تازيون خبرون

قطري حڪومت جي لاتعلقي ۽ چونڊن جو سنگنل: صاحب خان ڀٽي

ملڪ اندر مختلف تنظيمون ڪجهه عرصي کان عام چونڊون وقت کان اڳ ٿيڻ جون دعوائون ڪري رهيون هيون، جنهن بابت حڪومت چئي رهي هئي ته چونڊون مقرر وقت کان اڳ نه ٿينديون، پر هاڻ جئين جئين عام چونڊن جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي تئين تئين چونڊن جو به ذڪر تيز ٿيڻ لڳو آهي، هڪ طرف پاناما ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي ته ٻي طرف وري سموريون جماعتون ان انتظار ۾ آهن عدالت جو جلد کان جلد فيصلو اچي ته جئين ڪرپشن ڪندڙن ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙن کي سزا ملي سگهي، تحريڪ انصاف، پيپلزپارٽي ۽ ٻيون جماعتون به پاناما معاملي تي حڪمران جماعت تي تمام گهڻو دٻاءُ وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون آهن، عدالت طرفان به حڪومتي ڌر کان تمام گهڻو پڇاڻو ٿيو آهي، جنهن جو به مطئمن جوڳو جواب نه ڏنو ويو هو، قطري حڪومت به پاناما خطن کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، قطري سفير سقر بن مبارڪ به واضع ڪيو آهي ته پاناما پاڪستان جو اندروني معاملو آهي ۽ قطر ڪنهن به ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو. ايتري قدر جو قطري حڪومت پاناما ڪيس بابت سپريم ڪورٽ ۾ جواب به جمع ڪرايو، جنهن ۾ شهزادي جي خطن کان لاتعلقي ظاهر ڏيکاري وئي آهي. جيتوڻيڪ هن وقت پاناما معاملي تي سموريون تنظيمون ڪو خاص رد عمل نه ڏيکاريون آهن، جئين ڪجهه وقت اڳ پاناما معاملي تي حڪومت خلاف روڊن تي احتجاج ٿي رهيو آهي ۽ ان احتجاج جو سلسلو ان وقت ختم ٿيو هو جڏهن اهو معاملو وڃي سپريم ڪورٽ هليو ويو هو، جنهن تي سمورين ڌرين اتفاق به ڪيو هو.

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به پاناما معاملي بابت پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته عدالت جو فيصلو تمام جلد ايندو ۽ حڪمران ڌر جلد گهر هلي ويندي، جماعت اسلامي جو امير سراج الحق ۽ شيخ رشيد به پاناما معاملي تي تمام گهڻو سنجيده نظر اچي رهيا هئا ۽ حڪومت خلاف ريلين ۽ تقريبن ۾ بيان به ڏيندا هئا، بهرحال هن وقت تائين جيڪي به ٻڌڻيون عدالت ۾ ٿي چڪيون آهن انهن ٻڌڻين دوران حڪمران ڌر تمام گهڻي دٻاءُ جو شڪار رهي آهي ڇاڪاڻ ته جيڪي به سوال حڪمران ڌر کان ڪيا ويا، ان مان نه ته عدالت مطئمن نظر اچي رهي آهي نه ئي تحريڪ انصاف ۽ ٻيون جماعتون نظر اچي رهيون آهن، پيپلزپارٽي به حڪمران ڌر خلاف ڀرپور احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري ته ڪيترن ئي تقريبن ۽ ريلين ۾ نواز سرڪار خلاف اهڙا لفظ به ڳالهايا هئا جيڪي نواز سرڪار برداشت نه ڪري سگهي هئي ۽ بلاول جي پنجاب ۾ سرگرمين کان به خوفزده به نظر اچي رهي هئي، بلاول ڀٽي زرداري جڏهن پنجاب ۾ پنهنجيون سرگرميون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ته ان وقت کيس سڪيورٽي خدشن بابت به آگاهه ڪيو ويو هو ته جئين هو پنجاب ۾ محدود شهرن تائين پنهنجيون سرگرميون جاري رکي سگهي،

بهرحال جيڪي به بلاول ڀٽي زرداري پنجاب ۾ جلسا ڪيا، انهن جو تمام گهڻو نواز سرڪار تي اثر پيو هو، جيتوڻيڪ هن وقت بلاول ڀٽو زرداري ڏيهه نه آهي پر اتي به هن پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي سرڪار تي تنقيد جا تير وسايا آهن  ۽ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته وفاقي سرڪار نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهي آهي ۽ اهو به چيو هو ته پنجاب حڪومت پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪارروائي کان لنوائي رهي آهي ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي، بلاول ڀٽو زرداري هڪ اهم لفظ به جملو چيو ته نواز سرڪار سٺي ۽ خراب دهشتگرد جو اصطلاح آندو. بهرحال هن وقت نواز سرڪار تمام گهڻو دٻاءُ ۾ اچي رهي آهي، جنهن جو مثال وزيراعظم نوازشريف جي وفاقي ڪامبينا کي عام چونڊن جي تيارين لاءِ ڏنل گرين سنگنل مان به ملي سگهجي ٿو. اهو گرين سنگنل وزيراعظم نوازشريف وفاقي ڪابينا جي مشاورتي اجلاس ۾ ڏنو هو،

وفاقي ڪابينا جي مشاورتي اجلاس ۾ وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي ايندڙ عام چونڊن جون تياريون مڪمل ڪرڻ جي هدايت به ڪئي هئي. ميڊيا رپورٽس موجب، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اهو فيصلو به ڪيو ويو هو ته پاناما ڪيس جو جيڪو به فيصلو آيو، ڪابينيا ايندڙ چونڊن لاءِ تيار رهي. بهرحال هن وقت وزيراعظم نوازشريف جو عام چونڊن لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪرڻ به مان لڳي ٿو ته عدالت جو فيصلو اچڻ بعد حڪومت وڏي دٻاءُ ۾ اچي ويندي، جيڪڏهن عدالت ۾ حڪومت ڌر خلاف فيصلو آيو ته پي ٽي آءِ ۽ پيپلزپارٽي سميت سموريون جماعتون جيڪو  ڪجهه چئي رهيون هيون ان ۾ سچيون ثابت ٿي وينديون. تحريڪ انصاف جي اطلاع واري مرڪزي سيڪريٽري نعيم الحق به ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته جج ان نتيجي تي پهچي چڪا آهن ته نوازشريف قوم سان ڪوڙ ڳالهايو، نعيم الحق اهو به چيو هو ته پاناما ڪيس ۾ شاهديون، دستاويز، بيانن ۾ فرق عدالت جي سامهون آهن، حڪمران ڌر جا اڳواڻ به مختلف بيان ڏيڻ ۾ مصروف آهن، وزيراعظم نوازشريف به مختلف منصوبن جا افتتاح ڪري رهيو آهي، هڪ ٻه ڏينهن اڳ سنڌ ۾ به ڪراچي حيدرآباد موٽر وي جو افتتاح ڪيو  هو،  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري به پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته وزيراعظم نوازشريف  هر هڪ منصوبي جو ٽي ٽي ڀيرا افتتاح ڪندو آهي. هڪ طرف قطري حڪومت عدالت ۾ جمع جمع ڪرايو آهي ته ٻي طرف وري حڪومت به ٿرٿلي ۾ اچي وئي آهي.

قطري  سفير سقر بن مبارڪ لامنصوري پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته قطري شهزادي جا خط ذاتي ٿي  سگهن ٿا، جنهن سان حڪومت جو ڪو به تعلق ناهي ۽ نه ئي اهي خط حڪومتي سطح تي جاري ڪيا ويا، بهرحال ان وقت به تمام گهڻو بحث ٿي رهيو هو جڏهن قطري شهزادي جو خط پيش ڪيو ويو هو، جنهن بابت  چيو ويو هو ته قطري شهزادي جو خط پيش ڪري حڪومت پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو، جيڪو اڄ اهو ثابت به ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته قطري حڪومت جي جمع ڪرايل جواب بعد نوازسرڪار جي خط جي ڪا خاص اهميت نه رهي آهي. هڪ طرف نواز سرڪار جي اهم شخصيتن کي تحفا ڏيڻ جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن تي مٿان وري تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشيءَ طرفان به لکين رپين جي ملڪيت ۽ زرعي زمين پنهنجي فيمليءَ کي تحفي طور ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جئين پاناما معاملي تي نوازشريف جي خاندان جون آف شور ڪمپينون ظاهر ٿيڻ بعد پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي به آف شور ڪمپني جو انڪشاف ٿيو هو ۽ هاڻ به اهڙي ريت شاهه محمود قريشي طرفان پنهنجي خاندان کي تحفو ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پر نوازسرڪارکي ڏنل تحفن ۽ شاهه محمود قريشي جي ڏنل تحفن تمام گهڻو فرق به آهي، بهرحال هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته هن ملڪ ۾ پاناما معاملو 2017 ۾ ئي ختم ٿي ويندو يا وري اهو معاملو اڳتي به هلندو، جيڪڏهن اهو معاملو اڳتي هليو ۽ عدالت طرفان جلد فيصلو نه آيو ته مختلف پارٽين طرفان هڪ ٻئي خلاف بيان بازي جو سلسلو جاري رهندو، جنهن سان نه ته ڪو عوام جو فائدو ٿيندو ۽ نه ئي وري حڪومت کي ڪو فائدو پهچندو.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *