تازيون خبرون

سنڌ جا تاريخي ماڳ…………. حڪومت جي بيڌياني جو شڪار ٿيل سنڌ جي صثافت: رفيق چنا دادو

سنڌ اندر ڪيترائي تاريخي ماڳ آهن، جنهن سان سنڌي قوم جو گھرو تعلق آهي انهن مان ڪيترائي ماڳ مٽي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويا آهن ۽ اڄ به ڪيترائي ماڳ حڪومت جي بيڌياني سبب پنهنجي اصلي خوبصورتي وڃائي رهيا آهن. جيڪي اڄ به اسان لاءِ ڌيان طلب آهن. اڄ به دادو جا ثقافتي ۽ سياحتي ڪيترائي ماڳ حڪومت جي بيڌياني عدم توجي سبب پنهنجي اصلي خوبصورتي وڃائي تباهه حالي جو شڪار ٿي ويا آهن جن ۾ نصير محمد جو ڪلهوڙو جو قديمي قبرستان  رني ڪوٽ ۽ ڪائي جا قديمي غار آهن جن لاء چيو وڃي ٿو اهي غار 35 هزار سال قبل مسيح ۾ پٿر جي دور جي انساني هٿن جا تعمير ٿيل آهن انهن تاريخي ماڳن مان ڪلهوڙا دور جي حڪمران ميان يار محمد ڪلهوڙو جو مقبرو پڻ هڪ آهي . مقبرو ميان يار محمد ڪلهوڙو دادو ضلعي جي دادو شهر کان 10 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي جيڪو سيوهڻ روڊ تي خداآباد کان اولهه طرف ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڪلهوڙا دور جي حاڪم ميان يار محمد ڪلهوڙو جو مقبرو آهي. ڪنهن دور ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙو تخت گاهه خداآباد جو والي هو. هن کي مقامي ماڻهون ميان يار محمد ڪلهوڙو ڏنڊائي جي نالي سان ڪوٺين ٿا. ڪلهوڙن جو دور گھڻن ئي حوالن سان سنڌ جي تاريخ ۾ سونهري دور سڏيو وڃي ٿو. هن دور ۾ فقيرن، بادشاهت کي مات ڏني .  ميان يار محمد جي لاءِ ته اهو چيو وڃي ٿو ته هو حافظ قرآن هئو. هن جي دور ۾ هر طرف الله اڪبر جي جهونگار هوندي هئي. ميان يار محمد ڪلهوڙو لاڙ تائين حڪومت ڪئي. چيو وڃي ٿو ته ڪلهوڙا دور ۾ سنڌي ماڻهون خوشحال ٿيو. ميان يار محمد ڪلهوڙو سنڌو درياء واري پاڻي تي ننڍا ننڍا واهه کوٽائي غير آباد زمينن کي آباد ڪري علائقي کي سر سبز ڪري ڏيکاريو. جڏهن ته نئين گاج جو پاڻي جيڪو ضايع ٿيندو هئو انهي پاڻي کي استعمال هيٺ آندو ويو ميان يار محمد نئين گاج جي پاڻي کي پڻ رٿابندي تحت عوام ڏنو ۽ انهن اتي پنهنجيون زمينون آباد ڪيون. علائقي جي عوام زمينون آباد ٿيڻ کانپوءِ پوري سنڌ کان وڌيڪ خوشحال ٿيا. ڪاڇي وارو علائقو جيڪو جابلو علائقو آهي اهو اڪثر ڪري تحريڪن جو مرڪز رهيو آهي ميان وال تحريڪ جا ماڻهون ان جبل ۾ اچي رهندا هئا. ڇاڪاڻ جو اتي نئين گاج جو پاڻي ملندو هئو ۽ جبلن جي سٺي پناهه پڻ ملندي هئي. علائقي جي عوام جو چوڻ آهي  ته ميان يار محمد ڪلهوڙي جو تاريخي مقبرو هر دور جي حڪومتن جي لاپرواهي ۽ بيڌياني سبب هنڌان هنڌان ٽٽي پيو آهي. هن مقبري کي وڏا وڏا ڏار پئجي چڪا آهن. ڪيترن ئي سالن کان هن مقبري کي شٽرنگ جي ٽيڪن تي بيهاريو ويو آهي عوام جي احتجاجن نشاندهي ڪرڻ کان پوءِ ڪيترائي سال اڳ هن مقبري جي مرمت لاءِ لکين روپين جو سامان آيو، جنهن ۾ سيمينٽ ۽ ٽائيلز موجود هيون جيڪي پر هن مقبري جي مرمت نه ٿي سگھي آهي. هن مقبري کان ٻاهر درگاهه جي احاطي ۾ بيٺل ٻيا ڪيترائ مقبرا ڪري پٽ پئجي چڪا آهن. تاريخ  ٻڌائي  ٿي ته هن مقبري کي 300 سالن کان وڌيڪ عرصو گزري چڪو آهي پر پوءِ به هي مقبرو ڏسڻ وٽان آهي. گذريل  سالن  ۾ بارشن جي تباهه ڪارين ۾ مقبرو ميان يار محمد ڪلهوڙو به محفوظ نه رهي سگهيو ۽ بارش جو وڏو پاڻي هن هن مقبري جي ٿلهين ڀتين اندر داخل ٿي هن مقبري کي وڌيڪ ڪمزور بڻائي ڇڏيو آهن. مقبري جي ڏاکڻو طرف بلڪل پنهنجي جڳهه ڇڏي ليٽي پيو آهي.  مقبري ٻاهران آيل ماڻهن جون يادگار لکڻيون اڄ به موجود آهن جن ۾ فارسي ۾ لکيل شعر پڻ آهن. درگاهه ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مقبري سامهون سندس ٺهرايل مسجد پڻ آهي. جنهن جا چاپڙ پڻ ڪري پيا آهن ۽ هن مسجد ۾ بارشن جي پاڻي وڏا گھارا ٺاهي ڇڏيا آهن جڏهن ته هن مسجد جو هڪ گنمبذ پڻ ڪيڏي مهل به ڪري پٽ ته پئجي سگھي ٿو مگر ڪنهن جاني نقصان کي پڻ نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. ٻڌايو وڃي ٿو ته دادو ضلعي جو وڏي مان وڏو قبرستان آهي جيڪو ڪلهوڙا دور جو آهي. درگاهه ٻاهران بلڪل سامهون دائي فقير جي قبر آهي. جنهن مٿان پڻ مقبرو اڏايل آهي. جڏهن ته درگاهه جي چوڌاري هن قبرستان ۾ ميان وال تحريڪ جي سپاهه ، سپاهه سالارن، جرنيلن، جون قبرون ۽ مقبرا پڻ آهن. جيڪي مالڪي نه هئڻ ۽ حڪومت جي بيڌياني سبب ڪي ته زمين دوز ٿي ويون ڪي ته مقبرا ڪري پٽ پئجي ويا. جڏهن ته اڄ به قبرستان اندر هڪ وڏو مقبرو ٺهيل آهي جنهن لاءِ چيو ٿو وڃي ته اهو ميان وال تحريڪ جي جرنيل منگھو فقير جتوئي جو آهي ۽ ٻيو مقبرو پٿر سان جوڙايل آهي. جنهن جي قبر مٿان پڻ پٿر تي بهترين قرآن شريف جون آيتون اڪريل آهن. هنن ماڳن يا مقبرن تي اڄ به پري پري کان مريد ۽ سياهه ايندا آهن. مگر هنن لاءِ هتي ڪوبه مسافر خانو يا ريسٽ هائوس جوڙايل نه آهي. اڄ به هنن ابدي ننڊ سمهڻ وارن جي ياد ۾ هر سال ميلو لڳايو ويندو آهي ۽ پري پري کان عقيدتمند اچي حاضري ڀرائيندا آهن. هن رات مرد توڙي عورتون سازندن جي سر تي ڪنڌ ڌوڻ ڪري ، الله توهار جي آواز کي بلند پڻ ڪندا آهن. جڏهن حڪومت طرفان هتي ايندڙ زيارتين لاءِ ڪوبه جوڳو بندو بست ٿيل نه آهي. درگاهه جي سامهون سڏ پنڌ تي هڪ ڦٽل کوهه آهي کوهه بغير پاڻي جي اڄ موجود آهي. هن کوهه مان ميلي جي زائرين جي مٽي ڀري ويندي هئي. جنهن لاءِ اهو مشهور آهي ته ان کوهه ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙو پنهنجو پاڻ کي رات جي پهر ۾ اونڌو لڙڪائي الله جو ذڪر بلند ڪندو هئو.  ميان صاحب قرآن حافظ ، ۽ فقير صفت انسان هئو. ڪهن وقت ۾ درگاهه جي اندر هڪ ڏنڊو پڻ پيل آهي جنهن لاءِ اهو مشهور آهي ته هن ڏنڊي سان ميان يار محمد حڪومت ورتي هئي. هن تاريخي وقت  جي  حڪمرانن  جي  بيحسي قيديمي آساران جي  صحيح سار سنڀال نه  لهڻ سبب  قبرستان  ڀرسان موجود  ڳوٺ جو گندي پاڻي جو نيڪال وهي رهيو آهي . جيڪو هن مقبري لاءِ نهايت ئي نقصانڪار آهي مقامي ڳوٺ جا پير سن رهواسي ٻڌائن ٿا ته .1972ع  ۾ جڏهن ممتاز علي خان ڀٽو جڏهن سنڌ جو گورنر ۽ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر هو ان وقت ممتاز علي خان ڀٽو خداآباد آيو ته هتان جا ڳوٺاڻا کيس درگاهه ميان يار محمد ڪلهوڙي تي وٺي ويا. ان وقت جڏهن ته درگاهه تائين وڃڻ لاءِ رستو ڪچو هئو ۽ وڏي تڪليف کان پوءِ ممتاز علي خان ڀٽو درگاهه ميان يار محمد ڪلهوڙي تي  پهتو ته هن ڪچي رستي کي پڪي ڪرائڻ ۽ ڳوٺ کي بجلي ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو هو. 2008ع واري پ پ پ  جي عوامي حڪومت ۾ سنڌ جي ثقافت جي وزير محترمه سسئي پليجو پڻ هن تاريخي ماڳ تي پهچي جلد تعميراتي ڪم شروع ڪرائڻ جو وچن ته ڪيو مگر ان کي ڪيترائي سال گذري چڪا آهن پر اڃا تائين  ميان يار محمد ڪلهوڙو جي  مقبري جي مرمت  لاءِ هڪ سر به نه لڳي سگهي آهي ڳوٺاڻن چوڻ  آهي  ته  هر  وقت جي  حڪومت . هن مقبري تي حڪومت نامدار وقت  به  وقت ڪانه ڪا سروي  ٽيم ته موڪلي ٿي. مگر ڪيترائي دفعا سروي ڪرڻ باوجود هن مقبري جو تعميراتي ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي.  ميان يار محمد ڪلهوڙي تاريخ  ٻڌائي  ٿي. ته  ميان يار محمد ڪلهوڙو 18 سال حڪومت ڪئي. اهو ٻڌايو پيو وڃي ته هن پنهنجي مرڻ کان اڳ مقبري جي اڏاوت شروع ڪرائي هئي پر ميان يار محمد جي اچانڪ موت ٿيڻ تي مقبري جو ڪم اڌورو رهجي ويو هئو.. جڏهن ته باقي رهيل ڪم بعد ۾ مڪمل ڪرايو ويو هئو. ميان يار محمد ڪلهوڙو 11 ذوالقعد 1113 هه بروز جمع مطابق 14 سيپٽمبر سن 1719 ع تي پنهنجي تخت گاهه خداآباد ۾ راهه رباني ورتي. هن پويان پنج پٽ ڇڏيا جن ۾ ميان نور محمد ، ميان محمد خان، ميان دائود خان، ميان تاج محمد خان۽ ميان غلام حسين شامل آهن دادو  ضلعي جي باشعور  عوام سڄاڳ  ڌرين وقت به  وقت ميان يار محمد ڪلهوڙو جي  مقبري سميت ضلعي ۾ ٻين  تاريخي جائن جي حڪومت پاران مالڪي نه ڪرڻ تي  ڳڻتي  جو  شڪار آهي. هنن جو مطالبو  رهيو آهي ته دادو  ضلعي  جي  سڀني ثقافتي ورثن کي محفوظ ڪن ته جئين هو صنعت جو درجو اختيار ڪري سگهن عوام  احتجاج  ڪري ڪري ٿڪجي  پيو  آهي ته تاريخي ورثن جي مالڪي  ڪئي وڃي پر اڄ تائين  ڪنهن  به  نوٽيس  نه ورتو  آهي .دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ ثقافتي ورثن تي خاص توجهه ڏني ويندي آهي پر افسوس سنڌ سميت دادو  ضلعي  جي ثقافتي ورثن کي هر وقت جي سرڪار اڃ تائين دنيا ۾ متعارف به نه ڪرائي سگهي آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *