تازيون خبرون

ملڪ جي ترقي ۽ نوجوانن جو ڪرادر .!!!! : غلام مصطفيٰ جمالي

ملڪ جي ترقي ۾ نوجوان جو اهم ڪردار  رهيو آهي پر هن وقت نوجوان تمام گهڻي پريشاني واري زندگي گذاري رهيا آهن .جنهن جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ بي روزگاري آهي .مان سمجهان ٿو  ته جيڪڏهن ڪنهن به مسئلي کي سامهون رکي انهي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي  ته ڪو به اهڙو مسئلو ناهي جيڪو حل ٿي نه سگهي.!! پر هر روز ملڪ ۾ وڌندڙ ڪرپشن جي اُڏار ملڪ کي آسمان جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو آهي، هر اداري ۾ ميرٽ جي لتاڙ ٿي رهي.!! نوجوان ملڪ جا سرمايا آهن ملڪ جا مسبقل آهن پر اڄ جو پڙهيل لکيل نوجوان ڊگريون کڻي دربدر واري زندگي گذاري رهيو آهي، وڏيون وڏيون ڊگريون کڻي نوجوان پٽيوالي جي پوسٽ لاءِ قطارن ۾ بيٺل انهن نوجوان جي درد کي هن ملڪ جا سياسي ڪامورا ڇا سمجهن پر افسوس ته اهو آهي ته جيترو ويڌن هن ملڪ جي پڙهيل لکيل نوجوانن سان آهي اهڙو ويڌن ڪٿي به ڪانهي .!!هن ملڪ اندر سفارشي دور آهي اڻ پڙهيل لاءِ ته پوسٽون آهن پر هڪ پڙِهيل لکيل نوجوان لاءِ صرف ۽ صرف ڌڪا ٿاٻا،  هن ملڪ ۾ نوڪريون انهن کي ملنديون آهن جن جي سفارش هجي يا جن وٽ پيسئو هجي پوءِ چاهي اهي نوڪرين جا اهل هجن يا نه پر کين نوڪري ِضرور ملندي آهي.!! جڏهن ته   وڏيون ڊگريون رکندڙ غريب نوجوان اهائي دربدري واري زندگي بسر ڪري رهيا آهن.!!سفارش تي ڀرتي ڪيل ماڻهو  جيڪي نوڪري جا اهل ئي ناهن هوندا انهن کي نوڪريون ملنديون آهن،  جنهن ڪري ملڪ جا ادارا تباهي جي ڪناري تي اچي پهتا آهن اهي نااهل ماڻهو وڏن آفيسرن جي چاپلوسي ڪري انهن کان نوڪري وٺي عيش آرام واري زندگي گذاري رهيا آهن پر انهن کي خبر ناهي ته سندن نڙي مان گذرندڙ  حرام جو هڪ گرهه به اذيت ناڪ آهي،،،وڏن وڏن نارن ۽ روڊن ۽ چوڪن تي پنهنجي نالي جا پيناپيلڪ لڳائي نوڪري وٺندڙ اهي انسان،  غريب مسڪينن جي حقن جي سري عام لتاڙ ڪري رهيا آهن، پر انهن کان به ڪير پڇي ئي نٿو.!! ڪيترن ئي غريب مسڪينن کي ميرٽ تي نوڪري نه ملڻ سندن اڳيان هلي ڪري اعليءِ  تعليم حاصل ڪرڻ جي ادراي کي پست ڪري ڇڏيو آهي.! هٿن ۾ فائلون  کڻي در در جا ڌڪا کائيندڙ  نوجوان هاڻي تعليم حاصل ڪرڻ بجاءِ مزدوري ڏانهن لاڙو ڪري رهيا آهن ۽ مختلف هنر سکي رهيا آهن جنهن جو اثر شرح خوانگي تي پيو آهي جڏهن ملڪ ۾ ناانصافي راڄ ڪري ۽ حقڪدار کي پنهنجو حق نه ملي ۽ سندن حقن تي داڙو لڳي اهو ملڪ روشن مستقبل جا خواب ڪيئن ٿو ڏسي سگهي.!! ۽ اڄ ان  ملڪ جي  نوجوان کي مايوسي جي منهن ڏسڻو ٿو پوي پر سندن سينن مان حب وطني به ختم ٿي ويندي آهي ۽ پڙهيل لکيل نوجوان غلط رستن جي طرف لاڙو ڪرڻ  شروع ڪري ڇڏيندا آهن جنهن ۾ چوري،ڦرون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن جنهن مان ملڪ کي فائدو ملڻ بجاءِ نقصان ملي رهيو آهي ڪيترائي نوجوان نوڪريون نه ملڻ ڪري ملڪ کان ٻاهر هليا ويا آهن جتي سندس ڊگرين  جي اهميت ڏسي کين سٺِي پوسٽن تي مقرر ڪيو ويندو آهي جن ڪري اهي ملڪ اسان جي تعليم يافته نوجوانن جي ڊگرين مان فائدو وٺِي رهيا آهن .!!

پرهن  ملڪ اندر شفارش ۽ جعلي ڊگرين تي ڀرتي ٿيل ماڻهن  ملڪ جي ترقي ڏيڻ بجاءِ  ملڪ کي هڪ وڏي بحران ۾ وجهي ڇڏيو آهي ملڪ  اندر جڏهن به نئين ڀرتين جو اشتهار ايندو آهي ته ان اشتهار ۾ هڪ خاص لفظ لکيل هوندو آهي جنهن کي(ميرٽ)سڏيو ويندو آهي  پر افسوس ته اهو لفظ هاڻ صرف تقريرن جي زينت بڻيل آهي،پر جيڪڏهن ميرٽ تي نوڪريون  ڏنيون وڃن هان ته  ملڪ هن وقت وڏي  ترقي جي راهه تي هلندڙ هجي هان. ۽ نوجوان ترقي جي طرف ملڪ سان گڏ اڳرا هجن هان پر هن وقت بيروگاري ايتري ته وڌي وئي آهي جو هر ڪو پڙهيل لکيل نوجوان ميرٽ تي نوڪري نه ملڻ ڪري مايوسي سبب ڊپريشن جو مريض ٿي ويو آهي جنهن جو ڇوٽڪارو  صرف ۽ صرف بهتر زندگي آهي جن ۾ کين سندن حق مهيا ڪيا وڃن ۽ اهي نوجوان ملڪ جي خدمت ڪري ملڪ کي هڪ وڏي بحران مان ڪڍي سگهن ٿا ملڪ جو موجوده صوتحال ڪري سندس زبانن تي انقلاب جا نعرا آهن ۽ انهن نارن کي خاموش ڪرڻ لاءِ حڪومت هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي سوچڻ گهرجي ۽ ملڪ اندر ڊگرين يافته نوجوان کي زندگين جي باري ۾ سوچڻ گهرجي نوجوان کي پنهنجا حق مهيا ڪيا وڃن ته جيئن هو اهڙي موذي مرض مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن حيلا، وسيلا ۽ ذريعا انسان کي پنهنجين لياقتن ۽ صلاحيتن کي اڀارڻ ۽ اجاگر ڪرڻ ۾ وڏي مدد فراهم ڪندا آهن ڪيترائي اهڙا انسان جڪي ڪجهه به نه هئا  جڏهن کيس محمود جي روپ ۾ حيلا، وسيلا ۽ ذريعا ملي ويا ته وڏا ماڻهو بڻجي ويا ۽ هن جون ذاتي صلاحيتون نکري بيٺيون. پر هن ڌريي امڙ سنڌ ۽ هن جي رهندڙ سنڌ واسين جي نصيب ۾ حيلن، وسيلن ۽ ذريعن جي کوٽ رهي آهي  اها انهي ڳالهه ناهي ته سنڌ ۽ وسيلا آهن يا سنڌ ڌرتي ۾ وسيلن جي کوٽ آهي    ۽ جڏهن به ڪنهن قوم جو اهڙو حشر ٿيندو آهي يا ڪيو ويندو آهي ته پوءِ اها قوم اڻ ڏٺين قوتن ۽ معجزن ۾ ايمان رکڻ شروع ڪندي آهي. هن جي لوچ ته گهٽجي ويندي آهي پر سوچ ۾ اضافو اچي ويندو آهي . انهيءَ سوچ جو بنياد وري وهم ۽ وسوسا بڻجي پوندا آهن ۽ هر ڪنهن فرد جي بصيرت مفروضن تائين محدود ٿي ويندي آهي.

اسان جو اهو ئي حشر آهي ۽ اسان انهيءَ موڙ تي پهچي چڪا آهيون. مفروضا ، وسوسا ۽ وهم اسان جي زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ واهيرا ڪري ويٺا آهن. ان ڪري اسان حالتن، واقعن ۽ فردن جي جاچ پڙتال سائنسي بنيادن تي ڪري نه ٿا سگهون، پر ان جي برعڪس انهن بابت پاڻ ڪو نه ڪو مفروضو ٺاهي، انهيءَ تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهون ٿا. تاريخ ۽ تحقيق جي صحت ۽ سند اسان جي انهيءَ مفروضاتي سوچ ڪري مُرجهي پئي آهي. سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد انهيءَ مفروضاتي روين جي ور چڙهي اسان کان اوجهل ٿي ويو آهي . اسان جي مفروضاتي سوچ جو اهو عالم آهي جو سابق وزير اعظم پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽي کان زندهه رهڻ جو حق کسيو ويو، سندس مزار جڙي وئي، پر ڪيترا ماڻهو ڪيتري وقت تائين اهو مڃڻ لاءِ تيار ڪونه رهيا ته ڪو سابق وزير اعظم هاڻي هن دنيا ۾ ڪونه رهيو آهي اسان جڏهن ڪنهن کي ”مادي ترقي“ ڪندي ڏسي برداشت ڪري نه ٿا سگهون ته پوءِ قومي ڀلائي جي نالي ۾ اسان جي جاکوڙ ڇاجي لاءِ آهي؟ ۽ ڪنهن جي لاءِ آهي؟ پوءِ اديب جيڪڏهن ڪتاب لکي ته هن رنڍا نه روڙيا ته ٻيو ڇا ڪيو؟ پوءِ جيڪڏهن سماجي ڪارڪن ڪٿي اکين جي ڪئمپ هڻائي ته ڇا ٿيو؟ پوءِ جيڪڏهن ڪنهن سياستدان قوم جي سورن تي ڳوڙها  وهايا ته ڇا ٿي پيو؟ اهڙيءَصورتحال ۾ اسان جو هر قلم – ڌڻي ، هر ڪو سماجي ڪارڪن۽ هر ڪو سياستدان ايئن ڪري رهيو آهي، ڄڻ کوهه ۾ مئل ٻلو موجود آهي ۽ هو ٻه ٽي سو باٽليون  پاڻيءَ جون ڪڍي دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهيو آهي ته ايئن ڪرڻ سان هو کوهه کي پاڪ ڪري ڇڏيندو. اسان جي اديبن، سماجي ڪارڪنن ۽ سياستدانن جو انهيءَ ڪري دڪو داخل نه ٿو ٿئي ۽ هنن جي  ڳالهه ۾  ان ڪري اثر پيدا نه ٿو ٿئي جو هو سماج جي داخلي خلفشارڏي توجهه نه ٿا ڏين. اسان مان هرڪو جو هينئن اهڙي عذاب جي اوڙاهه ۾ رجهي رهيو آهي ، ۽ اسان جو هنئن هڪ ٻئي جون ٽنگون ٻانهون ۽ سسيون لڻي رهيا آهيون ته ڪنهن به اسان کي هن آپگهاتي عمل کان روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. اسان جهڙوڪ ايئن پيا ڪيون ته ڪو غير اسان کي نه ماري باقي اسان هڪ ٻئي کي ڀلي ته گجر جيان ڪٽيندا رهون.ڪنهن خارجي مثبت تبديلي آڻڻ يا ان لاءِ ڪوشش ڪرڻ کان اڳ ”داخلي تبديلي“ نهايت ضروري ۽ اهم آهي. اسان جي سماج جي وجود کي اندران ئي اندران داخلي خلفشار، اجائي اختلاف ۽ بنا سبب دشمنيءَ واري ٽي بي وڪوڙي چڪي آهي ، ۽ اسان جو زور وري انهيءَ مريض جي هٿ منهن ڌوئڻ تي رهيو آهي. هي اسان جي عوام دوست ۽ ڌرتيءَ دوست ساٿين لاءِ هڪ اهم ايجنڊا آهي، انهيءَ کي نظر انداز ڪرڻ اسان سمورن جي ناقابل تلافي غلطي ٿيندي. اسان پنهنجي گهر ۾ موجود نانگ کي کير پيئاري، گهر ۽ در کان ٻاهر نانگ کي مارڻ سان بچي نه ٿا سگهون. ان ڪري اسان کي اڳ ۾ اها هٽ لسٽ ڦاڙڻي پوندي، جنهن ۾ هر ڪنهن جو نالو لکيل آهي، جيڪا اسان پاڻ ٺاهي آهي.

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *