تازيون خبرون

ٻولي ڪانفرنس، نتيجا ۽ اميدون: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

فطرت جو پنهنجو عجيب نظام آهي. حالتون ذهن بدلائينديون آهن ۽ ذهن تبديليون آڻيندا آهن. مدبر ۽ مفڪر، ڏاها ۽ سپورنج حالتن جي اهڙي تشريح ڪندا آهن، جو ذهن اوڏانهن متوجهه ٿيڻ لڳندا آهن. حالتن ۽ ذهنن بدلائڻ جو في الحال اهو ئي هڪ مروج طريقو آهي. حالتن ۽ ذهنن تي جمود تڏهن طاري ٿيندو آهي، جڏهن وس وارا ۽ مثالي انسان ايندڙ نسلن جا دڳ روڪي پنڊ پهڻ ٿي بيهندا آهن ۽ بت پرستي يا شخصيت پرستي جا ڄار وڇائي ويهي رهندا آهن. ان ڪري ادارن ۽ تنظيمن ۾ سوچ ۽ لوچ جي تازي هوا داخل نه ٿي سگهندي آهي. تنهن لاءِ جڏهن ادارا جوڙجن، تنظيمون قائم ڪجن ۽ اهي جڏهن پنهنجي پيرن تي بيهن ته اتان اڳواڻن کي پنهنجا پير ڪڍڻ گهرجن ۽ اهي بت بڻجي ٻين لاءِ رستي روڪ نه ٿين. ايئن نه ڪيو ويو ته پوءِ تنظيمن ۽ ادارن ۾ بت شڪنيءَ جو مرحلو شروع ٿي ويندو ۽ اجتماعي مثبت ڪم بدران هڪ ٻئي جي پيرن ڪڍڻ ۽ گروهه بندي ۾ قيمتي وقت ضايع ٿيندو.

سنڌ ۾ هاڻي حالتون مثبت موڙ تي اچي رهيون آهن. سنڌ جي مثالي سماجي تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۾ قيادت جي تبديلي انهيءَ حوالي سان هڪ مثبت عمل آهي ۽ ٻين ادارن خواهه تنظيمن کي انهيءَ مثال تي هلڻ گهرجي، ڇو ته جيڪڏهن ادارا ۽ تنظيمون قومي ڪاڄ ۽ عوامي مفاد لاءِ جڙن ٿيون ته انهن جي قيادت به عوام ڏانهن منتقل ٿيڻ گهرجي.

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جي سهڪار سان سنڌي ٻولي عالمي ڪانفرنس ۽ ثقافتي ميلو منعقد ڪرائي جس جهڙو ڪم ڪيو ۽ ان جي واکاڻ ڪرڻ ضروري آهي پر اهو به ضروري آهي ته ڪن اهڙين ڳالهين جي نشاندهي پڻ ڪئي وڃي، جن سان ايندڙ دور ۾ ڪانفرنس ۽ ميلن ملاکڙن منعقد ڪرائڻ وقت دقيانوسي روايت جو پري پري به پاڇو محسوس نه ٿئي.

هن چوڻ ۾ ڪو به الزام بهتان ڪونهي، پر اها ڳالهه حقيقت جي ويجهو آهي ته ڪانفرنسن “ناني ويڙهن” جي ڏک ئي پئي ڏني آهي. ساڳيا چهرا، ساڳيا موضوع ۽ ساڳيءَ ريت کائڻ پيئڻ ۽ ڀاڙي ڀتي جي ونڊ ورڇ، ڪي ماڻهو اچي اکين تي ويهن ۽ ڪن تي وري اک ئي ڪا نه ٻڏي.

وقت جي تقاضا آهي ته انهن ڪانفرنسن ۾ نت نوان طريقا ڪتب آندا وڃڻ ۽ تحقيقي تقاضائن جي پورائي جي ڪوشش ڪئي وڃي. پيپر پڙهي ۽ تقرير ڪري يوسف جي خريدارن ۾ نالي لکرائڻ بدران ليکڪن ۽ محققن کي پاور پوائنٽ تي پريزنٽيشن ڏيڻ گهرجي. محقق تفصيل سان ڳالهائين، ڀلي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ پريزنٽيشن ڏين ۽ ان تي سوال جواب ٿين. انهيءَ حوالي سان سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۽ ثقافت کاتي جي سڏايل هن ڪانفرنس ۾ جيتريون ڪانفرنس جون ويهڪون هيون، اوتريون پريزنٽيشنز ڏنيون وڃن ها. انهن جون سي ڊيون ٺهرائي ورهائي سگهجن پيون، سگا ۽ ثقافت کاتو انهن کي پنهنجي پنهنجي ويب سائيٽ تي به اپلوڊ ڪري پيا سگهن.

هن ڪانفرنس جي ڪم واري ڳالهه اها هئي ته ڪيترن پوڙهن يا سينئر محققن کي گهرائي ڪانفرنس تي ٿاڦيو نه ويو ۽ ڪن مون پارن ادنيٰ ليکڪن بهري وٺڻ کان ان ڪري پاسو ڪيو ته ڀلي نوجوان پنهنجي نئين سوچ ۽ لوچ جي خوشبوءِ سان اجتماعي خوابن ۾ رنگ پيدا ڪن. سياڻا ۽ سپورنج ماڻهو هنن نوجوانن جي ڳالهين مان نڪتا چونڊي ۽ ڪڍي اندازو لڳائيندا ته نئون نسل ڇا پيو چاهي ۽ ڪيڏانهن پيو وڃي.

ٽيڪنيڪلي هيءَ “عالمي ڪانفرنس” ته نه هئي، ڇو ته ان ۾ سنڌ کانسواءِ ٻين صوبن جا به عالم ڪو نه آيا، ان ڪري هيءَ ملڪي ۽ عالمي ڪانفرنس چئي نه ٿي سگهجي، پر ان مان جيڪي آواز بلند ٿيا، اهي اسان کي ڪنهن ٻئي طريقي سان سوچڻ ۽ لوچڻ تي آماده ڪن ٿا. ڳالهه هيءَ نڪتي ته اسان جي ڪيترن نمائندن ڪيترا دفعا سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بڻائڻ ۽ ان کي تاريخي حق وٺي ڏيڻ جون قومي اسيمبليءَ ۾ ڪوششون ڪيون، پر ڪڏهن به تريءَ تيل نه لڳو ۽ سندن محنتن رنگ نه لاتو.

سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته قومي اسيمبلي آدم شماريءَ جي بنياد تي جڙجڻ ڪري، صوبن ۾ توازن برقرار رکڻ بدران سدائين هڪ ”مخصوص اڪثريت“ جي روپ ۾ رهندي آئي آهي ۽ اتي برابري جي بنياد تي ڳالهائڻ يا ڪجهه گهرڻ مشڪل ئي رهيو آهي. ان لاءِ پاڻ کي ٻيا در کڙڪائڻا پوندا. لابنگ ڪرڻ ۽ ڪورٽ جا دروازا کڙڪائڻ کان علاوه اسان لاءِ هڪ وڏو در اهو کليل اهي ته هر ڪنهن پارٽيءَ جون سنڌ ۾ شاخون آهن. انهن برانچن جي توسط سان پاڪستان جي اصلين ٻولين کي جائز قومي ۽ تاريخي حق ڏيڻ کي انهن پارٽين جي منشور ۾ داخل ڪرايو وڃي. جيڪا پارٽي انهيءَ حق کان اسان جي ٻولي کي محروم رکي، ان کي سنڌ جي ووٽن کان محروم ڪيو وڃي. ان کانسواءِ اهو پڻ ضروري آهي ته اسان ٻين صوبن ۾ وڃي پنهنجي دکن ۽ دردن لاءِ دانهون ۽ ڪوڪون ڪيون.

سگا ۽ ثقافت کاتي طرفان سڏايل هن ڪانفرنس کي جيڪڏهن اسلام آباد ۽ ٻين صوبن جي گادين وارن هنڌن تي منعقد ڪرايو وڃي ها ته ان جا به مثبت نتيجا نڪري سگهن پيا. هونءَ ته پنهنجا سور پاڻ ۾ ويهي پٽڻ مان حاڪمن ۽ حڪيمن تي ڪو به اثر ڪو نه پوندو. جهنگ ۾ مور نچيو ته ڪير ڏسندو؟

بهرحال سنڌ جي سماجي تنظيمن ۾ تبديليون اچي رهيون آهن، الله ڪندو ته سياسي تنظيمن مان به شخصيت پرستي يا مرده پرستي جي بدعت ختم ٿيندي. سنڌ واسين پنهنجي سورن جا مذڪور ٻڌائڻ شروع ڪيا آهن ۽ ان لاءِ چئي سگهبو ته پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرين جي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *