تازيون خبرون

ماضي: آئندي جو اتساهه : عبدالرزاق عمراڻي

سون ورني سنڌ ۽ سندس سٻاجهن ماڻهن کي تاريخ جي دري کولي جڏهن به ماضيءَ ۾ جهاتي پائڻ جو موقعو مليو ته هر طرف هيرون، هٻڪارون، سچائي، سخاوت، بهادري، جدوجهد جا انيڪ داستان مشاهدي لاءِ مليا ۽ انهن ۾ وري ديومالائي ڪردار جن سچ ۽ حق جو ساٿ ڏيڻ ۾ وڏي ۾ وڏي قرباني جان جي قرباني ڏيڻ کان به نه ڪيٻايو، سامن، ننگن، دنگن جي حفاظت لاءِ کرڙي جا ميدان سجايا ته ڪڏهن ديبل، نيرون ڪوٽ، جهوڪ ۽ مياڻي ۾ مهاڏا اٽڪايا، سندن فنڪارن، ڏاهن، سگهڙن، شاعرن، اديبن، ڪلاڪارن رت جا ڏيئا ٻاري فن پارا تخليق ڪيا، ڪيڏار لکيا، قوم ۾ جوش ۽ جذبو جاڳايو.

هاڻ جي ماضيءَ جي معرڪن جو ذڪر ٿو ڪجي ته ڪجهه ڌريون چون ٿيون ته بابا اڄ جي ڳالهه ڪريو، جيئن:

جن کي عشق جاڳايو، سي نيڻين ننڊون ڪيئن ڪن،

پيئيُ پيالا پر ٿيا، هٿئون حبيبن،

صورت سپرين جي اٺئي پهر پسن،

مراد مرادون تن پير گڏجي پوريون ٿيون.

جدوجهد يا جاکوڙ اڄ به جاري آهي، اڄ به حالتون لڳ ڀڳ ساڳيون ئي آهن، ماضيءَ جو ورجاءُ آهي، اڄ به مسافر هر طرف آهن، کين خبر آهي ته هلڻ سان هوت ملندو.

ويهه م کڻج وک، هل ته ملين هوت کي،

ڏکئون چڙهندين ڏک سيج پسندينءِ سسئي.

بيشڪ سستي، ڪاهلي ڪنهن به قوم يا انسان جي اجتماعي زندگي ۾ هڪ اهڙو موذي مرض آهي جيڪو قوم توڙي فرد کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو ڇڏي، سو سچ جون ڌارائون اڄ ٻه طرفيون آهن، هڪ سوچ اڄ سرس ۽ سوائي آهي ته سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو خواب ۽ غفلت ۾ آهن ته ٻي سوچ آهي هائو ٻيلي اڃا رڃ مان رڙ اچي پئي اچي، متان سمجهين مئا مور سارا.

ايازگل چواڻي ته؛

سو سورن جي وچ ۾ دل منهنجي ڌڻ سان ڄڻ ته ڌنار وانگي آ،

هر خوشي قرض ۾ هلي ٿي وڃي، ماستر جي پگهار وانگي آ،

دک جي نه پڄاڻي آ، هر شخص ڪهاڻي آ،

احساس بنا ماڻهو اخبار پراڻي آ.

بيشڪ اسان جي هن غلاماڻي سماج جيڪا ڀيانڪ صورت اختيار ڪئي آهي ان جي نشاني اسان جا احساس ۽ جذبا آهن، جن جي لتاڙ جيئن جو تيئن جاري آهي، ان مصيبت اسان جا رويا ترش ڪري وڌا آهن، هينئر هرڪو پنهنجي ليکي پيو پڄري ۽ اذيت پيو برداشت ڪري. بيشڪ اڄ جو دور سائنس جو دور آهي ۽ سائنس هر شعبي ۾ ترقي ڪئي آهي، چاهي اها صنعت هجي، زراعت هجي يا وري اليڪٽرانڪ ميڊيا هجي. ان ڪري ماڻهن جي سوچ جا زاويا بدلجي ويا آهن، بيشڪ اڄ جي ماڻهو وٽ محبت ماپڻ جو اوزار به مٽجي چڪو آهي ان ڪري پنهنجو ڪالهه، اڄ ۽سڀاڻ محفوظ ڪرڻ ايترو ڏکيو آهي، جيترو واريءَ کي مٺ ۾ قيد ڪرڻ. بيشڪ اڄ جو دور لطيف وارو دور نه آهي جڏهن نار وهندا هئا جنهن لاءِ ئي ڀٽائي چيو ته:

تري ڀڳل ڪنگري ٺلها ڦيرا ڏئي،

نڪي ڏئي نڪي نئي پر سلهاڙي وڃي سڄڻين.

ها اڄ جي دور ۾نار جي جڳھ تي ٽيوب ويل آهن ۽ ڪنگري جو ڪارج ويو ختم ٿي، ٻيلا ويا ڪٽجي، ريتون ويون بدلجي، ان ڪري ان ڪرت سان سلهاڙيل لفظ ويا متروڪ ٿي، پر اڄ به پڙهبو ته ضرور ڪنگري جو ذڪر ايندو، بيشڪ ڪي مون پارا ڀڳل ڪنگري هجن، جن جي اڄ ضرورت نه آهي پر سلهاڙي هلڻ، گڏ بيهڻ، موجود رهڻ، ٻين کي احساس ڏيارڻ ته ڪو ته گڏ آهي، توڙي جو مدي خارج آهي، ڪم جو نه آهي، سوچ وسيع ۽ قلب روشن نه اٿس، اڄ جي جديد حالتن پٽاندڙ لٻاِڙي آهي، ماضي جا قماياداش پر حال کان بيگانو آهي، مستقبل تي نظر نه اٿس، اهو سچ ٿي سگهي ٿو پر اوهان سان گڏ آهي، سلهاڙيل آهي، اهو ضرور ياد رکو ڇو جو گڏ هجڻ به تقويت، طمانيت جو احساس ڏياري ٿو، اڄ جي جديد دور ۾ بيشڪ آتڻ ۽ اوڏ اسان لاءِ اجنبي آهي پر ماضي جي تخليقڪارن کين ادب ۾ آڻي محفوظ بڻائي ورتو آهي.

ڇنل ڇڄ هٿن ۾ ڪلهن ڪوٽارا،

پورهئي خاطر پنهنجي اٺن سوارا.

اوڏ به ويچارا لاکا وڃن لڏيو.

يا

پاڻي پاند ڪپاھ جان مون آتڻ نهاريو،

کڻي ڪانه پساھ سرتيون وڃي ستيون.

جي اڄ اسان انهن شين جو ذڪر ۽ ورجاءُ نه ڪنداسون ته اسان پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ اجرڪ کان اجنبي بڻجي وينداسون، ڏاهن چواڻي ته جڳھ به اها جٽاءُ ڪندي جنهنجو بنياد اونهو رکيل هجي.

سو جي اهو چئجي ته اهل مدينه کان پوءِ اهل سنڌ کي اها وشال ڪائنات ۾ سگھ آهي ته هن موت سان اکيون اکين ۾ ملائي موت کي للڪاريو آهي ته ڪا ٻٽاڪ يا هوائي توائي، سکڻي ڳالھ نه آهي پر ماضي شاهد آهي ۽ حال به گواھ آهي ۽ تسلسل به آهي. راءِ ِسهارس جو ڪيڪنان جي پهاڙن ۾ موت کي للڪارڻ، مخدوم بلاول جو گهاڻي ۾ پيڙهجڻ، شاهه عنايت جي جهوڪ ۾ شهادت ماڻڻ، مائي بختاور جي حق لاءِ ويڙھ، ذوالفقار علي ڀٽو جي آڻ نه مڃڻ، پنڪي جو ڪارساز واقعي کان پوءِ به ثابت قدمي سان موت کي للڪارڻ، شهيد نظير عباسي جو ٽارچر سيل مان چچريل لاش ملڻ، جي ايم سيد جي ستٽيھ سال جيل ياترا ۽ نظر بندي، ايمان جي سلامتي سان ڄام ساقي جو لاهور جي قلعي مان موٽڻ، مائي جندو جو انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ زيب النساءِ ۽ حاڪم زادي جو پاڻ ساڙڻ، ايم آر ڊي تحريڪ، ٻٽي نظام جي خاتمي جي جدوجهد شاهد آهن انهن ڳالهين جون ته اسان جو رڳو ماضي نه پر حال به مسلسل جاکوڙ جو ساکي آهي. ها اهو سچ آهي ته انساني دماغ ڪمپيوٽر ايجاد ڪيو آهي، ماڻهو مريخ تي رهڻ جو سوچي پيو، گهرجون بدليون آهن، خطن جي جڳھ ميسيجن والاري آهي، سالن جا سفر ڏينهن ۾ ۽ ڏينهن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ٿي رهيو آهي، خريداري لاءِ ڪريڊٽ ڪارڊ اچي چڪو آهي، آئون به اهو نه ٿو چوان ته منهن نه ڌوئڻ گهرجي، ان عذر خاطر ته پاڻي جي کوٽ آهي يا غربت آهي!

آئون چاهيان ٿو ته عالمي لاڙن جي ڄاڻ ضروري آهي. علم حاصل ڪرڻ اهم آهي، اجتماعي سوچ اچڻ اهم آهي، گلا، غيبت جو خاتمو ضروري آهي پر ماضي کي ياد ڪرڻ به اوترو ئي اهم آهي جو حال جي حقيقتن تائين رسڻ لاءِ ماضي جي ڄاڻ انتهائي ڪارگر ثابت ٿي سگهي ٿي. موهن جي دڙي کي ياد ڪنداسون ته حال جي حقيقت کي پرکي سگهنداسون پر ضروري آهي ته تاريخ درٻارين جي لکيل نه هجي ڇو جو درٻاري تاريخ نويس ۽ سندس لکيل تاريخ  ڪمند جي رس چوسيل پوٻي وانگر هوندي آهي بيشڪ حالتون هيئن آهن ته

سنڌ ايڪهين صدي ۾ زندگي ڳولي پئي.

جيئن مڇي سنڌو ندي ۾ زندگي ڳولي پئي.

بيشڪ صديون پهرين به سنڌ وڙهي آ ۽ اڄ ايڪهين صدي ۾ به سنڌ جون حالتون ساڳيون جنگ واريون آهن جو سنڌو اڄ به قيد آهي، جنهن ۾ پلجندڙ جيوت حياتي جي ڳولا ۾ آهي پر ٽي سو سال گذرڻ باوجود لطيف جون هيٺيون سٽون اڄ به امر آهن:

اڃان تو منجهان ڪک ڇهي رت نڪري،

ڪيئن جهليندي منهن ۾ محبوبن جا گهاءَ،

سو تون ڪڄاڙا سڪڻ جون سڌون ڪرين.

لاشڪ ڪک جي ڇهڻ سان به رت نڪريو اچي، اسان پارن جو، واقعي ئي خوف ۾ ورتل آهيون، زندگي جي رنگينين اسان کي به گروي ڪري ورتو آهي، اسان ۾ گيدي پڻو واسو ڪري ويٺو آهي پر اڄ به اسان جا شاعر اسان کي جاڳائن ٿا ۽ چون ٿا:

تون دار جي سرڪڻ ۽ زندان کا ڇرڪين ٿو،

ڇا ڀونءِ جو ماڻهوءَ تي قرض به نه ٿيندو آ (ساحر)

ڀونءِ جو قرض ادا ڪرڻ لاءِ جديديت سان گڏ قديم قدرن ۽ وکرن کي سنڀالڻ گهرجي. نماڻي چيو هو ته

ڇا هٿ ڪٽيا، ڇا قلم ٽٽا، تاريخ ته پوءِ به ڳالهائيندي،

هي ڌنڌ هٿن ڪوهيڙ ٽٽڻ سڀ روشن چارا ٿي ويندا.

سو يارو تاريخ کي ياد ڪرڻ ۽ بار بار ماضي جا حوالا ڏيڻ ڏوھ نه آهي، اڄ به سنڌ ارڏا، بهادر، ڏاها، پارکو، ڄاڻو، علم دوست، علم پرور، شاعر، اديب، فنڪار، ڪلاڪار، ڏات ڌڻي ۽ سماج سڌارڪ ڄڻي پئي، جيڪي پنهنجي ٻولي، پنهنجن دنگن ۽ ننگن جي حفاظت لاءِ جان جو نظرانو پيش ڪرڻ کان نه ٿا ڪيٻائن، پر ها لاشڪ ڪن کي سندن اها ڪرت اڻ لاڀائتي ۽ فضول ڀاسجندي هوندي پر منهنجو ايمان آهي ته هر عمل جو ڪو نه ڪو ڦل ضرور ملندو آهي ۽ آئون جڏهن اهو ورجائيندو آهيان ته منهنجي سنڌ جو ماضي، اسان جي تاريخ، اسان جي سورهيائي وارا عمل ته اهو ذهن ۾ ضرور هوندو آهي ته اڄ تاريخ لکجي پئي، اڄ جو مورخ اڄ جون حالتون رقم ڪري پيو، بيشڪ آئون تري ڀڳل ڪنگري آهيان پر سلهاڙيل ضرور آهيان، وڳر کان الڳ ناهيان، وڳر سان گڏيل آهيان توڙي جو منهنجو پورهيو تڇ برابر به نه آهي پر من مون کي ان ڪري مان ملي جو آئون به ساٿين سان گڏ آهيان.

منهنجي هٿ ۾ گلدستو، هن جي هٿ ۾ پڙهو،

محبت قيد لڪيرن ۾ پاڙيو ساڙيو هي نقشو،

ڪجھ ڦٽ وري اڊڙيا ، ڪجھ گهاو ڀريا آهن،

هڪ عشق ٻيو آزادي جذبا ئي چريا آهن. ( اياز گل)

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *