تازيون خبرون

مصنوعي ذهانت ۽ ڪمپيوٽنگ ۾ پاڪستان جو مقام: ڊاڪٽر عارف علوي، (صدر اسلامي جمهوريه پاڪستان)

سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي دنيا ۾ چيو وڃي ٿو ته اسان چوٿين صنعتي ترقي جي دروازي تي بيٺا آهيون۔ پهريون صنعتي انقلاب 1760ع کان 1840ع تائين مشيني پيداوار جو دور کڻي آيو،اهو لوھ ۽ اسٽيل جهڙن مادن جو نتيجو هيو جو ڪوئلي ۽ ٻاڦ وسيلي نئين توانائي جي ذريعن  جو واڌارو ٿيو ۽ پيداواري واڌ لاءِ فيڪٽرين جي نظام  سان گڏ محنت جي ورهاست به عمل ۾ آئي۔

ٻيو صنعتي انقلاب 1870ع کان 20هين صدي جي شروعات تائين جاري رهيو جنهن جي نتيجي ۾ بجلي ۽ اندروني احتراق واري انجڻ (Internal combustion engine) سامهون آئي۔ ٻئي مشيون طاقتور ٽرانسپورٽ جو باعث بڻيون۔ ان کان علاوه پهريون دفعو ٽيليفون ۽ ٽيليگرام سان پيغامن جي رسائي ممڪن ٿي ۽ هن ۾ پيغام پڄائيندڙ جو اتي پهچندڙ ڪوجسماني عمل دخل ڪونه هيو۔ انساني خدمت ڪندڙ مشينون جيئن طبعي طور انساني ڪم مشينن جي حوالي ٿيا ۽ ان سان گڏوگڏ اسان جي اردگرد نوان خيالات تيزي سان اڀرڻ لڳا۔ وڏي پئماني تي پيداواري فائدا حاصل ٿيا ۽ اڄ جي وسيع تصرف واريون راهون کلي آيون۔  60 سالن بعد جيڪو ٽيون انقلاب آيو اهو انفارميشن ٽيڪنالوجي جو ڊجيٽل انقلاب هيو ۽ توهان جيڪي هي سٽون پڙهي رهيا آهيو، توهان منجهان ڪيترن ڪثرت سان ان ٽيڪنالوجي جو مشاهدو به ڪيو آهي۔ هي سيمي ڪنڊيڪٽر، مين فريم ڪمپيوٽنگ، سيليڪون، پرسنل ڪمپيوٽنگ، سيل فونز ۽ انٽرنيٽ ان جي وسيع پذيرائي آهن۔ گذريل ٻن ڏهاڪن کان ورلڊ وائيڊ ويب ، سينسرز ۽ ڪئميرائن سان گڏ ڊيٽا حاصل ڪرڻ ۽ اسٽوريج وڌائڻ جي صلاحيت جيڪو غيرمعمولي اضافو ڪري ڏنو آهي ان جو تجزيو ڪرڻ ڏاڍو محال ٿو ڏسجي۔

چوٿون صنعتي انقلاب هاڻي شروع ٿيو آهي ۽ پاڪستان کي ان تبديلي کي پنهنجو ڪندي ان جي ثمر مان فائدو وٺڻ گهرجي۔ گذريل ڪجھ ڏهاڪن جي ٽيڪنالوجي واري ڊيٽا گڏ ڪندي ۽ پوءِ ملي سيڪنڊن کي اربن جي تعداد ۾ مداخلت  سان مفيد معلومات اخذ ڪرڻ جي صلاحيت غيرمعمولي طور وڌي رهي آهي۔ اها بنيادي طور ڏهن مختلف شعبن ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالوجي جي ڪاميابي سان سڃاتي وڃي ٿي جنهن ۾ مصنوعي ذهانت               (Artificial Intelligence “AI”)، روبوٽڪس، انٽرنيٽ آف ٿنگس، 5G برانڊبينڊ، 3D پرنٽنگ، خودڪار وهيڪلز، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، بلاڪ چين،  دوائون ۾ بائيوٽيڪنالجي جو استعمال ۽ مٿين درجي جي حقيقت (Augmented Reality) شامل آهن۔

مشهور ليکڪ ڪلاز شواب پنهنجي ڪتاب ´دي فورٿ انڊسٽريل ريوليوشن` ۾ لکي ٿو ته اڳين صنعتي انقلابن انسان کي جانورن جي طاقت تي ڀاڙڻ کان نجات ڏياري، وسيع پيداوار ممڪن بڻائي ۽ ماڻهن ۾ ڊجيٽل استعداد پيدا ڪيو، پر چوٿون انقلاب بنيادي طور مختلف آهي۔ هن ۾ مختلف نئين قسم جي ٽيڪنالوجي شامل آهي جنهن ۾ فزيڪل، ڊجيٽل، بايولاجيڪل، دنيا يڪجاء ٿيل آهي ۽ سمورن شعبن، معاشيات ۽ صنعتن تي اثرانداز ٿيڻ سان گڏ انهن متعلق تصورن کي به چئلينج ڪري رهي آهي۔

انسان لئه استدلال سڀ کان وڏي طاقت رهي آهي پر هاڻي اها به مشينن ۾ بدلجي سگهي ٿي ڇو جو اهڙي رفتار سان عمل ۾ اچي رهي آهي جنهن جو اڳ ۾ تصور ئي نه ڪيو ويو هيو۔ اڳ ۾ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو ڪم آءِ بي ايم ڊيپ بليو جهڙن سپر پاور ڪمپيوٽرن ذريعي ڪيو ويندو هيو جنهن شطرنج جي ماهر گيري ڪسپروف کي 1997ع ۾ مات ڏني هئي۔ ڊيپ بليو کي شروعاتي شطرنج ۾ پڙهايو ويندو هيو ۽ پهريون کيڏيل هزارين راندين ۾ وڏن رانديگرن طرفان اختيار ڪيل حڪمت عملي ان جي ميموري ۾ شامل هئي۔ اها هر سيڪنڊ ۾ 20 ڪروڙ پوزيشن وارو تجزيو ڪري پئي سگهي ۽ درستگي، ٿڪيل هجڻ ۽ اڳتي چال هلڻ جي حوالي سان لکين ڳڻپون ياد رکڻ جي صلاحيت سان پنهنجي مقابلي ۾ ويٺل انسان مٿان حاوي رهندي هئي۔

هاڻي جاري رهندڙن ۾ الفابيٽ ڪمپني پاران مشين لرننگ پروگرام الفا زيرو شروع ڪيو ويو آهي جيڪو منفرد الگورٿم تي مشتمل آهي۔ بعد ۾ استعمال ڪيل اصطلاح لاطيني زبان ۾ الخوارزمي جي نالي پٺيان رکي وئي آهي جيڪو آلجبرا ۾ مهارت رکندڙ ھيو۔ الفا زيرو کي الگورٿم جو بنياد شطرنج جي اصولن تي رکيو ويو آهي، جيڪو شطرنج جي بنيادي اصولن کي ڄاڻڻ جي بنا تي رکيو ويو آهي۔ هن کي هڪ انسان پنهنجي طريقي سان شروع ڪيو پر لکين ڀيرا ان کي پوءِ ان جي خلاف کيڏيو ويو ۽ ان جي غلطين منجهان سکيو ويو۔ هن وقت مونجهارو اهو آهي ته هن پاڻ گھڻي ڀاڱي سکي ورتو آهي ته شطرنج جي مقابلي ۾ خونخوار جانور کي حصو وٺڻ گهرجي جيڪو موجود به آهي ۽ ان راند کي اسٽاڪ فش سڏين ٿا۔

الفا زيرو کي تيزي سان نه پر چالاڪي سان سمجهي سگهجي ٿوڇو ته اسٽاڪ فش 60 ملين في سيڪنڊ ڪلڪيولشن سان شطرنج کي جمع ڪرڻ لاءِ بي حساب طاقت طور استعمال ڪري سگهجي ٿي۔ الفا زيرو پنهنجي طور الگورٿم سان گڏ 60 هزار ڪلڪيوليشن في سيڪنڊ جو جائزو وٺي ٿي ۽ اسٽاڪ فش کي آرام سان شڪست ڏئي سگهي ٿي۔ جنهن مان اهو ظاهر ٿيو ته اها صرف  آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ مشين لرننگ ئي آهي. جنهن  کي جڏهن رجسٽر ڪجي ٿو ته ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ جي مقابلي ۾ قديم زمانو تصور ڪيو وڃي ٿو جيڪا ڳالھ جلد ئي حقيقت بڻجي ويندي۔

جڏهن وسيع اسٽوريج جا اعداد و شمار ۽ تجزياتي صلاحيتون گڏ ڪجن ۽ جڏهن حاصل ٿيل جينياتي ۽ صحت جو ڳاڻيٽو لاڳو ڪجي ته ان سان انساني صحت ۾ نظرجندڙ تبديليون پيدا ٿينديون۔ ان جو واضح مثال هي آهي ته هڪ آمريڪي جيڪو صحت جون خدمتون سرانجام ڏئي ٿو، اهو 100 ملين ماڻهن کان وڌيڪ صحت جون کربين ڊيٽا پوائنٽون حاصل ڪري ٿو۔ اهڙو ميٽا ڊيٽا جو تجزيو خوراڪ، علاج  ۽ مرض جي سڃاڻ يعني تشخيص کي بهتر بڻائي حاصل ڪري سگهجي ٿي۔ مانچسٽر يونيورسٽي ۾ هڪ AI  بيسڊ مشين مليريا جي بيماري خلاف مزاحمتي دوائن خلاف اثر رکڻ وارو ڪمپائونڊ دريافت ڪيو آهي۔ هڪ ٻيو نيورل نيٽ ورڪس تي مشتمل الگورٿم تي مشتمل ڪمپيوٽر پروگرام جاري ڪيو ويو آهي جيڪو شاگردن ۽ استادن کي پڙهائي سگهجي ٿو۔ٽيچر نيورل نيٽ ورڪ 1.7 ملين جي لڳ ڀڳ ڪيميائي اسٽريڪچر پٺيان قائدن کان واقف آهي جيڪو حياتياتي ايڪٽو ماليڪيول طور مشهور آهي۔استادن سان گڏ شاگرد نيورل نيٽ ورڪ وقت گذرڻ سان گڏ سکن ٿا ۽ مجوزه ماليڪيولز تي بهتر نتيجا ڪڍي سگهن ٿا جيڪي نين دوائن لاءِ بهتر هوندا۔

AI ڊرگ ڊولپمينٽ پروگرام سان لاڳاپيل ڪريسپر (CRISPR) جينز جي ميلاپ ۽ ايڊيٽنگ ٽيڪنالوجي سان ڊرامائي طور صحت عامه ۾ انقلاب اچي سگهي ٿو۔ نين دوائن جي جديد ڊائگناسٽڪ اوزارن سان موثر علاج معالج ۾ پيش رفت اچي سگهي ٿي۔ آگمينٽيڊ ريئلٽي ۽ ورچوئل ريئلٽي حقيقي دنيا بابت معلومات ۾  گهڻن ڳڻپن کي پوئتي ڇڏينديون پوءِ کڻي ان جو مقصد سفر هجي يا سرجري۔ ڇو ته جتي سرجن بافتن جي تھ بيمارين جي متاثر حصن جي ڳولها لئه چيرڦاڙ نه ڪندو ڇوته سرجن آپريشن کان اڳ هر شيءِ کي ٽن رخن (3D) سان ڏسندو۔ ڊاڪٽر زنده خلين کي امپلانٽ ڪري سگهندوجنهن سان جسم اندر تيار ٿيل موثر دوائن لاءِ نشان نه بڻايو ويندو۔

مصنوعي ذهانت ٻٽي استعمال واري ٽيڪنالوجي آهي، ڪمرشل اپليڪيشن کان علاوه ان کي فوج ، فضائي جنگين، ننڍڙن بمن، Avionics، مسلح ڊرون، ڊس انفارميشن مهارت ۽ سائبر سيڪيورٽي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي۔

مشينن جي وڌڻ سان گڏ مثال طور انسان جي ٿوري مداخلت سان خودڪار مشينون فيصلا ڪري رهيون آهن۔ ان نئين حقيقت کي سمجهندي خامين جي گھٽتائي ڪئي وئي 2018ع ۾ ڏهن وڏين ڪمپنين ايپل، ايمازون، الفابيٽ، مائڪروسافٽ، فيس بڪ، علي بابا ۽ ٽينسينٽ ھن ڏهائي جي اقتصادي طاقت جون مرڪز بڻجي ويون آهن۔ اهڙا معاشرا  جيڪي چوٿين صنعتي انقلاب جي اثرن هيٺ مثبت انداز  وڌن پيا انهن جو معاشي ۽ سماجي مستقبل بهترين آهي۔ پاڪستان کي نئين لهر کي سڃاڻيندي فعال ٿيڻ گهرجي۽ اسان جي نوجوانن کي تيزي سان سکڻ واري نظريي تي عمل ڪرڻ گهرجي، جنهن سان اسان جي قسمت بدلجي ويندي۔

هن اڀرندڙ انقلاب جا معاشي نتيجا شاندار آهن جڏهن ته مستقبل جي 90 فيصد نوڪرين جو دارومدار ڊجيٽل لٽريسي تي هوندو۔ صرف آگمينٽيڊ ريئلٽي جو تناسب هن وقت 2 ارب ڊالر آهي جيڪو ٻن سالن ۾ 200ارب ڊالر ٿيڻ جو امڪان آهي۔ Gartner Inc مطابق 2020ع  ۾ AI مثبت نيٽ جاب طرف راغب ڪندڙ ادارو بڻجي ويندو جيڪو 2.3 ملين نوڪريون فراهم ڪندو۔ ڪئنيڊا ۾ سافٽ ٽيڪنالوجي جي آغاز سان 2020ع ۾ 2 لک تائين پڄڻ جي پيشنگوئي ڪئي وئي آهي جنهن سبب ڪئنيڊا اهڙن ماهرن کي ڀليڪار چوڻ لاءِ اميگريشن پروگرام ۾ نرمي آندي آ۔

مصنوعي ذهانت سان پيدا ٿيندڙ گلوبل ڪاروبار جي شرح 2017ع ۾ 692 ارب ڊالر هئي، 2018ع ۾ 1.2 ٽريلين تائين پڳي ۽ 2020ع تائين 3.9 ٽريلين تائين پڄڻ جي اڳڪٿي آهي۔هن پيشرفت جي تناظر ۾ سيليڪون ويلي ۾ پاڪستاني برادري سان منهنجي ڳالھ ٻولھ  دوران انهن اميد ڏيکاري ته جيڪڏهن درست فيصلا ڪيا ويا ته پاڪستان جي سافٽ ويئر جي برآمد 2023ع تائين 30 ارب ڊالر تائين پڄي ويندي۔ اها به اميد آهي ته اگر اسان هي چئلينج قبوليو ۽  ان تي وڏي سرمائيڪاري جي ضرورت ناهي بلڪه صرف اسان جي تعليم يافته نوجوانن جي ذهني تربيت جي ضرورت آهي ۔ پاڪستان کي وڌيڪ سٺن ڪمن ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته مستقبل ۾ عظيم انقلاب جي پش نظر اسان جي معيشت ۽ دفاعي نظام اسان جي مهارتن تي آڌاريل آهي جيڪو اسان جي درن جو ڪڙو کڙڪائي رهيو آهي۔ صارف هجڻ ناتي اسان مشڪل وقت ۾ به غيرملڪي سافٽ ويئر ۽ ھارڊ ويئر تي ڀاڙيون ٿا جڏهن ته اسان کي غيرمعمولي اقتصادي شراڪت ۽ پنهنجي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ نئين نظام جو حصو مينيوفيڪچرر ٿيڻ گهرجي۔ اسان پاڪستان لاءِ  نئون چئلينج تيار پيا ڪريون جنهن جي مهارتن سان  سموري دنيا ۾ وڏي گهرج ٿيندي۔

مان پاڪستان کي هن نئين اڀرندڙ منظرنامي ۾ ڪيئن نٿو ڏسي سگهان؟ ان جا سبب هي آهن ته سافٽ ويئر انجنيئر تيار ڪري رهيا آهن جيڪي مارڪيٽ جي طلب مطابق ناهن۔ ان نامناسبت کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان جي يونيورسٽين ۾ ذميداراڻي ۽ دانشمنداڻي نصابي  درستگي جي ضرورت آهي۔ ان مقصد لاءِ مان يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهيان جيڪو چانسلر جي حيثيت ۾ صدر جي اختيارن ۾ آهي۔ تڪڙي ضرورت جي آڌار سافٽ ويئر جي دنيا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۔ اسان موجوده سافٽ ويئر انجنيئرن جي معلومات کي بهتر بڻائڻ ۽ مصنوعي ذهانت ۽ ڪمپيوٽنگ متعلق کنيل قدمن سان هلندڙ سال هڪ لک نوجوانن کي ڪريش ڪورس تربيت جو فيصلو ڪيو آهي ۔ هن پروگرام کي www.piaic.org تي ڏسي سگهجي ٿو۔ آمريڪي فلاسافر ۽ تعليمي ماهر   جون ڊيوي بلڪل سچ چيو آهي ته اگر اڄ اسان شاگردن کي پڙهايون ٿا ته مستقبل کي تعليم يافته پيا بڻايون۔ ۽ اسان کي به اڄ پاڪستاني نوجوانن جي مستقبل کي سنوارڻو ۽ سندن مستقبل ڏسڻو آهي۔

****

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *