تازيون خبرون

ليڊي هيلٿ ورڪرز جي تاريخي تحريڪ: حنيف سوڍر

جيڪڏهن موجوده سياسي ڪلچر تي چڱيءَ ريت ويچار ڪري ڏسبو، ته اها جاگيرداريت جي اشڪنجي ۾ ڦاٿل نظر ايندي، جنهن سبب طبقاتي ڪلچر کي جيئن پوءِ تيئن هٿي ملندي رهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو وقت سر سياسي ڌرين کي پاڻ ۾ اٽڪائي انهن جي چيلهه چٻي ضرور ڪئي ويندي آهي. ليڪن وقت جي حڪمرانن کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته وقت هميشه ساڳيو ناهي رهڻو. هڪ نه هڪ ڏينهن تبديليءَ جو سج اڀرڻو آهي ۽ ضرور حالات ڦيرو ضرور کائيندا آهن.

هن وقت سنڌ جي موجوده صورتحال تي جيڪر سوچجي، معلوم ٿيندو ته اسان جو آئيندو روشن ٿيڻ بجاءِ انڌهاري ڏانهن ويندو محسوس ٿيندو. جهڙيءَ ريت سماجي، سيڪيولر ۽ قومپرست جماعتن کان ويندي سياسي ڌرين کي هڪ پاسي خاموش رهڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي، ته ٻئي پاسي ٿيندڙ ناانصافين خلاف سنڌ جو عوام حقن جي حاصلات لاءِ جڏهن ڪٺو ٿي روڊ رستن تي نڪري نروار ٿئي ٿو، ته بروقت انهن جا جائز مطالبا مڃڻ بجاءِ الٽو کين حراسان ڪري ماٺ ڪري ويهي رهڻ لاءِ هيسايو ۽ ڌمڪايو وڃي ٿو. جنهن سبب سنڌ جو عوام ڏينهون ڏينهن بيشمار مسئلن جي ور چڙهندو پيو وڃي. سنڌ ۾ ڪر کڻي وڌندڙ انيڪ مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ نبيرڻ جي سموري ذميواري اخلاقن قانون موجب آئيني طور تي رياست ۽ حڪومت جي عملدارن تي مڙهيل هوندي آهي. ليڪن انهن ڳالهين کان انڪار ڪرڻ ناممڪن آهي ته اهڙي سماجي مسئلن تي قومپرست پارٽين، سيڪيلور جماعتن کان ويندي سياسي ڌرين جي اڳواڻن کي ڪيئن ٿو خاموش ڪرايو وڃي! ڪيئن ٿو ڪڏهن مزدورن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ کان پوءِ انهن جي مسئلن کي نبيريو وڃي! ڪيئن ٿا ڪڏهن ٻين صوبن مان لاشن جا تحفا موڪليا وڃن! ڪيئن ٿو عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ سياسي توڙي سماجي شخصيتن کي کنڀي گم ڪيو وڃي! اهي سموريون ڳالهيون هڪ پاسي پنهنجي جاءِ تي اهم سوال آهن، ته ٻئي پاسي ڄاڻي واڻي انهن مسئلن کي حل ڪرڻ بجاءِ اڪثر ويتر وڌائي پيش ڪيو ويندو آهي، جنهن سان افرارتفريءَ وارو ماحول مچائي بدامني کي هٿي ڏيئي هڪ پاسي لاقانونيت جو ثبوت ڏنو پيو وڃي، ته وري ٻئي پاسي خاصي بجيٽ هئڻ باوجود سنڌ جي عوام جي جائز مسئلن کان ڄاڻي واڻي ڪن لاٽار ڪيا پيا وڃن. ان سموري نظام کي ذهن نشين ڪري مستقبل لاءِ مفڪرمند ٿي ڪري ويچار ڪجي ۽ پوءِ ان سوال جو نتيجو ڪڍجي ته اسان جي ان موجوده سياسي ڪلچر جا اسان جي ۽ نسل جي مستقبل تي ڪهڙا اثر پوندا؟ جيڪر اڃان به اسان کي سمجهڻ ۾ مشڪلات محسوس ٿئي، ته پاڻ عورتن واري احتجاجي بک هڙتال جي لڳل سينچريءَ مان با آساني سمجهي سگهون ٿا. اڃان به جيڪر نه سمجهون يا سمجهڻ باوجود ڪن لاٽار ڪري چپ چاپ ٿي ويهي رهون، ته پوءِ يقين ڪريو اسان ئي سنڌي عورت جي عظمت ۽ سنڌ جي عظيم ثقافت، تهذيب، ريتن ۽ رسمن ۽ تمدن جي تباهيءَ ڏانهن رخ تبديل ڪرڻ جا ذميوار هونداسين. پاڻ ئي پنهنجن پير تي ڪهاڙو هڻڻ وارن بيوقوفن مان هونداسين.

دنيا ۾ سنڌ جي عظيم ثقافت ۽ سنڌي عورت جي عظمت جو شاهه لطيف جي شاعريءَ کان وڌ ٻيو ڪهڙو ثبوت کپي! سنڌي شاعريءَ ۾ اڄ تائين سنڌي عورت ماءُ جي روپ ۾ ماءُ جي مامتا جي واکاڻ ٿيندي آئي آهي، ونيءَ واري روپ ۾ وفا شعار زال جو وجود قائم رکندي آئي آهي، ڌيءُ جي روپ ۾ پيڪن جي اڪير سمائيندي نظر ايندي رهي آهي، ته ڪڏهن وري ڀيڻ جي روپ ۾ ڀائرن جي عزت ۽ وقار جي علامت ٿيندي نظر ايندي رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به ٻهراڙيءَ وارن علائقن توڙي شهرن ۾ سنڌي عورت جي عظمت ۽ بلند اخلاقيءَ جو جيئرو جاڳندو ثبوت ملي ٿو. عورتون پنهنجن ورن کي زندگيءَ جو محور سمجهن ٿيون، جنهن سبب ساڻن عقيدت ۽ محبت ٿئي ٿي. ڀينر پنهنجي ڀائرن تان قربان ٿينديون آهن. مائرون اولاد تي ساهه صدقو ڪنديون آهن. ڌيئر پنهنجي پيڪن لاءِ سڪنديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ جي گهڻائيءَ واري حصي ۾ سنڌي عورت جي سچائي، دليري، وفاداري، لڄ ۽ حياءَ، وقار ۽ قوت برداشت جي نمائندگي ڪندي نظر اچي ٿو.

خير، پاڻ ڳالهه پئي ڪئيسون انهن ليڊيز هيلٿ ورڪرز جي، ته جن پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ڪجهه مهينه اڳ گوزي کان خيرپور ناٿن شاهه تائين اونهاري جي تيز تپش هئڻ ڪري گرم روڊ ۽ رستن تي معصوم ٻارڙن سان گڏ اٺ، نو ڪلو ميٽر فاصلو طئي ڪري لانگ مارچ ڪيو هو. انهن سنڌ جي نياڻين پنهنجي معصوم ٻارڙن سميت شديد گرمين ۽ لوڊ شيڊنگ جهڙين مشڪلاتن سان مهاڏو اٽڪائيندي هڪ وڻ جي معمولي ڇانو هيٺان ڪيمپ لڳائڻ کان پوءِ احتجاجي بک هڙتال تي مسلسل ان اميد سان ويٺيون ته هڪ نه هڪ ڏينهن اسان سان انصاف ٿيدو! ليڪن انهن ليڊيز هيلٿ ورڪرز ۽ سندن معصوم ٻارڙن جي تحريڪ کي 100 ڏينهن مڪمل ٿي ويا. افسوس! ڪو ٻوٽو نه ٻريو. انهن سنڌ جي نياڻين جا جائز مسئلا سنڌ جي ڪنهن سياسي، سماجي، قومپرست پارٽين جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن سان گڏ ٻين ساڃاهوندن عورتن توڙي مردن، شاگردن توڙي شاگردياڻين ۽ هر عام کي چڱي ريت معلوم آهي. گذريل ڪالم ۾ اهڙو ذڪر ڪري چڪو آهيان. ڪهڙو ويهي انهن کي تفصيل سان لکجي. سچ اهو آهي ته انهن جي جائز مطالبن کي اڃان تائين تسليم نه ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه مڃڻ جوڳي آهي ته سنڌ ۾ عورتن جي ان لڳاتار احتجاجي بک هڙتال واري هلندڙ تحريڪ کان اڳ اهڙي ڊگهي تحريڪ ناهي هلي. ڌيان طلب ڳالهه آهي، ته ڇا ليڊيز هيلٿ ورڪرز جي مسلسل جاري رهندڙ 100 ڏينهن واري تحريڪ اتي دنگ ڪندي يا اڃان وڌيڪ جاري رهندي!؟ جيڪر جاري رهي، ته تاريخ ۾ ان کان وڌ وقت جي حڪمرانن جي اڃان ٻي ڪهڙي بيحسي چئبي!؟

پروين کوکر، فاطمه ملاح، رخسانه عباسي، نور بانو ملاح، پروين ناريجو، نجمه مگسي، زاهده خاتون ۽ رابيعه ناريجو جي اڳواڻيءَ هيٺ حقن جي مطالبن واري مسلسل جاري رهندڙ ان جدوجهد دوران انهن عورتن سان ڇا وهيو واپرايو انهن کان به هر ساڃاهوند با خبر آهي. ان تحريڪ ۾ 7 معصوم ٻارڙن جي ماءُ ليڊي هيلٿ ورڪر ”عاليه ميراڻي“ جيون جي جنگ هارائي ويٺي ”سنديس ٻچڙن جو خدا ڄاڻي ڇا ٿيندو!“ تحريڪ دوران مٿن آنسو گئس جا گولا به اڇلايا ويا هئا، نوڪرين تان لاهي ڇڏڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏوگڏ بيهوده تهمتون لڳائي کين خوار ڪرڻ جون به ڪوششون ڪيون ويون هيون ته ڪن نياڻين کي وارن کان گهليو ويو هو. تنهن باوجود به هنن حوصلو نه هاريو ۽ عيدن سان گڏ رمضان جهڙو ڀلارو مهينو به انهن  گرمين ۽ ڪانو جي اک ڪڍندڙ گرم ڏينهن جي تپش ۽ ڪاڙهن ۾ گذاريا. ان کان علاوه گهر گهاٽ ڇڏڻ ۽ صبح شام سفر جون تڪليفون سر تي سهي ڪشالا ڪاٽينديون رهيون.

سنڌ ۾ ٻين انيڪ مسئلن سان گڏ اهڙا به مسئلا روز جو معمول بڻيل آهن جيڪي عورتن سان ٿيندا رهن ٿا. ساڻن جانورن جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. ڪڏهن غيرت جي نالي تي ڪاري ڪارو ڪري ماريو وڃي ٿو. ڪٿي ٿوريءَ گهڻي ڳالهه تي ڪاوڙ ۾ اچي ڪٿي ڀاءُ، ڪٿي مڙس، ڪٿي ڏير ته ڪٿي وري پيءُ يا ڪو ٻيو ماڻهو آتشي يا غير آتشي هٿيارن جا وار ڪندي سندن ڳلو ڪپيو ٿو وڃي ته ڪٿي مٿن تيزاب هاري ماريون يا شديد زخمي ڪندي کين کاريو وڃي ٿو، ته ڪٿي وري چوديواريءَ اندر ئي اندر کين قيد ڪري مختلف طريقن سان حراسان ڪيو وڃي ٿو. ان ئي عظيم عورت کي وحشي درندن پاران پنهنجن مفادن خاطر ڏاڍ ۽ جبر ڪندي استعمال ڪيو ٿو وڃي ته ڪٿي وري جرڳن جي ور چاڙهي چند ٽڪن عيوض کين ڪنهن پوڙهن جي وني بڻايو وڃي ٿو يا پهاڄ تي پرڻائي مٿس مصيبتن جا پهاڙ کڙا ڪيا وڃن ٿا. جنهن ڪري يا ته هوءَ زهر جا ڍڪ ڀري سٺ ستر سال ڪنڌ جهڪائي غلامن وانگر جيئي ٿي يا وري دنيا کان ڪناره ڪشي ڪري ٿي. ان ئي سنڌي عورت کي ريتن رسمن جي ور چاڙهي ننڍڙي عمر ۾ گهر اندر قيد ڪري يا وري شادي ڪرائي تعليم جهڙي زيور کان تاحيات محروم ڪيو وڃي ٿو.

اسان جي معاشري اندر اهڙي کوکلي انسان پاران عورتن کي جسماني ۽ ذهني طور تي تشدد ڪيو وڃي ٿو. جنهن ڪري عورت جو گھر کان ٻاهر قدم رکڻ ۽ ناانصافي خلاف آواز اٿارڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو آهي. اهڙي سماج ۾ هڪ ليڊيز هيلٿ ورڪر کي پنهنجي ٻارڙن، مڙس يا گهر جي سموري خاندان جي ذميوارين جا بار ڪلهن تي هئڻ باوجود خدا ڄاڻي در در وڃي پنهنجي فرضن جي ادائگي ڪرڻ لاءِ ڪيترين ڪٺن حالتن ۽ مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پوندو هوندو! اهڙي مرداڻي سماج ۾ سموريون ذميواريون نڀائڻ ۽ ڪشالا ڪاٽڻ باوجود ليڊيز هيلٿ ورڪرز احتجاجي ڪئمپ واري جدوجهد کي مسلسل جاري رکنديون آيون آهن. اها سنڌي عورت جي بلند حوصلي، اٽل ارادو، بهادري ۽ منجهن دليري هئڻ جو ثبوت آهي.

اڄ جي هن جديد دور جي تقاضا اها آهي ته مرد ۽ عورت ٻنهي کي برابر جو شهري تسليم ڪندي کين برابري جا حق ڏنا وڃن. تنهنڪري ضرورت ان جي آهي ته هي مسئلو نه صرف انهن ليڊيز هيلٿ وڪرز جو آهي، جيڪي روزانو ڪئمپ تي موجود هجن ٿيون، پر سموري سنڌ جون موجود ليڊي هيلٿ ورڪرز پنهنجو مسئلو سمجهن ۽ ساڻن ٿيندڙ ناانصافين کي پاڻ تي لاڳو ڪري گڏجي جدوجهد جو آغاز ڪن ۽ ان سان گڏ هر ساڃاهوند عورت جو فرض آهي ته هوءَ به ساڻن جدوجهد جو حصو بڻجي، ۽ سنڌ هر جي ساڃاهوند کي گهرجي ته هو سنڌي عورت جي حفاظت، عظمت ۽ عزت کي سنڌي هئڻ ناتي پنهنجي سنڌي نياڻي سمجهي ۽ سندن همٿ ۽ حوصلي افزائي ڪرڻ لاءِ فرض سمجهي، نيڪ نيتي ۽ سچائيءَ سان انهن جي جدوجهد جي دائري کي وسيع ڪرڻ ۾ اڳڀرو ٿئي. ڇاڪاڻ جو انهن جي مسئلن کي نه صرف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جائز قرار ڏئي چڪي آهي، پر سنڌ جي وڏي وزير ”سيد مراد علي شاهه“ بجيٽ اجلاس دوران پڻ انهن کي پڪو ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي.

100 ڏينهن گذرڻ باوجد جڏهن اهڙن فيصلن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي ته پوءِ هاڻي حڪومت کان چڱائيءَ جي ڪهڙي يقين جي آڌار اڃان وڌيڪ اميد ۽ توقع ڪري سگهجي ٿي؟ تنهن ڪري اهو سمورو مسئلو سنڌ جي نه صرف ليڊيز هيلٿ ورڪرز جو پر عورت جو آهي. سنڌ ۽ سنڌي نياڻين سان ناانصافيون ڪرڻ ڪرڻ وارو معاملو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ سياسي، سماجي ۽ حقن لاءِ آواز بلند ڪندڙ ورڪرن ۽ شخصيتن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو معاملو به نه وسارڻ گهرجي. سنڌ ۾ نه صرف اهي ٻئي اهم معاملا پر ان سان گڏ ٻيا به کوڙ سارا مسئلا آهن جيڪي سنڌ جي غريب عوام ۽ مستحق ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ برابر آهن. تنهن ڪري اهڙن مسئلن سان گڏوگڏ ٻين انيڪ مسئلن جي حل ٿيڻ لاءِ به اسان سڀن ساڃاهوندن سياسي، قومپرست پارٽين کان ويندي عورت جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا ۽ ونگز سانگڏ  سنڌ جون سموريون خيرخواه سيڪولير جماعتن کي گڏ ٿيڻ گهرجي. سڀ جا سڀ ملي ڪري گڏجي ان احتجاج جو دائرو وزيراعليٰ هائوس ڪراچي تائين وڌائي ڪامياب بڻائڻ لاءِ آواز اٿارڻ کپي.

جتي پاناما جهڙن مسئلن کي حل ڪيو ٿو وڃي، اتي اهڙن معمولي مسئلي کي نظرانداز ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ جتي سنڌ کان علاوه ٻين صوبن جي ليڊيز هيلٿ ورڪرز جا مسئلا ڏاڍي غور ۽ ويچار سان ٻڌڻ کان پوءِ حل ڪيا وڃن ٿا، اتي سنڌ جا ڇو نه!؟ ان لاءِ سنڌ جي آواز جي ترجماني ڪندڙ سنڌي ميڊيا کي به تن معاملن تي سچائي، بردباري ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجي فرضن جي ادائگي ڪندي روڊ تي نڪري ايندڙ عوام ۽ تحريڪن کي ڪوريج ڏيندي سچي صحافت هئڻ جو ثبوت ڏيڻ ۾ اڳڀرو ٿيڻ گهرجي.

پاڻ ئي پنهنجا ويڄ ٿياسين،

درد اسان کان دور ڀڄي وڃ.

hanifsodhar2017@gmail.com

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *