تازيون خبرون

معصوم سنڌو جون خون به لڙهي ويو؛ڊاڪٽر رابيعه چانڊيو

ٻار ڪائنات جو حُسن هوندا آهن، جيڪي معصوميت ۽ انوکائپ سان ڀرپور هوندا آهن. بلڪل انهن رنگين پوپٽن ۽ گلڙن وانگر هجن ٿا جيڪي سموري چمن کي باغ بهار بنائن ٿا، جن جون ٻاتڙيون ٻوليون سڪون بخشن ٿيون، جيڪي دنيا جي هلچلن ۽ وحشتن کان اڻڄاڻ هجن ٿا. اهي ته بس پيار ۽ پاٻوهه جا منتظر هوندا آهن. پر اسان جي ملڪ اندر ٻارن سان اختيار ڪيل رويا نهايت ئي افسوس جوڳا آهن، اهي معصوم ٻار جن ڪڏهن دڙڪو به نه ٻڌو هوندو، سي ڪن وحشي صفت درندن جن کي انسان سڏڻ به انسانيت جي توهين ٿيندي، تن جي هٿان حوس جو نشانو بنجن ٿا. جيئن لاڙڪاڻي جي معصوم سنڌوءَ سان ٿيو، جنهن کي 27 ڊسمبر 2014 تي ڪجهه حيوانن پنهنجي حوس جو نشانو بنائڻ بعد گُهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. اهي احساسن کان خالي جن کي حيوان سڏڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو تن بلڪل به اهو نه سوچيو ته اهي نه صرف سنڌوءَ جي تذليل ڪري رهيا آهن، بلڪه پوري انسانيت جي تذليل ڪري رهيا آهن، معصوميت جو قتل ڪري رهيا آهن، ڪائنات جو حسن ختم ڪري رهيا آهن. ڪنهن ماءُ جي جهولي خالي ڪري ان سان سلهاڙيل سوين اميدن جو به قتل ڪري رهيا آهن. اهي درندا ته بلڪل انهن طالبانن وانگر هجن ٿا، جيڪي پنهنجي ذاتي خواهشن جي ڪري معصوم ٻارن جو قتل ڪن ٿا، جيڪي اسان جي سماج ۾ بلڪل ڪنهن وائرس وانگر پکڙجي رهيا آهن.پر تازو ئي سنڌوءَ جي امڙ جوابدارن کي سڃاڻڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته ميڙ کڻي اچڻ تي سندس امڙ جوابدارن کي خون معاف ڪري ڇڏيو آهي. ان جي پويان ڪهڙو سبب آهي؟ جيڪا ماءُ پنهنجي معصوم نياڻي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪيترن ئي مهينن تائين تڙپندي رهي، جيڪا نٽهڻ اُس ۾ ڪورٽن جا ڌڪا کائيندي رهي، جنهن ماءُ کان سندس جگر جو ٽڪرو کسيو ويو هجي، اها ايتري آسانيءَ سان پنهنجي ٻچي جو خون ڪيئن ٿي لوڙهي سگهي؟ يا سنڌوءَ جي امڙ کي جبري طور ڌمڪائي سندس ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ چيو ويو آهي؟ ڇا ميڙ کڻي اچڻ سان سنڌوءَ جي خون جو ازالو ممڪن آهي؟ سنڌوءَ جي امڙ ته هر پل نئين موت مرندي هوندي، جنهن جي ٻچي کي انصاف پلئه نه پئجي سگهيو ۽ هر حساس دل ماڻهو اهو به محسوس ڪري رهيو هوندو ته سنڌو جو روح به برابر تڙپي رهيو آهي، جنهن سان انصاف ٿي نه سگهيو.اسان جي سماج ۾ نياڻين ۽ معصوم ٻارن مٿان وڌندڙ وحشتن جو انت رڳو ان ڪري نٿو اچي جو ڏوهاري ڏوهه ڪرڻ بعد عام رواجي ڳالهيون اپنائي يا وري سندن مائٽن کي ڌمڪائي خاموش ڪرائن ٿا، ۽ اسان جون عدالتون به جوابدارن کي آزاد ڪيو ڇڏين. هر مهذب ملڪ ۾ ٻارن جي حفاظت جي لاءِ مڪمل قانون جڙيل آهن، جتي ٻارن کي دڙڪو ڏيڻ تي به سزا ۽ ڏنڊ وارو قانون جڙيل آهي ۽ اتان جا ٻار به بي خوف ۽ پُرسڪون زندگي گذاري رهيا آهن پر افسوس جو اسان جي ملڪ اندر هر روز ٻارڙا ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان وحشتن جو نشانو بنجن ٿا ۽ ڏوهاري بي ڊپا ٿي پنهنجي ڏوهن جو دائرو وڌائي رهيا آهن. ڇو ته اهي ڄاڻن ٿا ته اسان جي ملڪ ۾ غريبن لاءِ انصاف فقط هڪ خواب بڻيل آهي. اسان جا حڪمران پنهنجي عياشين ۾ مصروف ۽ عام ماڻهو اگهور ننڊ ستل آهن. جيڪڏهن اهو واقعو ڪنهن مهذب ۽ سڌريل ملڪ ۾ ٿئي ها ته پهريان ته جوابدارن کي اهڙيون سزائون ملن ها جو وري ڪو به اهڙي غلطي ٻيهر نه دهرائي ها ۽ جي جوابدار بچي وڃن ها ته اتان جا حڪمران پنهنجن عهدن تان ئي دستبردار ٿي وڃن ها،

پر افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ معصوم ٻار به محفوظ ناهن. جهڙي طرح معصوم سنڌوءَ جو خون لوڙهيو ويو آهي، ايئن ڪرڻ سان ڪجهه ڏينهن بعد هڪ نئين سنڌو اهڙي ئي وحشت جو شڪار ٿيندي. اهڙي طرح ڏوهاري بنا ڪنهن ڊپ جي هر نئي ڏينهن نئين سنڌوءَ جي تذليل ڪندا. جيڪڏهن اهڙن ظلمن ۽ هاڃن بعد ميڙ منٿ جهڙي عام رواجي ڳالهه تي معصومن جو خون لوڙهيو ٿو وڃي ته پوءِ عدالتون ڇا لاءِ کوليون ويون آهن؟ انصاف جي ڳالهه ڇو ٿي ڪئي وڃي؟  اسان جي حڪمرانن کي ميڙ منٿ جهڙين عام رواجي ڳالهين کان مٿانهون ٿي انصاف تي مشتمل ڪي حڪمت عمليون جوڙڻ گهرجن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *