تازيون خبرون

ملڪي سياست جي جھلڪ ۽ ڪجھه حقيقتون: ڪامريڊ منان چانڊيو

ميان نواز شريف پاناما پيپرس, جي آء ٽي ۽ عدالت سڳوري جي ٽه طرفي طاقت ۽ غيض غضب جي پڪڙ ۾ اچي اسلام آباد جھڙي بي وفا پر پُررونق شھر ۾ قائم پرائيم منسٽر ھائوس جي رنگين ڪمرن بخملي بيڊن سونھري صوفن بادامي باٿ رومن مان بي دخل ٿي وزارت عظمي کي مجبوري مان الوداع چئي اکيون اشڪبار ڪندي ۽ غمذده چھرو بنائيندي ويندي ويندي پوئتي منھن ڪري ڪنڌ ھيٺ ڪري چپ بند ڪري مٺيون ڀڪوڙي آھستي آھستي قدم کڻي نڪتو ھوندو ته اھو منظر سندس جي لئه ڀوائتو ۽ عجيب غريب ھيو, خير اھو پھريون ڀيرو نه ھيو جو ميان صاحب پي ايم ھائوس مان رسوا ٿي پھريون جيل پوء ڀلي پار ۽ بعد ۾ رائيونڊ جھڙي وادي جنت ۾ داخل ٿيو ھجي پر پوء به گذريل جولاء جي 28 تاريخ وارا اھي لمحا ھن لاء ڪنھن وڏي المئي کان گھٽ نه ھيا جڏھن سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ متفقه راء سان کيس صادق ۽ امين نه ھئڻ ڪري نااھلي جو مٿس ٺپو ھڻي گھر ڀيڙو ڪري ڇڏيو, ۽ اھڙي ريت ھو ,ٻين ڪيترن ئي پنھنجي ھم منصب معززين ۽ محترمين جي ڊگھي قطار ۾ وڃي جڳھ والاري, اسان پنھنجي وڏڙن کان پشت به پشت ٻڌندا پيا اچون ته وقت جي اعلي عدالتن يا قاضي ڪورٽن جي منصفن جي قلم جي نوڪ جتي ھڪ مظلوم ڌر ۽ فرد جي گردن ڪٽڻ لاء استعمال ٿئي آھي,اتي وري بادشاھن راجائن ۽ حڪمرانن پاران مقرر ڪيل ڪھارن ۽ جلادن جي تلوارن نيزن خنجرن سنگينن جون تکيون تيز چوٽين به ساڳيو ڪم سرانجام ڏنو آھي , اھا پڻ حقيقت آھي ته ازل کان ئي عدالتون قاضي ڪورٽون ۽ بادشاھتون ھڪ ئي دڳ تي ھلندي پنھنجي مفادن واري طئه ٿيل منزل طرف روان دوان آھن , پر ڪڏھن ڪڏھن انھن ۾ اڻبڻت پيدا ٿيڻ جي ڪري ھڪٻئي جي رچايل راند ۾ رس چس نه رھندي آھي جنھن ڪري معاملا بگڙجي ويندا آھن ۽ نتيجن اصل معاملو منظرعام تي اچي ويندو آھي ۽ ھمراھ سياري واري سوڙ پاڻ ڏانھن سورڻ کي لڳي ويندا آھن بھرحال ماضي جي پڳ مٽ يارن ۾ ڪھڙن سببن جي ڪري ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي آھي ان جي سربستي خبر کين ئي ھوندي, ميان صاحب پي ايم ھائوس کان تڙجي ٻارنھن ڏينھن تائين ڪوھ مري جي من موھيندڙ نظارن ۽ ٿڌڙين ھوائن جي مرڪزي وادين ماٿرين ۾ رھڻ کانپوء جنت الفردوس جون سڪون لاھڻ ۽ منظر پيش ڪندڙ رائيونڊ روانو ٿيو ته ساڻس کوڙ خدائي خلق اوڏانھين راھي ٿئي رمندي رھي ۽ مزي جي ڳالھ ته جنھن راولپنڊي جي راڻن سندس جي بقول کيس اقتداري سيج تان جولاء مھيني جي ٽاڪ منجھند جو اٿاري ڇڏيو تنھن راولپنڊي عرف ڪوفي شھر ۾ پھرين رات پنھنجي حامين سميت بصر ڪئي, اسان راولپنڊي کي ڪوفي شهر سان نسبت ان ڪري ڏيون ٿا ت اتي ملڪ جي هڪ پهرين اڻ چونڊيل وزير اعظم لياقت علي کي سرڪاري تقريب ۾ اسٽيج تي گولين سان گهائي ڇڏيو ,

هڪ ٻئي پهرين چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي جسٽس مولوي مشتاق ۽ جسٽس ايس انوارالحق جي ٿرو تارا مسيح جهڙي بدنام زمانا جلاد هٿان ٽياس تي ٽنگائي ڇڏيو ۽ اهڙ ي ريت هڪ ٽئين وزير اعظم محترما بينظير ڀٽو جنهن کي اسلامي دنيا جي پهرين ۽ پوري دنيا جي ننڍي عمر واري وزيراعظم جو اعزاز مليل هيو , تنهن کي پڻ هڪ رٿابندي تحت قتل ڪيو ويو ان ڪري اهڙن بيدردانا ۽ جئ جهريندڙ سانحن برپا ٿين ڪري راولپنڊي کي وزيراعظمن جو قاتل شهر پڻ چئي سگهجي ٿو , بھرحال ميان محمد نواز شريف نااهل ٿيڻ کان پو۽ اسلام آباد کان جيٽي روڊ رستي لاهور تائين چند ڪلاڪن وارو فاصلو چئين ڏينهن اندر طئه ڪري وڏي ڌام ڌوم سان لاھور پھتو ميان صاحب جي ان عوامي قافلي ۽ سفر ۾ ڪھڙا ۽ ڪيترا ماڻھو گڏ ھيا ۽ رستي ۾ ماڻھن جا ھجوم ھيا يا ولر , ھن جو والھانه يا معمولي استقبال ٿيو اھي ڳالھيون به وڏي اھميت رکن ٿيون ليڪن سڀ کان وڌ ھن ۽ ھن جي ساٿين لئه جيڪا خوشي جي خبر يا سٺو سوڻ ھيو اھو نوازليگ جو وکرڻ کان بچي وڃڻ آھي , ڇو ته عام راء اھا ھئي ته ميان صاحب جي نااھلي کانپوء سندس پارٽي مختلف گروپن ۾ ورھائجي ويندي يا وري ليگي ھمراھ ٻين سياسي پارٽين ڏانھن پرواز ڪندا يا مورڳو ئي سياست کي خيرباد چئي ذاتي ڌنڌن ۾ جنبي ويندا جيتوڻيڪ ميان صاحب جي ڪابينا جو طاقتور دادلو ۽ رسڻو وزير چوڌري نثار علي خان فلحال مڙئي ڪجھ ڪنڊائتو ٿي چيلھ جي سور کي گھٽائڻ جون تدبيرون ڪرڻ ۽ ستيون ڦڪيون ڦڪڻ کي اوليت ڏئي رھيو آھي, ھا ٻئي اھا ڳالھ پڻ چئي پئي ويئي ته ميان صاحب نااھل ٿيڻ کان ڪجھ وقت لئه سياسي ڪومه ۾ ھليو ويندو ۽ جاتيء امراء ۾ آرام ڪرڻ کانپوء رائوينڊ جي تبليغي مرڪز ۾ وڃي اتان روحاني فيض پندو, پر ائين ڪون ٿيو ۽ يار , مين نھي مانتا , جي ٻولي ٻولڻ شروع ڪري ڏني آھي ھن نه صرف پاڻ سان سندس جي چوڻ موجب ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين جي بي واجبي ۽ ڏاڍ مڙسي جي دانھن ڪئي آھي پر سائين جي ايم سيد, نواب اڪبر بگٽي شيخ مجيب سردار عطاءُ اللله مينگل نواب خيربخش مري خان غفار خان سميت ٻين سنڌي بلوچ پختون ۽ بنگالي قومپرست ترقي پسند سياستندانن توڙي ذوالفقار علي ڀٽو بيظير ڀٽو محمد خان جوڻيجو يوسف رضا گيلاني سميت ٻين وزيراعظمن سان ٿيل ذيادتن جي ھڪ ڊگھي رام ڪھاڻي ٻڌائڻ لڳو آھي, ۡحيرت جي اھا ڳالھ آھي ته ميان صاحب کي مس مس وڃي ھاڻي اھو پتو پيو آھي ملڪ جي ڪروڙين ووٽرن جي ووٽن تي سوين چونڊيل عوامي عيوضن تي مشتمل پارليامينٽ جي معرفت متخب ٿيل وزيراعظم کان وڌيڪ به ڪي سگھاريون قوتون ٿينديون آھن جن کي جنرلز ججز ۽ اسٽيبلشمينٽز چيو وينديو آھي جن جي عقابي نظرن شاتر ذھنن فولادي ھٿن خاڪي وردين سونھري قلمن ۽ من پسند فيصلن کان ويچاري خدائي خلق ۽ انھن جي نمائندن جي بولتي بند ھوندي آھي ته ڇا اھڙن ازغيبي ادارن ۽ قوتن کي جيڪي بي رحمانه ناقابل شڪست اختيار مليل آھن سي کين ڄائي ڄم کان ورثي ۾ نصيب ٿيا آھن يا اسان وارن چونڊيل ھمراھن پاڻ وڻائڻ لئه پارليامينٽ هي زريعي ملڪ جي آئين ۾ ڏنگيون ۽ڦڏيون ترميمون ڪري منجھس ڪيتريون ئي اڻ ڳڻيون ۽ سمجھ ۾ نه ايندڙ آرٽيلڪز ۽ شقون چنبڙائي پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو ھڻي خود کي ھيڻو ڪنھن نه وھيڻو ۽ لڪير جو فقير بنائي ڇڏيو آھي , انڪري جيڪو ڌڪ لڳي سو ڪاڻي اک ۾ , بھرحال ميان صاحب کي ھاڻي اھا پرک پئي آھي ته ھتي جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو سلسلو ھلندڙ آھي ۽ ان کي ھاڻي ھلڻ نه ڏبو , ميان صاحب اسلام آباد کان لاھور تائين جيڪو عوامي لشڪر ساڻ ڪري پھتو ته رستي ۾ ننڊن توڙي وڏن شھرن ۾ پنھنجي پارٽي جي متوالن جي پُرھجوم ميڙاڪن کي جوش جذبي ۽ وڏي وات خطاب ڪندي چيو ته مان ھاڻي انقلابي ۽ نظرياتي سياستدان ٿي ويو آھيان انڪري مونکي اھو پڪي پروڙ پئجي وئي آھي ته ڪن آڱر تي ڳڻڻ جيترن مخصوص قسم جي ڌرين ادارن ۽ فردن پنھنجي سياسي اقتداري ۽ مالي مفادن جي حاصلات لاء ھڪ طرف ملڪي ماڻھن جي معاشي سماجي ثقافتي ۽ انساني حقن کي پائيمال ڪيو آھي ته وري ٻئي طرف جھموري ۽ عوامي حڪومتون تي راتاھا ھڻي لاتعداد وزيراعظمن کي آئيني ۽ قانوني طور تي پنھنجي پنھنجي حڪومتن جو مدو پورو ڪرڻ ڪون ڏنو آھي, اسانکي ميان صاحب جون حقيقت تي مبني ڳالھيون اکين تي آھن پر ميان صاحب توھان تمام گھڻي دير ڪري ڇڏي آھي انڪري ڏڌل کير ٿڻن ۾ واپس ڪون ورندو آھي آخر ۾ ملڪ جي سڀني سياستدانن کي اپيل ٿا ڪيون خدارا عام ماڻھن ۽ پنھنجو پاڻ تي رحم ڪري ماضي جي غلطين کي نه ورجايو ۽ انھن جي ناڪاري نتيجن مان سبق پرائي غير جھموري قوتن جي غلط روين ارادن ۽ عملن جي راھ ۾ رڪ جي ديوار بنجي وڃو,.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *