تازيون خبرون

شهيد بينظير ڀٽو جو مشن ۽ آصف علي زرداريءَ جي جدوجهد: ڪاشف نوراني

اي سنڌو! توکي ڀيٽ ڏنا ڪنهن لڙڪ ڦڙا، ڪنهن ماڪ ڦڙا،

جن توکي پنهنجو رت ڏنو سي پنهنجو پاڻ ملهائي ويا..

شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي اسان کان وڇڙئي 9 سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آهي پر اڄ به اهو محسوس نٿو ٿئي ته ڪا شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو اسان کان وڇڙي آهي ڇو ته هوءَ بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ آصفه جي روپ ۾ اسان وٽ موجود آهي ۽ اسان جي سرپرستي ۽ نگهباني ڪري رهي آهي. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جيڪا پنهنجي شخصي ڪردار ۽ سياسي جدوجهد ۾ واقعي به بي نظير ۽ بي مثال ليڊر هئي، هوءَ عالمي سطح جي لينن، مائوزينگ، هوچي منهه جهڙي سماج کي تبديل ڪندڙ ليڊر هئي. ۽ موت سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائيندي هئي. پنهنجي فڪر ۽ قول جي ڪنهن به سطح تي مصلحت پسند نه هئي پر پنهنجي بدترين کان بدترين دشمن کي به معاف ڪرڻ واري عظيم ليڊر هئي. هوءَ پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جيان نڊر ۽ بهادر هئي اهو ئي سبب آهي جو هن جبر ۽ ظلم جي آڏو جهڪڻ بجاءِ راولپنڊي شهر ۾ موت سان مهاڏو اٽڪائي شهادت ماڻي. بينظير ڀٽو، شهيد: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وڏي نياڻي هئي. بينظير ڀٽو جي ولادت 21 جون 1953ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿي. سندس نالو ته بينظير رکيو ويو هو، پر ننڍپڻ ۾ سندس خوبصورت ۽ گلابي رنگ جي ڪري کيس گهر ۾ ”پِنڪي“ سڏيندا هئا، پاڪستان جي ٻه ڀيرا چونڊيل اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو صدر ۽ وزيراعظم رهي چڪو هو.

بينظير ڀٽو هڪ قداور ۽ تمام ذهين ليڊر هئي، جنهن جي شادي 1987ع ۾ سنڌ جي هڪ ٻئي سياسي خاندان ۾ ٿي. سندس ور آصف علي زرداري جيڪو نوابشاهه جي بزرگ سياستدان حاڪم علي زرداريءَ جو فرزند آهي ان سان ٿيو جيڪو ناناڻي طرف کان سنڌ ۾ علم جي شمع روشن ڪندڙ شخصيت حسن علي آفنديءَ سان واسطو رکي ٿو.آصف علي هن وقت سابق صدر ۽ پارٽي جو ڪو چيئرمين جي حيثيت سان پارٽي کي هلائي رهيو آهي.

تم کردو قتل میری سانسوں کو، دفنادو میری آوازوں کو،
میرے لفظ ہلا کر رکھ دینگے، ایوانوں کے دروازوں کو

ڪنهن سوچيو هو ته هڪ شخص انارڪي جي دٻڻ ۾ ڦاسجڻ واري وقت تي سموري ملڪ کي انيڪ اهنجن کان آجو ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو .!هڪ اهڙو شخص جنهن لاءِ دنيا ڪجهه به چوي پرآءٰاهو چوندس ته اڻ ٿيڻي کي ٿيڻي ڪرڻ هن جي ان زبا ن جو ڪرتب آهي. جيڪا زبان قيد و بند جون صعوبتون سهڻ وقت آيل ٽارچر ۾ زبان پڻ ڪپجي وئي هئي. آصف علي زرداري کي اڄ جي سياست جو اهڙو چيمپين ڪوٺيو پيو وڄي جنهنن جي سياست کي سمجهڻ لاءِ سينئر ترين سياسي کيڏاري به اهو اعتراف ڪري رهيا اهن ته کين پي ايڇ ڊي ڪرڻي پوندي.

محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي اولاد جي وارث، سياست جي ميدان ۾ جاگنگ ڪندي “سياست جا ڪيئي رنگ روپ ڏٺا ، ڪيترائي سال عوامي سياست ڪرڻ جي باوجود هن جو حقيقي عوامي رنگ لڪيل رهيو ، ڇو ته هو اڳ ۾ جيڪا سياست ڪري رهيو هو ان ۾ هن جو عوام سان سنئون ســڌو واسطونه هيو ، ڇو ته هو عوامي سياست کي ايمان سمجهندڙ پيپلز پارٽي جي قيادت شهيد راڻي محترمه ٻينظير ڀٽو جي ليڊرشپ ۾ هڪ عام ادنيٰ ڪارڪن جيان پير کڻندو رهيو ۽ پارٽي اصولن ،ضابطن ءِ قاعدن جو احترام ڪندڙ آصف علي زرداري پنهنجي قيادت سان پير۾ پير ۾ ملائي هلڻ بدران انهن جي پيرن جي ڇڏيل نشانن پٺيان پير کڻي هلڻ ۾ عافيت محسوس ڪئي جيڪا هڪ نظرياتي ڪارڪن نشاني آهي . سياست جي سپه سالار ڀٽي خاندان سان سچائي ءِ ايمانداراڻي انداز ۾ پنهنجي وفائن جا مثال قائم ڪندي هر تڪليف، هردرد کي پنهنجي سر تي کڻندو رهيو.
شهيد عوام مٿان صعوبتن جا پهاڙ هجن، محترمه بيگم نصرت ڀٽو مٿان آيل اذيتون هجن، توڙي شهيد محترمه جي مٿان آتش فشان جيان ڪرندڙ تڪليفن جا جبل هجن ۽ ڏٺو وڃي ته خود آصف علي زرداري مٿان عوامي سياست جي ڏوهه ۾ ٽٽل عذابن جا بند به اکيون ٻوٽي پنهنجي سر تي کنيون بيٺو رهيو.

شهيد محترمه جي ٻئي حڪومتي دور ختم ٿيڻ کان محترمه جي جلاوطني ۽ مشرف جي آمريتي راڄ تائين ڊگهو عرصو جيلن ۾ واڙيل آصف علي زرداري ڪڏهن به محترمه جي ساٿ ۽ عوام لاءِ سياست تي ڪو به ڪمپرومائيز نه ڪيو. عوامي سياست هن جي رڳ رڳ ۾ رت وانگر ڊوڙي رهي آهي. هن جي زندگي جو سڀ کان پهريون عزم سمورن عوامي اهنجن جو خاتمو آهي. محترمه جي ساٿ تي پنهنجي حياتي گهورڪرڻ هن جي وفا جو شعار رهيو. وفائن جي ميدان تي سدائين ثابت قدم رهندڙ هي بي ڊپو عوامي ليڊر آفريقين لاءِ جدوجهد ڪندڙ نيلسن منڊيلا کان گهٽ حيثيت وارو نه آهي. هو اڄ به محترمه شهيد پاران کيس منڊيلا ڪوٺڻ واري ڳالھ کي پنهنجي لاءِ سند جهڙو اعزاز سمجهندو رهي ٿو، ڇو ته هن لاءِ اهڙي ڪمينٽ کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه سرٽيفڪيٽ ڪونه آهي.
پاڪستان جي سياست جا شينهن سڏجندڙ جڏهن آمريت سان سوديبازي ڪري عيش و عشرت کي اهميت ڏئي خاموشي سان ملڪ ڇڏي وڃڻ لاءِ نڪتا تڏهن جيلن جا جبل آصف علي زرداري مٿان ڪريل هئا،سوديبازي بدران پنهنجي فهم، فراصت توڙي سياسي عمل ۽ ثابت قدمي سان مشرف جي ڊگهي آمريتي راڄ جو خاتمو آڻيندڙ آصف علي زرداري ان ڏينهن سنئون سڌو عوام جي اڳيان آيو، جنهن ڏينهن سڄي ملڪ ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وڇوڙي جو صدمو مليو ۽ هر پاسي کان انارڪي جي آنڌي جا سڙٻاٽ ٻڌڻ ۾ پئي آيا ته  اوچتو محترمه جي مزار تي پهتل غم ۽ غصي ۾ وڪوڙيل عوامي انبوهه مان پاڪستان نه کپي جو نعرو ٻڌجڻ ۾ آيو ته ان نعري جو جواب شهيدراڻي  جي ٽيجهي واري تقريب ۾ ڪارا ڪپڙا پهري ويٺل آصف علي زرداري پاڪستان نه کپي چوڻ وارن کي پاڪستان کپي جو نعرو لڳائڻ جي دعوت ڏيندي اهو چيو ته هي ملڪ اسان جو آهي. هن ملڪ جي حفاظت اسان جي ذميداري آهي اسان پنهنجي ذميداري کان منهن نه موڙينداسين. اهڙي عزم، وچن واري خطاب کان پوءِ سڄي ان غم ۽ غصي واري ماحول ۾ ماٺار پئجي وئي. هن پاڪستان کپي واري نعري جو جواب انهن سياسي پارٽين کان به گهريو جيڪي پارٽيون ان وقت عام چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري چڪيون هيون، انهن پارٽين کي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اپيل ڪئي ته جيئن جمهوريت جو سج اڀري ۽ ملڪ کي هر قسم جي انارڪي کان آجو ڪرائي سگهجي.

آصف علي زرداري جو اهو اصلي روپ هيو، جنهن هڪ وقت ۾ سمورو وايومندل غم ۽ غصي جي ڪيفيت کي گهٽ ڪري اليڪشن کي انتقام قرار ڏيئي عوام کي شهيد راڻي جي شهادت جو بدلو وٺڻ واري جنگ ۾ حصيدار بنائي ڇڏيو. اهو سندس فڪر ۽ فهم جي فراخدلي هئي جو غم ۽ غصي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ان وقت ان کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه عمل نه هيو. آصف علي زرداري فڪر، فهم ۽ سندس سوچ توڙي سياست جي اها اهڙي پهرين منزل هئي جنهن کي دنيا ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي.

عوام انتقام ورتو جيڪي ڊنل هئا اهي ڊڄي ڊڄي ميدان ۾ لٿا، هر ڪنهن کي شهيد محترمه جي شهادت جي انتقام جي نالي تي ڪجهه نه ڪجهه ووٽ مليا پر نتيجا صرف ۽ صرف حقيقي عوامي فيصلي وارا ظاهر ٿيا جمهوريت اچي وئي. پوءِ ڪيمرائن جي اکين اهي لمحا  به ڪيپچر ڪيا، جيڪي لمحا هڪ الڳ تاريخ رقم ڪري رهيا هيا. ڪيميرا جي لينسز اهي منظر به محفوط ڪري ورتا، جن منطرن ۾ جمهوريت پنهنجي ڦوھ  جوانيءَ ۽ جمال سان پروان چڙهندي رهي. جمهوري حڪومت جڙڻ وقت پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي تنطيمي ڍانچي اندر به هر طرح سان جمهوري قدرن کي برقرار رکندي پارٽي اندر موجود سموري قيادتي قوتن کي هڪ راءِ فيصلو مڃرائيندي ولين جي سرزمين ملتان سان واسطو رکندڙ پ پ جي پراڻي ڪارڪن سيد يوسف رضا گيلاني کي وزارت عظمي جي ذميواري سنڀالڻ لاءِ اڳتي وڌايو. يوسف رضا گيلاني کي ان عهدي جي ذميواري لاءِ ورتل فيصلو به آصف علي زرداري جي سياسي ڏاهپ جو شاندار مثال آهي جيڪوفيصلو پارٽي اندر ڊسپلين کي برقرار رکندي  ورتو ويو. جنهن سان سندس قد ڪاٺ اڃان وڌيو. شهيدراڻي جي شهادت کان پوءِ توڙي جو سڄي ملڪ مان ڀٽو جي جان نثار جيالن آصف علي زرداري کي پ پ جو حقيقي جان نشين سمجهيو، جيالن ڀٽو جي سياسي وراثي سندس حوالي ڪئي پر هن  بهادر انسان پ پ جي سياسي وراثت شهيدراڻي جي فرزند جي حوالي ڪندي پاڻ کي پارٽي جو ڪارڪن سمجھڻ کي پسند ڪيو. هي سندس ٽيون فيصلو هيو، جنهن سان ملڪ ۾ موجود پ پ جي جيالن جي دلين ۾ به ساڻس لاءِ همدردي ۽ محبت وڌي رهي هئي.

پنجاب اندر ڪيتري ئي وقت کان سرائيڪي بيلٽ جو عوام احساس محرومي جو دانهون ڪري رهيو هو ۽ ملتان سميت سرائيڪي بيلٽ جو عوام الڳ صوبي جو مطالبو پڻ ڪري رهيو هو. احساس محرومي جي دانهن هيٺ رهندڙ علائقي مان وزير اعظم منتخب ڪرڻ سان ڪنهن حد تائين ان احساس محرومي ۽ الڳ صوبي واري مطالبي کي ٻنجو اچي ويو۽ ان فيصلي سان ڪنهن حد تائين احساس محرومي واري ڌٻڻ جهڙي مشڪل تي حڪمت عملي سان ڪنٽرول رکڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿي وئي. وزير اعظم جي عهدي جي حوالي سان ڪيل فيصلي کي سموري ملڪ جي نه رڳو جيالن قبوليو پر ان سان سرائيڪي بيلٽ جي عوام جون دليون پڻ وڌيون. حقيقت ۾ اهي ئي فيصلا آهن جن کي ڏسي سياست ۾ اهم مقام رکندڙ ملڪ جي مايه ناز سياسي اڳواڻ اعتراف ڪيو هو ته ”سندس سياست کي سمجهڻ لاءِ پي ايڇ ڊي ڪرڻئي پوندي.“ ۽ سچ به اهو ئي آهي ته آصف علي زرداري جي سياست کي سمجهڻ ۽ سندس حڪمت عملين کي پرکڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ئي نه آهي. بينظير جي مشن کي هو اڄ تائين به پورو ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي. اڄ سندس عقل ۽ ڏاهپ ۽ شهيد راڻي جي ڏنل تربيت کيس جيالن جي ايترو ته ويجھو آڻي ڇڏيو آهي آهي جيترو ڀٽي صاحب ۽ بينظير صاحبه جي ويجهو هئا. ان لاءِ ئي ته مخالفن کي آصف زرداري جي اچانڪ قومي اسيمبليءَ جي فلور تي اچڻ واري اعلان منجهائي ڇڏيو آهي ڇو ته آصف زرداري جي سياست کي سمجهڻ لاءِ سندن وٽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري نه آهي، هنن کي خبر آهي ته آصف زرداري واري مفاهمتي پاليسي واري شطرنج جا مهرا شطرنج وڇائڻ واري جي چئي ۾ اچي ويندا آهن. جيالن ۽ جمهوريت پسند ڌريون سندس اوچتي اعلان کي ملڪ لا۽ هڪ نيڪ شگون قرار پيا ڏين. جڏهن ته سياسي ۽ ادبي اداڪار سندس ان رمز کي سمجهڻ لا۽ تجزياتي ضرورتن لا۽ ڪتابن ۾ گم ٿي ويا آهن. آصف زرداري جو تازو امريڪي صدر جي حلف وفاداري ۾ شرڪت ڪرڻ سان ٻه اهو لڳي پيو ته ترقي پسند ڌريون بينظير جي ور جي صلاحيتن جواعتراف ڪندي کيس ان تقريب ۾ گھرايو. ماضي ۾ ايئن ڪڏهن به نه ٿيو  آهي جو رولنگ پارٽي کي ڇڏي مخالف گروپ کي اهميت ڏني وئي هجي.

سي پيڪ، سي پيڪ جو راڳ الاپيندڙ اڄ جا حڪمران ان سي پيڪ واري ڊولپمينٽ کي پنهنجي کاتي ۾ ڳڻائين پيا، حالانڪ ايران پاڪستان گئس لائين ۽ سي پيڪ پ پ پ جي پليٽ فارم تان آصف علي زرداريءَ جي ئي جدوجهد جو حصو آهن.

هوڏانهن قومي اسيمبليءَ جي سندس فلور تي اچڻ واري اعلان کي ٻڌي ۽ تبديل ٿيندڙ حالتن کي ڏسي ڪرڪيٽ راند جا بيٽسمين به  آصف زرداري جي هن ان سوئنگ يارڪر ڊليوري کي سمجھڻ لاءِ سندن ٽيم ۾ شامل مختلف رانديگرن کان صلاحون وٺي رهيا آهن، جيڪي ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽي جي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل هئا ۽ مشڪل وقت کيس ڇڏي آيا هئا. انهن جو کين اهو ئي چوڻ آهي ته ٿورو عقل کان ڪم وٺجو ورنا سندس هر اوور ۾ پنهنجا رانديگر آئوٽ ٿي ويندا. جڏهن ته لڪي ايراني سرڪس جا شينهن به هن اوچتي لينڊنگ تي حيران ۽ پريشان ٿي پيا آهن ۽ مالڪن جي اشارن کي نه پيا سمجهي سگهن.

ڀٽي بينظير جي نعري ۽ نطريي جي ئي تسلسل ۾ آصف زرداري جهڙي سياستدان جو هئڻ ۾ ئي پاڪستان جو وجود برقرار آهي.

justkashif88@gmail.com

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *