تازيون خبرون

معاشري لاءِ مشعل بڻيل، آسو ٻائي ۽ روشن واڌواڻي:نسيم بخاري

معاشري لاءِ مشعل بڻيل معذور ماڻهن جي مانائتين مڃتائن جي ڊگهي تاريخ آهي. جيڪا ٻڌائي ٿي ته معذوري محتاجي ناهي هوندي. محتاجي جو تعلق حقيقت ۾ ماڻهوءَ جي پنهنجي نااهلي سان هجي ٿو. اُها نااهلي، جيڪا ڪنهن ٻئي جي پاران فرد تي جبري طور لاڳو ڪيل نه هوندي آهي پر ماڻهو ان کي خود پاڻ تي مسلط ڪندو آهي.

جڳ جهان تي نظر ڊوڙائبي ته سست ۽ ڪاهل ماڻهن جو تعداد وڏي انگ ۾ ڏسڻ ۾ ايندو، جن وقت سان گڏ وک وک ۾ نه ملائي ۽ وقت هنن کي دنيا لاءِ عبرت جو مثال بڻائي ڇڏيو. اسان جي آس پاس اهڙا سوين ۽ هزارين ماڻهو رهن ٿا، جيڪي پنهنجي ڪمزورين ۽ غلطين کي قسمت جي کاتي ۾ ڳڻن ۽ ليکين ٿا پر پنهنجي حصي جي غفلت جو احتساب نه ٿا ڪن. اهڙي معاشري ۾ جيڪي ماڻهو جسماني يا ذهني طور تي ڪمزور هجن ٿا، تن لاءِ زندگيءَ جون ذلتون ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ئي آڌرڀاءُ ڪن ٿيون. اها تڪليف، اها پيڙا ۽ اهو تجربو انتهائي تلخ هوندو آهي، جنهن کي صرف اُهي ئي محسوس ڪري سگهندا آهن، جن سان وقت ۽ ماحول اهڙين ڪيفيتن جي ڏيٺ ويٺ ڪرائي هوندي آهي. اُهي ماڻهو معاشري جي ڌڪار کي جيڪڏهن منفي انداز سان قبوليندا آهن ته مايوسي سندن مقدر بڻبي آهي ۽ مايوسي موت جي علامت هوندي آهي پر جيڪڏهن اهڙين حالتن کي هو پاڻ لاءِ للڪار سمجهي بدترين حالتن ۾ بهترين ڪردار ادا ڪندا آهن ته دنيا انهن کي مڃتائن جا نت نوان معراج بخشيندي آهي.

اڄ صبح جو اخبارون پڙهندي منهنجي نگاهه مان ٻه اهڙيون خبرون گذريون آهن، جن تي قلم کڻڻ جي ضرورت جو احساس ٿيو. دل کي ته ڇڪ آئي، روح ڪا رڙ ڪئي، منهنجي اندر جي انسان ۽ دماغ ڏاڍو ڌوڏيو ۽ لوڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هٿ ۾ قلم پڪڙي، ڪاغذ تي هي سٽون لکي رهيو آهيان.

اڳ ۾ مختصر طور تي مٿي ڄاڻايل خبرن جا وچور ڏيان ٿو. هڪڙي خبر اها آهي ته گهوٽڪي جي ڳوٺ جروار سان تعلق رکندڙ نوجوان روشن وڌواڻي سي ايس ايس جي امتحان ۾ ڪاميابي ماڻي هينئر فارين افيئرس واري شعبي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور اسلام آباد ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. روشن واڌواڻي، پنهنجي ٻنهي ڄنگهن کان معذور آهي. توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته گهمڻ جي سگهه کان محروم ماڻهو ڪهڙين ڪهڙين تڪليفن کي منهن ڏيندو هوندو! ائين نه آهي ته روشن واڌواڻي اهڙي محروميءَ جو ڪو پهريون شڪار ماڻهو آهي. سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ اسان کي اهڙا انيڪ سماج جا خاص ماڻهو ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن جي حالت انتهائي رحم ۽ افسوس جوڳي هوندي آهي. اهي ماڻهو اهڙين حالتن جي ڌٻڻ طرف پنهنجو پاڻ کي ڌڪي ڇڏيندا آهن ته جيئن سندن گذر سفر جا وسيلا پيدا ٿين، انهن ماڻهن جو کائڻ پيئڻ ۽ جيئڻ جي حد تائين ته سندن خيال مطابق چڱو خاصو اهتمام ٿي ويندو آهي پر زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ اهي انسان گهڻ رخن حوالن سان پٺتي رهجي ويندا آهن. ڇو ته اُهي حالتن سان مقابلو ڪرڻ وارو عزم وساري ڇڏيندا آهن. انهن جي اندر ۾ جدوجهد جي ڪا اُمنگ نه ٻرندي آهي. ان ڪري اهي زندگيءَ جي ذليل گهٽين ۾ وِک وِک تي وِههُ جا وَٽا پيئندا آهن.

روشن واڌواڻي، اهڙن سڀني انسانن لاءِ هڪ روشن مثال آهي، جيڪو پنهنجي زندگيءَ کي بدلائڻ جا اتساهيندڙ جواز پيش ڪري ٿو. روشن واڌواڻي بابت شايد اسان کي به سڌسماءُ نه ملي ها، جيڪڏهن سڪرنڊ جو نامور سماج سڌارڪ ۽ تعليمي ماهر عبدالحميد آرائين  پاران روشن جي مان ۾ آجياڻو نه ڏنو وڃي ها. اهو آجياڻو هڪ اتساهيندڙ عمل هو ۽ جيڪڏهن عبدالحميد آرائين جيان معاشري جا ٻيا ماڻهو به اهڙين مڃتائن جا سلسلا متعارف ڪرائڻ لڳن ته گهڻن ئي حوالن سان اسان جو سماج خوشگوار خبرون ٻڌي سگهي ٿو. اها تقريب هڪڙي فرد جي مڃتا لاءِ رٿيل پروگرام وارو ڏيک نه ڏئي رهي هئي پر حقيقت ۾ اُها مثبت سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ متحرڪ سرگرمي جو سج اڀاري رهي هئي. هن تقريب ۾ روشن واڌواڻي اهو ٻڌايو ته هو پنجن سالن جو هو ته کيس پوليو ٿي پيو. پوليو هن جون ڄنگهون کسيون ۽ پنجن سالن جي عمر کان هو پيرين پنڌ گهمڻ جي صلاحيت کان محروم آهي پر ان محروميءَ کي هن مايوسي جو شڪار ٿيڻ نه ڏنو. هن محنت ڪئي ۽ پنهنجي مقدر کي خود پاڻ ٺاهڻ ۽ بدلائڻ جو ارادو ڪيو. هن جي اهڙي جذبي کي جڳ جس جي نگاهه سان ڏٺو يا نه سو هڪ الڳ سوال ۽ بحث آهي پر قدرت هن جو قدر ضرور ڪيو ۽ قدرت جي اهڙي قدر شناسي ماڻهن جي لاءِ به اُهو نياپو ڏئي ٿي ته اهي به محنتي پرخلوص ۽ سماج جي سڌاري توڙي واڌاري لاءِ سوچيندڙ لوچيندڙ ماڻهو جو لحاظ ڪن.

هن تقريب کي سڪرنڊ ميڊيا سينٽر جي صدر قربان عمراڻي ۽ سينئر صحافي عاجز جمالي پڻ خطاب ڪيو، جنهن ۾ ڳالهائيندي روشن واڌواڻي جو اهو پڻ چوڻ هو ته محنت نه ڪرڻ جي ڪري ۽ پڙهائي طرف ڌيان نه ڏيڻ سبب سي ايس ايس جي نوڪرين لاءِ جيڪا سنڌ جي ڪوٽا رکيل آهي، تن مان کوڙ ساريون جايون خالي رهجي وڃن ٿيون. ان ڪري نوجوان محنت ڪن، ڇو ته محنت ئي ماڻهوءَ جي عظمت جا عروج عطا ڪندي آهي.

روشن واڌواڻي پنهنجي مستقبل سڌارڻ جي حوالي سان جيڪي مشڪلون ڏٺيون، تن بابت ته پاڻ بحث نه ٿا ڪيون پر انهن آزمائشن جي ردعمل ۾ هو اڄ جنهن سطح ۽ سيٽ تي ويٺل آهي، اهو نقطو ضرور غور طلب آهي. روشن واڌواڻي فقط پنهنجي خاندان، مٽن مائٽن ۽ سنگت ساٿ لاءِ فخر جو سبب نه بڻيو آهي پر حقيقت هي آهي ته گڏيل قومن پاران جسماني طرح ڪمزور ماڻهن لاءِ طئه ڪيل تعارف (Special persons) لاءِ اعزاز جو اهڃاڻ بڻيو آهي، ڪنهن به حوالي سان محرومي جي شڪار ماڻهن لاءِ روشن فخر ۽ ناز جي علامت آهي. هتي هڪڙو نقطو اهو به ڌيان طلب آهي ته روشن جي زندگي جو مقصد ڇا رڳو پنهنجي حياتي کي سکيو ستابو بڻائڻ واري ايجنڊا تائين محدود آهي يا هو معاشري ۾ خاص ماڻهن جي همٿ افزائي جي حوالي سان به ڪو ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو!؟ ڇو ته جيڪڏهن هو فقط پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان لاءِ زنده رهي ٿو ته اهو فائدو محدود آهي پر جيڪڏهن هو پاڻ ۽ پنهنجي خاندان سان گڏوگڏ ٻين معذور ماڻهن جي همٿ ۽ حوصلو وڌائڻ جا جواز پيدا ڪري ٿو ته اهو عمل روشن واڌواڻي کي هڪ تاريخ ساز انسان بڻائي ڇڏيندو!

بلڪل ائين جيئن اڄڪلهه ڪنري جي واسو ٻائيءَ جا چرچا ٻڌجن ٿا، جنهن کي تازو ملالا يوسفزئي پاڻ تي ٺهيل ۽ 271 ٻولين ۾ ترجمو ٿيل فلم جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ گهرايو هو. جيڪا جڏهن آمريڪا وڃي رهي هئي ته ڪراچي ايئرپورٽ تي سنڌ جي تعليمي تباهي جا نوحا ڳائي رهي هئي ۽ بند پيل اسڪولن کي کولڻ جا مطالبا ڪري رهي هئي. جيڪا آمريڪا کان موٽڻ بعد به اهو ساڳيو ئي مطالبو ورجائي رهي آهي.

آسو ٻائي جي مانَ ۾ به سندس پنهنجي برادري پاران آجياڻي واري هڪ تقريب ٿي آهي. ڊگهڙي ۾ ٿيل ان تقريب ۾ واسو ٻائي کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا آهن. ڊگهڙي جي ڳوٺ سروڻ ڪولهي ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي آسو ٻائي چيو آهي ته مون کي نوڪري نه کپي پر سنڌ جا بند پيل اسڪولن کولڻ جي خواهش رکان ٿي. مون اهو مطالبو پاڻ وٽ ايندڙ ويندڙ وزيرن ۽ مشيرن آڏو رکيو آهي پر ان حوالي سان گهربل موٽ ۽ مانُ اڃا تائين نه مليو آهي. آسو ٻائي جي مانَ ۾ ڏنل آجياڻي واري تقريب ۾ عورتن جي وڏي انگ ۾ شرڪت رپورٽ ٿي آهي. سنڌ ڪولهي اتحاد جي مرڪزي صدر ۽ ٻين مقررن اتي جيڪو چيو ۽ ڳالهايو آهي، اهڙا حوال ۽ ڳالهيون پاڻ اڪثر سيمينارن ۽ پروگرامن ۾ ٻڌندا آهيون پر ڏک اهو آهي ته ثابت قدمي سان پنهنجي ڪيل ۽ چيل ڳالهين جا خود پاڻ پيرا نه کڻي سگهندا آهيون. آسو ٻائي سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان اڄ جي دور جو لازوال ڪردار آهي. معذوري هن جي زندگي کي هڪ مقصد جي تڪميل وارو ٽاسڪ ڏنو. اها ترجيح ۽ اها ايجنڊا هن جي اندر جي اطمينان جو سبب به آهي ته زندگيءَ جي روشن پهلو جو اهڃاڻ به!

روشن واڌواڻي هجي يا آسو ٻائي، انهن ٻنهي سان سنڌ جي ٻن مختلف شهرن ۾ ٿيل رهاڻيون اهو نياپو به ڏين ٿيون ته سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڪم ڪندڙ ٻين متحرڪ معذور انسانن کي به نظر ۾ رکيو وڃي. انهن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو ورتو وڃي ۽ سندن خدمتن عيوض اهڙي پذيرائي کين ضرور ملڻ گهرجي، جنهن سان زندگيءَ جي حسناڪين کي اهي دل جي گهرائي سان محسوس ڪري سگهن. انهن ماڻهن لاءِ زندگي تلخ تجربن جو ڀنڊار نه پر سدابهار ۽ اتساهيندڙ پلن جو احساس به ثابت ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي سمورن علائقن ۾ سوين هزارين معذور ماڻهو موجود آهن. ضياءَ الحق جي دور ۾ معذور ماڻهن لاءِ 2 سيڪڙو نوڪرين ۾ ڪوٽا مقرر ڪئي وئي هئي پر هن وقت تائين عمل فقط هڪ سيڪڙو تي ٿيو آهي ۽ ان هڪ سيڪڙو تي به حقيقي ماڻهن بدران سفارش ۽ رشوت عيوض اهي ماڻهو معذور ڄاڻائي ڀرتي ڪيا ويا آهن جن جي گهڻائي ڪنهن به حوالي سان معذور ئي ناهي.

آسو ٻائي ۽ روشن واڌواڻي معذورن واري ان معاملي تي ڌيان نه ڇڪايو آهي. جڏهن ته هنن کي نه فقط ان نقطي تي پر معاشري ۾ جيئندڙ معذور ماڻهن سان لاڳاپيل مسئلن تي به روشني وجهڻ کپندي هئي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته معذورن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا ۽ تنظيمون به هڪ سگهاري ۽ ڀرپور مهم هلائين، جنهن ۾ دنيا کي انقلابن ۽ خوشگوار تبديلين سان نوازيندڙ معذور ماڻهن جون ڪٿائون ٻڌايون وڃن. اسان وٽ وڏي ۾ وڏو الميو اهو آهي ته معذور ماڻهو کي ناڪاره ۽ بيڪار ماڻهو سمجهي ڌڪار ۽ نفرت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. جڏهن ته حقيقت ائين ناهي. معذور ماڻهو پنهنجي مرضي يا پنهنجي خواهش مطابق معذور نه ٿا ٿين. هڪ ته قدرتي طور تي اهي المناڪ معاملن سان منهن ڏين ٿا. مٿان وري معاشري جي طنز وارا تير هنن جو جيئڻ تان ئي ويساهه کڻائي ڇڏين ٿا.

اهي ماڻهو اهڙين حالتن هوندي به جيڪڏهن روشن واڌواڻي ۽ آسو ٻائي جي صورت ۾ آڏو اچن ٿا ته انهن جو اهڙو ڪردار معاشري جي ضميرن کي جنجهوڙڻ ۽ شرمائڻ لاءِ ڪنهن وڏي للڪار کان گهٽ نه آهي پر الميو اهو رهندو آيو آهي ته معاشرا ۽ رياستي ادارا نڪ جي پڪائيءَ سان اهي معاملا پٺيءَ پويان اڇلائيندا آيا آهن. آسو ٻائي جي وهم گمان ۾ به نه هو ته ميڊيائي رپورٽون کيس فرش کان عرش تائين پهچائي ڇڏينديون. آمريڪا ۾ هن جي آمد سنڌ لاءِ سٺو اطلاع آهي پر آمريڪا جي ميڊيا هن جي احساسن کي جيڪڏهن شد مد سان پيش ڪري ٿي ته ڇا ٿا سمجهو! پنهنجا حڪمران ڪنڌ کڻڻ جهڙا رهندا!؟ اسان جي حاڪمن کي پنهنجي فرضن جي ادائگي جي حوالي سان ڪڏهن ڪو الڪو رهيو ئي ناهي. ڇو ته تعمير ۽ ترقي هنن جي ڪڏهن ايجنڊا رهي ئي ناهي. اهي ادارن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ڄاڻن. ڇو ته فقط ان ئي صورت ۾ هنن جا ڀڀ ڀرجن ٿا، اهي ٺاهڻ ڄاڻن ئي نه، ڊاهڻ ۽ بگاڙڻ هنن جي اهم ترجيح آهي. اهو ئي سبب آهي ته هر هنڌ ڪاريءَ وارا ڪک آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *