تازيون خبرون

ٻين محرم الحرام قتل پِيو ڪربلا جو اَي قَلمَ لِک: زوار عبدالستار درس

نبيءِ آخرالزمان حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جو فرمان آهي ته ”جيڪو شخص اهلِ زمين مان اهڙي شخص کي ڏسڻ چاهي، جيڪو اهلِ آسمان کي سڀني کان وڌيڪ محبوب آهي ته اهو مُنهنجي حُسين عه کي ڏسي وٺي. حُسين عه مون مان آهي ۽ آئون حسين عه مان آهيان. حُسين عه جو رت منهنجو رت ۽ حُسين عه جو گوشت منهنجو گوشت آهي. حُسين عه سان محبت مون سان محبت آهي ۽ حُسين عه سان عداوت مون سان عداوت آهي ۽ ياد رکو ته مون سان عداوت خدا تعاليٰ سان عداوت آهي. حُسين عه اهو آهي جنهن جي روئڻ سان منهنجي دل کي سخت تڪليف ٿئي ٿي“.

تاريخون لکن ٿيون ته حضور صه جن جي رحلت جي صرف 50 سالن کانپوءِ سن 60 هجريءَ ۾ ان ئي نبيءَ جي اُمت، امام حُسين عه کي اُڃيو ۽ بُکيو شهيد ڪرڻ لاءِ ڪربلا جي رِڻَ ڏانهن ڌِڪي رهي هئي. رسولِ اڪرم صه جن جي روح کي رنجائي اذيت ۾ مُبتلا ڪندڙ اهڙن ئي ماڻهن لاءِ ته رب پاڪ قرآنِ حڪيم جي سوره البقره جي آيت نمبر 7 ۾ فرمايو آهي ته ”انهن جي دلين ۽ ڪنن تي الله تعاليٰ مُهر هڻي ڇڏي آهي ۽ اکين تي پردو، انهن جي لاءِ وڏو عذاب آهي“. ساڳي سوره جي آيت نمبر 16 ۾ ارشادِ خداوندي آهي ته ”اِهي ئي اُهي ماڻهو آهن جن هدايت بدران گُمراهي خريد ڪئي، پوءِ نه انهن جي ڌنڌي انهن کي ڪو فائدو ڏنو ۽ نه ئي انهن هدايت ماڻي“. سوره الاحزاب جي آيت نمبر 57 ۾ ته ان حد تائين فرمايو ويو آهي ته ”بيشڪ جيڪي ماڻهو الله ۽ ان جي رسول صه کي اَذيت ڏين ٿا، انهن تي خدا دنيا ۽ آخرت (ٻنهي) ۾ لعنت فرمائي آهي ۽ انهن لاءِ رُسوا ڪندڙ عذاب آهي“.

جڏهن صبح جي اَڇاڻ ڦهلجڻ لڳي ۽ 2 محرم الحرام جي صبح طلوع ٿيڻ جا آثار ظاهر ٿيا ته امام حُسين عه قافلي کي تيار ٿيڻ جو حڪم ڏنو. ڪجهه ئي دير کانپوءِ سادات جي قافلي منزل الهجائن تان ڪوچ ڪيو. جيئن جيئن سج چڙهندو رهيو تيئن تيئن گرميءَ ۾ به اضافو ٿيندو رهيو ۽ قافلو سفر جون منزلون طئي ڪندو اچي منزل ذِي خم تي پهتو جتي امام حُسين عه پنهنجي اصحاب و انصار آڏو خطبو ڏيندي فرمايو ته ”معاملي جيڪا صورت اختيار ڪئي آهي اها توهان سڀني جي آڏو آهي. دنيا جو رنگ بدلجي ويو آهي، نيڪيون مفقود ٿي ويون آهن، خير جا ڪجهه آثار باقي وڃي بچيا آهن. باطل جو دور آهي ۽ حق تي عمل ڪندڙ باقي نه رهيا آهن. هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي جو مومن دنيا کان ڪناره ڪش ٿي پنهنجي پروردگار ڏانهن رجوع ڪري. ظالمن سان گڏ جيئڻ منهنجي لاءِ اذيتناڪ آهي ۽ آئون هاڻي موت کي شهادت سمجهان ٿو“.

خطبي کانپوءِ سفر جو سلسلو وري به شروع ٿي ويو ۽ مختلف منزلون طئي ڪندو امام حُسين عه جو قافلو نينويٰ جي ويجهو پهتو ته هڪ گهوڙي سوار قاصد نهايت تيزيءَ سان ايندي نظر آيو. سڀني جون نگاهون ان گهوڙي سوار ڏانهن کڄي ويون. گهوڙي سوار ويجهو اچي گهوڙي کي روڪيو ۽ بنان ڪنهن دعا ۽ سلام جي ابنِ زياد جو خط حُرَ ڏانهن وڌايائين. حُرَ خط کولي پڙهڻ شروع ڪيو جنهن ۾ لکيل هو ته ”جنهن وقت منهنجو قاصد هي فرمان تو وٽ پهچائي ته تون ان ئي وقت امام حُسين عه کي قيد ڪري وٺجان ۽ سندن قافلي کي ڪنهن اهڙي ويران رِڻ ۾ ترسائجان جتي نه پاڻي هجي ۽ نه ئي ڪا سِر لڪائڻ جي جاءِ. منهنجو هيءُ قاصد ان وقت تائين اتي ئي رهندو جيستائين تون منهنجي هن حڪم تي عمل نٿو ڪرين“.

تاريخ طبري، ناسخ التواريخ، ذبح عظيم، نظارو نينهن جو، سيرتِ امام حُسين عه ۽ ٻين تاريخي ڪتابن موجب خط پڙهڻ شرط حُر بن يزيد الرياحي حڪم جي تعميل تي رضامندي ظاهر ڪئي ۽ امام حُسين عه جي قافلي جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيائين. ڪجهه ئي دير کانپوءِ امام حُسين عه جو قافلو اهڙي هنڌ اچي پهتو جتي پري پري کان ڪجهه آبادي به نظر اچي رهي هئي. امام حُسين عه جو ذوالجناح ان هنڌ اچي بيهي رهيو، جڏهن گهڻين ڪوششن کانپوءِ به ذوالجناح اڳتي نه وڌيو ته پاڻ سواري بدلايائون. ٻئي گهوڙي به قدم اڳتي نه وڌايو. اهڙي طرح امام حُسين عه 7 سواريون بدلايون پر انهن مان ڪوبه گهوڙو اڳيان نه وڌيو.

ان بعد امام حُسين عه اتي موجود ماڻهن کان ان زمين جو نالو دريافت ڪيو. ماڻهن ٻڌايو ته هن زمين کي نينويٰ، ماريه، غاضريه، قاصريه، ارض الطف، سط الفرات ۽ عمورا سڏيو ويندو آهي. پاڻ وري دريافت ڪيائون ته، ڇا هن زمين جو اڃان ڪو ٻيو به نالو آهي؟ ماڻهن جواب ڏنو ته، هن زمين کي ڪرب و بلا واري زمين به سڏيو ويندو آهي. ڪرب و بلا جو نالو ٻُڌڻ شرط امام حُسين عه جون اکيون اشڪبار ٿي ويون ۽ پنهنجي اصحاب و انصار کي مخاطب ٿي فرمايائون ته ”خدا جو قسم هيءَ سرزمين منهنجي لاءِ ڪرب و بلا واري ثابت ٿيندي، هتي ئي اسان جو بيگناهه رت وهايو ويندو. هتي ئي اسان جا معصوم ٻار قتل ۽ يتيم ٿيندا. هتي ئي آلِ رسول صه جي حُرمت پائمال ٿيندي. هتي ئي اسان جو مُدفن ٿيندو ۽ هتي ئي اسان جي مستورات کي اَسير بنايو ويندو“. اهو فرمائڻ بعد پاڻ، ماڻهن کي ان زمين جي مٽي کڻي ڏيڻ لاءِ چيائون. کين زمين جي مٽي کڻي ڏني وئي ته پاڻ پنهنجي کيسي مان خاڪ ڪڍيائون ۽ ٻنهي جي بوءِ سونگهڻ کانپوءِ فرمايائون ته، بس هاڻي پنهنجو قيام هن ئي زمين تي آهي. هيءَ ئي اها زمين آهي جنهن جي خاڪ جبرائيل عه منهنجي نانا رسول اڪرم صه کي آڻي ڏني هئي ۽ ٻڌايو هو ته ”هيءَ حُسين عه جي قبر جي مٽي آهي“. هيءَ ئي اها سرزمين آهي، جنهن تي منهنجا فرزند منهنجي اکين جي آڏو شهادتون ماڻيندا ۽ منهنجي بازوئن جي قوت حضرت عباس عه اُڃايل ڪُٺو ويندو. اهو فرمائي امام حُسين عه پنهنجي سواريءَ تان لٿو، کين لهندو ڏسي سندن جان نثار ساٿي به سوارين تان لٿا.

اڃان خيما نصب ڪرڻ جي تياري پئي ڪئي وئي ته حُر بن يزيد الرياحي جو لشڪر اچي حائل ٿيو جنهن امام حُسين عه کي خيما فرآت درياءُ کان گهڻو پري هڻڻ لاءِ مجبور ڪيو. صورتحال ۾ وڌيڪ تلخي پيدا ٿي ته حضرت عباس عه شجاعت جي جوش سبب حُرَ جي لشڪر جي اها بي ادبي ۽ گستاخي برداشت نه ڪري سگهيو پر امام حُسين عه وچ ۾ مداخلت ڪري حضرت عباس عه کي صبر جي تلقين ڪندي خاموش رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. هي اهو ئي عباس عه ابن علي عه هو جنهن سن 36 هجريءَ ۾ صفين جي مقام تي ٿيل صفين واري جنگ ۾ هن ئي فرآت درياهه تان دشمنن جو قبضو ختم ڪرايو هو. ان وقت سندس ڄمار 12 ورهيه هئي پر سندس جنگ ڏسي دشمنن جي لشڪر ۾ اها رڙ پئجي وئي ته ”اهو ٻيو ڪير نه پر اهو علي عه ابن ابيطالب آهي“. ڪجهه تاريخون اِهو به لکن ٿيون ته حضرتِ عباس عه کي ”قمرِ بني هاشم“ جو لقب اُن جنگ دوران مليو. ڪربلا جي رِڻَ ۾ اهوئي عباس عه ابن علي عه پنهنجي آقا امام حُسين عه جي حڪم اڳيان مجبور هو. امام حُسين عه پاران اهڙو قدم کڻڻ تي زهير بن القين عرض ڪيو ته، ”اي فرزندِ رسول صه، اڃان تائين هنن جو ٻيو فوجي لشڪر هتي نه پهتو آهي، جنهن جي پهچڻ کان پوءِ هنن جو مقابلو ڪرڻ مشڪل بنجي ويندو. هنن جو مقابلو ڪرڻ هينئر وري به آسان آهي. اسان کي هنن جو هينئر ئي مقابلو ڪرڻ گهرجي“. امام حُسين عه هن جي ڳالهه کي رد ڪندي فرمايو ته ”آئون پنهنجي طرفان جنگ جي شروعات جو ڪوبه سبب پيدا ڪرڻ نٿو چاهيان“. اهڙي طرح امام حُسين عه، حُر جي لشڪر جي ان گستاخانه اڳرائيءَ تي ڪوبه رد عمل ظاهر ٿيڻ نه ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ حُر جي لشڪر فرآت درياءَ جي ڪناري تي پنهنجا خيما کوڙي ڇڏيا ۽ امام حُسين عه جي لشڪر کي درياءَ کان 5-4 ميل پري پنهنجا خيما لڳائڻا پيا.

اهڙين پُر مصائب حالتن ۾ به امام حُسين عه، جا حوصلا بلند هئا. جڏهن خيما نصب ٿيا ۽ مخدراتِ عصمت خيمن ۾ داخل ٿيون ته امام حُسين عه پنهنجي تلوار کي صاف ڪندي ڪجهه اشعار پڙهيا جن کي ٻُڌي بيبين جي خيمن ۾ ڪُهرام مچي ويو ۽ روڄ راڙي جون صدائون بلند ٿيڻ لڳيون. امام حُسين عه، بيبين جي خيمي ۾ داخل ٿيو ته کين ڏسي غم جي شدت سبب سيده زينب عه بيهوش ٿي وئي. ڪتاب نورالعين ۽ ناسخ التواريخ موجب امام حُسين عه پنهنجي ڀيڻ جي رخسارن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي کين هوش ۾ آندو ۽ پوءِ سڀني بيبين کي هر حال ۾ صبر ڪرڻ جي تلقين فرمايائون. بيبي اُم ڪلثوم عه فرمايو ته، هيءَ زمين انتهائي هولناڪ آهي، هن زمين منهنجي دل کي بي چين ڪري ڇڏيو آهي. امام حُسين عه فرمايو ته، ڀيڻ هيءَ زمين واقعي هولناڪ آهي. هڪ ڀيري بابا علي عه سان گڏ صفين ڏانهن ويندي هن زمين تان اسان جو گذر ٿيو هو. هتي اسان ڪجهه دير قيام ڪيو هو. بابا علي عه، ڀاءُ حسن عه جي هنج ۾ ڪنڌ رکي ڪجهه دير آرام فرمايو هو ۽ جڏهن ننڊ مان بيدار ٿيا ته بي انتها رُنا. ڀاءُ حسن عه روئڻ جو سبب دريافت ڪيو ته فرمايائون، مون هينئر خواب ۾ ڏٺو آهي ته هيءَ زمين رت جو درياءَ بنجي وئي آهي ۽ ان رت جي درياءَ ۾ منهنجو حُسين عه غوطا کائي رهيو آهي پر سندس فرياد ٻُڌڻ وارو ڪوبه نه آهي. پوءِ مون کي مخاطب ٿي دريافت ڪيائون ته ”اي حُسين عه، جڏهن اهو واقعو رونما ٿيندو تڏهن تنهنجو ڪهڙو حال هوندو؟“ مون عرض ڪيو ته، بابا سائين، آئون ان حال ۾ به صبر ڪندس.

امام حُسين عه جي زباني اها گفتگو ٻُڌي خيمن ۾ ٻيهر روڄ راڙو مچي ويو ۽ امام حُسين عه جن بيبين کي وري به صبر جي تلقين ڪرڻ لڳا، چڱي طرح تسلي ۽ تشفيءَ کانپوءِ جڏهن خيمن مان روڄ ۽ راڙي جون صدائون ڪجهه گهٽ ٿيون ته امام حُسين عه خيمن کان ٻاهر پنهنجي اصحاب و انصار وٽ آيا ۽ پوءِ ڪجهه دير کان پوءِ ئي رات جي ڪاراڻ هر طرف ڦهلجڻ لڳي ۽ موت جهڙي خاموشي ڪربلا جي صِحرا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. سادات جي قافلي جي ڪربلا جي رِڻَ ۾ هيءَ پهرين رات هئي ۽ ان تاريڪ رات ۾ امام حُسين عه دير تائين پنهنجي اصحاب و انصار سان گفتگو ۾ مصروف رهيا.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *