تازيون خبرون

ٻن ڏينهن جي ڇهن سيشن ۾ ڇا ڏٺو , انٽرنيشنل موئن جو دڙو ڪانفرنس : عبدالفتاح عباسي

موئن جو دڙو ۽ سنڌو ماٿري جي تهذيب بابت بين الاقوامي ٽي روزه ڪانفرنس جي 9 ۽ 10 فيبروري 2017ع ٻن ڏهاڙن خميس ۽ جمعي جي ڪاروائي ۾ ڇا ڏٺو ويو. پهرين ڏينهن 9 فيبروري خميس ڏهاڙي تي ايل يو جي دوستن سان گڏجي ڪار ۾ صبح 10 وڳي ڌارا لاڙڪاڻي شهر مان نڪرو ٿا ۽ مني ڪلاڪ اندر تاريخي ماڳ موئن جو دڙو وٽ پهچون ٿا سڀ کان اڳ ۾ ڪار پارڪنگ ڪرڻ بعد ڪجهه دوستن سان سلام دعا ٿئي ٿي ۽ پوءِ اتي ئي گيٽ وٽ وزيٽرس جي بوڪ ۾ پنهنجي انٽري ڪرايون ٿا ته پوليس سڳوري هاءِ الرٽ ٿيندي ڀڄ ڊڪ ۾ لڳي وڃن ٿا ته جلد ڪريو سائين رستي جي ڪلييئرنس ڪندي اتي ئي سنڌ جي ثقافت جي حوالي سان دهل شرنايون وڄايون وڃن ٿيون ۽ هوجمالو جون جهمريون لڳايون وڃن ٿيون. وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه، سينئير صوبائي وزير نثار احمد کهڙو، صوبائي وزير ثقافت سردار علي شاهه، صوبائي وزير سهيل انور سيال، ايم پي اي محمد علي ڀٽو،اڳوڻي ثقافتي وزير ۽ هاڻوڪي پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽر سسئي پليجو، سڀئي پنهنجي انٽري بوڪ تي نالو لکندا اڳتي وڌن ٿا ۽  وڏي ۽ تيز رفتار سان سنڌ جو وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه موئن جو دڙو پهچڻ شرط پارڪ ۾ هڪ وڻ جو ٻوٽو لڳائي ٿو پوءِ انهيءَ کي ڪجهه دڙي جي پارڪن باغن ۽ ٻين معاملن جي متعلق بريفنگ ڏني وڃي ٿي.جنهن کان پوءِ دڙي جي ريسٽورنٽ هوٽل ۾ چانهه پيارڻ لاءِ ترسايو وڃي ٿو.جتي لاڙڪاڻي جا سينئير صحافي شيراز پٺاڻ، اعجاز علي چانڊيو، نثار علي لهر، طارق چنو، مشتاق حسين تنيو،ناليوارو سماجي اڳواڻ جميل گاد،سينيئر ليکڪ ڪالم نگار رئوف عباسي، ارسلان عباسي،ڏوڪري جو رپورٽر اصغر ميمڻ ۽ ٻيا ٽي پارٽيءَ ۾ سامل آهن ۽ اتي صرف تاريخي موئن جو دڙو جي انٽرنيشنل سطح جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي ٿي ۽ اهڙي طرح وڏو وزير پنهنجي پيپلز پارٽي جي وزيرن ۽ لاڙڪاڻي جي چونڊيل نمائندن سان انهيءَ متعلق وڌيڪ احوال وٺي رهيو آهي.ائين ئي پهرين ڏينهن جي ڪاروائي ۾ پهرين نشست ۾ سڀ کان پهريان ڊائس تان اعلان ٿئي ٿو ته هن انٽرنيشنل موئن جو دڙو ڪانفرنس جي شروعات تلاوت ڪلام الله سان ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي جو محنتي ٽي وي چئنل رپورٽر شيراز پٺاڻ کي گهرايو وڃي ٿو جيڪو رب العالمين جي پاڪيزه ڪلام الله پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪري ٿو جنهن کانپوءِ سهڻي ڀٽائي گهوٽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مشهور وائي پاڪستان آرٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو جو فنڪار ممتاز لوهار ٻولي منهنجي ٻانبڙاڻي الله، ناهيان مان خان کٽياڻي الله پڙهي ٿو جنهن وقت پوري پنڊال ۾ سنڌ ۽ پرڏيهه کان آيل ماڻهو ماهر آرڪالاجسٽ خاموشي سان ڀٽائي جي وائي ۾ ڄڻ ته گهم ٿي وڃن ٿا ۽ اهڙي طرح ڀٽائيءَ جي وائي کي خوب ساراهيو وڃي ٿو.

پوءِ 1973ع ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي تقرير ۽ پوري ڪاروائي جي ڊاڪومينٽري ۽ تنهن وقت جي دنيا جي ماهرن ۽ آرڪالاجسٽ سصاحت ۽ ثقافت جي حوالي سان نمايان ڪارڪردگي طور ڄاتل سڃاتل شخصتين جي اسپيچ تقريرون به شامل هجن ٿيون.44 سال اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت هن سنڌو ماٿري موئن جو دڙي تي ڪم ڪار جي حوالي سان هڪ پيش رفت ڪئي هئي ۽ هاڻي به وري پ پ پ حڪومت سنڌ تقريبن اڌ صدي جي اهڙي خاموشي بعد جاڳي پئي جنهن تي جس لهي پر وفاقي حڪومت نواز سرڪار جي ته نه رڳو خاموشي ۽ بيٺل پاڻيءَ مثل روايت آهي پر ڪنهن به قسم جو تعاون نه ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. ڪاڏي سال 1973ع ۽ ڪاڏي وري سال هاڻي 2017ع آهي اهڙي طرح هن سنڌو ماٿري سان وفاقي حڪومتن جو ٻه اکيائي وارو رويو ۽ نسورو ناحق ۽ سنڌ سان بي واجبي ۽ کليل ساڙ جو نتيجو ناهي ته ٻيو ڇا چئي سگهجي ٿو ؟. سال 1973ع جي دور جي موئن جو دڙو متعلق تاريخي ڊاڪومينٽري ۾ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي تقرير ۽ انهيءَ وقت جي دڙو جي حالت ۽ اسپاٽ جايون جو مختصر جائزو پيش ڪيو وڃي ٿو.انهيءَ بعد وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، سينئير صوبائي وزير نثار احمد کهڙو،ثقافت جو صوبائي وزيرسيد سردار علي شاهه،ڪليم الله لاشاري،سيڪريٽري ثقافت اڪبر لغاري يونيسڪوڊائريڪٽر جيڪ جينسن،ڊاڪٽر ڪيمرون، جوناٿن، ڊاڪٽر ڊيني فرين،ڊاڪٽر مارڪو منڊيلا ۽ ٻين کي اسٽيج تي گهرايو ويو.انهيءَ موقعي تي  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته  بين الاقوامي ورثي کي بچائڻ لاءِ پئسي جي ڪا به کوٽ ناهي ، نئين تحقيق لاءِ قدم ورتا پيا وڃن.اسانجي پ پ پ جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 44 سال اڳ  هن متعلق ڀرپور آواز اٿاريو ۽ هاڻي وري اهو مان آواز اٿارڻ تي فخر محسوس ڪري رهيو آهيان.موئن جو درو جي کوٽائي لاءِ جديد طريقا اختيار ڪيا ويندا.18 هين ترميم بعد سنڌ حڪومت موئن جو دڙو جي بچاءَ لاءِ ڪيتريون ئي رٿائون شروع ڪيون آهن قديمي ماڳن جي لاءِ فنڊ رکيا ويا آهن.يونيسڪو جي مقصد کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ گڏ آهيون،

صوبائي وزر ثقافت سيد سردار علي شاهه، سيڪريٽري ثقافت اڪبر لغاري ۽ ڪانفرنس جي ڪنوينر ڪليم الله لاشاري چيو ته  يونيسڪو جو ڪردار ماڳن کي بچائڻ ۾ اهم رهيو آهي .اسان يونيسڪو سان گڏجي پنهنجو مقصد پورو ڪري سگهنداسين،موئن جو دڙو جي بچاءِ لاءِ شروع ڪيل مهم بند ڪئي وئي آهي جنهن کي ٻيهر سرگرمي سان عالمي برادري ۾ شروع ڪيو وڃي.جيتوڻيڪ موئن جو دڙو کي سنڌو درياءَ کان بچايو نه ويو پر ان سان ڪنهن به ماڳ کي خطرا لاحق آهن.موئن جو دڙو جي نيڪال سسٽم ۾ انجنيئرنگ ڪئي وئي آهي.دڙي جي اندر ڪو به قبرستان نه مليو آهي ۽ نه ڪا به قبر ملي سگهي آهي.انهن شين کي به ڏسڻو پوندو ته هو فوتين جون رسمون ڪيئن ادا ڪندا هئا.هنن چيو ته تحقيق سان گڏ فنڊن جي به کوٽ آهي .انهيءَ موقعي تي آمريڪا، اٽلي، لنڊن، اسپين، ۽ دنيا جي ٻين ملڪن کان آيل آرڪيالاجي شعبي جي ماهرن سنڌو ماٿري بابت پنهنجا مقالا پيش ڪيا مقالن ۾ هنن سنڌو ماٿري جي اوج ۽ زوال سميت مصر، گنگا جمنا ۽ ٻين تهذيبن جي اوسر توڙي ٻين لاڳاپيل مامرن تي روشني وڌي ۽ تحقيقي پيپرز ۾ هنن هن تاريخي ماڳ موئن جو دڙو جي بچاءَ متعلق فوري طور تي سيم، ڪلر کان بچائڻ سميت ٻين اهم معاملن متعلق وڌيڪ اهڙا پروگرام ترتين ڏيڻ تي زور ڀريو ۽ چيو ته هيءُ سنڌ حڪومت جو هڪ تاريخي ۽ يادگار قدم آهي جنهن ۾ صوبائي وزير ثقافت سيد سردار علي شاهه، سيڪريٽري اڪبر لغاري ۽ ڪليم الله لاشاري سميت سڄي سٿ کيرون لهڻون جن  هڪ ئي وقت نه صرف پنهنجي علائقائي  پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دوستن کي گڏ ڪري سنڌو ماٿري جي پيغام کي پوري ورلڊ ۾ عام ڪرڻ جي لازوال ڪوشش ورتي آهي پر هڪ  نه وسرندڙ تاريخي قدم کڻي پ پ پ حڪومت بهتر ۽ ساراهه جوڳي وک کڻي سنڌو ماٿري جي بي مثال تهذيب کي بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪاوش ڪئي آهي. جنهن ۾ حيدرآباد، ڪراچي، اسلام آباد، لاهور ۽ ٻين شهرن سميت پرڏيهي ميڊيا جي صحافين کي گهرائي هڪ بهتر مسيج ڪنوي ڪرڻ جي سٺي ۽ تعارف جوڳي  ڳالهه ڪري پوري دنيا آڏو اها روايت ۽ ڳالهه کي وڌايو ويو آهي ته سنڌ اڄ به امن، سلامتي ۽ صوفي ازم جو گهر آهي اهي سنڌ واسي صديون پهريان واري رواج ۽ رسم مطابق قائم ۽ دائم آهي ۽ هتي سنڌو جي ماٿري موئن جو دڙو تي سياح سير و تفريح جا شوقين بنا ڪنهن خوف ۽ دپ جي اچي وڃي سگهن ٿا جيئن هاڻي هتي پوري دنيا جي 4و ملڪن جي آرڪيالاجي جي ماهرن هن بين الاقوامي موئن جو دڙو بچاءُ ڪانفرنس ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي ماهرن ، اديبن، سفر ناما لکندڙن،شاعرن . اديبن ۽ ٻين ملڪان ملڪ کان ايندڙن دنيا آڏو اهو به پيغام ڏنو  آهي ته سنڌ مڪمل طور تي انتها پسندي، دهشتگردي  ۽ ٻين مافيائن جي خاتمي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.

 

 

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *