تازيون خبرون

عظيم رشتن کي آخر ڇا ٿي ويو.!؟ : فرزانه چانڊيو / لاڙڪاڻو

اڄ مان هتي صرف ان رشتن جي ڳالهه ڪرڻ آئي آهيان اهي آهن رت جا رشتا جيڪي ڪڏهن به ٽٽڻا نه هئا نه ئي ڪڏهن ڪو تصور ڪيو هئوسين، سنڌ ۾ هن وقت ڪيتريون ئي بي قائدگيون، اڻبرابريون ۽ ظلمن ٿي رهيا آهن جن کي لکڻ سان پنا ڀرجي ويندا ۽ قلمن جون قطون به پنهنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون ته به اهي ستم ظرفيون ڪڏهن ڪين کٽن.! پر هتي آءُ’ انهن رشتن جي ڳالهه ضرور ڪندسِ جيڪي رشتا آهن جن ۾ پيءُ، ماءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، چاچو، چاچي، ماسي، سئوٽ، ماسات، پڦاٽ ۽ ٻيا عظيم رشتا اچي وڃن ٿا جن ۾ اڄ ڪيتريون ئي وڇوٽيون پيدا ٿي ويون آهن جو ڪڏهن سوچيو به نه هئوسين، اڄ رت جي رشتن مان اها محبت، پيار ۽ احساس ختم ٿي ويو آهي جيڪو اڳ ۾ هوندو هو اڄ رت جا رشتا هڪ ٻئي جا ويري بڻجي ويا آهن ايتري قدر جو هڪ ٻئي جو منهن ڏسڻ کان به نفرت ڪن ٿا

نه ته ڪو دور هو جو رت جي رشتن ۾ ايترو ته پيار، محبت توڙي احساس هو جو هڪ ٻئي مٿان جان به گھور ڪري ڇڏيندا هئاسين، اڳ ۾ جڏهن ته ڪو خوشين جو ڏينهن ايندو هو ته سمورا رشتا هڪ ڇٽي ۾ گڏ ٿي ويندا هئا ۽ راتين جون راتيون صرف خوشين ۾ گذرنديون هيون ڪيترائي ڏينهن گذري ويندا هئا پر ڪڏهن به ڪونه ڪيٻائيندا هئاسين ۽ هڪ ٻئي جون دعوتون پڻ ڪندا هئاسين ۽ اهو ئي سبب هوندو ته محبت ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو ۽ هميشه هٿ جي پنجن ئي آڱرين جيان مضبوط رهندا هئا ۽ ڪڏهن به ڪنهن جي مٿان ڪو ڏکيو ڏينهن ايندو هو ته سمورا رشتا هڪ هنڌ گڏ ٿي ويندا هئا ۽ پاڻ ملي جھلي سمورا مسئلا حل ڪري ڇڏيندا هئا ۽ هڪ ٻئي جي مٿان وار به نه سهندا هئا

پر افسوس اڄ دل اهي ڳالهيون ياد ڪري دل روئي پوي ٿي اڄ پٿر ٿي ويو آهي ۽ رت جا رشتا به پٿر ٿي ويا آهن جيڪي ڪڏهن به چيڪي مٽي جيان ڪونه ٿا ٿي سگھن، اڄ اهي رشتا هڪ ٻئي جي جانين جا ويري بڻجي ويا آهن روزانه ڪنهن نه ڪنهن سبب هيٺ نوجوان ڳڀرو پٽ قتل ٿيو وڃن ٿا ۽ ڪيترن ئي مائرن جون جھوليون خالي ٿي وڃن ٿيون، ونيون بيواه ٿي وڃن ۽ معصوم ٻارڙا يتيم ٿيو وڃن ٿا ڪيترائي گھر اجڙي وڃن ٿا هڪ گھر اجڙڻ کانپوءِ سمورو خاندان اجڙي وڃي ٿو اهو ئي سبب آهي ته رت جي رشتن ۾ وڇوٽيون پيدا ٿي وڃن ٿيون،

اسان ننڍڙين ننڍڙين غلطين کي پاڻ وڌايون ٿا نه ته ننڍڙين ننڍڙين غلطين کي وساري ڇڏيون ته سڀ ڪجھ ٺيڪ ٿي ويندو ۽ اهو ئي پيار، محبت ۽ احساس پيدا ٿي سگھي ٿو پر هتي انا پرستيء جي ڪري پنهنجن رت جي رشتن کان ڏور ٿي ويندا وڃون ٿا، صرف ڪا ننڍڙي شيء حاصل ڪرڻ لاءِ اسان سالن کان قائم رشتن کان پري ٿيندا وڃون ٿا ۽ هڪ ٻئي جو منهن به ڏسڻ لاءِ سڪون ٿا، رت جي رشتن جهڙو پيار ملندو ڪن ٿا.؟ اهو ڪير ٿو سمجھي.! رت جي رشتن جهڙو پيار ڪٿان به نه ٿو ملي سگھي پر انا پرستي ۽ پنهنجا مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ اسان سمورا لنگھ لتاڙي ويهون ٿا ۽ رشتن تان ڀرم به ختم ٿي ويو آهي اڄ صرف مطلب تائين محدود ٿي ويا آهيون جنهن ۾ ٿورو ڪم پوي ٿو ته سائين ميان لڳي پئي آ. مونکي اهو وقت عجيب لڳندو آهي جڏهن ڪنهن کي مطلب لاءِ ياد ڪيو وڃي ۽ مطلب نڪرڻ کانپوءِ ڄڻ ڏٺل ئي نه هجي.!

اڄ انهن رت جي رشتن سان گڏ دوستي واري عظيم رشتي ۾ به زوال اچي ويو آهي اڄ دوستي واري عظيم رشتي کي به صرف مطلب لاءِ ڏٺو پيو وڃي سچو دوست ڪٿي به نه رهيو آهي هر هنڌ رشتن جا جنازه نڪري رهيا آهن انڪري هن دور ۾ جيئڻ به مشڪل ٿي ويو آهي ڇو ته جتي احساس نه هجي اتي زندگي آخر ڪيئن گذرندي

انڪري پنهنجن رت جي رشتن کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ پنهنجن ننڍڙين ننڍڙين غلطين کي وسارڻو پوندو ته جيئن رشتن ۾ احساس، محبت پيدا ٿي وئي ۽ ڏکن وقتن ۾ هڪ ٿي پنهنجن جو ساٿ ڏيون ته جيئن پريشانين، مشڪلاتن کان بچي سگھون ۽ پنهنجن عظيم رشتا وساري نه ويهون .

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *