تازيون خبرون

مظلوم  طبقي ۾ ورهائجي ويل سنڌ..!!!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

وقت حالات انساني زندگي سان گڏ بدلبا رهن ٿا دور وقت قومون جي تقدير جا  فيصلا ڪنديون آهن پٿرن جي دور کان ويندي ان وقت تائين جيڪو وقت گذريو ان وقت ۾ ڪيترين ئي قومن جي تقدير جا فيصلا ٿيا ڪيتريون ئي قومون آزاد ٿيون ڪيترن ئي قومون جي ڪندارن پنهنجي قومون جي آزادي تي نعرا هنيا جشن ملهايا ڪيترن ئي سهڻين ست رنگي ڪپڙا پائي انهن ڪندارن کي پنهنجي مقدر جو ساٿي بڻائي ڇڏيو انهن قومون ترقيون ڪيون اڄ هن دور ۾ اهي قومون آزادي سان گڏ ڪنهن جون محتاج ناهي ڪنهن اڳيان انهن جي هٿ ڦهلائڻ جي ضرورت ناهي اڄ اهي قومون خوش آهن پر اسان سنڌي ايترا بي وس ايترا لاواث ڇو…!!!! ڇو اسان جي ننگ تن ڍڪڻ ڪپڙو ناهي ڇو اسانجي بک ستايل کائڻ لاءِ لولو ناهي،ڇو.؟؟اسان جا ڪندار ڪيڏانهن ويا اسان جي مقدرن ۾ رڳو لاشا ڇو،؟ هن دؤر کي نظرياتي عروج جو زمانو چيو وڃي ٿو. شايد ئي اسان گمان ڪو اهڙو ماڻهو هجي ،جيڪو پنهنجي نظرياتي پختگيءَ ۽ بي مثال حيثيت جي دعويٰ نه ڪندو هجي . جيڪو ٿو آني مان ڦٽي نڪري سو قوم جي حال ۽ مستقبل کي سنوارڻ جا سبق ڏئي ٿو. سماجي ڪارڪن هجن يا سياستدان، شاگرد هجن يا استاد ، واپاري هجن يا سرڪاري ملازم ، صحافي هجن يا اديب اسان جا اهي سمورا طبقا قوم جي ڀلائي ۽ فرد جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪن ٿا .پر جيتريون ڳالهيون ٿين ٿيون ، جيتريون دعوائون ڪيون وڃن ٿيون ۽ جيتريون ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون، صورتِ حال اوتري ابتڙ ۽ خراب ٿيندي وڃي ٿي . نالي ماتر به ترقي ڪانه ٿي ٿئي. انسان جو روز به روز حال حشر ايئن ٿيندو وڃي ٿو ،جهڙوڪ هن جي مٿي تي ڏکن ۽ ڏوجهرن جي ڳنڍ هجي، هن جا هٿ حالتن جي ٽوڙهن سان ٻڌا ويا هجن ۽ هو ڪنڊن واري پيچرن تان گذري رهيو هجي ۽ مسئلن جي ڇتن ڪتن جي لوڌ هن پٺيان هجي. اڄوڪي عوام جو روح زخمي آهي ۽ وجود رتوڇاڻ آهي. ڄ جو سنڌي داخلي غلاميءَ جي اهڙي ڀيانڪ دور مان گذري رهيو آهي، جنهن جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ملي نه ٿو سگهي، هن تي اها غلامي اسرائيل يا آمريڪا مسلط ڪانه ڪئي آهي. يا وري ڌرتي ۽ آسمان مظلومن سنڌين تي ڏمريا آهن.

اهو قرب هڪ سنڌيءَ ٻئي سنڌيءَ تي ڪيو آهي . اڄ جو سنڌي ٻئي سنڌيءَ جي ظلم جو نشانو بڻيل آهي.اسان جا آدرش، اسان جا نظريا اسان جا اصول، اسان جا قدر ۽ اسان جا ادارا اسان جي سنڌين هٿان نشانو ٿيا آهن. اسان پنهنجي آدرشن کي ”قيدي آدرش“ بڻائي ڇڏيو آهي.اسان پنهنجي ڪنهن به آدرش جي ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نٿا ٿيون بلڪه آدرش کي پنهنجي ذاتي خواهه گروهي مفادن جي ڍال بڻايون ٿا. اهڙيءَ ريت اسان نظرين ،قدرن ۽ اصولن جي ڳالهه ٻئي کي بيوقوف بنائڻ  ۽ پنهنجي اندر واري مڪروهه انسان کي لڪائڻ لاءِ ڪندا آهيون. اسان پنهنجي گناهن کي لڪائن ۽ ڏوهن کي پالڻ لاءِ تنظيمن ۽ جماعتن ۾ پناهه وٺون ٿا. اسان جي چڱ مڙسي ٻئي جي پٽڪي لاهڻ لاءِ مخصوص ٿي چڪي آهي. هن وقت اسان جو معاشرو ظالم ۽ مظلوم طبقن ۾ ورهائجي چڪو آهي. هڪڙا ماڻهو ڏنڊي ۽ ڏاڍ جي زور تي ڪنهن تنظيمن يا جماعت جي آسري تي چڱ مڙسي يا عهدي رتبي جي آڌار تي ،ذات پات يا هلنديءَ پڄنديءَ جي زور تي شريف ، بيوس، لاچار ۽ مجبور انسان جو استحصال ڪري ٿو ۽ ظلم جون انيڪ روايتون قائم ڪن ٿا. اهڙي صورتِ حال سچي، سڌي ۽ سادي انسان کي پاڻ جهڙي انسان جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي. اڄ جو انسان اهڙي عذاب جي زندگي گذاري رهيو آهي . هو مظلوم آهي، محڪوم آهي ۽ مجبور آهي.اهڙن مجبورن ۽ مظلوم غلامن جو تعداد ظالمن ۽ استحصال ڪندڙن جي تعداد کان گهڻو وڏو آهي. بلڪه ائين چئجي ته اسان جي اڪثريت داخلي غلاميءَ جي چڪي ۾ پيسجي رهي آهي ۽ اسان جي ٿورائي پنهنجي ئي ڌرتي وارن جي رت چوسڻ ۾ مصروف آهي. هنن قهري ڪارواين اڪثريت کان ڌرتيءَ جي بک کسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. عوام پنهنجي ذاتي سورن ۽ عذابن ۾ ايترو ته مصروف ۽ منجهيل رکيو ويو آهي جو هن کان جهڙوڪ ڌرتي جا ڏک ساريا ئي نٿا ٿين.

بهاري مسئلو حل ٿيو يا نه ؟ ڪالا باغ ڊيم اسان جي ترقي جو ڪارڻ آهي يا تباهيءَ جو سبب آهي؟ ڪراچي سنڌ کان الڳ ٿئي يا نه ؟ سنڌ جو وڏو وزير يا گورنر سنڌي ٿئي يا غير سنڌي؟ عوام اهڙن دکن دردن، سورن ۽ مسئلن کي ان ڪري ئي محسوس ڪري نٿو سگهي جو هن جي پنهنجي زندگي ئي عذاب بڻائي وئي آهي.اسان ٺلها بحثن جا باجا وڄائڻ ۾ پورا آهيون سموري گهر الٽي ويون اسان جي اگهور ننڊ اڃان پوري ناهي ٿي.اسان جي ڌرتي جي رت جي هولي لاشن جي مينار کڙا ٿي چڪا آهن اسان جي ڏاهن پنهنجن قومن کي تباهه ٿيندي ڏسي پنهنجون اکيون بند ڪري لوڪ کان لڪي روئڻ ۾ پورا آهن انهن کي خبر آهي ته هاڻ صرف ڳجهون آهن جيڪي ماس کائڻ ٿيون چاهين انهن جي دلين ۾ لالچ حوس ڀريل آهن انهن وٺ احساس ناهي انهن جا احساس مري چڪا آهن انهن جون جون دلين ٿي پٿرن جو قبضو ٿي چڪو آهي انهن وٽ اکيون ناهن انهن جا روح مري چڪا آهن اڄ اسان جي ڏاهن وٽ جيڪي دکي ڌرتي جي ڏک ڏسڻ جو حوصلو ناهي رهيو.!! عوام اڄ جي حالتن ۾ صبح شام انهيءَ اڻ تڻ ۾ آهي ته هن جي عزت سان رهجي اچي. هن جي جان ۽ مال کي ڪو ڇهيو نه رسي، پر جيئن ته هن کي داخلي غلامي جي ڳٽ سان ڪنڌ جهڪائي هلڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. ان ڪري هو پنهنجي پيرن کان پرتي ڏسي نٿو سگهي. هن تي ظلم اهي ڪن ٿا،جيڪي سندس آسرو ٿيڻ گهرجن، هن تي قهر اهي ڪن ٿا جيڪي رحم ۽ ڪرم لاءِ آهون ۽ دانهون ڪن ٿا. هن جي زندگي انهن عذاب بڻائي ڇڏي آهي، جيڪي اجتماعي خوشحالي جي ڊاڙ هڻن ٿا.هن کي ڌرتي کان اهي ڌار ڪن ٿا، جيڪي قوم کي متحد رکڻ لاءِ تنظيمون ،پارٽيون ۽ جماعتون جوڙين ٿا. هن تي ڏاڍ ۽ ڏمر اهي ڪن ٿا، جيڪي ڏاڍن کي ڏارڻ جا نعرا هڻن ٿا . هن کي سڃو ۽ سکڻو اهي ڪن ٿا ، جيڪي قوم جي خوشحاليءَ جي دعويٰ ڪن ٿا . ان ڪري ڪنهن به قومي ۽ سياسي فيصلي خواهه مسئلي ۾ عوام اهڙن ڌاڙيلن جو ساٿ نٿو ڏئي نتيجي ۾ سنڌ جا سنگين مسئلا روز به روز سنگين ۽  ڳنڀيرٿيندا وڃن ٿا ۽ عوام انهن ۾ ڪا به دلچسپي نٿو وٺي. اسان جيڪڏهن چاهيون ٿا ته سنڌ جي ”حال“ خواهه ”مستقبل“ سان لاڳاپيل مسئلن ،خواهشن ۽ منصوبن ۾ عوام وڏي اڪثريت سان شرڪت ڪري ته پوءِ پهريون اسان کي عوام جي آزارن ۽ عذابن مان جان آجي ڪرڻي پوندي. عوام جي عزت، جان ۽ مال کي نشانو نه بنائڻو پوندو. جيستائين عوام داخلي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، جيستائين عوام جي زندگي اسان جي هٿن سان عذاب بڻبي رهندي ۽ جيستائين اسان جي هٿ ۽ زبان، قول ۽ فعل کان عوام لاءِ آزار پيدا ٿيندا رهندا، ان وقت تائين تِرَ جيتري تبديلي به ڪا نه ايندي، بلڪه جڏهن ڪنهن تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته عوام طرفان مدد بدران ان جي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مزاحمت ٿيندي رهندي. ڇو ته عوام  اهڙن ظالمن ،ڦورن،ٺڳن ۽ رهزنن کي ڪنهن به قسم جي واڳ ڏيڻ نه چاهيندو . ان ڪري جيڪڏهن اسان ڪجهه ڪرڻ گهرون ٿا ته ان لاءِ پهريون عوام کي داخلي غلاميءَ مان آزاد ڪرڻو پوندو.

هن کي نام نهاد دانشورن جي علمي استحصال ،وڏيري جي سماجي ظلم ، ڪاموري جي اختياري ڏاڍ ۽ نقلي سياسي ڪارڪنن جي نظرياتي پرماريت کان بچائڻو پوندو.  عوام کي داخلي غلاميءَ مان آزاد ڪرڻ جو سولو طريقو اهو آهي ته اسان ٻين کي سڌارڻ بدران پاڻ کي سڌارڻ ۽ بدلائڻ جي ڪوشش ڪريون. اسان پاڻ سان ، پنهنجي نظريئي سان، پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين سان سچا ٿيون. اسان پنهنجي تنظيمن ۾ داخلي احتساب جي عمل کي اوليت ڏيون. جيڪڏهن اسان جي تنظيم ،ذات ۽ پيشي سان لاڳاپيل ڪو فرد ،ڪارڪن يا عهديدار ڪا اهڙي ڳالهه ڪري يا ڪو اهڙو عمل ڪري جنهن سان عوام جي دل آزاري ٿئي يا عوام جي عزت جان ۽ مال کي ڇيهو رسي ته پوءِ ان جو جوڳو تدارڪ ڪيون. مظلوم جي ڌر وٺون ۽ ظالم توڙي ظلم جي پاڙ پٽڻ جو پڪو پهه ڪيون.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *