تازيون خبرون

مولا علي عه جي محبت ايمان ڪامل جي نشاني آهي: عبدالفتاح عباسي

مولاءِ ڪائنات سيدي مرشدي اميرالمومنين حضرت سيدنا علي المرتضيٰ شير خدا رضي الله تعالي عنه اسلامي تاريخ جو اهو نالو آهي جنهن جي هر پاسي کان قربانين جو ذڪر واضع ۽ عيان آهي پاڻ سخي،شجاعت ۾ عاليشان،صبر جا پيڪر،سادگيءَ جا مالڪ ۽ مهمان نوازي ۾ هڪ انمول حيثيت رکندا هئا.سندن جي والد مبارڪ جو اسم پاڪ حضرت ابو طالب رضي الله عنه هو.مولا علي شير خدا رضي الله عنه جو لقب ابو تراب يعني زمين جو ابو ڇاڪاڻ ته پاڻ سادگي پسند هئا ان لاءِ اهو لقب مليو.پاڻ سرور ڪائنات رحمت عالميان حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جا سئوٽء هئا.سندن جي ولادت پاڪ خانه ڪعبه ۾ ٿئي ٿي هي انهن مبارڪ هستين مان آهن جن لاءِ سائين ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن بشارت ڏني ته اهي جنتي آهن يعني عشره مبشره مان آهن.حضرت علي المرتضي شير خدا رضي الله عنه جو سيده خاتون جنت حضرت بيبي فاطمه زهره رضي الله تعالي عنها سان نڪاح ٿيو جنهن مان ڪائنات جا حسين و جميل شهزاده حضرت سيدنا امام عالي مقام، امام حسن رضي الله تعالي عنه ۽ حضرت سيدنا امام عالي مقام،امام عرش مقام، امام ڪون و مڪان،امام حسين رضي الله تعالي عنه جن جي پيدائش ٿي جن جي عظمت بلندي جو ذڪر تاريخ اسلام ۾ ڪيڏو نه عظيم ۽ اعليٰ آهي.حضرت مولا علي شير خدا رضي الله تعالي عنه بهادري،شجاعت،رحمدلي،سخاوت،سادگي ۽ صبر جي معاملي ۾ عرب و عجم مشهور هئا.سندن رياضت، عبادات،زهد و تقويٰ جي ڪمالات تي هيا پر ڪڏهن به عاجزي انڪساري کان ٻاهر نه ويا هميشه رب العالمين جي بارگاه ۾ عجز جي حالت ۾ رهيا.ڪروڙين اربين،کربين اولياءَ الله سندن جي فيضان سان مستفيض آهن.سندن جو ارشاد آهي ته زمين تي خدا پرست ۽ اطاعت ڪندڙ قائم هوندا.پاڻ خوش بيان ۽ فصيح ۽ معروف خطباءَ ۾ هوندا هئا.سندن جي الله ڪريم جي پاڪيزه ڪلام پاڪ سان بي انتها محبت عقيدت ۽ هر معاملي ۾ قرآن پاڪ کان زندگيءَ جي هرموڙ تي رهنمائي حاصل ڪرڻ زندگيءَ جو مقصد هو.حضرت مولا علي مشڪلڪشا شير خدا رضي الله تعالي عنه جن کي پنهنجن نالن مان ابو تراب ڏاڍو پسند هوندو هو۽ انهي نالي تي خوش ٿيندا هئا.انهي ڪري جو هڪ ڏينهن پاڻ مسجد شريف جي ڀت جي ڀرسان سمهايا پيا هئا ته پٺي مبارڪ کي مٽي لڳي وئي هئي.انهي موقعي تي سائين ڪريم صلي الله عليه وسلم به تشريف فرما ٿيا ۽ حضرت علي المرتضي رضي الله تعالي عنه جي پٽي مبارڪ تان مٽي پري ڪري فرمايو ته ”اجلس ابا تراب“ هي حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جو عطا ڪيل خطاب سندن کي سڀني نالن کان وڌيڪ پيارو لڳندو هو.حضرت علي المرتضي شير خدا رضي الله عنه جا تمام گهڻا فضائل آهن حضرت سعد بن وقاص کان روايت آهي ته حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم تبوڪ جي جنگ جي دوران حضرت علي شير خدا رضي الله عنه جن کي مدينه پاڪ ۾ اهلبيت پاڪ جي حفاظت جي لاءِ رکيو.حضرت علي رضي الله عنه عرض ڪيو ”آقا يارسول الله صلي الله عليه وسلم توهان مون کي عورتن ۽ ٻارن ۾خليفو بڻايو ٿا.حضور صلي الله عليه وسلم فرمايو ڇا توهان راضي ناهيو جو توهان کي منهنجي درٻار ۾ اهو مرتبو حاصل ٿئي جيڪو حضرت هارون عليه السلام کي درٻار حضرت موسيٰ عليه السلام ۾هيو.اها ٻئي ڳالهه آهي ته مون کان پوءِ ڪو به نبي نه آيو.

حضرت سهل بن سعد رضي الله عنه کان روايت آهي ته حضور ڪريڪ صلي الله عليه وسلم خيبر جنگ جي موقعي تي فرمايو ته مان سڀاڻي جهنڊو انهيءَ شخص کي ڏيندس جنهن جي هٿ تي الله تعالي فتح فرمائيندو.۽ اهو الله ۽ رسول کي محبوب رکندو آهي ۽ الله ۽ رسول ان کي محبوب رکندا آهن.جنهن کان پوءِ تمام صحابه اڪرام جي دل جي آرزو هئي ته جيڪر اهو ڪرم عنايت سندن جي نصيب ۾ ٿئي.سندن جون اکيون انهيءَ وقت جي انتظار ۾رهڻ لڳيون ته شل فتح جو جهنڊو عطا ٿي وڃي پر علي المرتضي شير خدا رضي الله عنه جن کي مليو۽ حضور صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ” علي مون مان آهي ۽ مان علي مان“ انهيءَ مان حضرت علي المرتضيٰ شير خدا رضي الله تعالي عنه جو ڪمال بارگاه رسالت مان ظاهر ٿئي ٿو.حضرت علي شير خدا رضي الله عنه فرمائن ٿا ته”بيشڪ مون کي آقا يارسول الله صلي الله عليه وسلم ٻڌايو ته مون سان ايماندار محبت ڪندا ۽ منافق بغض رکندا.“مديني جي آقا رحمت عالميان صلي الله عليه وسلم فرمايو ته”علي رضي الله تعالي عنه کي ڏسڻ عبادت آهي.۽ جنهن علي کي ايذاءَ ڏنو ان مون کي ايذاءَ ڏنو. حضرت علي المرتضي شير خدا رضي الله تعالي عنه جن وٽان ئي سلسله طريقت جاري ٿين ٿا ۽ سندن جو فيضان نه صرف سلسله عاليه قادريه تائين آهي پر سندن جو فيضان سلسله عاليه نقشبنديه،چشتيه،سهرورديه ۾ پڻ عام و خاص لاءِ يڪجاءَ معرفت الاهيءَ جي رضا سان جاري و ساري آهي.

سيدي مرشدي مولائي ڪائنات حصرت مولا علي مشڪل ڪشا شير خدا رضي الله تعالي عنه جن کي الله جي بارگاه ۾ عجز انڪساري جي معاملي ۾ وڏو شوق جذبو هيو جنهن ڪري ئي نماز فجر جي لاءِ ”صداءِ مدينه“ لڳائڻ لاءِ صبح جو سوير اٿي ٻين مومنن مسلمانن کي به نيڪيءَ جي دعوت ۾ حصيدار بڻائڻ لاءِ ”الصلوات خير من النوم“ نماز ننڊ کان بهتر آهي جي صدا لڳائيندي لڳائيندي مسجد طرف ايندا هئا.جيئن ٻيا مومن به نماز جي تياري ڪري سگهن۽ الله جي بارگاه ۾ انهن کي به رضاءِ الاهيءُ جو موقعو ملي سگهي. شير خدا مولا علي رضي الله عنه جي محبت ايمان ڪامل جو حصو ۽ خاص نشاني آهي جيڪڏهن علي سان محبت ڪندڙ هوندو ته انجي پاڪيزه سيرت پاڪ جو عاشق ۽ پروانو هوندو انجي اهلبيت پاڪ سان پنهنجي تن من ۽ ڌن کان به وڌيڪ محبت ڪندڙ سچو عاشق رسول صلي الله عليه وسلم ئي ٿي سگهي ٿو.عشق ۽ محبت جي خواهش آهي ته مولا علي شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جي نجف اشرف عراق مقدس جي زيارت نصيب ٿئي ۽ ان پاڪ در جي قدم بوسي سان روحاني رمز نصيب ٿي وڃي هر هڪ مسلمان مومن جي اها تمنا ۽ خواهش آهي ته مڪي ،مديني ،نجف اشرف ۽ ڪربلا مولا جي سعادت نصيب ٿئي.اهي ڏينهن ڪيڏا نه ڀلارا ۽ متبرڪ هوندا جڏهن انهيءَ ڪعبي ۾ ولادت حاصل ڪندڙ هستي جي بارگاهه ۾ حاضري ملي وڃي اها حاضري دنيا ۽ آخرت جو عظيم تحفو آهي شال هر مسلمان مومن کي نصيب ٿي وڃي.

آمين ۽ اهو ياد ڪرڻ کپي ته علي شير خدا رضه کي پنهنجي رب ڪريم جي عبادت ۾ نماز سان بي انتها محبت هوندي هئي جڏهن به آزان ايندي هئي ته نماز جي لاءِ مسجد ڏانهن پهريان پهريان ويندا هئا جيئن پهرين صف ملي وڃي ڇاڪاڻ ته پهرين صف ۾ نماز جي پڙهڻ جو وڏو ثواب ۽ مرتبو احاديث ۾ اچي ٿو.انهي لاءِ نماز جي باري ۾ الله پاڪ جي پياري محبوب صلي الله عليه وسلم جو فرمان آهي ته نماز منهنجي اکين جي ٿڌاڻ آهي،نماز مومن جومعراج آهي،نماز پل صراط تي آسانيءَ جو رستو آهي،نماز براين کان بچائي ٿي نماز ئي آهي جيڪا رب العالمين جي ويجهو پنهنجي ٻانهي کي ڪري عجز انڪساري، عاجزي ،نياز ۽ نوڙت جو درس ملي ٿو.انهيءَ لاءِ حضرت ِ علي شير خدا رضي الله عنه سان محبت ڪندڙ نماز جي پابندي ڪري پنهنجي رب پاڪ جي راضپي جو سبب بڻجي وڃو ۽ انهي ۾ اسان سڀني جي ڀلائي سمايل آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *