تازيون خبرون

”وسي ته ٿر نه ته بر ئي بر“ : احمد الطاف حسين وڌو

سنڌ ۾مشهور چوڻي آهي ته ”وسي ته ٿر نه ته بر ئي بر“  ڇا اهو هڪ الميو آهي يا اسان ماڻهن ڪجھ چوڻين ۽ حالتن کي پاڻ تي مسلط ڪندي اهو سوچي سمجھي ڇڏيو آهي ته هتي ڪا به تبديلي اچڻ ممڪن نه آهي. روزانه اخبارون ڀريون پيون اچن ته مٺي جي اسپتال ۾ ٿر جا ننڍڙا ٻچا غذائي قلت سبب مري ويا، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ٿر صرف مٺي شهر ۾ ڪونه آهي پر اهو پنجاب جي چولستان سان ملندڙ ۽ سنڌ جي وسيع علائقي تي هلندي راجستان ۽ ٻين  هندوستان جي علائقن تي مشتمل آهي. هتي ڪڏهن ڪنهن زماني ۾ هاڪڙو درياءَ  به وهندو هو جنهن جي وهڪري جي تبديل ٿيڻ يا ختم ٿيڻ جي ڪري اهو علائقو سامونڊي اٿل پٿل جي نتيجي يا ٻين تبديلن تحت وسيع واري جو ڍير بڻجي چڪو آهي. ان علائقي ۾ انڊيا ته پنهنجي علائقن کي ڪافي سرسبز ۽ آمد رفت جي وسيلن ۾ بهتر ڪيو آهي پر ان جي ابتڙ ميڊيا تي صرف جڏهن خبرون ڏنيون وينديون آهن ته ٿر جا ڪجھ حصا ڏيکاريا ويندا آهن ۽ مٺيءَ کي ڄڻ ته ٿر جو هيڊ ڪوارٽر ڄاڻايو ويندو آهي. معاملو ايترو ته خراب ڏيکاريو ويندو آهي جو ماڻهو سوچي دنگ رهجيو وڃن ته هوند مٺي مان موت جو راڄ ڪيئن ختم ڪرائي سگھجي ٿو ۽ مٺيءَ مان غربت جو خاتمو ڪيئن آڻي سگھجي ٿو. جڏهن ته ٿر هر هڪ  هيٺين ضلعي کي لڳي ٿو مثلاً بدين، سانگھڙ، ميرپورخاص، نوابشاھ، نوشهروفيروز، خيرپور، گھوٽڪي، ميرپور ماٿيلو وغيره. اهڙو ئي ٿر پنجاب ۾ چولستان جي نالي سان ۽ روهي جي نالي سان مشهور آهي.

ان کي خوشقسمتي سڏجي يا بدقسمتي ته جتي انسان کي رب پاڪ رکيو آهي، اتي حالتن پٽاندڙ روزگار جا ذريعا پڻ مهيا ٿيل هوندا آهن پر افسوس ته جيڪي ماڻهو اهڙن ڏورانهن علائقن مان پڙهي نڪرن ٿا اهي ئي پنهنجي علائقن ڏانهن منهن نٿا ڪن ۽ پنهنجي علائقي کي وساريو ڇڏين. ان جو سبب چند اهڙا خونخوار ماڻهو هوندا آهن جيڪي پنهنجي علائقي تي شيطاني القا قائم رکيو اچن، جن جي ڪري ترقي تي ملندڙ پئسا به پنهنجي کيسي ۾ ته مٿي ڪا به ونهوار ڪونه صرف ديسي مسئلن ۾ پنهنجون راڄڌانيون قائم ڪيون وڃن ٿيون ته جيئن جائز يا ناجائز پنهنجي حاڪميت قائم رکي سگھجي. تنهنڪري اسانکي جملي جفاڪشي ڪري جيڪي سڄاڻ خاندان اتان لڏپلاڻ ڪري پنهنجا گھر ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ هڪ سٺي زندگي گذاري رهيا آهن. تن کي گھرجي ته پنهنجون صلاحيتون ننڍي توڙي وڏي پيماني تي اهڙن علائقن ۾ ڏين ته جيئن اتان جي زندگي جو معيار ۽ وسائل بهتر استعمال ٿي سگھن ۽ استحصالي ٽولي کي به هاڻي گھٽ ۾ گھٽ ايتري سمجھ اچڻ کپي ته هنن جو به مستقبل جملي ترقي ۾ آهي ۽ هو به ملي جلي پنهنجي لاءِ ٿر يا بر کي به بهشت بڻائي سگھن ٿا. ٿر جي وسيلن عام طور تي ڪوئلو وڏي پيماني تي دريافت ٿيو آهي. پر ان کان علاوه گھڻا ئي ڪاروباري موقعا ٿرين لاءِ پيدا ٿي سگھن ٿا. هيٺ انهن تي غور ڪجي ٿو.

ٿر جو سڀ کان اهم مسئلو زندگي جو بنياد هجڻ آهي ۽ اها قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت ناري ڪئنال جو ۽ گھوٽڪي ڪئنال جو فائدو وٺندي تقريباً پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست چوٽيارون ڊيم جي واسطي پوري ٿر ۾ پيئڻ جو پاڻي سيمينٽيڊ نالن يا پائپن جي ذريعي ڦهلائي سگھجي ٿو. ان کان علاوه موجوده سرڪار جا لڳايل آر او پلانٽ به ڪتب آڻي سگھجن ٿا. پر جيڪڏهن نارا کي ويڪرو ڪيو وڃي ته ٻوڏ جي زماني ۾ وڏي پيماني تي اهو پاڻي اوڏانهن روانو ڪري ٿر کي مستحڪم پاڻي جو وسيلو فراهم ڪري سگھجي ٿو. هن ڏس ۾ ايريگيشن جي ماهرن کان معاونت حاصل ڪري سگھجي ٿي.

جيتري قدر ايل بي او ڊي جو تعلق آهي ته اهو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرائڻ جي بدران ٿر ۾ وڻڪاري لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو. ان ڪرڻ سان ٿر جي آبهوا ۾ وڏو فرق پئجي سگھجي ٿو. هن ڏس ۾ ايريگيشن ۽ زراعت کاتي جي ماهرن کان معاونت حاصل ڪري سگھجي ٿي. ڊرپ ايريگيشن وسيلي ننڍا ننڍا علاقا چونڊجن جتي چڻي ۽ ٻين سبزين جي پوک جن ۾ تمام گھٽ پاڻي جي لاڳت هوندي آهي مثلاً سبزين جون وليون وغيره شامل ٿين ٿيون، تن سان به تمام گھڻو ڪجھ ڪمائي سگھجي ٿو. . هن ڏس ۾ ايريگيشن ۽ زراعت کاتي جي ماهرن کان معاونت حاصل ڪري سگھجي ٿي. هر علائقي جي ڊرينيج جي پاڻي تي وڻڪار جو وسيع ڄار وڇائي سگھجي ٿو. هن ڏس ۾ پبلڪ هيلٿ ۽ زراعت کاتي جي ماهرن کان معاونت حاصل ڪري سگھجي ٿي

ٿري ماڻهن کي چائنه جي ماڊل تي هنرمندي سيکاري وڃي تاڪه هو پنهنجي مال مويشي جي پيداوار ۽ ان جي گوشت، کير ۽ کلن جي تفصيلي صنعتي طور تي ٿر مان محفوظ قابل استعمال مصنوعات جي بنياد تي ڪري پنهنجو رزق ڪمائي سگھن. ٿر ۾ تعليم جو ۽ صحت جو بهترين مرڪز تڏهن ئي ممڪن ٿي سگھن ٿا جڏهن انهن علائقن ۾ يونيورسٽيون قائم ڪيون وڃن ۽ اتي جي ماڻهن کي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر بڻايو وڃي. فلحال انهن کي خاطر خواه اسڪالرشپ ۽ مراعات ڏئي انهن کي بهترين صلاحيت يافته ڪيو وڃي.

ٿر ۾ سليڪان جنهن مان شيشي ۽ اليڪٽرانڪس جو سامان ٺهي سگھجي ٿو تنهن کي صنعتي بنيادن تي متعارف ڪرايو وڃي تاڪه روزگار جو سلسلو وڌي سگھي . ٿر جي واري اڏاوتي ڪم ۾ به استعمال ڪري سگھجي ٿي، تنهن ڪري روڊ رستا ۽ آمد رفت بهتر ڪئي وڃي ۽ ماڻهن کي ننڍين وڏين ٽرڪين خريد ڪرڻ ۾ معاونت ڏني وڃي. ٿر جي تهذيبي ڪمن ۾ ثقافت کي محفوظ ڪيو وڃي ۽ انهن کي صنعتي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ سياحت کي باقائدگي سان فروغ ڏنو وڃي. ٿر جي هنر کي صنعتي بنيادن تي متعارف ڪرايو وڃي تاڪه روزگار جو سلسلو وڌي سگھي .

جيستائين اسان هڪ ٻئي کي زميوار قرار ڏيندا رهندا سين تيستائين صرف اسان مصيبتن کي دعوت ڏيندا رهنداسين. تنهن ڪري سنڌ جو نوجوان ننڍڙي يا ٻڍڙي کي ملي ڪري بغير ڪنهن ذات پات، مذهب، مسلڪ، رنگ و نسل جي فرق جي يا مزدور ۽ زميندار جي فرق جي باهمي عزت ۽ شعور تحت هڪ سوچ کي اڳتي آڻي سياسي ۽ سماجي تبديلين جو اهڃاڻ بڻائجي ته جيئن ترقي اسانجي مقدر ۾ هڪ تصور نه بلڪه هڪ حقيقت بڻجي سامهون اچي. اچو ته گڏجي ٿر کي وسندڙ شاداب ٿر بڻايون ۽ خوشحالي اسانجي گھرن جي اڱڻ تي مور وانگر نچي ۽ ڪڏي.     حڪومتي ادارن ۽ وس وارن اختيارين کي گذارش آهي ته مٿي ڏنل چند سفارشن کي غور طلب آڻي ٿر جي بهتري لاءِ عملي قدم کڻن.

Email:zafarhussain@ymail.com

Cell:03062998726

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *