تازيون خبرون

سنڌ وڌندڙ غربت پاڻي اهم مسئلو بڻيل.!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

پورهيت طبقي جي عظيم اُڀار ۽ انقلابي تحريڪن کان سبق سکندي جلد يا بدير هن خطي جو پورهيت طبقو به پنهنجي قسمت جا فيصلا پنهنجي هٿن ۾ وٺندو.؟ پورهيت طبقو انتهائي صبر سان هن ظالم نظام خلاف هڪ وڏي طبقاتي جنگ جي تياري ڪري رهيو آهي. جيڪا هن نظام کي پاڙان پٽي پورهيت راڄ قائم ڪري هميشه لاءِ ڏک، درد ۽ تڪليفن واري هن سماج کي ڊاهي پٽ ڪري هڪ پورهيت راڄ قائم ڪندي.سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي ماڻهن لاءِ روزگار جو مک ذريعو زراعت آهي، پر زراعت گهڻي عرصي کان مسئلن جو شڪار رهندي اچي، اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جو روزگار زراعت سان لاڳاپيل آهي پر گذريل گهڻي عرصي کاڻ پاڻي جي لاڳيتي کوٽ ۽ سم ۽ ڪلر وغيره ڪري زمينن جي بيڪار ٿي وڃڻ ڪري گهڻا ماڻهو روزگار جي ان ذريعي کان محروم ٿيندا پيا وڃن. اها شڪايت عام آهي ته سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي ۽ نهرن ۽ واٽر ڪورسن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ آهي جنهن جي ڪري زرعي پيداوار ۾ پڻ گهٽتائي ٿي آهي. سنڌ ۾ وڌندڙ بيروزگاري ۽ روزگار جي گهٽ موقعن تي تبصرو ڪندي عالمي بئنڪ جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وڌندڙ آبادي، تعليم ۾ واڌاري ۽ لڏپلاڻ جي ڪري سنڌ ۾ ساليانو اٽڪل ڇهه لک ماڻهو روزگار جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي رهيا آهن جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ رڳو ساڍا ٽي لک ماڻهن لاءِ ئي روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا.سنڌ ۾ صنعتون گهڻي ڀاڱي ڪراچيءَ ۾ ئي آهن. انهن مان به گهڻيون شهر جي امن امان جي حالتن ۽ بجلي وغيره جي مسئلن جي ڪري ملڪ جي ٻين شهرن ۽ پرڏيهه ۾ منتقل ٿي چڪيون آهن. هن وقت ڪراچي جي چئن وڏن صنعتي علائقن ۾ اٽڪل ساڍا يارنهن هزار ننڍا ۽ وڏا صنعتي ادارا قائم ٿيل آهن جيڪي اٽڪل پنجويهه لک ماڻهن کي روزگار ڏيئي رهيا آهن. حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ سکر ۾ ڪجهه صنعتون لڳل آهن پر انهن کي رڳو آڱرين تي ئي ڳڻي سگهجي ٿو ۽ انهن جو علائقي جي مجموعي معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ اتان جي ماڻهن کي روزگار وغيره مهيا ڪرڻ جي حوالي سان ڪو ذڪر جوڳو ڪردار ناهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ جو قبائلي ۽ جاگيرداراڻو سماجي ڍانچو به صنعتي ترقيءَ جي سلسلي ۾ وڏي رڪاوٽ رهيو آهي. جنهن جو مثال سڀني جي آڏو آهي. علائقي جي سردارن ۽ ڀوتارن پاران صنعتڪارن کي حراسان ڪرڻ، ڀتي خوري ۽ اغوا وغيره جي ڪري اتي به صنعت ترقي نه ٿي سگهي.جيڪڏهن اتي اهو معمول مطابق هلڻ ڏنو وڃي ها ته ان ڳالهه جا گهڻا امڪان هئا ته اتان جي ماڻهن کي نه رڳو ڪنهن حد تائين روزگار ملي سگهي ها پر علائقي جا ڳوٺ روڊن رستن، اسڪولن ۽ اسپتالن جي سهولتن مان پڻ فائدو وٺي سگهن ها ۽ سندن زندگيءَ ۾ هڪ خاصيتي تبديلي اچي ها غربت ۽ بيروزگاريءَ کي گهٽائڻ ۾ تعليم ۽ تربيت جو وڏو ڪردار هوندو آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ جيڪي صنعتون قائم ٿينديون آهن اتي گهڻو ڪري ٻاهران ماڻهو آڻڻ جو هڪ جواز اهو به ڄاڻايو ويندو آهي ته مقامي ماڻهن وٽ گهربل پيشي وراڻي ڄاڻ ۽ مهارت ناهي. انهن صنعتڪارن جي ترجيح مقامي ماڻهن کي تربيت ڏيئي روزگار فراهم ڪرڻ نه پر پنهنجو نفعو ۽ ان کي وڌ ۾ وڌ ڪرڻ هوندو آهي. ان ڪري اها ذميواري وري به حڪومت جي ٿئي ٿي ته اها ماڻهن جي پيشي وراڻي تربيت لاءِ جوڳا بندوبست ڪري ته جيئن ماڻهو زراعت کانسواءِ روزگار جي ٻين متبادل ذريعن مان پڻ فائدو وٺي سگهن. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ به اهي سهولتون اڻ پوريون آهن ۽ انهن جي حالت رحم جوڳي آهي. سڄي سنڌ ۾ هن وقت پنجيتاليهه ٽيڪنيڪل تعليم جا ادارا آهن جن ۾ ارڙهن هزار شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. انهن مان رڳو اٺ هزار شاگرد اهڙن ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جيڪي ڪراچيءَ کان ٻاهر واقع آهن. ساڳيءَ ريت ڊائريڪٽوريٽ آف مين پاور ۽ ٽريننگ اهڙا ٽيٽيهه ادارا هلائي رهي آهي پر ڳوٺاڻن علائقن ۾ واقع گهڻا ادارا بند پيا آهن ۽ پنهنجو ڪم پوري ريت انجام نه پيا ڏين اعليٰ تعليم جا سٺا ادارا گهڻو ڪري ڪراچي ۾ واقع آهن. ان جو اندازو ان مان ڪري جي منظور ڪيل پنجويهه ادارن ۾ ٽيويهه ڪراچي ۾ آهن ۽ ٻه حيدرآباد ۾ انهن ادارن سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ سٺي تعليم لاءِ ذريعا، قابل استاد ۽ سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن پر ساڳي وقت حڪومت سان گڏوگڏ اها ذميواري سنڌي سماج تي پڻ لاڳو ٿئي ٿي ته اها گهٽ ۾ گهٽ موجود سهولتن مان فائدي وٺڻ لاءِ پنهنجن نوجوانن کي تيار ڪري ۽ تعليمي ادارن ۾ عنڊه گردي، تشدد ۽ هٿيارن جي ڪلچر جي حوصلي شڪني ڪري سنڌ جي ٻهراڙين ۾ غربت جي صورتحال کي ڏسندي ئي تازو عالمي بئنڪ جو اهو تبصرو سامهون آيو هو ته جيڪڏهن وقت سر جوڳا قدم نه کنيا ويا ته اهو ڏينهن پري ناهي جو هتي ڏڪر جي اها بدترين صورتحال هوندي جنهن جو مشاهدو دنيا آفريڪا جي مختلف ملڪن ۾ ڪري چڪي آهي. دنيا ۾ جتي به اهڙي صورتحال پيدا ٿي آهي اتي قدرتي ڪارڻن سان گڏوگڏ اهڙا عنصر به هوندا آهن جن جو واسطو سڌي ريت انسان سان هوندو آهي ۽ اهو ممڪن هوندو آهي ته جيڪڏهن انهن کي وقت سر منهن ڏنو وڃي ۽ انهن جو تدارڪ ڪيو وڃي ته اهڙي صورتحال کي نه رڳو ٽاري پر ختم ڪري سگهجي ٿو سنڌ جي صورتحال تي نظر وجهجي ٿي ته اها ڳالهه واضح نظر اچي ٿي ته ٿوري توجهه ۽ سٺي انتظام سان صورتحال کي بدلائي سگهجي ٿو. اهو ته صحيح آهي ته ان سلسلي ۾ حڪومت جو ڪردار مرڪزي حيثيت رکي ٿو پر ساڳي وقت ان ۾ سماجي ۽ سياسي تنظيمن جي صورت ۾ ماڻهن جي سرگرم شرڪت کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. ان ڳالهه کي پڻ نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته اين جي اوز جي طرز تي رڳو ڪنهن هڪ يا ٻئي علائقي يا هڪ يا ٻئي شعبي تي توجهه مرڪوز ڪرڻ سان مسئلا نه ٿا ٿين پر سڄي سنڌ جي سطح تي مجموعي طور تي مسئلن کي ڏسڻ جي ضرورت آهي زراعت نه رڳو سنڌ جي معيشت پر سنڌي سماج لاءِ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي. زرعي پيداوار جي گهٽجڻ جو سوال پاڻي جي کوٽ ۽ سم ۽ ڪلر وغيره سان گڏوگڏ زمين جي ملڪيت سان پڻ ڳنڍيل آهي. اهو سوال هن وقت سنڌ جي ڪنهن به سياسي جماعت جي ايجنڊا ۾ شامل ناهي. ان سوال جي اهيمت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ قبائلي جهيڙن، قبائلي سردارن جي مضبوطي، صنعتي ترقي جو نه هئڻ ۽ روڊن رستن، اسڪون ۽ اسپتالن وغيره جي عدم دستيابي جو بنيادي ڪارڻ زمين جي ملڪيت جو نظام آهي. ان سوال کي بنياد بڻائيندي هڪ سماجي ايجنڊا جي ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ پيشي وراڻا بنياد تي ان ڳالهه جو جائزو ورتو وڃي ته سنڌ جي ڪهڙن علائقن ۾ ڪهڙين سهولتن جي ۽ ڪيتري ضرورت آهي ۽ پوءِ ان لاءِ ماڻهن کي متحرڪ به ڪجي ۽ حڪومت تي مختلف ذريعن کان اهو دٻاءُ به وجهجي ته اها انهن رٿائن لاءِ رقم ڏئي ۽ انهن جي تڪميل کي يقيني بڻائي سنڌ رڳو ڪجهه شهرن ۽ اتي رهندڙ ننڍي وچولي طبقي جو نالو ناهي. سنڌ جي خوشحالي، سنڌ جي ڳوٺن ۽ ڳوٺاڻن سان لاڳاپيل آهي. انهن ڳوٺن ۽ ڳوٺاڻن جي حقيقي صورتحال کي ڏسڻ ۽ ان کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ سان ئي هڪ حقيقي خوشحال ۽ آسودي سنڌ وارو خواب ساڀيان ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هڪ آسودو ۽ سماجي طور پڙهيل ڳڙهيل ۽ آزاد ڳوٺاڻو ئي سياسي ۽ سماجي جدوجهد ۾ هڪ اثاثو ٿي سگهي ٿو

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *