٻارڙا زخمي ٿي پيا هئا، هڪ طرف افغان سرحد کان دهشتگرد چيڪ پوسٽن تي حملا  پيا ڪن ته مٿان  ڀارت به سرحد تي   مسلسل ڀڃڪڙِ ي ڪري رهيو آهي، بهرحال سرحدي دهشتگردي ۽ سرحد تي ڇڪتاڻ ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هلي رهي آهي، جنهن جو فوج جا جوان ڀرپور جواب ڏئي رهيا آهن پر هاڻ ڀارت سان پاڻي تڪرار به شروع ٿي ويو آهي، ڀارت به مختلف وقتن تي پاڪستان جو پاڻي روڪڻ لاءِ ڌمڪيون به ڏيندو رهيو آهي. جنهن تي ٻنهي ملڪن طرفان بيانبازي جو سلسلو به هلندو رهيو آهي، ايتري قدر جو  پاڪستان طرفان عالمي سطح تي به سنڌ طاس معاهدي  بابت آواز اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي پر ان باوجود  ڀارت هن وقت تائين سنڌ طاس معاهدي  تي ڌمڪيون ڏيندو رهيو آهي.

هن وقت جيڪڏهن ڏٺو وڃي  ته ڀارت اڳ پاڪستان سان سنڌ طاس معاهدي تي ڳالهيون ڪرڻ پسند نه ڪندو هو پر هاڻ وفد پاڪستان موڪليو آهي جنهن مان  اهو محسوس ٿي رهيو آهي  ته ڀارت به ان حساس معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي ان ڪري  ڀارتي انڊس واٽر ڪمشنر پي ڪي سڪسينا  10 رڪني وفد سان پاڪستان آيو آهي،  ڪمشنر پي ڪي سڪسينا واهگا بارڊر ذريعي  لاهور پهتو  هو جتان هو سخت پهري هيٺ موٽر وي رستي اسلام آباد ويو هو. جيتوڻيڪ ڀارت سان سنڌطاس معاهدي تي ٻن سالن کان پوءِ ٻيهر ڳالهيون ٿي چڪيو آهي، جيڪي 21 مارچ تائين جاري رکيون وينديون ، ايتري قدر جو پي ڪي سڪيسنا جي وفد سان ڳالهين دوران چناب درياهه سان لاڳاپيل مختلف منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

1960ع ۾ ٿيل سنڌ طاس معاهدي راوي ۽ ستلج جو پاڻي کي ملي ويو هو جڏهن ته چناب، جهلم ۽ سنڌو درياهه جو پاڻي پاڪستان کي ملڻو هو پر ان تي به مختلف وقتن تي ڀارت طرفان ڌمڪيون ڏنيون ويون، ايتري قدر جو پاڪستان طرفان ڪيترائي ڀيرا اهي دانهون به ڪيون ويون ته پاڪستان کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملي رهيو آهي پر ان باوجود گڏيل قومن ڀارت خلاف ڪو به قدم نه کنيو  هو جنهن سبب  ٻنهي ملڪن ڇڪتاڻ پيدا ٿي  وئي هئي جيڪا هن وقت تائين هلندڙ آهي، هونءَ ته پاڪستان ۾ به ڪيتري ئي عرصي کان پاڻي جي کوٽ برقرار آهي پر ان باوجود ڀارت جون ڌمڪيون ملڻ ڳالهه کان سمجهه کان ٻاهر آهي، هڪ طرف پاڪستان جي سنڌ ۽ بلوچستان صوبن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي ته مٿان  وري ڀارت طرفان پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون  سمجهه کان ٻاهر نظر اچي رهيون آهن،

هن وقت  ڀارت طرفان پاڪستان ۾ وفد موڪليو آهي، جيڪو سٺو سنوڻ  آهي ان سان ٻنهي ملڪن ۾ سنڌ طاس معاهدي تي ڳالهين ۾ اڳڀرائي جو به امڪان آهي، جيڪڏهن سنڌ طاس معاهدي تي عمل ٿيو ته جيڪي صوبا پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ جون دانهون ڪري رهيا آهن  انهن کي به پاڻي جي  فراهم ٿي ويندو  ۽ پاڪ ڀارت ۾ ٿيل  سنڌ طاس معاهدي تي اختلاف  ختم ٿي ويندا.  هونءَ ته پاڪستان ۾ وڏا ڊيم ٺاهڻ جا منصوبا ته رٿيل  آهن پر افسوس جو  نه ته پاڻي آهي ۽ نه  ئي  وري اهڙي منصوبي تي پاڪستان جا  سمورا  صوبا متفق ٿي سگهن ٿا اهو صرف ان  ڪري ٿي رهيو آهي ته ننڍن صوبن کي  پنجاب تي ڀروسو نه آهي تنهن جي ڪري ننڍا صوبا گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اهي دانهون ڪندا رهيا آهن ته سندن حق غضب ڪيا پيا وڃن پر ان باوجود وفاق هڪ به نه ٻڌندو آهي،

هن وقت ملڪ جيڪي به وڏا ڊيم  آهن اهي صرف پنجاب ۾ آهن ۽ انهن ڊيمن مان ٻين صوبن کي ڪيترو پاڻي ڏنو ويندو آهي شايد ان بابت سنڌ جي ڪامورن کي به خبر نه هوندي تنهن جي ڪري اهي به اهي ئي بيان ڏيندا رهيا آهن ته  سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملي رهيو آهي. اهڙي ريت ٻيا صوبا اهي ئي ساڳيون دانهون ڪري رهيا آهن، هن وقت ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته منگلا ڊيم، باشا ڊيم، تربيلا ڊيم ۾ پاڻي ختم ٿيڻ جي ويجهو پهچي ويو آهي، تنهن جي ڪري  سنڌ جي ٽنهي بئراجن ۾ پاڻي جي کوٽ ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي،  ايتري قدر جو ٺٽي ۾ پاڻي جي بحران شدت اختيار ڪري ورتي آهي ۽ ڪينجهر جهيل ۾ به پاڻي گهٽجڻ لڳو جنهن سبب ٺٽي جي شاخن ۽ واهن  ۾  پاڻي جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي،

جيڪڏهن  هن مد ۾ به پاڻي جي کوٽ اهڙي ريت رهي ته مٿان وري فصل جي پوکائي جو به وقت شروع ٿي ويندو، هن وقت ته لابارا هلي رهيا آهن جيڪي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ختم ٿي ويندا ۽ڪڻڪ به لهي ويندا پر اڳتي هلي پاڻي جي کوٽ کي ڪهڙي ريت منهن ڏبو هن وقت تائين وفاقي سرڪار ڪا به خاص حڪمت عملي نه جوڙي آهي، بهرحال زراعت جو پاڻي پنهنجي جڳهه تي، جيڪڏهن پيئڻ جي پاڻي جو به بحران ٿي ويو ته پوءِ ان کي منهن ڏيڻ تمام گهڻو مشڪل ٿي ويندو،هونءَ ته سنڌ جو وڏو شهر ڪراچي آهي جتي ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو رهن ٿا جتي هزارين گيلن پاڻي مختلف علائقن روز استعمال ٿيندو آهي، جيڪڏهن هن وقت ٺٽي ۾ پاڻي جو بحران ختم نه ڪيو ويو ته پوءِ ان جا سڀ کان وڌيڪ ڪراچي شهر تي پوندا. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گهرجي ته ان حساس معاملي تي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن وقت ته اهو به ٻڌن ۾ اچي رهيو آهي ته منگلا ڊيم، تربيلا ڊيم ۽ باشا ڊيم ۾ به پاڻي گهٽجڻ لڳو آهي،

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ انهن ڊيمن کي به ڀرڻ لاءِ پاڻي نه آهي ته پوءِ وڏا ڊيم ڪهڙي ريت ٺاهڻ جا منصوبا ڪيا پيا وڃن، هڪڙو ته سمنڊ ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ سبب ڊيلٽا تباهه ٿي رهي آهي ته مٿان وري پاڻي جي کوٽ به وڌي وئي آهي نه ته وفاقي سرڪار ڊيلٽا کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪو قدم کڻي رهي آهي ۽ نه ئي صوبن ۾ پاڻي جي کوٽ جو بحران  ختم ڪري سگهي آهي، بهرحال هن وقت سڄي ملڪ ۾پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي جنهن کي ختم ڪرڻ وفاقي سرڪار جي ئي ذميواري آهي، جيڪڏهن هن وقت بحران کي ختم نه ڪيو ويو ته مستقبل ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري وٺندو، هونءَ ته ڀارت سان به سنڌ طاس معاهدي تي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، جنهن بابت صرف اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته اهو ٻنهي ملڪن طرفان سٺو قدم آهي ۽ سنڌ طاس معاهدي  موجب ٻنهي ملڪن کي ڳالهيون هر سال جاري رکڻ گهرجن.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *