تازيون خبرون

نواز سرڪا پاران هاري پئڪيج جو اعلان ۽ اٿندڙ سوال: تاج مري

پ پ پ، تحريڪ انصاف ۽ ٻين پارٽين جي اعتراض کانپوءِ وزير اعظم ميان نواز شريف جي اعلانيل هاري پئڪيج تي اليڪشن ڪميشن پڻ سوال اٿاريا آهن. اليڪشن ڪميشن حڪومت کان پڇاڻو ڪيو آهي ته هاري پئڪيج ايندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن تي ته اثرانداز نه ٿيندو. وزير اعظم نواز شريف جي اعلانيل 341 ارب روپين جي هاري پئڪيج جو جائزو وٺنداسين ته خبر پوندي ته انهي پئڪيج جا ٻه پهلو آهن، هڪڙو سياسي پهلو جنهن تي اليڪشن ڪميشن حڪومت کان پڇاڻو ڪيو آهي ۽ ٻيو پهلو آهي، انهي جو معاشي پاسو. وزير اعظم نواز شريف هاري پئڪيج جو اعلان انهي وقت ڪيو آهي، جڏهن ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جو اعلان ٿيو هو. هيل تائين ائين ٿيندو رهندو آهي ته چونڊن کان اڳ حڪمران پارٽي کي فائدو رسائڻ لاءِ سرڪار اهڙا اعلان ڪندي آهي. هن هاري پئڪيج جو پڻ اعلان ان وقت ڪيو ويو، جڏهن چونڊن جو شيڊول پڌرو ٿي چڪو هو. ٻئي طرف پنجاب ۾ آبادگارن جون تحريڪون زور وٺڻ لڳيون هيو. روڊن تي ڌرڻا ۽ اسيمبلي آڏو احتجاج فصلن کي روڊن تي هارڻ ۽ باهيون ڏيڻ جهڙا واقعا به ان وقت ٿيا هئا، جڏهن مڪاني ادارن جي چونڊن جي اعلان جون تياريون ٿي رهيون هيون. ان وقت پ پ پ ۽ تحريڪ انصاف کي به هاري ياد اچڻ لڳا هئا ۽ انهن هاري ڪانفرنسون ڪيون ۽ جلوس ڪڍيا هئا ته ان وقت نواز ليگ سرڪار کي به اهو خيال آيو ته اسين پوئتي رهجي نه وڃون سو کڻي بنا سوچڻ سمجهڻ ۽ تياري جي هاري پئڪيج جو اعلان ڪيائون. بدقسمتي سان هيل تائين هاري پئڪيج تي جيڪي بحث ٿيا آهن، اهي گهڻو تڻو اليڪشن تي اثرانداز ٿيڻ جي حوالي سان ٿيا آهن، انهي جي ٻئي پهلوءَ تي گهڻو ڌيان نه ڏنو ويو.

پهريون سوال اهو آهي ته ڇا اهو هاري پئڪيج آهي به يا نه؟ ڇو ته هاري پئڪيج ۾ هاري جي لاءِ ته ڪنهن به رليف جو اعلان نه ڪيو ويو. مثال طور تي هن پئڪيج جا جنهن لاءِ 341 ارب روپيا رکيا ويا آهن، انهي جا 3 حصا آهن. پهريون حصو هارين کي سڌي ريت مالي مدد فراهم ڪرڻ. ٻيون پيداواري لاڳت گهٽ ڪرڻ. ٽيون زرعي قرض ڏيڻ. پهرين حصي ۾ سارين ۽ ڪپهه جي پوک ڪندڙ هارين کي 5 هزار روپيا في ايڪڙ جي حساب سان مالي سهائتا فراهم ڪرڻ جنهن لاءِ 20، 20 ارب روپيا رکيا ويا آهن. جنهن ۾ هاري کي ڇا ملندو انهي جو ڪو به ذڪر ناهي اهو واضغ ڪيو ويو آهي 12.5 ايڪڙ زمين رکندڙ آبادگارن کي اهو پئڪيج ڏنو ويندو، ڪپهه توڙي سارين جي اگهه نه ملڻ ۽ ٻين سبب ڪري نقصان ۾ ته هاري اڌ حصيدار آهي، پر امدادي پئڪيج رڳو زميندار کي ملندو. جهڙي طرح ٻوڏ واري زماني ۾ اعلانيل رليف مان هارين کي ڪو به فائدو نه پهتو هاري ٻوڏ سبب نقصان ۾ 50 سيڪڙو ڀرپو، پر سرڪار پاران ڏنل رعايت رڳو زميندار حاصل ڪئي.

هن پئڪيج مان پڻ هاري کي ڪو به فائدو ڪونه ٿيندو، پهرين ڳالهه هي آهي ته هاري جو رڳو نالو استعمال ٿيو آهي، پر هاري ڪو به پئڪيج ڪونهي جيڪڏهن انهن 5 هزار روپيا في ايڪڙ جي اعلان ۾ اهو واضح ڪيو وڃي ها ته انهي رقم جو 50 سيڪڙو يعني 2500 روپيا هاري کي 2500 زميندار کي ملندا تڏهن به هاري کي گهٽ ۾ گهٽ 14 ايڪڙن تي 10 هزار روپيا ملي وڃن ٿا. پئڪيج ۾ اهڙو ڪو به ذڪر ڪونهي. پئڪيج زرعي سڌارا ته پري جي ڳالهه پر ٽيننسي ايڪٽ (هاري وارو قانون) ۾ ڪو هارين جي هارپ جو تحفظ ڪيو وڃي ته جيئن هاري بيدخلي کان ته بچي پون ها. هتي ته زميندار جڏهن چاهي هاري کي بنا ڪنهن نوٽيس ڏيڻ جي هارپي کان جواب ڏئي بيدخل ڪريو ڇڏي، هاري انهي لاءِ رڳو ٽيننسي ٽربيونل ۾ وڃي سگهي ٿو، جيڪو پڻ زميندار جي اثر هيٺ آهي. هونئن ته ملڪ ۾ عدليه ۽ انتظاميا کي ڌار ڪري عدالتي اختيار عدالتن جي حوالي ڪيا ويا، پر ٽيننسي ٽربيونل جو سربراهه اي سي آهي، يعني روينيو انتظاميا جو ڪامورو هارين کي اهو حق به حاصل ناهي ته هو پنهنجي بيدخل يا حساب ڪتاب نه ٿيڻ جو ڪيس ڪنهن سول عدالت ۾ کڻي وڃي سگهي. انهي لاءِ ڪنهن  قانونسازي جو ذڪر به پئڪيج ۾ ناهي، انهي لاءِ اهي 5 هزار روپيا في ايڪڙ جي حساب سان رقم سياسي رشوت طور ئي ورهائي سگهبي، جيڪڏهن سرڪار کي اهو احساس هيو ته هارين ۽ ننڍن آبادگارن کي فصلن جون صحيح قيمتون نه ملڻ سبب نقصان رسيو آهي ته پوءِ سرڪار کي فصلن جي امدادي قيمت ۾ مهانگائي جي حساب سان اضافو ڪرڻ ۽ انهي کي يقيني بنائڻ جي ضرورت هئي ته هارين ۽ آبادگارن خاص طور تي ننڍن آبادگارن کان فصلن جي خريداري امدادي قيمت مطابق ٿيڻ گهرجي. امدادي قيمت مطابق خريداري نه ٿيڻ جي صورت ۾ رياست جي ذميواري هجي ته انهي جا ادارا هارين کان پاڻ فصل خريد ڪن.

پئڪيج ۾ انشورنس جو ذڪر به ڀوڳ جهڙو آهي، زرعي قرضن جي انشورنس جو ذڪر آهي، جنهن مان بينڪن کي فائدو ٿيندو هارين ۽ آبادگارن کي تڏهن فائدو ٿئي ها جڏهن انهن جي فصلن جي انشورنس ڪئي وڃي ها، جنهن فصلن کي نقصان ٿيڻ ۽ صحيح قيمت نه ملڻ سبب آبادگارن ۽ هارين جي نقصان جو پورائو انشورنس مان ٿئي ها. هاري جيڪي لنڊيون لتاڙي زمين آباد ڪن ٿا، انهن جي صحت جي انشورنس ٿئي ها، جنهن مان کين لاڀ حاصل ٿئي ها.

هارين کي ته ان صورت ۾ فائدو حاصل ٿي سگهي ٿو، جڏهن زرعي سڌارا ڪري وڏيون زمينداريون ختم ڪيون وڃن ۽ هارين کي پوکي لاءِ ۽ گهر اڏڻ لاءِ مفت زمين ڏئي انهي لاءِ زرعي قرض ۽ مشينري فراهم ڪئي وڃي. باقي زرعي قرضن توڙي مشينري ٽئڪس ڇوٽ مان هارين کي ڪوبه لاڀ حاصل نه ٿيندو. انهيءَ پئڪيج کي ڏٺو وڃي ته اهو پئڪيج ننڍن آبادگارن، خاص طور سنڌ جي ننڍن آبادگارن کي به گهٽ فائدو ڏيندو. سنڌ جو آبادگار ته ڪمند جي صحيح قيمت نه ملڻ ۽ پوءِ هاڻ وري ڦٽين ۽ سارين جي پڻ صحيح قيمت نه ملڻ سبب ڪنگال بڻجي ويو آهي. انهيءِ لاءِ ضروري آهي ته اهڙي پئڪيج جي شروع ڪرڻ کان اڳ هاري ۽ آبادگارن جي نمائندن سان گڏجاڻيون ڪري انهيءَ لاءِ انهن کان تجويزون ورتيون وڃن. سولر ٽيوب ويلن لاءِ قرض سٺو عمل آهي، پر سنڌ ۾ جر جو پاڻي مٺو ناهي، انهي لاءِ پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ ۽ پاڻي جي زيان کي روڪڻ جي ضرورت آهي. پ پ پ ۽ تحريڪ انصاف تنقيد ڪرڻ بجاءِ بهتر ٿيندو ته پنهنجن پنهنجن صوبن ۾ زرعي پاليسي جوڙين، سنڌ حڪومت بينظير پئڪيج تحت هاري ۽ هارياڻين ۾ زمين ورهائڻ واري ٽئين مرحلي جي شروعات ڪري ۽ ٽيننسي ايڪٽ ۾ 2013ع ۾ ڪيل هاري دشمن ترميمن جنهن ۾ ڇيڙبيگار کي قانون بنايو ويو ۽ زرعي مشينري ذريعي پوکي راهي ۾ هارين تي جيڪو اڌ خرچ رکيل هيو، اهو سڄو خرچ هاري تي وڌو ويو، اهو واپس ورتو وڃي ۽ ٽيننسي ايڪٽ ۾ هاري دوست ترميمون ڪري ٽيننسي ٽربيونل سول عدالت جي نگراني ۾ جوڙي وڃي. هارين جا نالا 6 فارم ۾ داخل نه ڪندڙ روينيو کاتي جي اهلڪارن کي انهي جو ذميوار بڻايو وڃي.

ڪچي جي زمين وڏن زميندارن کان خالي ڪرائي اتي رهندڙ هارين کي ٻيلا پوکڻ جي شرط تي زمين فراهم ڪئي وڃي، پاڻي جي شيئرلسٽ ۾ هارين جا نالا شامل ڪيا وڃن. پڇڙي تائين پاڻي نه پهچائڻ کي سزا جوڳو ڏوهه قرار ڏئي اهڙن آبپاشي عملدارن کي سزا ڏني وڃي، جيڪي پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ ۾ ناڪام ٿين ٿا. هارين ۽ هارياڻين کي ننڍا قرض ڏئي کين زميندارن جو ڳيجهو ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ هارين ۽ هارياڻين کي مال خريد ڪرڻ ۽ پالڻ لاءِ ننڍا قرض ڏنا وڃن. هارين جي ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ خاص اسڪالرشپس ڏنيون وڃن. گهٽ ۾ گهٽ ذوالفقار علي ڀٽي جي 1977ع جي زرعي سڌارن تي عمل ڪيو وڃي. زرعي فصلن ۽ هارين جي انشورنس ڪئي وڃي.باقي اجائي تنقيد مان ڪجهه ڪين ورندو. 18 ترميم کان پوءِ زرعي پاليسي ڏيڻ وفاقي حڪومت جو نه پر صوبائي حڪومت جو ڪم آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *