تازيون خبرون

مادري ٻوليون ۽ اسان جي ذميواري: سليم جروار

12فيبروري ماءُ ٻولين جو عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. يونيسڪو پاران هن ڏينهن کي 17 نومبر 1999ع تي ٻولي جي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل ان بنگالي شاگردن کي ڀيٽاطور ملهائڻ جو اعلان ڪيو جيڪي شاگرد 21 فيبروري 1952ع تي پنهنجي ماءُ ٻولي کي پنهنجي اهميت ڏيارڻ لاءِ ڀرپور تحريڪ جو حصو هئا، ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج تي پوليس ۽ فوج گوليون وسايون ۽ اهي ٻولي تان قربان ٿي ويا. نفرت جي ان جنگ جيڪي اڳتي هلي نتيجا ڏنا اهي اڄ به چٽا آهن، ملڪ جو اڌ حصو اسان کان الڳ ٿي ويو. پر پنهنجي ٻولي تان قربان ٿيل انهن شاگردن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ يونيسڪو ان ڏينهن کي ”ماءُ ٻولين“ جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو. ان کانپوءِ هاڻ دنيا جون قومون هن ڏينهن کي ڀرپور طريقي سان ملهائين ٿيون.

سنڌي قوم پنهنجي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو آهي. سنڌي قوم جي ٻولي سان جذباتي وابستگي ان ڳالهه جي اُميد ڏياري ٿي ته هڪ ڏينهن سنڌي ٻولي کي پنهنجي اهميت ضرور ملندي، ادارا هجن يا انفرادي حيثيت ۾ سنڌي پنهنجي ٻولي لاءِ اونو رکن ٿا. پنهنجي پر ۾ هر ڪو ئي جاکوڙ ڪري ٿو، پر ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ لاءِ آئيني ۽ قانوني مونجهارن باعث رياست جو اهم ڪردار آهي. ٻولي لاءِ اٿيل هي بلند آواز اقتداري ايوانن ۾ ويٺل ڪجهه فردن جي فيصلن باعث اهو معاملو هميشه نفرت ۽ تضاد وارو رهيو آهي، ان هوڏ ۽ انا جيڪي نتيجا ڏنا ان تاريخ مان سکڻ بجاءِ، اهي چند فرد الئه ڇو سمجهڻ لاءِ تيار ناهن؟ ان سلسلي ۾ 2010ع ۾ سنڌ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير محترمه سسئي پليجو پاران سنڌي ٻولي اٿارٽي جي ميزباني هيٺ محمد ابراهيم جويو جي سربراهي ۾ ٻولي ماهرن جي جوڙيل ”لئنگئيج ڪميٽي“ هڪ ڀرپور ڪيس ٺاهي منطق ۽ دليلن سان اها ڳالهه سمجهائي ته اهو تضاد رياست لاءِ ڪنهن به ريت فائديمند ناهي. ان ڪميٽي سمورين مادري ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جي سفارش ڪئي، تيار ڪيل اهو ڀرپور ڪيس قومي اسمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي تائين پهچايو ويو، پر اهو اتي ئي رد ڪيو ويو.

سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي واري اهميت ڏيڻ واري تحريڪ هاڻ زور وٺي رهي آهي. ٻولي جي موضوع تي هن سال فيبروري ۾ مختلف اداران پاران ٿيندڙ ڪانفرنسون ۽ انهن ۾ ماڻهن جي دلچسپي ان ڳالهه جو ثبوت آهي. ان کان سواءِ پاڪستان جي ٻين قومن جي ٻولي ماهرن ۽ ساڃاهه وند ڌرين آواز اٿارڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي ۽ ملڪ جي هر علائقي ۾ ٻولي معاملي تي بحث شروع ٿي چڪا آهن، جيڪي ضرور ڪنهن نتيجي تي پهچندا.

اڄ دنيا ۾ جتي به ڪروڙين سنڌي ڳالهائيندڙ رهن ٿا اهي پنهنجي ماءُ ٻولي جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن پر سنڌي ٻولي کي دنيا جي جديد ٻولين سان همڪنار ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ۽ غير معمولي جاکوڙ جي ضرورت آهي. سنڌ جي شهرن ۾ خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ۾ تعليم ڏيارڻ لاءِ حڪومت سان گڏ والدين ، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا کي کُلي اڳتي اچڻو پوندو. سنڌ جي سرڪاري تعليمي ادارن کي وڌيڪ فعال ڪري تعليمي سرشتي کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌي ٻولي کي مارڪيٽ جي ٻولي بنائڻ لاءِ جٽادار مهم هلائڻ به وقت جي ضرورت آهي. شهر اسان جا، خريدار اسان پاڻ پوءِ پنهنجي ٻولي جو استعمال اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. ٻولي سان اهو رويو انتهائي خطرناڪ آهي پنهنجي ٻولي انهن ماڻهن جي ضرورت ۽ مجبوري بنائڻ لاءِ سمورين ڌرين کي اجتماعي توڙي انفرادي طور اڳتي اچڻو پوندو، ڇو ته جهڙي ريت ٻولي جون دشمن ڌريون طاقتور آهن ان جي ڀيٽ ۾ اسان کي وڌيڪ جاکوڙ ڪرڻي پوندي.

بنگال جي نوجوان شاگردن جانين جو نذرانو ڏيئي پنهنجي ٻولي جي اهميت وڌائي اهڙي ريت اسان به پنهنجي ٻولي جي اهميت لاءِ جيستائين عملي طور اڳتي نه اينداسين تيستائين ان جي ترقي ته پري جي ڳالهه پر سلامتي به سواليه بڻيل رهندي، ادارا پنهنجي وس آهر ڪم ڪري رهيا آهن، ميڊيا جو ڪردار به ساراهه جوڳو آهي پر وڏي ذميواري اسان جي عام ماڻهو جي آهي جيڪو پنهنجي عام واهپي ۾ سنڌي کي اها اهميت ڏي جيڪا سنڌي ٻولي جي قدامت آهي. اداران سان گڏ حڪومتِ وقت، سول سوسائٽي ۽ عام فرد جو  به فرض آهي ته پنهنجي ماءُ ٻولي جي ترقي، واڌويجهه ۽ استعمال لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ان کان پهرين جو چيو وڃي ته:

”الا ايئن نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي

ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.“

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *