تازيون خبرون

علم ۽ ان جا پنج بنيادي ذريعا: شفيق الرحمان شاڪر

علم ڪنهن شيء جي ڄاڻ،سڃاڻ ۽ سمجھه کي چئجي ٿو.ڄاڻ ۽ فهم جو حاصل يا نتيجو جنهن ذريعي ڪجھه معلوم ڪجي يا معلوم ڪري سگھجي،سوچ سمجھه يا وقت سان گڏوگڏ مشاهدا، تجربا، اطلاع، ڇنڊڇاڻ ۽ اڀياس ذريعي بني نوع انسان جو زخيرو، حقيقتن يا سچائين جو مجموعو ۽ ان مجموعي متعلق ڄاڻ کي علم چئجي ٿو.

انسان جي فطرت ۾ اها شيء شامل آهي ته هو ڪائنات جي لڪيل رازن کي ظاهر ڪرڻ جي جستجو ۽ کوجنا ۾ لڳل رهي ٿو ۽ هن جي اها طلب بدستور وڌندي رهي ٿي ته جيئن هو قطعي ڄاڻ حاصل ڪري وٺي.اهي سمورا سوال جيڪي ڪائنات جي شين کي ڄاڻڻ لاء اٿاريا وڃن،اهي سڀ علم جي دائري ۾ اچن ٿا.علم الاهي عطيو ۽ ڄاڻ ان جو عظيم تحفو آهي. ان ڪري علم کي  اللہ جو نور چيو ويو آهي جنهن جي هڪ تجلّي عقل آهي ۽ ان جون ٻيون به ڪيتريون ئي تجلّيون آهن.جيئن ڪشف ۽ وجدان،وحي ۽ الهام جيڪو يقيني ۽ قطعي علم جو هڪ قسم آهي جنهن کي الهامي يا وهبي علم به چيو وڃي ٿوجيڪو علم جو سڀ کان مٿانهون درجو آهي.ٻيو علم ڪسبي آهي جنهنجون ڪيتريون ئي صورتون آهن،مثال احساس،عقل،منطق،استدلال ۽ دانائي وغيره.

منطق ۽ تجربي ذريعي حاصل ٿيندڙ علم به برحق آهن پر انهن کي قطعيت يعني آخري ڳالهه هئڻ جو درجو حاصل ناهي.اهو ئي سبب آهي جو انهن علمن جا باني روزمره جي تبديلين تي يقين رکن ٿا ۽ سندن نظريا ۽ علمي حقيقتون روزمره جي تبديلين کان متاثر ٿينديون رهن ٿيون.

علم جا بنيادي طور تي پنج مکيه ذريعا آهن.

  1. حسي علم(Sense perception)؛ــ پنجن انساني حِسن يعني ڏسڻ،ٻڌڻ،ڇهڻ، سنگھڻ ۽ چکڻ ذريعي حاصل ٿيندڙ ڄاڻ کي حسي علم چئجي ٿو.حسي علم هڪ زنده حقيقت آهي ۽حواس به اللہ جو عطيو آهن.اهو علم حاصل ڪرڻ جو عام ۽ بنيادي ذريعو آهي. حسي علم جو وڏي ۾ وڏو مظاهرو اڄ جي جديد سائنس آهي.سائنسي مفروضن جي مشاهدن ۽ تجربن ذريعي ترديد يا تائيد ڪئي ويندي آهي.سائنسي نظريا برابر بدلجندڙ ۽ سائنسي حقيقتون هروقت زيرتڪميل رهن ٿيون. ياد رکڻ گھرجي ته سائنسي نظريا يا حقيقتون آخري حرف ناهن ان ڪري انهن جي اقرار يا انڪار ۾ سخت احتياط جي ضرورت هوندي آهي.
  2. عقلي علم (Reasonism)؛ـــ هن کي قياس،استدلال،برهان ۽ فڪري علم به چيو وڃي ٿو.سوچ ۽ ويچار به علم حاصل ڪرڻ جي ذريعن مان هڪ آهي.پر هن نظريي جي مفڪرن جيڪا غلطي ڪئي سا اها ته انهن صرف عقل کي ئي حق ۽ سچائيء جو معيار سمجھيو.مثال؛ افلاطون جي چوڻ مطابق؛ “صرف اهو علم ئي سچو علم آهي جيڪو عقل ذريعي حاصل ٿئي.” جڏهن ته زندگيء ۽ ڪائنات متعلق ڪجھه معاملا ۽ مسئلا اهڙا آهن جو انهن جي نوعيت جي لحاظ کان عقلي علم بيڪار ثابت ٿئي ٿو ۽ رڳو عقل ذريعي انهن کي سلجھائي نٿو سگھجي.جهڙيء طرح حسي علم ڪيترن ئي معاملن ۾ لاچار نظر اچي ٿو اهڙيء طرح هر مسئلو عقلي علم جي ذريعي به حل ڪري نٿو سگھجي.
  3. ادراڪ يا وجدان (Intuition)؛ــ اهڙو علم جيڪو بنان ڪنهن حس،استدلال ۽ سوچ جي سڌو سنئون ذهن ۾ ڪنهن ڇوليء جيان پيدا ٿئي يا ايئن چئجي ته اونهي سوچ ويچار سان ماڻهوء تي اهڙي ڪيفيت طاري ٿئي جو هن جي اندر مان ڪنهن حقيقت يا سچائيء جو آواز اڀري ۽ هن جي دل ان ڪيفيت مان سڪون ۽ اطمينان حاصل ڪري ته اهڙي علم کي ادراڪ يا وجدان چئبو آهي.ان علم جي نه ته ڪا خاص ڪسوٽي آهي ۽ نه ئي ڪو واضح دليل. پر اهو علم به برحق آهي.انهيء علم کي انڪشاف،ڪشف يا القا به چيو وڃي ٿو.
  4. سَنَد (Authority)؛ـــ ڪنهن شخصيت،اداري يا ڪتاب وغيره کي علم جو جامع يا سند سمجھيو ويندو آهي ۽ انهن جي قول،فعل ۽ نظرين کي حرف آخر سمجھندي پيروي ڪئي ويندي آهي.انهي تعليم ۾ ڪنهن به قسم جي ترميم يا تبديلي ممڪن نه سمجھي ويندي آهي ۽ سمورن نظرين کي جيئن جو تيئن قبول ڪيو ويندو آهي.مثال؛ مذهبي . سياسي ۽ پرچارڪ شخصيتون، مستند ڪتاب،مختلف رياستون،حڪومتون،تنظيمون ۽ ادارا وغيره جيتوڻيڪ سَنَد علم حاصل ڪرڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي پر ان ۾ به هڪ وڏي ڪمزوري آهي.سند ڪنهن ماهر معاشيات جي هجي يا ڪنهن جج،سائنسدان،دانشور،مذهبي اڳواڻ. والدين يا سياستدان وغيره جي ،اهو غلط به ٿي سگھي ٿو ان ڪري علم جي صرف ان ذريعي تي حتمي ڀروسو ڪرڻ نه رڳو قابل اعتماد ٿي نٿو سگھي بلڪه گھڻا دفعا اهڙو علم خطرناڪ ثابت به ٿي سگھي ٿو.
  5. وحي ۽ الهام (Revelation)؛ــ وحيء مان مراد خدا تعاليٰ جو پنهنجن چونڊيل بندن ( نبين ۽ رسولن) کي ڪنهن غيبي ذريعي سان اطلاع يا خبر پهچائڻ آهي.اهوعلم روحاني ذريعن جي آخري ۽ اعليٰ حد آهي.وحيء تي ٻڌل علم به انسان لاء ايتروئي ضروري آهي جيترو حسي يا ٻيو ڪو علم. اصل ۾اهو علم انسان جي باطني زندگيء سان تعلق رکي ٿو ۽ انهن معاملن جي گھرج آهي.زندگيء جا ڪيترائي اهم۽ بنيادي مسئلا اهڙا آهن جيڪي علم جي ڪنهن ٻئي ذريعي سان حل ڪري نٿا سگھجن.انهن جي حل لاء الهامي علم جي ضرورت پوي ٿي. نبوي علم يقين،عقيدو ۽ جذبو به مهيا ڪري ٿو ته ساڳئي وقت زندگيء جو عملي نمونو به پيش ڪري ٿو.اهڙا مسئلا جن ۾ ٻين علمن جهڙوڪ حواس،عقل،فلسفي جي حد ختم ٿي وڃي ٿي ۽ اهي ڪا حتمي راء ڏيڻ ۾ حيران،پريشان ۽ لاچار نظر اچن ٿا.مثال؛ زندگي،ڪائنات جي تخليق،موت کان پوء جي زندگي،خالق ڪائنات جي ذات ۽ سندس صفتون،جزا ۽ سزا،ڀلائي ۽ برائي،جبر ۽ قدر،وجود ۽ عدم وجود،روح ۽ بدن ۽ بيا به ڪيترا ئي معاشي.اخلاقي،سماجي ۽ روحاني معاملا جيڪي نبوي علم جي روشنيء سواء موثر نموني حل ڪري نٿا سگھجن.وحيء جو علم هر قسم جي نقص،اوڻائي،غلطي۽ خطا جي امڪان کان پاڪ هوندو آهي.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *