تازيون خبرون

فضل سليمان قاضيءَ جو قانون تي لکيل لاجواب ڪتاب ؛اسحاق سومرو

سنڌ ۾ دانشوري به نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ حرفت طور استعمال ڪئي ٿي وڃي. اسان جا ڪيترائي دوست، مها ڏاها، دانشور، صحافي ۽ اديب پنهنجي قلم کي قوم دوست بجاءِ خود دوست رکڻ ۾ سرهائي محسوس ڪندا آهن. اسان جا ساڳيا دوست قلم جي نوڪ مان نڪتل ڏاهپ کي سماجي چڱ ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ بجاءِ، پنهنجي پاڻ کي ڪو سياسي فائدو ڏيارڻ يا سماجي رتبو مٿڀرو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. هيءَ صورتحال اهڙن معاشرن جي عڪاسي ڪري ٿي، جتي جي رهواسين وٽ ضمير ۽ قومي سوچ نالي ڪو وکر نه هجي ٿو ۽ هو هڪ اهڙي ميڙ جي شڪل اختيار ڪندا ويندا آهن، جتي هرڪو ماڻهو ذاتيات جي ڪيمسٽريءَ ۾ ڦاٿل نظر ايندو آهي. سندن سياسيات، سماجيات، معيشت ۽ زندگيءَ جا ڪلي ونهوار وکريل هوندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ اسان جي قومي وحدت ۽ فڪر جي اجتماعي سگهه ۽ وجود جي باقي رهڻ جو سوال، اسان جي خالي دماغن مٿان لامار ڏيندو رهي ٿو.

ان قومي سوچ ۽ اجتماعي فڪر کي ڪنهن هڪڙي هنج جي ضرورت آهي. ان ضروت کي محسوس ڪيو سنڌ جي هڪ ڏاهي، پنهنجي اسلوب ۾ تمام ايماندار ۽ سنڌيت جي خوشبوءِ سان ويڙهيل بظاهر گمنام زندگي گذاريندڙ منهنجي امڙ جي شهر موري ۾ جنم وٺندڙ فضل سليمان قاضي (سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو پهريون صدر)، ون يونٽ جي خلاف جدوجهد ڪندڙ ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ دعوت ڏيئي وٺي ايندڙ، سنڌ لاءِ هن وقت به مسلسل انگريزيءَ ۾ لکندڙ سنڌ جي مفاد کي ڇيهو رسائيندڙ ادارن توڙي ماڻهن سان جهيڙيندڙ شخص آهي.

پاڻ جڏهن بينڪ جي نوڪري ۾ هو، اتي به سنڌ سندس وجود ۾ رت وانگر موجود هئي ۽ هاڻي به باوجود پوڙهائپ جي ائين ئي موجود آهي. ساڻس ڪچهري ڪندي ائين لڳندو آهي ته ڄڻ سنڌ ڳالهائيندي هُجي، پنهنجي دردن جي ڪٿا ٻڌائيندي هجي. جيئن ڪو مريض ڊاڪٽر کي پنهنجي مرض جي باري ٻڌائيندو آهي. قاضي صاحب کي لکڻ پڙهڻ جو شوق نه پر سنڌ سان عشق جي ڪري پاڻ ان کي پنهنجي مجبوري ڪوٺين ٿا. ان جستجو جي پورائي لاءِ قاضي صاحب مختلف بين الاقوامي، قومي توڙي علاقائي اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندا رهيا آهن. پاڻ هونءَ ته کوڙ سارا ڪتاب لکيا اٿن پر سندن تازو لکيل ڪتاب پاڪستان ۾ قانون جي لکيل ڪتابن ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو. اهو ڪتاب انگريزي زبان ۾  Discretionary Power  جي عنوان سان ڇپيو آهي. جنهن جي مهورتي تقريب زيبسٽ ڪراچي ڪئمپس ۾ جلد متوقع آهي. جيئن ته ڪتاب جي نالي پڙهڻ سان ئي پاڪستاني مملڪت جي بدمست آفيسر شاهيءَ جي تصوير ۽ طاقت هر پڙهندڙ ذهن ۾ مظاهر ٿيندي، ان سان گڏو گڏ وري ڪجهه سوال پڻ جنم وٺندا ته اختيار ۽ وري اهي به “آزاد اختيار”!؟….. ڪتاب جي نالي جو جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪجي ته اهو آزاد اختيار ئي ٿيندو. قاضي صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ آزاد اختيار جي صوابديد واري ڏنڊي سان ٿيندڙ ڏاڍ، جبر ۽ بربريت جا داستان ڀلوڙ طريقي سان رقم ڪيا آهن. سندس لکڻين ۾ سنڌ ۽ سنڌيت نمايان نظر اچي ٿي. پاڻ هر فورم تي سنڌ سان ٿيندڙ ڏاڍ کي دنيا ۽ سنڌ واسين جي اڳيان پهنجي لکڻين جي ذريعي بيان ڪندو رهندو آهي.

هي ڪتاب پاڪستان لا هائوس طرفان ڇپيو ويو آهي. هي ڪتاب پنهنجي الڳ حيثيت جو ان ڪري آهي جو پاڪستان ۾ ان موضوع تي اڳ ۾ اهڙو ڪتاب پهرئين ڪڏهن به نه لکيو ويو آهي. هي ڪتاب 850 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جو تعارف پاڪستان جي مشهور جسٽس رٽائرڊ حامد علي مرزا صاحب جن لکيو آهي.هن ڪتاب ۾ واسطيدار عنوانن تي ڪافي سارن حوالن سان تمام سهڻي نموني طبع آزمائي ڪئي وئي آهي. هن ڪتاب جي خاصيت اها آهي جو ان ۾ پاڪستان جي سياسي ۽ سرڪاري ڪارندن جي طرفان اختيارن جي غلط استعمال کي تاريخي حوالن سان تمام ڳوڙهي نموني پيش ڪيو ويو آهي. انگريزيءَ ۾ قانون جي موضوع تي ٻين سنڌي قانوندانن، دانشورن پڻ ڪتاب لکيا آهن، جنهن ۾ اي ڪي بروهي صاحب جو پاڪستان جي 1960 واري قانون تي لکيل ڪتاب تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. ان ڪتاب جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته جنهن آئين تي اهو ڪتاب لکيو ويو، اهو آئين ختم به ٿي ويو پر ڪتاب جي حيثيت قانوندانن وٽ اها ئي آهي، جيڪا 1960 واري ڏهاڪي ۾ هئي. ان کان سواءِ  دادو ڄائو ضياءُالحق چنا جيڪو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج پڻ هو، ان صاحب پڻ قانون جي مختلف موضوعن تي 8 کن ڪتاب لکي پاڻ ملهايو آهي. ان سان گڏوگڏ ٺٽي جي نامياري وڪيل بي ڪي ڀٽي مسواڙ جي قانون تي پڻ انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو،

جيڪو پنهنجي منفرد حيثيت جو ڪتاب هو. فضل سليمان قاضي جا هن کان اڳ به  انگريزيءَ ۾ ٻه ڪتاب Law and Politics in Pakistan  ۽Hand Book of Banking Terms  پڻ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. سندس ڪتاب Law and Politics in Pakistan  تي تعارفي ڪلمات اي ڪي بروهي صاحب لکيا آهن، جن ۾ پاڻ اظهار ڪندي لکي ٿو ته ”مان هي ڪتاب پڙهي ان نتيجي تي پهتو آهيان ته ڪنهن ليکڪ جي ايتري گهٽ عمر ۾ وڏي قد ڪاٺ واري موضوعن تي ايتري ڏاهپ سان قلم ريزي ڪرڻ تي کيس جس هجي.“

مصنف جو هڪ ٻيو انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب Hand Book of Banking Terms  جيڪو بينڪ ۾ استعمال ٿيندڙ اصطلاحن تي مشتمل آهي، ان جو تعارف سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ نيشنل بئنڪ جي صدر محمد ميان سومري لکيو آهي. سندن خيال آهي ته ”بئنڪ متعلق لکيل هي ڪتاب بيشڪ بئنڪ سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ تمام گهڻو ڪارآمد ثابت ٿيندو. ان ڪتاب جي تازگي هميشه قائم رهندي.“

مصنف جي لکيل هن Discretionary Power جي عنوان تي قانون واري ڪتاب تي پاڪستان جي اڳوڻي رٽائرڊ جج جناب حامد علي مرزا پنهنجا ويچار ونڊيندي لکيو آهي ته ”هي ڪتاب پنهنجي قلم جي منفرد پورهئي ۽ ان ۾ ڏنل معلومات جي بدولت تمام وڏي مطالعاتي اهميت جو حامل آهي، جيڪو بيشڪ قانون سان واڳيل هر ماڻهوءَ جي لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو.“

ان ڪتاب مطابق حڪومت جي نظام کي هلائڻ لاءِ مقرر ڪيل آفيسرن ۽ ڪارندن کي ڪجهه اهڙا اختيار سونپيا ويندا آهن، جن ۾ هو پنهنجو حق سمجهندي بغير صلاح مشوري جي پنهنجا فيصلا صادر ڪندا آهن. اهڙن اختيارن کي انگريزيءَ ۾ Discretionary Powers چيو ويندو آهي. اهڙن اختيارن جي استعمال تي ڪي قدر قانوني پابنديون پڻ هونديون آهن ته جيئن فيصلا صادر ڪرڻ وقت ڪنهن سان ناانصافي يا ڪنهن جي عزت ۽ وقار مجروح نه ٿئي. خاص طور تي حڪومتي ڪارندا پاڻ کي مليل قانوني اختيار جي غلط استعمال ڪري انصاف ۽ قانون جي نظام کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ۾ ڪا وٿ نه ڇڏيندا آهن. اسان جي ملڪ ۾ قانون صرف نالي ۾ ۽ ڪمزور لاءِ موجود آهي. ان ۾ وري اڻ برابري تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن قانون جا هٿ ڪنهن اعلى پائي جي ماڻهوءَ جي ڳچيءَ تائين اچن ٿا ته کيس مليل صوابديد تحت، اهو قانون ڪمزور شڪل اختيار ڪندي کيس سزا کان آجو قرار ڏيئي ٿو. ڪو به آفيسر يا سرڪاري ڪارندو جيڪڏهن چاهي ته ان اختيار کي استعمال ڪندي ڪنهن کي ڪنگال ته ڪنهن کي بادشاهه بڻائي سگهي ٿو. قاضي سليمان پنهجي ڪتاب ۾ بيان ڪندي لکي ٿو ته طاقتور هئڻ يا طاقتور ٿيڻ جي جستجو معاشري کي ٽن طبقن ۾ ورهائي ٿي ”طاقت جي انهن ٽن طبقن مطابق“ پهرئين طبقي ۾ اهي فرد شامل آهن، جيڪي قانون ٺاهين يا ان کي استعمال ڪن ٿا، ٻيا اهي جيڪي ان قانون جي استعمال ٿيڻ يا ڪرڻ سان فائدو حاصل ڪن ٿا ۽ ٽيان اهي جيڪي ان قانون جي جڪڙ ۾ اچي ان جي نتيجن کي ڀوڳين ٿا.  اسان جو جمهور 1947 کان وٺي هن مهل تائين اهڙن قانونن جي تلوار هيٺ رهيو آهي، جيڪو ٿورن مٿان گهڻن جي حڪومت ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو اڄ ڏينهن تائين جيئن جو تيئن قائم ۽ دائم آهي.

ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿئي ٿو ته هي نه رڳو قانون جي شاگردن لاءِ پر سياست سان لاڳاپيل هر شخص لاءِ ڪارآمد آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *