تازيون خبرون

علم جو دروازو حضرت علي ڪرم الله وجه ؛پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ

امام الانبياء حضرت محمد مصطفيٰ صه جن جو فرمان آهي ته، ”آئون ۽ علي ڪرم الله وجهه“ هڪ ئي نور جا ٻه حصا آهيون.

اهو علي ڪرم الله وجهه، جيڪو عين الله، يد الله، اسد الله جو مصداق هجي اُن علي ڪرم الله وجهه جي منزلت جو احاطو ڪرڻ، ڪنهن عام انسان جي وس جي ڳالهه نه آهي.

سرورِ ڪائنات فرمايو آهي ته ”جنهن جو آئون مولا اُن جو علي ڪرم الله وجهه مولا آهي، جيڪو علي عه سان محبت ڪندو، تنهن سان آئون محبت ڪندس.“

جنهن دؤر ۾ ماڻهو بُتن جي پوڄا ڪندا هجن، اُن دؤر ۾ به پاڪ انسان، خانئه ڪعبه جو طواف ڪندا هئا ۽ الله جل شان جي وحدانيت تي يقين رکندا هئا.

مڪي جي انتهائي معزز خاتون سانئڻ فاطمه بنت اسد، جڏهن الله جي گهر خانئه ڪعبه جو طواف ڪري رهي آهي ۽ ذڪرِ الاهي ۾ مصروف آهي ته کين زچگي جي تڪليف شروع ٿي. الله جي حڪم سان ڪعبي جي ديوار شق ٿئي ٿي ۽ پاڻ بيبي صاحبه، الله جي گهر اندر تشريف فرما ٿيون ۽ رسول الله جي وصي جي ولادت ٿئي ٿي. ننڍڙي معصوم ان وقت تائين پنهنجون اکيون نه کوليون جيستائين رسول الله، سندن اکين آڏو نه آيا، هي مقدس لمحا، 13 رجب تي ظهور ٿيا تاريخ جي روشن ورقن تي انهيءَ مقدس گهڙي ۾ پيدا ٿيندڙ معصوم کي علي ابن ابي طالب جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. علي عه، جيڪي علم ۽ عمل جي دنيا آهن، سخا جو اهڙو دروازو جتان ڪو به سوالي، خالي نه موٽيو، حضرت علي عه جي دنيا ۾ ظهور ٿيڻ وقت، والدين کان وڌيڪ خوشي نبي پاڪ صه جن کي ٿي هئي. حضرت علي عه جن جي پرورش به، رسول الله صه جن ڪئي. پاڻ سڳورن انتهائي محبت ۽ شفقت سان حضرت علي عه جي اخلاقي ۽ علمي تربيت ڪئي.

پيغمبر خدا، جڏهن الله جي حڪم سان، رسالت جو پيغام گهر وارن کي ٻڌايو ته حضرت بي بي خديجته الڪبريٰ رضه ۽ حضرت علي عه (ڏهه سال عمر) سندن رسالت تي ايمان آندو ۽ سندن رسول هئڻ جي تصديق ڪئي. ايمان جو اقرار ڪيائون ۽ سڄي زندگي نبي پاڪ صه سان گڏ رهيا. نبي پاڪ تي سڄي ڄمار، تڪليفن ۽ مشڪلاتن جو دؤر هيو پر حضرت علي عه هر گهڙي، هر مشڪل ۾ سندن ساٿ ڏنو.

رسول خدا فرمايو آهي ته ”علي عه حق سان گڏ آهي ۽ حق، علي عه سان گڏ آهي.“ ٻيا ڪيترائي فرمان موجود آهن، جن مان علي عه، جي عظمت ۽ فضيلت عيان آهي. علي عه ته اهو آهي، جيڪو نبي پاڪ صه کانپوءِ ميدانِ جنگ ميدانِ علم، ۽ ميدان سخاوت ۾ پنهنجو ثاني نه ٿو رکي. دعوت ذالعشيره هجي يا شبِ هجرت، علي عه، تلوارن جي سائي ۾ به اطمينان جي ننڊ سمهي، رب جي رضائن جو مالڪ بڻجندي نظر اچي ٿو. جنگ بدر، جنگ احد، جنگ خندق، جنگ خيبر، فتح مڪه، جنگ حنين، جنگ وادي الرمل، جنگ بيرالعلم يا ڪو ٻيو معرڪو هر جنگ توڙي معرڪي ۾ علي عه جي تلوار (ذوالفقار) ئي چمڪندي نظر اچي ٿي ۽ هن تلوار جي ذريعي هر ڀيري اسلام کي فتح و نصرت حاصل ٿئي ٿي.

عبادت الاهي جو اهو عالم آهي جو پاڻ فقط هڪ رات ۾ هزار رڪعت نفل ادا ڪن ٿا ته ٻئي پاسي پاڻ محنت ڪندي نظر اچن ٿا ۽ ان پورهئي جي عيوض جيڪو اجورو ملي ٿو ان مان غلام خريد ڪري، انهن کي آزاد ڪن ٿا ۽ جوئر يا جَوَن جي سُڪل ماني، پاڻي ۾ پسائي کائين ٿا، وقت جا خليفه آهن پر پاڻ پنهنجن مبارڪ هٿن سان ڦاٽل ڪپڙن کي چتيون هڻن ٿا ۽ سادگي جو شاندار مثال قائم ڪن ٿا.

امن، محبت، اخوت، مساوات ۽ علم سان ڀرپور بي مثال انسان هئا. پاڻ فرمايائون ته، ”اخلاق هڪ دُڪان آهي ۽ زبان ان جو تالو يعني ڪلف آهي، ڪلف کلي ٿو ته، معلوم ٿئي ٿو ته دڪان سون جو آهي يا لوهه جو.“

حضرت علي عه جي فرمان تي مشتمل ڪتاب ”نهج البلاغه“ اسان لاءِ رهبري ۽ رهنمائي جو ڪم ڏئي ٿو. سندن هر هڪ فرمان ۽ قول، ڪامياب زندگي جو رستو ٻڌائين ٿا. پاڻ فرمائين ٿا ته پنهنجي عمر ۽ پئسي تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪجو ڇو ته جيڪا شيءِ ڳڻپ ۾ اچي يعني Counting ٿئي اُها يقينن ختم ٿيڻ واري هوندي آهي.مولاءِ ڪائنات حضرت علي عه، جن جي ذات مبارڪ نه صرف تاريخ اسلام، بلڪه انساني تاريخ جي اُها منفرد ۽ ممتاز هستي آهي جيڪا عِلم ۽ عمل جي لحاظ کان ۽ ڪردار جي حساب سان انساني حيات جي مڪمل ۽ جامع تصوير آهي. امام المتقين حضرت علي عه، عظمت، پاڪيزگي ۽ لامحدود خوبين جي حامل اها متبرڪ هستي آهن جو سندن دوست، محبت ۾ ۽ سندن دشمن حيرت ۾ ٻڏل آهن. اسان جڏهن تاريخ جي ورق گرداني ڪريون ٿا ته خبر پئي ٿي ته، مولاءِ ڪائنات، ڪعبي ۾ ولادت کان وٺي ڪوفي جي مسجد ۾ شهادت تائين، پنهنجي سموري زندگي، الله جي آخري نبي صه جي نصرت و مدد ۽ دين جي حمايت ۾ گذاري. سندن پوري حياتي، وفا جي بُلندين تي نظر ايندي.هڪ ڀيري خليفته المسلمين، مولاءِ ڪائنات علي عه، ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ تيار بيٺا هئا ۽ هڪ پير، گهوڙي جي رڪاب ۾ رکي چُڪا هئا ته هڪ يهودي کانئن سوال ڪيو ته اهو ڪهڙو عدد آهي جيڪو 2، 3، 4، 5، 6، 7، 8، 9 سان پورو ونڊي سگهجي ٿو. حضرت علي ڪرم الله وجهه جن پنهنجو ٻيو پير گهوڙي تي رکڻ کان پهرين جواب ڏنو ته، هفتي جي ڏينهن کي اسلامي سال جي ڏينهن سان ضرب ڏئي جيڪو عدد حاصل ٿئي اُهو تنهنجي سوال جو جواب آهي. هُن هفتي جي 7 ڏينهن کي اسلامي سال جي 360 ڏينهن سان ضرب ڏني ته 2520 عدد حاصل ٿيو ۽ ان عدد کي 2، 3، 4، 5، 6، 7، 8 ۽ 9 سان پورو ونڊي سگهجي ٿو.اهڙا عظيم المرتبت انسان، جنهن سڄي عمر ۾ ڪڏهن قضا نماز نه پڙهي، اُهي عظيم انسان، رمضان مهيني جي 19 تاريخ تي فجر جي وقت، مسجد ڪوفي ۾ ابن ملجم جي تلوار جي ضرب سان شديد زخمي ٿي پيا، پاڻ اها سڄي رات فجر تائين ننڊ نه ڪري سگهيا، اها رات سندن ائين گذري جو پاڻ ٿوري ٿوري دير کانپوءِ مصلي تان اٿي صحن ۾ ٿي آيا ۽ آسمان جي طرف ڏسندي چيائون ٿي ته، منهنجي آقا سرورِ ڪائنات سچ فرمايو آهي ته آئون شهيد ڪيو ويندس. مؤرخ لکن ٿا ته جنهن وقت پاڻ فجر جي نماز لاءِ پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪري رهيا هئا ته اڱڻ ۾ سندن پاليل بدڪن سندن عبا مبارڪ کي پنهنجي چهنبن سان جهلي ورتو ۽ شور مچائڻ شروع ڪري ڏنائون ۽ پوءِ ڪنهن بدڪن کي روڪڻ چاهيو ته پاڻ منع ڪندي چيائون ته هنن کي منع نه ڪيو اِهي ويچاريون ته مون تي نوحا پڙهي رهيون آهن ۽ پوءِ گهر کان ٻاهر نڪري مسجد ڪوفي ۾ آيا ۽ اذان ڏيڻ شروع ڪيائون. ان ڏينهن سندن آواز ۾ اهڙو ته درد هو جو ٻڌڻ وارا ٻڌندا رهجي ويا،

پاڻ نماز پڙهندي اڃان پهرين سجدي ۾ هئا ته ابن ملجم سندن سِر مبارڪ تي تلوار سان وار ڪيو. پاڻ 3 ڏينهن بسترِ علالت تي هئا ۽ 21 رمضان المبارڪ تي مالڪ حقيقي جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *