تازيون خبرون

سنڌي ٻوليءَ کي تحفظ ڏيڻ لاءِ قومي درجو ڏيڻ جي گهرج: آفتاب ميمڻ

فيبروري جي شروع ۾ هر سال ڪراچي ۾ ”ڪراچي ادبي فيسٽيول“ ٿيندو آهي. گذريل ٻن ٽن سالن کان سنڌ جا سجاڳ ذهن هن تعصبي ميلي کان پري رهڻ لڳا جو هي ميلو ’ادبي ميلو‘ نه پر خالص ”اردو نواز“ ۽ پاڪستاني ٻولين کي پوئتي ڌڪڻ جي سازش طور سڃاتو وڃي ٿو. سڄي ساري ميلي ۾ نه ته ڪا ڪانفرنس نه ڪو سيشن سنڌي يا پنجابي يا بلوچي يا پشتو يا گجراتي ٻوليءَ جي اوسر ۽ بقا يا واڌاري لاءِ هوندو آهي نه ئي ڪو سنڌي يا ٻين پاڪستاني ٻولين جو ڪو اسٽال لڳل هوندو آهي. وري به ”حلق بگوش“ خانه خراب سنڌي دانشور بغلون ڪٽيندا ۽ هنڀوڇيون هڻندا شامل ٿيندا آهن. سواءِ هڪ بيدل مسروري بدويءَ جي ڪنهن کي ايتري به توفيق نه ٿي جو ٻه اکر ئي چون ته هي ”ميلو“ ادبي ميلو ته اصل نه آهي. هي ته صرف هڪ طبقي جو تماشو آهي يا وري ”ممي ڊيدي“ ثقافت جو اهڃاڻ آهي. عقل حيران آهي ته ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين سرخ پرچم اڀو ڪرڻ وارا، حڪومتن ۽ آمرن جي ڏاڍ سان ويڙهه ڪرڻ وارا به هاڻ عمر جي هن حصي ۾ ”خانه بدوشي“ ڪڙڪ پتي چانهه پي ڪراچي ادبي ميلي جي ساراهه ڪن ٿا جڏهن وٽن خيرپور يونيورسٽي يا سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو يا حيدرآباد ۾ ساڳيو ميلو ڪرائڻ لاءِ ميدان موجود آهي. آڪسفورڊ پريس جون ته ڪي پاڙون هن ڌرتيءَ ۾ کتل ڪونهي پر اسان جي دوستن جون پاڙون پاتال تائين کتل آهن. هڪ شخص هيو طارق اشرف، مدد علي سنڌي ساڻس گڏ هوندو هيو پنڌ ۾- ڇا ته جادو جڳايو هيو طارق اشرف.

شابس هجي پنجاب جي دانشورن کي سلام پنجابي…. سلام… بيشڪ اوهان ان قابل آهيو جو جيئندا رهو. اسان جي ڪردار جا پرتو ته اسان جا دانشور آهن جي پنهنجي ولر کان وڇڙڻ مهڻو ڪو نه سمجهن جي کين ڪو لاڀ ملي چاهي ٺلهي واهه واهه هجي يا حُسنِ ڪمال يا ڪا ڪُرسي- ڪي فيشن ايبل مرد توڙي عورتون جن جو جيتوڻيڪ هڪ صفحو به ادبي حوالي جو نه اٿن نه ئي سندن اڀياس جي ڪا سند ملي ٿي پر وڏي فخر سان اردو پريس ۾ پاڻ کي سنڌي دانشور جي حوالي سان سڃاڻپ ڪرائي وڏي واڪي چون ته فلاڻو اسپيني، فلاڻو اطالوي، فلاڻو آفريقي ليکڪ سندن پسنديده ليکڪ آهي. سنڌي ادب…!! هونهه…. ڪهڙو سنڌي ادب! سنڌي ادب ۾ پڙهڻ لاءِ ڇا آهي؟ انهن موقعي پرست سنڌي سڏائيندڙ سنڌڙين عورتن ۽ مردن جي قافلي کي ڪير چوڻ وارو ڪونهي جو اشراف ۽ باحيا تخليق ڪار هڪ ڪُنڊ جهليو اهڙن تضادن کان پاسي رهڻ جي ڪندا آهن ها، البته….

سلام آهي پنجاب جي دانشورن کي….

سلام آهي لاهورين جي عظمت کي….

سلام آهي اصغر نديم سيد ۽ مشتاق صوفي کي….

سلام آهي ڊان گروپ کي….

ڏسڻ وٽان ته لاهور جو ”ادبي ميلو“ آهي. ادبي ميلي جو پروگرام اربع 17 فيبروري 2016-20 جي ڊان ۾ تفصيلي ڇپيل آهي اُهو ڏسڻ سان ئي ئي معلوم ٿئي ٿو ته:

(1) هر ڏينهن هڪ سيشن يا ته پنجابي ٻولي ۾ آهي يا سرائيڪي ۾ آهي.

(2) حميد هارون، عمران اسلم، آءِ اي رحمان، خالد احمد، شجاع نواز، اصغر نديم سيد، نيئر دادا، شيري رحمان ضيا محي الدين، ڪميلا شمسي، شرميلا ٽئگور، مهيش ڀٽ ۽ پوڄا بٽ، احمد سليم ۽ ڪيترن ئي هفت پهلو شخصيتن جي محبتن ۽ پورهئي جو نچوڙ آهي ”لاهور ادبي ميلو“

(3) پروگرام پڙهندي پروگرام رٿيندڙن جي ذهن جي زرخيزي جي د اد ڏيڻي پوندي.

(4) پروگرام ۾ ملڪي، غير ملڪي دانشورن، ماهرن، ماهر تعميرات ماهر فنون لطيفه، شاعر، ناول نگار ۽ ليکڪ شامل آهن جن اردو، پنجابي توڙي سرائيڪي ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي.

هي پروگرام هر طرح سان ڪراچي ۾ ٿيندڙ متعصب ۽ ڊيڊي- ممي ڪلچر واري ادبي ميلي کان مٿڀرو رهندو. افسوس صرف انهيءَ ڳالهه جو آهي ته سنڌي ماڻهو هنڀوڇيون هڻندو هر سال فيبروري جي مهيني ۾ بيچ لگزري هوٽل ڇو ٿو وڃي جڏهن اُتي هڪ به سنڌي ڪتابن جو اسٽال نه آهي. ٽن ڏينهن جي انهيءَ هنگامي ۾ هڪ سيشن به سنڌي ادب جو نه آهي. نه علي بابا، نه امر جليل صاحب، نه مدد علي سنڌي، نه نفيس ناشاد، نه غلام نبي مغل…. ڇو ٿا وڃو؟ ڇا توهان کي سمجهه ڪونهي ته ائين ڪرڻ سان توهان پنهنجي ئي مادري زبان کي انهن ٻولين جي لسٽ ۾ آڻيو ٿا جي معدوم ٿيڻ جي زمري ۾ شامل آهن.

”ٻوليون مرن پيون“ جي عنوان سان ڪجهه سال اڳ مون هڪ مضمون لکيو هيو جنهن ۾ اهو ٻڌائڻ جي ڪاوش ڪئي هئم ته ٻوليون ڇو مرنديون آهن. انهيءَ ليک ۾ اهو پڻ عرض ڪيو هئم ته سنڌي ٻوليءَ به آهستي آهستي انهيءَ ”مرندڙ ٻولين“ جي ذمري ۾ ايندي وڃي. انهيءَ جو وڏو ڪارڻ هڪ ٻي وڏي ٻولي جي سرڪاري سرپرستي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي پوئتي ڌڪڻ جي منظم سعي آهي پر چئن سالن ۾ نقشو اڃان وڌيڪ خراب ٿي ويو آهي.

ٻه ٽي سال اڳ آئون پنهنجي گهر واريءَ سان گڏجي حج تي ويس- تيسين منهنجو ڪتاب ”نيل نديءَ ڪناري“ ڇپجي چُڪو هيو. جده ۾ ڪجهه مائٽ ۽ دوست هيا تنهن ڪري ڪجهه ڪاپيون ساڻ کنيم. ڊي جي حج ابو عاڪف سيد کي به هڪ ڪتاب ڏنم. ابو عاڪف شين قاف ۽ نون غُنا واري درست سند يافته علم دوست قبيلي سان واسطو رکندڙ ماڻهو آهي. شايد انهيءَ ڪري ئي جذباتي انداز ۾ ڪتاب تي انتساب لکي ابو عاڪف کي ڏنم:

”ابو عاڪف سيدي لاءِ پيار مان- گواهه رهجانءَ ته جي سنڌي ٻولي ڪنهن وقت گم شده مُرده ٻولين ۾ شمار ٿيڻ لڳي ته اُن ۾ اسان جو هٿ ڪونهي نه ئي اسان ڪا ڪوتاهي ڪئي. صرف اسان جي ٻوليءَ کي پوئتي ڌڪيو ويو آهي ۽ ڪمزور موت جو مسافر هوندو آهي. پر سيدي! مون پنهنجي وت آهر ٻوليءَ جي بقا لاءِ جاکوڙ ڪئي. گواهه رهجان.“  اکرن ۾ڪو ڀولو هوندو پر مطلب قريب قريب اِهو ئي هيو. ابو عاڪف پڙهي مون ڏي نهاري کلندي چيو:

”سر، هي ته اوهان جي جذباتيت آهي جنهن جو حقيقت سان ڪو واسطو نه آهي.“

”ڪيئن؟“ پڇيومانس.

منهنجي لهجي جي ڳنڀيرتا کي محسوس ڪندي ابو عاڪف جي مُشڪ هڪدم ٽهڪن ۾ تبديل ٿي ويئي. کلندي چيائين:

”سر، جنهن زبان جا پنج ڪروڙ ڳالهائيندڙ هجن سا ڪيئن مري سگهي ٿي. آئون صرف سنڌ جي سنڌي ڳالهائيندڙن جي ڳڻپ ڪو نه ٿو ڪيان. سنڌ کان ٻاهر، ڀارت، هانگ ڪانگ، مليشيا، افريقا، ايشيا جا مختلف ملڪ ويندي لاطيني آمريڪا تائين توهان کي هر جاءِ تي سنڌي ملندا ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ ملندا.“

مون ساڻس اختلاف ڪيو پر بحث مناسب ڪو نه سمجهيم. ڪجهه ريسرچ جي حوالي سان حقيقتون پيش ڪجن ٿيون.

ٻوليءَ جي ماهر مائيڪل اِي ڪرس جي چواڻي: ”صرف اُها ٻولي سلامت رهي سگهي ٿي جنهن جي ڳالهائيندڙن جون ايندڙ نسلون هڪ سئو سالن تائين اُها ٻولي ڳالهائين.“ هڪ اندازي مطابق دنيا جي مختلف ملڪن ۽ هنڌن تي ڇهه کان ست هزار ٻوليون رائج آهن جن مان هڪ امڪان آهي ته 90 سيڪڙو تائين ٻوليون صديءَ جي آخر تائين ختم ٿي وڃن. يعني ته هڪ سئو سالن کانپوءِ جي ڪره ارض تي آبادي رهي ته دنيا ۾ صرف 600 ٻوليون ئي پنهنجو وجود برقرار رکي سگهنديون. ٻولين جي گم ٿيڻ جي شرح وقت سان گڏ ايترو ته تيز ٿي رهي آهي جو هڪ اندازي مطابق صرف پاڪستان ۾ ئي 2030ع تائين 18 کن اتر پاڪستاني ٻوليون پنهنجو وجود وڃائي چڪيون هونديون. هي اُهي ٻوليون آهن جن جا اصلوڪا ڳالهائيندڙ وڃي ڏهاڪن يا چند سون ۾ بچيا آهن ۽ پنهنجي ”ماتري ڀاشا“ ڇڏي علائقي ۾ موجود بااثر ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ ٿي ويا آهن. يونيسڪو جي درجابنديءَ مطابق 2473 ٻوليون گمشدگي ڏي وڃي رهيون آهن ۽ اِها گمشدگي ايندڙ 30 سالن کان 40 سالن ۾ اچي سگهي ٿي. ڏسڻو اِهو آهي ته ڪهڙا عوامل آهن جن جي ڪري ٻوليءَ جي وجود کي خطرو آهي يا اچي سگهي ٿو. وڌيڪ ڏسڻو اِهو آهي ته ڇا سنڌي ٻولي انهي ”خطري منجهه“ آيل ٻولين جي زمري ۾ اچي ٿي. ڪوشش ڪندم ته واضح ڇيد مت پيش ڪيان جن جي بنياد تي آئون سنڌي ٻوليءَ کي خطري ۾ سمجهان ٿو. وڌيڪ مونجهاري کان بچڻ لاءِ صرف هڪ مستند تحقيق ڏي ڌيان ڇڪائيندم. ڪيمبرج يونيورسٽي پريس، خطري ۾ آيل ٻولين جو ڪيمبرج دستي ڪتاب يا Cambridge Hand Book of Endangered languages جي نالي سان شايع ڪيو آهي جو لسانيات جي ماهرن لاءِ هڪ مستند دستاويز آهي. انهيءَ دستاويز مطابق ڪنهن ٻوليءَ جي خطري ۾ هجڻ جا چار مکيه ڪارڻ آهن:

(1)  قدرتي آفات، بک، بيماري ۽ ڏڪار: ويجهڙائي ۾ 2004ع جي سونامي ۾ انڊمان جزيرن جون اصلي ٻوليون.

(2) جنگ ۽ قتلام: ماضي قريب ۾ نڪارا گويا جي “مسڪيٽو“ ٻولي، گوئٽي مالا جي ”مايان“ ٻولي توڙي آمريڪا جي اصل باشندن جي ٻولين جي گمنامي جو سبب.

(3) سياسي ناهمواري: جڏهن حڪومتون ڪنهن هڪ ٻوليءَ کي يا قومي ڪلچر کي واڌاري جي آڙ ۾ ٻين زبانن ۽ ڪلچرن کي پٺتي ڌڪيندي آهي. مقامي آمريڪي، مقامي آسٽريلوي ٻوليون، فرانس جي اليشيئن ٻولي، ترڪي جي ڪُرد ٻولي توڙي سنڌي ٻولي انهيءَ زمري ۾ اچن ٿيون.

(4) سياسي، سماجي، معاشي استحصال: هي صورتحال تڏهن پيدا ٿيندي آهي جڏهن هڪ سگهاري ٻوليءَ کي سرڪاري، سماجي ۽ قانون اهڙو اختيار ڏي ٿو جنهن تحت معاشي ۽ سماجي طور اڳڀرائي وٺڻ لاءِ باقي ٻولين جي ڳالهائيندڙن کي انهيءَ طاقتور ۽ سگهاري ٻولي جي ڪلچر ۾ ضم ٿيڻو پوي ٿو.

اسان ڏسي آيا آهيون ته 1 ۽ 2 تي ذڪر ڪيل صورت في الوقت سنڌ کان پري آهي سواءِ ان جي ته ٿر جا ڏڪاريل ٿري، توڙي بدين ۽ ٺٽي جي سامونڊي پٽي جا واسي جي سمونڊ ۾ زمين پائڻ جي ڪري بي گهر ٿي ويا آهن تن اچي ڪراچي وسايو آهي ۽ ويچارا ننڊ ۾ به ”همارا نام تو ڪڇ اور هي پر صاحب آپ مجهي شڪيل ڪهه لين ڪه سب شڪيل ڪهتي هين“ ويچارو ڊڄندو ته متان ڪنهن کي خبر پوي ته مان سنڌي آهيان. ائين ئي سنڌي ٻولي ويڳاڻي ٿيندي وڃي.

پر سنڌي زبان سان مسئلو اهو آهي جو نمبر 3 ۽ 4 تي ڏنل آهي. ورهاڱي وقت نئين ملڪ ۾ صرف ٻه ٻوليون هيون جي لکيون ۽ پڙهيون ويون ٿي. هڪ بينگالي ته ٻي سنڌي. متحده بينگال ۽ سنڌ ۾ اسڪول، ڪاليج توڙي يونيورسٽي تائين ۽ وري روينيو جو سرڪاري رڪارڊ به بينگالي ۽ سنڌي ۾ هوندو هيو. پنجابي ۽ سرائيڪي بابا فريد، ميان محمد بخش ۽ بهلي شاهه جي ڪلام جي ڪشش ڪري سنڌيءَ جيان عربي رسم الخط ۾ لکبي هئي پر ملڪ جون واڳون سنڀاليندڙ قوتن بينگالي ۽ سنڌي کي ڇڏي اردو کي قومي ٻولي قرار ڏنو. جيتوڻيڪ اردو نئين ملڪ جي واسين مان ڪنهن به گروهه جي زبان نه هئي. ائين سرڪاري سطح تي مملڪتِ خداد هڪ ٻوليءَ کي هٿي ڏني ۽ ٻين ٻولين کي پٺتي ڌڪيو. ويندي 1973ع جي آئين ۾ اردو کي سرڪاري ۽ قومي ٻولي جو درجو ڏيئي اهو لازم قرار ڏنو ويو ته آهسته آهسته تمام سرڪاري ڪمن ڪارن ۽ وهنوار لاءِ اردو زبان استعمال ڪبي. مٿان وري لساني بل 1973ع  اهڙي ڪار ڪئي جو آهسته آهسته سنڌي ميڊيم اسڪول بند ٿي ويندا ويا. تعليم جو کاتو اردو ڳالهائيندڙن جي حوالي رهيو ۽ انهن اردو ٻوليءَ جي واڌاري ۽ عروج لاءِ هر ڪوشش ڪئي. اُها ئي تعليم جي وزارت جڏهين سنڌي ڳالهائيندڙ اڪثريتي پارٽي وٽ آئي ته هُنن سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، سنڌالاجي ۽ اهڙن ٻين کاتن کي پويان ڌڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪا ڪوشش ڪو نه ڪئي پر سنڌ جي تعليم کي ئي تباهه ڪيو. ماهرِ لسانيات جو چوڻ آهي ته ٻولي تڏهن خطري ۾ هوندي آهي جڏهن اُن ٻولي کي واپرائيندڙ ماڻهن جا ٻار اُها ٻولي نه سکندا آهن نه ئي ڪنهن سماجي ۽ معاشي ٻنڌڻ تحت هو اِها ٻولي ڳالهائڻ تي مجبور ٿيندا آهن جيئن ”ميمڻڪي“ ٻولي جا سنڌي ۽ گجراتي مائل آهي پر گجراتي ميمڻن جي مضبوط معاشي ڏوريءَ جي ڪري نسل در نسل هلندي اچي. سنڌ واسين کي اپيل آهي ته پنهنجي ٻولي کي بچائين ۽ نام نهاد دانشورن کي نندڻ جي ڪن ته ڪنهن کي ته لڄ اچي لوئي جي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *