تازيون خبرون

ماضيء جو آئينو……. ” لکنو، دهلي ۽ طوائف.“  : شفيق شاڪر

مشهور ليکڪ آغا شورس ڪاشميري پنهن جي ڪتاب ” اس بازار مين“ لکيو آهي ته هندستان جي مسلمان بادشاهن مان سڀ کان پهريون طوائفن جو اڏو محمد تغلق پنهن جي راڄڌاني ”دولت آباد“ جي ويجھو ”طرب آباد” نالي قائم ڪيوروزانو شام جي وقت ان اڏي جو چـڱو مڙس مرڪزي برج ۾ اچي ويهندو هو،سموريون ناچڻيون ۽ گويا واري واري سان مجرا مچائيندا هئا پوء جڏهن سج لهندو هو ته بازار سينگارجڻ شروع ٿي ويندي هئي،خريداراچڻ لڳندا هئا ۽ انهن ئي رنگينين ۽ مستين ۾ صبح ٿي ويندي هئي. امير شمس الدين تبريزي انهن ڏينهن ۾ وقت جو وڏي ۾ وڏو گويو هو جنهن جي ماتحت ڪيتريون ئي ناچڻيون ۽ گويا پنهن جي فن جو مظاهرو ڪندا هئا.ان دور جي اهڙن اڏن جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن اڏن ۽ بادشاهي عمارتن جي وچان پنڌ تمام معمولي هوندو هو.اهي اڏا يا ڪوٺا اهڙين جڳهين تي قائم ڪيا ويندا هئا جتي شاهي قلعا يا سلطنت جي اميرن ۽وزيرن جا محل هوندا هئا.

مثال؛ شهنشاه اڪبرآگري ۾ ” فتح پور“ جي هنڌ اهڙين عورتن لاء ” شيطان پوره“ آباد ڪيو هو.دهليء ۾ ” چاندني چوڪ“ ۽ قلعه معلي‘ سان گڏ ئي ” چاوڙه بازار“ هئي.لکنوء جو اڏو ” اوڌ“ جي حڪمران واجدعلي شاه جي محل جي ويجھو هو.خود لاهور کي ڏسو ته ان قسم جي اڏي ۽ شاهي قلعي جي وچان ڪو خاص مفاصلو ناهي.لاهور ۾ اڄ به هڪڙي چوڪ کي ”…….چوڪ “ چيو وڃي ٿوانهيء چوڪ کان“ لاهوري دروازي“ طرف نڪري اچبو ته اتي لاهور جي مشهور ”انارڪلي بازار“ آهي، انهيء بازار تي اهو نالو ئي ان ڪري پيو جو ان بازار جي هڪ طوائفه جنهن جو فرضي نالو         ” انارڪلي“ هو،مشهور آهي ته شهنشاه جهانگير ان جي عشق ۽ محبت ۾ بريء طرح گرفتار ٿي پيو هو جنهن جي نالي جي نسبت سان ئي ان بازار تي “انارڪلي“ جو نالو رکيو ويو.اڄ کان اٽڪل سٺ سال پهريان تائين به ان بازار ۾ طوائفون ويٺل هيون جن کي بعد ۾ لاهور جي ميونسپل انتظاميه اتان بي دخل ڪري کين ” هيرامنڊي“ وارو علائقو مخصوص ڪري ڏنو هو.

ان دور ۾ جڏهن ”اوڌ“ تي واجدعلي شاه ۽ سراج الدولا جو جھنڊو ڦڙڪندو هو ۽ دهلي تي محمد شاه رنگيلي جي بادشاهي هئي ان وقت به انهن جا امير ۽ وزير ڏينهن رات خوبصورت طوائفن سان دل وندرائيندا هئا.اهو زمانو مسلمان سلطنت جي عظيم زوال ۽ سياسي ويرانين جو زمانو هو.صرف ظاهري رسمن ۽ معنوي رواجن تي ٻڌل بادشاهي رهجي وئي هئي،باقي حڪمرانن جو سياسي ۽ حڪومتي معاملن ۾ نه ته ڪو عمل دخل رهيو هو ۽ نه ئي ڪو اختيار! جيتري سندن ٻانهن جي قوت گھٽجي چڪي هئي اوتروئي سندن زبان،ڪنن ۽ اکين جي نزاڪت جي صلاحيت وڌي ويئي هئي.

جن عورتن جو پيشو نچڻ ۽ ڳائڻ هوانهن کي ”طوائف“ ۽ جن جو ڪاروبار جسم وڪڻڻ هو انهن کي ” ڪسبي“ يا ” ڪنچن“ سڏيو ويو.شجاع الدولا ۽ واجدعلي شاه واري لکنو طوائف جي مختلف شاخن کي خوب ترقي وٺرائي ۽ بادشاهن،اميرن ۽ وزيرن جي عيش طلبين انهن اڏن کي باقائدي هڪ تهذيب ۽ ثقافت جي دائري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هڪ اهڙو معاشرو وجود ۾ اچي ويو جو مسلمان بادشاهن جي پوري تاريخ ۾ ”طوائف“ جي ايڏي عروج جو ٻيو ڪو مثال نظر نٿو اچي.

سراج الدولا نواب صفدر جنگ جو فرزند هو.جڏهن هن جو انگريزن سان ٺاه ٿي ويو ته هن فيض آباد جو سفر اختيار ڪيو.احمد خان بنگش هن کي سفر تي روانو ٿيڻ کان پهرين ٽي نصيحتون ڪيون. پهرين اها ته مغلن تي اصل اعتبار متان ڪرين،ٻي اها ته فيض آباد کي پنهن جي تخت گاه بنائجانء ۽ ٽين نصيحت اها ته سلطنت جا سمورا وڏا ڪم خواجا سرائن (ٽين جنس) جي حوالي ڪجانء.سراج الدولا انهن ٽنهي ڳالهين تي جيئن جو تيئن ڳنڍ ٻڌي بيهي رهيو. پهريون ڪم اهو ڪيائين جو فوج جي ڪل ڪمان خواجاسرائن جي حوالي ڪري ڇڏيائين. سڀ کان وڏي فوجي ڊويزن ۾ چوڏنهن هزار سپاهي هئا جن جي ورديء جو رنگ ڳاڙهو هو،هڪ خواجاسرا بسنت علي خان کي ان جو ڪمانڊر مقرر ڪيائين.ساڳئي نالي سان هڪ ٻئي خواجا سرا جي حوالي هڪ هزار ڪاريء وردي وارن گھوڙي سوارن جو لشڪر هوخواجاسرا امبرعلي خان جي زيرقيادت پنج سو گھوڙيسوارن جو دستو ۽ خواجاسرا محبوب علي خان جي ڪنٽرول ۾ به پنج سو جو لشڪر جڏهن ته هڪ ٻئي خواجاسرا لطافت علي خان جي حوالي به اٽڪل ايترن ئي سپاهين جو لشڪر هو.ان کان علاوه نواب سراج الدولا جي درٻار ۾ ڪيترائي زنانا ۽ مرداڻا خواجاسرا اهم عهدن ۽ ٻين گھريلو ذميدارين تي مقرر ٿيل هئا. عبدالحليم شرر لکيو آهي ته سراج الدولا جي دل هروقت خوبصورت عورتن ۽ من موهيندڙ ناچڻين جي محبت ۽ شوق جو شڪار رهندي هئي.سمورا چوڪ،شهر ۽ بازارون طوائفن سان ڀريل هيون. سوين اهڙيون خدمتگار عورتون مقرر هيون جن جو ڪم ان کان سواء ٻيو نه هو ته جڏهن به نواب شڪار يا تفريح وغيره بهاني محل کان ٻاهر نڪرندو هو ته اهي خدمتگار عورتون خيما کڻي ساڻس گڏ هلنديون هيون ۽ جتي به اشارو ٿيو اتي بنان دير جي خيما بيهي ويندا هئا.بس پوء ته جنگل ۾ منگل مچي ويندو هو.شام ٿيندي ئي راڳ،رقص ۽ سرور جون محفلون ڄمنديون هيون جيڪي صبح تائين جاري رهنديون هيون.

واجدعلي شاه جي دور ۾ سراج الدولا جو لڳايل اهو ٻوٽو وڌي وڻ ٿي پيو.ايستائين جو واجدعلي شاه جي سڃاڻپ ئي راڳ رنگ ۽ ناچ گاني جي حوالي سان ٿيڻ لڳي.واجد علي شاه جا پرڪار ننڍپڻ کان ئي ڪي ٺيڪ نه هئا،هو جيئن ئي تخت تي ويٺوته اهڙين عورتن سان سان سندس رغبت ۽ شوق جو اهو عالم هو جو هن فوج جي مختلف يونٽس جي نالن ڦيرائڻ جي اهڙي ته راند ڪئي جو فوج جو پورو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو.مثال؛ فوجي رسالن جا نالا ” بانڪا“ ،”ترڇا“ ۽ ”گھنگھور” رکيا، ٻن پلٽنن جا نالا ٻن مشهور طوائفن جي نالن سان ” اختري“ ۽ ” نادري“ رکيا.هر اها عورت جيڪا هن جي هوس جو شڪار بڻبي هئي انهيء کي هو ”ممتوعه “ جي لقب سان سڏيندو هو.هڪ دفعي ڪنهن ڀنگياڻيء تي سندس روح ريلو کاڌو ته کيس ” نواب مصفه بيگم“ جي شاندار خطاب سان نوازيائين. اهڙيء طرح ڪنهن بهشتڻ تي من مست ٿيو ته ان کي ”نواب آب رسان بيگم“ جو لقب عنايت ڪيائين، مطلب ته انهن تماشن ۽ رنگيلي بازين ۾ هن جو ڪو ثاني نه هو.هو پهريون مسلمان حڪمران هو جنهن خوبصورت عورتن جي هڪ ننڍڙي فوج ٺاهي.

وري واجدعلي شاه جو وزير علي نقي خان بادشاه کان به ان معاملي ۾ چار رتيون ڪثر هو،سندس ڌيء نواب اختر شاه جي ملڪه هئي.اهو ته هو لکنوء جو منظر پر محمد شاه رنگيلي جي دهليء جا منظر به ان کان ڪي مختلف نه هئا.نواب درگاه قلي خان انهن منظرن جو جيڪو ذڪر ڪيوتنهن کي خواجه حسن نطاميء اردوء جي هنن لفظن ۾ ترجمو ڪيو آهي.” جيڏانهن نظر کڻي نهاريو،دهليء جا سکيا ستابا ماڻهو زندگيء جون بهارون لٽڻ ۾ مصروف نظر اچن ٿا.هر ڳوٺ ۽ بازار ۾ حسن ۽ عشق جا قصا  آهن.هر وڻ جي ڇانو ۾ عاشق ۽ معشوق دل وندرائيندي نظر اچن ٿا،هر ميدان ۾ محبن ۽ محبوبن جون ٽوليون نظر اچن ٿيون.“  اها ڳالهه هاڻي تحقيق بعد ثابت ٿي چڪي آهي ته طوائف جو ادارو حڪمرانن ۽ جاگيردارن ذريعي ئي پروان چڙهيو.وڏين وڏين رياستن ۾ ”ڪسبڻيون“ پلجنديون ۽ ننڍين ننڍين رياستن ۾ وڪبيون رهيون آهن.انهن رياستن جي گندي نظام جي ڪري جسم فروشيء جو ڪاروبار عروج تي پهتو.هڪ انگريز آفيسر جيڪو هندستان ۾ مقرر هو تنهن پنهن جي برطانوي حڪومت کي هڪ خط لکيو جنهن ۾ هن اهي لفظ استعمال ڪيا هئا ته ” رياستي عملدارن جو صرف هڪڙو ئي ڪم رهجي ويو آهي سو اهو ته اهي حڪمرانن لاء عورتون اغوا ڪن ٿا“                                                    ( سلسلو هلندڙ)

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *