تازيون خبرون

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد ببينظير آباد ۾ ٻن مورت فقيرن جي ڀرتي جي حوالي سان “ڳائڻ، نچڻ يا جسم وڪڻڻ” ئي ڇو؟ مرتب: ڪاشف نوراني

پاڪستان دنيا اندر هڪ اهڙي خطي طور سڃاتو وڃي ٿو جتي سماجي اڻبرابريون عروج تي هجڻ سان گڏ انساني قدرن جي استحصال جو سبب بڻجن ٿيون انهن اڻبرابرين ۽ ٿيندڙ استحصال جي وقت بوقت نشاندهي پڻ ڪئي وڃي ٿي جنهن ۾ مختلف سماجي ادارن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. موجوده حالتن ۾ پاڪستان اندر اٽڪل پنج لک کان وڌيڪ مورت فقير پنهنجي زندگي جو هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن اڻبرابري کي پنهنجي قسمت سمجھي گذارڻ تي مجبور آهن جنهن جڳهه تي مذهب ۽ رواداري جا درس ڏنا ويندا هجن اتي ٽين جنس سان تعلق رکندڙ آبادي بنيادي سهولتن کان به محروم آهي. بقول سنڌ جي ڀلوڙ شاعر علي عباس ڀٽيءَ موجب ته،

هي مُورت فقيري رنگ مِلي ويو،

نه سمجهو ته ڪو آ ڍنگ ملي ويو،

زماني کي  هن روپ ۾ هِڪ ملنگ ملي ويو.

خوشيءَ جي موقعن خاص ڪري شادين جي تقريبن ۾ عورتاڻي خاصيت وارن،  مُورت فقير خواجه سرا يا کدڙن کي ڳائڻ ۽ نچڻ لاءِ سڏائڻ جو رواج پاڪستان ۾ ڪافي پراڻو آهي. جيترو سٺو ناچ ۽ گانو اهي کدڙا ڪندا اوترا گھڻا پيسا گھور ۾ ڪمائي وٺندا آهن، پر ڪافي سالن کان اهو رواج هاڻي گھٽجي چڪو آهي. پاڪستان جي خواجه سرا برادري جو پنهنجو مخصوص گروه آهي جيڪي ”گُروءَ ۽ چيلي“ واري نظام تحت ڪم ڪندا آهن.  مُورت فقير پاڻ جهڙي جنس وارن ٻين ماڻهن جو کوج لڳائي کين سندن خاندان جي سختين کان بچائي وٺي ايندا آهن ۽ کين تحفظ ڏيندا آهن. انهيءَ قسم جي بندوبست سبب پوءِ چيلو سڄي عمر لاءِ گُروءَ سان وفادار رهڻ جو عهد ڪندو آهي جنهن کانپوءِ گُرو انهيءَ نئين چيلي کي پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏ رهڻ، کائڻ پيئڻ توڙي تحفظ ڏيڻ جي ذميواري کڻي وٺندو آهي ۽ چيلا کيس پنهنجي ڪمائيءَ جو ڪجهه حصو ڏيندا رهندا آهن.16 کان 19 صديءَ جي وچ واري عرصي دوران مغل بادشاهت وارن وقتن ۾ مُورت فقيرن يا کدڙن کي عورتاڻا ڪپڙا پارائي کين ذاتي محفلن ۾ نچائي لطف ورتو ويندو هيو يا وري وڏن گھراڻن جي حرم ۾ عورتن کي ڪم ڪار ۾ مدد ڏيڻ لاءِ کين رکيو ويندو هيو. جڏهن ته ڪيترن ئي کدڙن جون خدمتون عورتن کي ڪلاسيڪل ناچ، شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جي سکيا ڏيڻ لاءِ به حاصل ڪيون وينديون هيون. وقت گذرڻ سان گڏ ئي خواجه سرا يا مُورت فقير پيشور ڳائڻا، ناچُو ۽ تفريح جو وسيلو بڻجي پيا. مغل بادشاهت جو ته خاتمو اچي ويو پر خواجه سرائن جو اهو پيشو هلندو رهيو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ اهڙن ماڻهن جو هڪ ٽيون طبقو ”خواجه سرا“ واري حيثيت اختيار ڪري ويو. اهو هڪ وسيع اصطلاح آهي جيڪو مختلف شخصي ۽ جنسي رجحان جي فرق وارن ماڻهن لاءِ جامع معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ هنن لاءِ اهو تصور به زور وٺي ويو ته هو خدا کي پيارا آهن. انهيءَ عقيدي جي ڪري ئي ماڻهو کين خوشيءَ جي موقعن تي نچڻ ۽ ڳائڻ لاءِ سڏائيندا هئا. خوشي ملهائيندڙ خاندان جي دعوت ملڻ بعد گانا ڳائڻ وارو گُرو پنهنجي ناچُو چيلن سميت ڄاڻايل هنڌ تي پهچي تفريح مهيا ڪرڻ سان گڏ انهيءَ خاندان کي بُري نظر کان بچائڻ واريون دعائون به ڏيندو آهي. جيتوڻيڪ هر خواجه سرا ٽين جنس وارو هوندو آهي پر هر ٽين جنس وارو خواجه سرا ناهي هوندو. خواجه سرا صرف انهن کي سڏيو ويندو آهي جيڪي نچڻ ۽ ڳائڻ واري روايتي سڃاڻپ حاصل ڪري وٺندا آهن.

خواجه سرائن کي شاديءَ جي محفلن ۾ ناچ گاني لاءِ گھرائڻ وارو رواج جيئن ئي گھٽجڻ لڳو ته ان جي نتيجي ۾ ٽين جنس وارن جي هن برادريءَ ۾ به ويڇا وڌڻ لڳا. ڇو ته انهيءَ برداريءَ جي فردن لاءِ پاڪستان جي سماجي طور تي قدامت پسند معاشري ۾ رَلجي وڃڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ سندن خراب حالتن کي سڌارڻ لاءِ حڪومتن پاران اڃا تائين به ڪي قدم ناهن کنيا ويندا ۽ جيئن ته خواجه سرائن کي جياپي جو ڪو ٻيو وسيلو به حاصل ناهي هوندو ان ڪري بدپيشو ڪرڻ ۽ پنڻ کانسواءِ وٽن ٻي ڪا به واهه نه بچي.

2009 ۾ اهو تصور به اڀرڻ لڳو ته خواجه سرائن جي قسمت به بدلجي سگھي ٿي. پاڪستان جي سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته خواجه سرا برادريءَ جي فردن کي به ملڪ جي ٻين مرد توڙي عورت شهرين جيترا برابريءَ وارا حق حاصل آهن. عدالت پاران حڪومت کي حڪم ڏنو ويو ته سندن شناختي ڪارڊن ۾ ”صنف“ جو خانو درست ڪيو وڃي. ٽين جنس وارا پنهنجي شناخت لاءِ عورتاڻي، مرداڻي يا وچئين صنف جي چونڊ ڪري سگھن ٿا. هڪ خواجه سرا جو چوڻ آهي ته ٽين جنس واري هڪ فرد وٽ روايتي طور تي ٽي راهون هونديون آهن ”ڳائڻ، نچڻ يا جسم وڪڻڻ“.

خواجه سرا انساني سماج جو حصو آهن، پر هن سماج اندر انهن جو محدود پيماني تي پنهنجو هڪ سماجي نظام به آهي. ڪيترائي کدڙا فقير گڏجي ڪنهن هڪ جاءِ ۾ رهن ٿا، جنهن کي هو مڙهي چون ٿا. مڙهيءَ جي وڏي کي هو گرو چون ٿا ۽ گروءَ جي حڪم جي تابعداري سڀني چيلن لاءِ فرض سمجهي وڃي ٿي. مڙهين ۾ رهندڙ اڪثر کدڙا، جسم فروشي ڪندڙ خواجه سرائن کي سٺي نظر سان نٿا ڏسن ۽ هو انهن جسم فروش کدڙن کي سڀني کدڙن لاءِ /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

 

بدناميءَ جو سبب سمجهن ٿا. حيدرآباد ۾ ته ڦول گليءَ جي نالي سان هڪ اهڙو علائقو به آهي، جتي ڪيترائي ”معزز کدڙا“ به رهن ٿا ۽ اهي اتي جي ڪيترن دڪانن، جاين ۽ بلڊنگس جا مالڪ به آهن. انهن مان ڪي کدڙا نمازي به آهن ته حج پڻ ڪري چڪا آهن. چيو وڃي ٿو ته حيدرآباد واري اها ڦول گلي انگريزن جوڙائي هئي، جيئن کدڙا فقير اتي عام شهرين جهڙي سماجي زندگي گذاري سگهن. افسوس ته ان ڳالھ جو آهي جو سماج اندر عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ مختلف ادارا ڳرن فنڊن عيوض آگاهي ڦهلائڻ ۾ مصروف ته نظر اچن پيا پر سماج جو هي هڪ محروم طبقو پڻ سندن توجهه جي آس ۾ نظر اچي ٿو. کين مختلف طريقن سان تشدد جو به نشانو بڻايو وڃي ٿو ۽ سندن معاشي استحصال اسان کي نظر اچي ٿو جو کين ڪٿي به سرڪاري نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن ۽ هو پنڻ تي مجبور هوندا آهن. پاڪستان اندر جتي مردن ۽ عورتن لاءِ مختلف مرحلن تي قانون سازي ذريعي حقن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي اتي سماج جو هي طبقو ڪنهن به قسم جي توجهه حاصل نه ڪري سگهيو آهي، جنهن ڪري ان جنس سان تعلق رکندڙ فردن ۾ احساس محرومي جنم وٺي رهي آهي. هن وقت تائين اهڙو ڪوبه قانون نه ٺهي سگهيو آهي جيڪو کين تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏ کين خود مختيار ٿيڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي. مختلف فورمن تي خواجه سرائن يا مورت فقيرن جي حقن بابت جڏهن ڪو پروگرام ٿئي ٿو ته ميڊيا صرف انهن جي رپورٽ پيش ڪري ٿي ۽ ڳالهه اتي ئي ختم ٿي وڃي ٿي. جڏهن ته رياستي سطح تي ڪنهن به جنس سان جڏهن ايتري وڏي پيماني تي ناانصافي ٿي رهي هجي ته يقينن اتي  احساس محرومي، اڃان وڌيڪ پاڙون پڪيون ڪندي.

کدڙا عام انسانن جهڙين ذهني صلاحيتن جا مالڪ هجن ٿا، پر اسان جي سماج ۾ ڌڪار واري رويي سبب انهن کي اڄ تائين سمورا بنيادي انساني حق به ناهن ملي سگهيا. ويجهڙائيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم سان پهريون ڀيرو کدڙن جا سڃاڻپ ڪارڊ به ٺهڻ شروع ٿيا آهن، ته ڪجهه پڙهيل کدڙن کي نادرا ۾ نوڪريون به مليون آهن، پر اڄ به اسان وٽ ٽين جنس جي سماجي حالت رحم جوڳي ئي آهي ۽ سندن حالت بابت سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن به ٻڌڻيءَ هيٺ آهي. جڏهن ته دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ انهن کي به عام انسان سمجهي سندن ذهني صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي ٿو. اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ ته کدڙن لاءِ مرڪزي اسيمبليءَ ۾ سيٽون پڻ مخصوص ٿيل آهن. هندستان ۾ بئنڪون پنهنجا قرض وصول ڪرڻ لاءِ کدڙن کي روزگار سان لڳائن ٿيون ۽ اهي کدڙا فقير بئنڪن جو قرض واپس نه ڪندڙن جي در تي وڃي تاڙيون وڄائي پاڙو مٿي تي کڻن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ بئنڪن کي پنهنجا ٻڏل قرض واپس ملي وڃن ٿا.

پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نواب شاه جي تعليمي اداريشهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد پاران ٻن مورت فقيرن عدنان احمد شيخ کي جونيئر ڪلارڪ ۽ ياسر احمد اعواڻ سڪيورٽي گارڊ جون نوڪريون ڏيئي کين روزگار جو بندوبست ڪيو ويو آهي. انهن نوڪريون ملڻ سان هڪ اهڙي مثال جنم وٺي ڇڏيو آهي ته جنهن کي اگر ٻيا ادارا فالو ڪن ته مورت فقيرن جي زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي اچي سگھي ٿي.  مجموعي طور تي ٽين جنس سان تعلق رکندڙ فردن جو سڀ کان وڏو مسئلو تعليم حاصل ڪرڻ آهي. اسان جي تعليمي نظام ۾ ٽين جنس سان تعلق رکندڙ فردن لاءِ ڪي به مناسب قدم نه کنيا ويا آهن جيڪي کين تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ثابت ٿين.  جڏهن کين تعليم يافته بڻايو ويندو ته يقينن هو معاشري ۾ پنهنجي لاءِ ڪو عزت وارو مقام ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهن ٿا. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين سندن تعليم مفت ڪئي وڃي ۽ خصوصي طور تي کين هر ان اداري ۾ نوڪريون ڏنيون وڃن جتي ڪنهن معاشري کي سڌارڻ لا۽ سٺي تربيت ڏيڻ جو مشن هجي.

Email: justkashif88@gmail.com

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *