تازيون خبرون

پاڪ آمريڪا لاڳاپا: نجم سيٺي

فوجي سربراهه جنرل راحيل شريف اڄ ڪلهه آمريڪا ۾ آهي ۽ آمريڪا جي سول ۽ فوجي عملدارن سان خطي جي استحڪام جي پسمنظر ۾ پاڪستان جي قومي سلامتيءَ جي معاملن تي ڳالهيون ٻولهيون ڪري رهيو آهي. آمريڪين جي دلچسپيءَ جو محور افغانستان آهي، تنهن ڪري هو پاڪستان جي سول سرڪار بدران سڌي طرح فوجي سربراهه سان ڳالهيون ڪرڻ ٿا چاهن. هو ڄاڻن ٿا ته اهڙن معاملن ۾ فوجي سربراهه جو حڪم هلندو آهي. سو اها ڪا نئين ڳالهه ناهي ڇو جو پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن جي سيڪيورٽيءَ واري پاسي کي هميشه واضح اهميت حاصل رهي آهي. 1950ع ۽ ان کانپوءِ وارن ڏهاڪن ۾ پاڪستان سيٽو ۽ سينٽو معاهدن جو حصو بڻيو. جنرل ايوب خان ۽ آمريڪي صدر ايسن هاور ۾ سٺا ۽ دوستاڻا لاڳاپا هئا. ويجهر وارن ڏهاڪن ۾ خاص ڪري افغان جهاد دوران اسان ڏٺو ته جنرل ضياءُ الحق ۽ صدر رونالڊ ريگن وچ ۾ ويجها لاڳاپيا هئا. نائين اليون کانپوءِ دهشتگرديءَ خلاف شروع ٿيل جنگ ۾ جنرل پرويز مشرف ۽ صدر بش ۽ بعد ۾ جنرل ڪياني ايڊمرل مائيڪ مولن وچ ۾ چڱي ويجهڙائي هئي.

پر ماضي ۽ حال ۾ فرق هي آهي ته هن وقت پاڪستان جي قومي سلامتيءَ جي حوالي سان مفاد خطي ۾ آمريڪي مفادن سان مطابقت نه ٿا رکن. آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ بي اعتماديءَ جو هڪ وڏو ڪارڻ مفادن ۾ هم آهنگيءَ جو نه هئڻ آهي. فوجي سربراهه جي موجوده دوري دوران ٽي معاملا غور هيٺ آيا هوندا. اهي ٽئي هڪ حوالي سان هڪ ٻئي سان سلهاڙيل آهن. پاڪستان ۽ آمريڪا ٻئي افغانستان کي پرامن ۽ مضبوط ڏسڻ گهرن ٿا. ٻئي ملڪ اشرف غنيءَ جي سرڪار ۽ طالبان کي امن جي راهه تي قدم اڳتي وڌائيندي ڏسڻ گهرن ٿا. پر افغانستان ۾ مفاهمت جي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گهربل پاڪستاني ڪوششن جي راهه ۾ ڪي رڪاوٽون ضرور آهن. اهي رڪاوٽون غني سرڪار ۾ شامل غير پشتون طاقتور عنصر ۽ ڀارت آهن. ٻنهي افغان حڪومت ۽ طالبان جي نمائندن وچ ۾ ٿيل ڳالهين جي ٻئي مرحلي تي عين وقت تي ملا عمر جي وفات جو اعلان ڪري ناڪام بڻائي ڇڏيو. موت جي خبر ٻڌندي ئي افغان طالبان ڳالهيون ئي معطل ڪري ڇڏيون ۽ سندن صفن ۾ تحريڪ جي قيادت لاءِ ڊوڙ شروع ٿي وئي. افغان فوج ۽ انٽيليجنس ايجنسيون به پاڪستاني طالبان کي اتر اوڀر افغانستان ۾ پناهه ڏيون ويٺا آهن. جڏهن ته ڀارتي ايجنسيون بلوچستان ۽ ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي سرپرستي ڪري رهيون آهن. بداعتمادي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ وڌندڙ شڪ سبب ٻنهي ملڪن ۾ ڏي وٺ، مثال طور جيئن اسان حقاني نيٽ ورڪ جون سرگرميون روڪيون ۽ اهي ملا فضل االله مان يا اسان ڪشمير جهاد مان هٿ ڪڍئون ۽ ڀارتي ايجنسيون بلوچستان ۽ ڪراچيءَ ۾ گروهن جي ڳجهي مدد تان هٿ کڻي وڃن، جن جو ڪو امڪان نظر نه ٿو اچي. يقيني طور آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ اهڙن معاملن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ان جي ثالثي (جيڪڏهن اهو ايئن ڪرڻ چاهيندو هجي) پاڪستان ۽ ڀارت ۽ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائي سگهي ٿي. تنهن ڪري هاڻي ”ڊو مور“ جو آمريڪين جو وارو آهي. عمليت پسنديءَ جي به گهرج آهي ته پاڪستان سان تعاون، افغانستان تي ساليانو 10 ارب ڊالر خرچ ڪرڻ کان وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيندو. جيڪڏهن پاڪستان کي ساليانو هڪ ارب ڊالر به فراهم ڪيا وڃن ته پاڪستان طالبان خلاف اثرائتو آپريشن ڪري سگهي ٿو. جنرل راحيل شريف آمريڪين کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي ته سرحدن تي ڇڪتاڻ وڌائڻ ۽ اعتماد وارو ماحول خراب ڪرڻ جو ذميوار پاڪستان نه پر ڀارت آهي. آمريڪين لاءِ هي ڳالهه سمجهڻ آسان هوندي ته جڏهن پاڪستان جي فوج اندروني طور طالبان ۽ انتهاپسندن خلاف جنگ ۾ رُڌل آهي ته اها اوڀر واري سرحد تي ڇيڙڇاڙ نه ٿي ڪري سگهي. اها ته چاهيندي ته اوڀر واري سرحد تي خاموشي هجي ته جيئن اهو سمورو ڌيان اولهه واري سرحد ۽ ملڪ جي ٻين حصن تي ڏئي سگهي. ملڪي حالتن کي نظر ۾ رکندي فوج نه ٿي چاهي ته ان جي هڪ وڌي حصي کي سرحدي چوڪيءَ لاءِ بيهڻو پئي. ڀارت جي مودي سرڪار ئي آهي جيڪا پاڪستان ۽ افغانستان جي غني سرڪار وچ ۾ بي اعتماديءَ جي فضا وڌائي رهي آهي، ڇو جو اهو (ڀارت) چاهي ٿو ته صدر غني به هڪ ٻيو حامد ڪارزئي بڻجي، جيڪو گهڻو ڪري ڀارت تي ئي ڀاڙيندو هو.

آمريڪين کي به اهو ڄاڻڻ ۾ گهري دلچسپي هوندي ته ڪٿي اسٽيبلشمينٽ پاڪستان ۾ سياسي ارادا ته نه ٿي رکي، يقيني طور اها پاڪستان ۾ سول فوجي لاڳاپن ۾ پيدا ٿيل رساڪشيءَ کان آگاهه هوندي ۽ پاڪستاني ميڊيا ذريعي ان کي اهو به علم هوندو ته اسان وٽ سولين وزيراعظم کان وڌيڪ فوجي سربراهه کي عوامي مقبوليت حاصل آهي. آمريڪا ڄاڻندو هوندو ته معاشري جا ڪجهه حلقا کيس سڀني مسئلن جو حل سمجهن ٿا. گذريل ڏينهن ۾ آءِ ايس پي آر جي پريس رليز حڪومت کي جواب ڏين تي مجبور ڪيو. آمريڪا کي اهو ڄاڻڻ ۾ به دلچسپي هوندي ته جنرل راحيل شريف جي ملازمت جي مدي ۾ توسيع وٺڻ وارن افواهن ۾ ڪيتري صداقت آهي. آمريڪا لاءِ پنهنجي پاليسين جي تسلسل لاءِ اهو ڄاڻن ضروري آهي.

ڇا مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ڄاڻي ٿي ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ آمريڪا ۽ اهم ترين عرب ملڪن سان سڌي ريت هاٽ لائين قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي؟ يقيني طور وزيراعظم آفيس ۾ ان تي ڪجهه ڳڻتي ضرور آهي، پر ان کي پڪ هئڻ گهرجي ته وزيراعظم ۽ فوجي سربراهه ۾ بهتر ورڪنگ رليشن شپ موجود آهي. جيڪڏهن فوجي سربراهه کي موقعي مان سياسي فائدو وٺڻو هجي ها ته گذريل سال عمران خان جي ڌرڻي مان ايئن ڪرڻ تمام آسان هو. اهڙي طرح وزيراعظم به پنهنجي سياسي وزن وڌائڻ لاءِ کيس ڪراچي آپريشن کان روڪي ٿي سگهيو پر هن ايئن نه ڪيو. فوجي سربراهه وزيراعظم تي پوندڙ بار کي فاٽا نيڻ جو فيصلو ڪندي گهٽائي ڇڏيو ۽ طالبان ۽ انهن جي همدردن کي للڪاريو. ايئن ڪندي هن آپريشن تي شڪ شهبا ڏيکاريندڙ اڳواڻن جهڙوڪ عمران خان جي غلط فهمي دور ڪري ڇڏي. فوجي سربراهه جي چٽي موقف سبب وزيراعظم لاءِ قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ آسان ٿي پيو. تنهن ڪري بهتر آهي ته ادارا اهڙي طرح گڏجي سڏجي ڪم ڪندا رهن ته جيئن ملڪ کي مشڪلات جي ڌنڌ مان ڪڍي بهتر رستي تي گامزن ڪري سگهجي

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *