تازيون خبرون

وقت جي ترتيب جو فن: شفيق شاڪر

دنيا جي ڪامياب ترين ماڻهن پنهن جن ڪاميابين جي تجربن مان جيڪي گر ڪاميابيء جي خواهش رکندڙن سان شيئر ڪيا آهن انهن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ ان نڪتي کي بنيادي حيثيت حاصل آهي ته انسان جي پنهن جي زندگيء ۾ ترتيب هجي.اها ترتيب پيدا ٿي نٿي سگھي جيستائين مهيا ٿيل وقت جي صحيح ترتيب نه ٺاهبي.اسان جهڙن غيرذميدار معاشرن ۾ وقت کي جهڙِي طرح اجايو ضايع ۽ برباد ڪيو وڃي ٿو شايد سڌريل معاشرن ۾ اهو تصور به نه ڪري سگھجي.فضول ڪچهريون، اجايو موبائيل فون ، ٽي وي ۽ انٽرنيٽ جو استعمال، غير مفيد سرگرميون۽ بي نتيجي بحث مباحثا سيڪنڊن کان وٺي سالن کي اهڙي ته بيدرديء سان ڳڙڪائي وڃن ٿا جنهن جو اسان کي ڪڏهن ڪو احساس به نٿو ٿئي. گھڻي وقت کان دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ ماڻهن کي وقت کي صحيح ترتيب سان استعمال ڪرڻ جو باقائدي فن سيکاريو وڃي ٿو جيڪو هاڻي سائنس جو درجو اختيار ڪري چڪو آهي. اهو فن هڪ ۾مضمون جي حيثيت سان انهن ملڪن جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهايو وڃي ٿو. جنهن کي وقت جي رٿابندي يا Time Management چيو وڃي ٿو.ڪامياب ماڻهو پنهن جي وقت کي بهترين رٿابنديء سان بهترين مقصدن جي لاء استعمال ڪن ٿا.اهو ياد رکڻ گھرجي ته جيڪي ماڻهو ڪنهن ڪم نه  ڪرڻ جي جواب ۾ وقت نه هئڻ جو ماتم ڪندا رهندا آهن انهن مان اڪثر اهي هوندا آهن جيڪي ڪم ڪرڻ چاهيندا ئي ناهن.ڪم ڪرڻ وارن وٽ وقت نه هئڻ جي شڪايت نه هوندي آهي جو اهي وقت جي استعمال جي صحيح ترتيب ۽ رٿابنديء کان خوب واقف ٿين ٿا.ڪامياب ماڻهن وٽ به 24 ڪلاڪ ۽ ناڪام ماڻهن وٽ به ساڳيا 24 ڪلاڪ هوندا آهن ته پوء ساڳيو وقت هئڻ باوجود هڪڙا ڪامياب ٿين ٿا ته ٻيا ناڪام ڇو؟فرق اهو آهي جو ڪامياب ماڻهو پنهن جي وقت جي دولت کي صرف اهم ۽ ضروري ڪمن ۾ خرچ ڪن ٿا جڏهن ته ناڪام ماڻهو ساڳيو وقت فضول ۽ اجاين ڪمن ۾ ضايع ڪري ڇڏين ٿا.هاڻي وقت جو صحيح استعمال تيستائين ٿي نٿو سگھي جيستائين وقت جي قيمتي هئڻ جو احساس نه هجي.سو روپين جو نوٽ گم ٿي وڃي ته آرام ڦٽي پوي ٿو پر سوين ڪلاڪ۽مهينا ضايع ٿيڻ تي ٽڪي جو افسوس نٿو ٿئي.زندگيء جي نعمت ته هن دنيا ۾ صرف هڪ دفعو ملي ٿي ته پوء انهيء کي فضول ضايع ڪرڻ تي افسوس ڇو نٿو ٿئي؟ جڏهن ته ٻيو هر نقصان واپس پورو ڪري سگھجي ٿو سواء وقت جي نقصان جي!وقت جو مثال ان برف وانگر آهي جنهن کي جيڪر استعمال نه ڪجي ته پگھرجي ختم ٿي وڃي ٿي. مشهور فاتح نيپولين بونا پارٽ ڏاڍي خوبصورت ڳالھ چئي آهي ته

“I may lose a battle but I shall never lose a minute. آئون جنگ ته وڃائي سگھان ٿو پر آئون پنهن جو هڪ منٽ به نه وڃائيندس” وقت کي صحيح نموني استعمال ڪرڻ ۽ انهيء مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ لاء ڏاهن طرفان ڏسيل ڪجھ نڪتا هيٺ لکجن ٿا.

پهريون اهو ته ڪوبه ڪم ڪرڻ کان پهرين پنهن جو پاڻ کان سوال ڪجي ته ڇا اهو ڪم واقعي اهم آهي يا ان کان وڌيڪ اهم ٻيو ڪو ڪم آهي جيڪو ان جي بدران ڪري سگھجي ٿو؟ يعني صرف اهو ڪم ئي ڪجي جيڪو اهم ۽ ضروري هجي ۽ جنهن جو تعلق پنهن جي مقرر ڪيل ڪنهن اهم مقصد سان هجي.اهڙيء طرح ڪيترن ئي فضول ڪمن کان ماڻهو خود بخود بچي ويندو جنهن جي نتيجي ۾ وقت به بچي پوندو.

ٻيو نڪتو اهو ته وقت کي استعمال ڪرڻ کان پهرين ان جي رٿابندي ڪجي ته ڪيترو وقت اسان وٽ موجود آهي ۽ ڪهڙا ڪهڙا ڪم ان وقت اندر مڪمل ڪري سگھجن ٿا؟ تحقيق مطابق اهڙي پلاننگ جو هڪ منٽ ڪم جا ڏه منٽ بچائي ٿو. ڏينهن شروع ٿيڻ وقت ئي پنهن جي ڪمن ۽ وقت جي ترتيب ٺاهجي بلڪه هڪ لکيل ڊائريء جي صورت ۾ اها روزاني ترتيب درج ٿيل هجي.اهڙيء طرح هفتي جي اڳواٽ پلاننگ به ڪري سگھجي ٿي.

ٽيون نڪتو اهو ته هڪڙي وقت ۾ صرف هڪ ڪم ڪرڻ گھرجي.هڪ ئي وقت تي پنهن جي لاء ڪيترائي ڪم کولي ڇڏڻ مونجھارن۽ ذهني دٻاء کي دعوت ڏيڻ برابر آهي ۽ اهو به ته هڪ ئي وقت صرف هڪ ڪم تي مڪمل ڌيان کپائي سگھجي ٿو.گھڻن ڪمن جي نتيجي ۾ ڌيان ورهائجي وڃي ٿو جنهن ڪري ڪوبه ڪم اتم نموني نه ٿي سگھندو.اهو به ته جنهن ڪم جو جيڪو وقت مناسب آهي انهيء وقت تي اهو ڪم ڪرڻ گھرجي ۽ وڌيڪ اهم ڪم کي گھٽ اهم ڪم جي پويان ڌڪڻ نه گھرجي.چوٿون اهم نڪتو اهو ته ڪو به ڪم شروع ڪرڻ کان پهرين ان ڪم جو آخري وقت يعني ڊيڊ لائين مقرر ڪرڻ گھرجي ته اهو ڪم لازمي ڪيتري عرصي اندر پورو ڪرڻو آهي.

پنجون اهم نڪتو اهو ته اسان جو مجموعي طور تي تمام گھڻو وقت انتظار واري صورتحال ۾ ضايع ٿي وڃي ٿو. مثال ڊاڪٽر جو انتظار،ڪنهن سان ملاقات يا ميٽنگ جو انتظار ،ڪنهن دعوت ۾ مانيء جو انتظار يا وري سفر ۾ پنهن جي منزل تي پهچڻ جو انتظار وغيره جيڪڏهن حساب ڪبو ته اهو روز روز جو انتظار به اسان جي زندگي جو هڪ وڏو حصو وڏي بي رحميء سان ڳڙڪائي ٿو وڃي. انهيء انتظار واري وقت کي ڪيئن ڪنهن فائدي مند ڪم يا سرگرميء ۾ استعمال ڪجي.اهو به ٽائيم مينيجمينٽ جو ڏانء آهي.مثال ان وقت کي لکڻ ۽ پڙهڻ جي مشغوليء ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿو. ضروري فون ڪالز يا ميسيجز لکڻ لاء به اهو مناسب وقت آهي.  ڇهون نڪتو اهو جو هونئن ته هڪ وقت تي صرف هڪڙو ڪم ڪرڻ گھرجي پر ڪجھ ڪم اهڙا به آهن جيڪي هڪ وقت تي ٻئي گڏي ڪرڻ سان وقت بچائي سگھجي ٿو ۽ ڪمن جي صحت تي به ڪو خراب اثر نٿو پوي. مثال؛ واڪ يا ورزش وقت ڪنهن دوست سان ملاقات جي لاء به وڃي سگھجي ٿو.پنهن جي ٻني ٻاري جي سنڀال به لهي سگھجي ٿي.قدرت جي نظارن مان لطف اندوز به ٿي سگھجي ٿو يا وري واڪ جي دوران ضروري فون ڪالز يا ميسيجز به موڪلي سگھجن ٿا.اهڙيء طرح ورزش يا واڪ دوران موسيقي به ٻڌي سگھجي ٿي.انهيء سان به ڪافي وقت بچت ٿيندو.ان کان پوء آخري نڪتو اهو ته هر ڪم ۽ عمل ۾ وقت جي پابندي هجي.جنهن ڪم لاء جيڪو وقت مقرر ڪيل آهي انهيء تي ئي اهو ڪم هر حالت ۾ شروع ٿيڻ گھرجي.پنهن جي ڊيوٽي يا ڌنڌي تي وقت تي پهچڻ،ڪنهن ميٽنگ يا شادي وغيره ۾ وقت جي پابندي ڪرڻ،ڪنهن سان ملاقات جي لاء مقرر ڪيل وقت جي پابندي ڪرڻ،انهن سڀني شين سان نه رڳو پنهن جو ۽ ٻئي جو وقت بچائي سگھجي ٿو پر ڪيترن ئي مسئلن ۽ مونجھارن کان به بچي سگھجي ٿو.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *