تازيون خبرون

هر هڪ جي اميد سرڪاري نوڪري!!!!: محمد علي شر /سانگهڙ

تازو ئي سنڌ حڪومت طرفان سنڌ جي اداران ۾ ملازمت ڏيڻ جي اعلان مختلف اخبارن جي زينت بڻيل آهن جنهن جي اميداور ته سڀ آهن .مگر اهي نوڪريون ملنديون ڪنهن کي؟ ڪنهن جاگيردار جي پٽ؟ ڪنهن سياسي ڀوتار جي من پسند کي؟ يا وري جيڪي وڃي قائدا اعظم جي ساوا،ڳاڙا،نيرا فوٽو جمع ڪرائيندو ڇو ته اها ته ڪيتري ئي عرصي کان پاڪستان،توڙي سنڌ  ۾ هڪ روايت وڌي وئي آهي ته سرڪاري نوڪري جو صرف اهو حقدار آهي جيڪو ڪنهن سياسي ڀوتار جو من پسند هوندو ،يا جنهن وٽ قائد اعظم جي  کوٽ نه هجي ،باقي مڊل ڪلاس ۽ غريب  طبقي جي اها نوڪريون نصيب ۾ ئي نه آهي نوڪري ته ملي سا ملي پر ڪجهه ڪمايل پونجي به ان نوڪري جي چڪر ۾ مڊل ڪلاس ۽ غريب طبقو به وڃائي ويهن ٿا،نوڪري حاصل ڪرڻ لاءَ گهرجون

هڪ عد د سي وي

تمام تعليم دستاويز جو سيٽ

ٻه کان چار عدد پاسپورٽ سائز رنگين فوٽو

هڪ عدد بينڪ چالان ( پي آڊر)

هڪ کان ٻه عدد شناختي ڪارڊ جون ڪاپيون

نوٽ؛ اهي تمام اوٿ ڪمشنر يا سترنهن گريڊ جي آفيسر کان اسٽيڊڊ ٿيل لازمي آهن

انهي تمام مٿين شرطن کان ٽيسٽ، يا انٽرويو ورتو ويندو انهي تمام مرحلن کان گزرندي  اهي مڊل ڪلاس ۽ غريب طبقو نوڪري نه ملي سگهندي آهي گڏ ٿيل پونجي ضرور وڃائي وهندو آهي

سنڌ ۾ ته هي هن سال جي ڪهاڻي آهي پر پاڪستان ۾ ٻارنهن ئي مهينا اهڙا ڀيانڪ منظر ڏٺا ويندا آهن. هر سال هزارين نوجوان پنهنجي ڊگري پوري ڪرڻ کانپوءِ فوٽو اسٽيٽ جي ٻاهران لڳل بورڊ تي سرڪار طرفان آيل جايون ڏسن ٿا ۽ وڏين اميدن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيندي انهن خالي جاين لاءَ پنهنجي قسمت آزمائيندا آهن پر انڌهيرا نگري چرٻٽ راجا واري مثال وانگر اسان جي معاشري جي پڙهيل لکيل قابل نوجوان وري به ساڳئي جيان، ڪنهن دڪان تي معمولي اجرت تي پگهر وهائيندي  ۽ نوڪري ڀوتان جي من پسندن يا ڪنهن پارٽي جيالي نالي ٿي ويندي آهي اها خبر هجڻ باوجود به ته سندن  ڊگري ڪنهن ٻئي شعبي ۾ نوڪريون ڪنهن ٻئي شعبي ۾ آهن پر ان لاءِ اپلاءِ ڪرڻ فرض آهي. اصل ۾ اها ڪيريئر پلاننگ جي کوٽ آهي، ان ڪري مڙئي ڪوشش ڪرڻي آهي وارو فارمولو اختيار ڪيو ويندو آهي. اصل ۾ سرڪاري نوڪري ته هڪ بهانو آهي پر دراصل اهو سڄو سلسلو ڀريل گهر ڀرڻ جو هوندو آهي. ان لاءِ فوٽو ڪاپيءَ کان وٺي ڊاڪيومينٽس جمع ڪرائڻ تائين هزارين رپين جو خرچ هن طرح ٿئي ٿو. سڀ کان پهريان گهربل ڊاڪيومينٽس مان جيڪڏهن ڪو سرٽيفڪٽ يا مارڪشيٽ کٽل آهي ته اسڪول ۾ ڪنهن استاد کي ڳاڙا نوٽ ڏئي حاصل ڪجي ٿي يا وري بورڊ ۽ يونيورسٽي ۾ مقرر رقم جو چالان پياري حاصل ڪئي وڃي ٿي.

جڏھن گهربل ڊاڪيومينٽس جو هڪ سيٽ پورو ٿي وڃي ٿو ته ان جو نقل سيٽ ڪرائڻ لاءِ فوٽو اسٽيٽ واري کي پئسا ڏيڻا پون ٿا. هي سلسلو اڃا اتي ختم نٿو ٿئي فارم لاءِ گهربل فوٽوز حاصل ڪرڻ لاءِ به ڪجھ رقم ادا ڪرڻي پوي ٿي. آخر ٽيسٽ کان هڪ مهيني کانپوءِ خبر پوي ٿي ته نوڪريون ڪنهن ڊاڪٽر، وڪيل، جج ۽ پروفيسر ،سياسي ڀوتار، ايم پي اي،ايم اين اي، وزير ،مشير ،جي پٽ کي لکين رپين جي معاوضي تي ڏنيون ويون. ائين هزارن جو خرچ هڪ ناڪام ڪوشش ۾ لڳي وڃي ٿو ۽ شاگرد اهو سکي ٿو ته قابليت کان وڌيڪ پئسي جي عزت آهي، پئسي سان هر شيءِ ممڪن آهي ۽ پاڪستان ۾ اهڙا هزارين شاگرد موجود آهن، جيڪي سٺين مارڪن سان ڊگري حاصل ڪرڻ باوجود به دڪانن ۽ هوٽلن تي ڪم ڪندي نظر اچن ٿا. ان نوجوان جي نوڪري ڪرڻ واري آس رهجي وڃي ٿي.اهي مايوسي واري زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا ،اهي وجه آهي جو اسان جي ادارا تباهي ڪناري پهتل آهي جيئن ته اسان جي اسڪول ،ڪاليج آهن جي تعليمي معيار بهتر نه هئڻ جي سبب نوڪريون سياسي بينادن  ۽ پئسن عيوض ڏيڻ جي ڪري، سنڌ جي تعليمي اڄ تباهي ڪناري پهتل آهي سنڌ جا هزاري نوجوان جيڪي پنهنجي پاڻ کي پڙهيل لکيل جي چون ٿا پر حقيقت ۾ا هي پڙهيل لکيل نه آهي ڇو ته اهي يا پسئن عيوض ڊگري هولڊر آهن يا ته وري ڪاپي ڪلچر جي ڪري،اسان جي استاد گهڻي ڀاڱي اسان جي سياسي وڏيرن جي اوطاقن تي حاضري ڀرڻ ۾ پورا آهن اسان جي نوجوان نسل کي تعليم کان محروم رکيو پيو.

انهي صورت حال کي ڏسندي پرائيوٽ سيڪٽرن کي هڪ ڪاروبار سجهي ويو انهن سوچيو ته ڇو نه اسان پرائيوٽ اسڪولي کولي انهي ڳوبلي عوام کان پئسو ڳڍهون اگر اوهان پنهنجي بستي ،واهڻ،محلي ،گلي ۾ نظر ڊوڙائيندو ته اوهان کي اهڙا کوڙا سارا بورڊ لڳل ملندا ته اوهان جي ٻارن انگريزي تعليم ،سٺي تعليمي حاصل ڪرڻ جي لاءَ مختلف قسمن جي بورڊ نصب ٿيل نظر ايندا پر ان جي حيقيقت هي آهي ته اهي صرف  سنڌ جي تعليم سان ڪاربارو ڪري رهيا آهين سرڪاري اسڪولن کان بدتر حالت آهي اتي  ڇو ته يقين نه ڪندو اتي تعليم ڏيارڻ وارا گهڻي ڀاڱي پاڻ ئي اڻ پورائتا آهن اهي جا استاد ڪرام انڊر گريجوئيڊ ڇوڪرا ،ڇوڪريون آهن جيڪي انٽر کانپو  اڳتي تعليم حاصل نه ٿا ڪري سگهن اهي شاگرد  انهن مختلف پرائيوٽ اسڪولن ۾ ٽيچرز لڳا پيا آهن سنڌ حڪومت گهرجي ته اها تمام اداران جي بهتري جي لاءَ ميرٽ جي بنياد جي ڀرتيون ڪري جيئن سنڌ جو هر گهراڻو خوش هجي ۽ ملڪ و قوم جي ڀلائي لاءَ ڪم ڪري سگهي  قائم ٿيل هڪ روايت کي ختم ڪيو وڃي جنهن سان هڪ ،ٻه يا ٽي پر هزارن خاندان ڪمپرسي واري زندگين گذارڻ تي مجبور آهن سنڌ وفاق حڪومت  اداران کي وڌيڪ تباهه ٿيڻ کان نه بچايو ته ايندڙ وقت ۾ ادارا ناڪارا ٿي ويندا

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *