تازيون خبرون

سنڌي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جو جائزو؛ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

لفظ ”مضمون“ عربي لغت مان ورتل آهي. ”ضمن“ جي لغوي معنيٰ آهي، ”خيال“ ۽ اختيار ڪيل يا جذب ڪرڻ. انگريزيءَ ۾ مضمون کي “Essay” ته فارسيءَ ۾ ”مقاله“ ۽ عربيءَ ۾ ”مقامه“ چيو وڃي ٿو. فرانسيسي ٻوليءَ جي لفظ “Essay” جي معنيٰ ”ڪوشش ڪرڻ“ پڻ آهي. فرانسيسي مان ئي Essay جي صنف انگريزي ۾ آئي. عام طور مضمون نثر نويسيءَ ۾  هڪ اهڙي تحرير کي ليکيو ويندو آهي، جيڪا مناسب طوالت سان گڏ ليکڪ جو ڪنهن به خارجي موضوع تي خيالن جو اظهار هجي. مضمون، مضمون نگار جي خيالن ۽ سوچن جو عڪس آهي. ”مضمون“ ۾ مصنف ذاتي ۽ انفرادي تجربن ۽ مشاهدن کي اديبانه انداز ۾ قلم وسيلي محفوظ ڪري ٿو. هڪ سٺو مضمون اهو ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ مضمون نگار جا ويچار ۽ نظريا عمدي نموني اثر انگيز هجن، مضمون جو تعلق ادب سان آهي. انهيءَ لحاظ کان مضمون جي ٻولي ادبي ۽ سريلي هئڻ ضروري آهي. مضمون نويسي هڪ اهڙي ادبي لياقت ۽ قابليت آهي جنهن ۾ فصاحت ۽ بلاغت جو هجڻ اهم آهي. ٻولي وڻندڙ، شائسته ۽ سليس هئڻ سان مضمون عام فهم ٿيندو آهي.

مضمون نويسي دنيا جي هر ادب ۾ رائج آهي. پرڏيهي ادب ۾ فرانسيس بيڪن، ڊرائيڊن، گولڊ سمٿ، جانسن، رسڪن ۽ ميٿيو آرنلڊ جهڙا مشهور مضمون نگار ٿي گذريا آهن. اردو ادب ۾ سيد سليمان ندوي، خواجه حسن نظامي، ڊپٽي نظير احمد، مرزا فرحت الله بيگ، مولوي عبدالحق، ابن انشا ۽ ٻيا ڪيترائي مضمون نگار رهيا آهن. سنڌي ادب ۾ ساڌو هيرانند، پرمانند ميوارام، منشي اڌارام، ريواچند آڏواڻي، ڏيارام گدومل، مرزا قليچ بيگ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، لطف الله بدوي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽو، عبدالحسين موسوي، محمد اسماعيل عرساڻي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڪريم ڏنو راڄپر، نواز علي شوق ۽ ٻين ڪيترن نثرن جي هن صنف کي اهميت ڏياري.

دنيا جي علم ۽ ادب جي هڪ ٻئي سان لهه وچڙ جي سبب کان هر ادبي صنف ۾ ڪافي ترقي ٿي آهي، جنهن ۾ مضمون نويسيءَ کي به عروج حاصل ٿيو آهي. مضمون نويسيءَ جي شروعات فرانس کان مانٽين 1571ع ۽ انگلينڊ مان فرانسيس بيڪن (Fransis Bacon) ڪئي. بيڪن 1577ع کان 1621ع تائين مختلف موضوعن تي مضمون لکيا، جن ۾ فلسفيانه مضمون گهڻا هئا. ليکڪ انهن مضمونن کي يڪجا ڪري ”بيڪنس ايسيز“ (Bacon’s Essays) جو عنوان ڏنو، جيڪي اخلاق آموز ۽ سهڻي اسلوب بيان سبب پوريءَ دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ ترجمو ٿيا. اصل ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ آهي، جيڪو دنيا ۾ مضمون نويسيءَ جي موضوع جي لحاظ کان پهريون ڪتاب هو. موضوع جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته مضمون نويسيءَ جي موضوعن ۾ تمام گهڻي وسعت رهي آهي. جيڪو معمولي کان معمولي شين تي به مضمون لکي سگهندو آهي ته ڳوڙهن فلسفيانه موضوعن کي به مضمون جو موضوع بنائي سگهجي ٿو.

عام طور  مضمون تعليمي، سوانحي، تاريخي، ديني، سماجي، سائنسي، سياسي، اخلاق، ادبي ۽ ڪجهه ٻين موضوعن تي هوندا آهن. درسي يا نصابي ضرورت مطابق ٻارن جي لاءِ جانورن، پکين، شهرن، ڳوٺن، موسمن، مندن، راندين ۽ ميلن ملاکڙن کان وٺي ادبي موضوعن کي به اهميت جوڳو قرار ڏنو ويندو آهي ته جيئن سندن قابليت کي پرکي سگهجي. انهيءَ لحاظ کان ڏٺو وڃي ته مضمون جي صنف سوکي هئڻ جي باوجود به ڏکي آهي جنهن ۾ لکندڙ جي ذاتي قابليت يعني سوچ، ويچار ۽ لکڻ جو ڏانءُ (Presentation) اهميت رکن ٿا. مضمون نويسيءَ کي صحافت جي ڪري تمام گهڻي اهميت حاصل رهي آهي. دنيا ۾ سڀني ٻولين جي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون شايع ٿيندا رهندا آهن جن مان شاگردن، استادن ۽ عام قارئين جو وڏو انگ مستفيد ٿئي ٿو. مضمون لکندڙ کي گهرجي ته لکڻ کان اڳ ۾ چند اهم نڪتن کي نظر ۾ رکي:

(1) مضمون، موضوع مطابق ۽ پڙهندڙ جي ذهني سوچ مطابق هجي ۽ اهڙي نموني لکجي جو پڙهندڙ متاثر ٿئي.

(2) مضمون جي ٻولي سهڻي ۽ جملن جو استعمال مناسب هجي، پهاڪن، چوڻين ۽ بيتن کي خوبصورت جڙاءُ جي نموني سان ۽ موقعي مهل مطابق استعمال ڪرڻ گهرجي.

(3) مضمون لکڻ مهل انهيءَ ٻولي کي نظر ۾ رکيو وڃي، جنهن ۾ مضمون لکيو ٿو وڃي. ٻين ٻولين جا غير ضروري لفظ وجهڻ سان خود انهيءَ ٻوليءَ جي نفي ٿيندي. اهم ڳالهه ته مضمون ۾ ليکڪ جو مقصد صاف ۽ چٽو هئڻ گهرجي. ان لاءِ ضروري آهي ته هو موضوع کي کولي بيان ڪري.

سنڌي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات انگريزن جي دور کان ٿي. هن دور ۾ عربي سنڌي الف ب مڪمل ٺهي راس ٿيڻ بعد سنڌي نثر ۾ جيڪي صنفون لکت ۾ وجود ۾ آيون، انهن ۾ مضمون نويسي اهم آهي. انهيءَ وقت شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ پهريون سنڌي عالم هو، جنهن کي سنڌيءَ کان علاوه ٻين ٻولين تي به گهڻي دسترس حاصل هئي. هو انگريزيءَ جو ته خاص ڄاڻو هو. پاڻ انگريزي مضمونن جي مجموعي ”بيڪنس ايسيز“ کي ”مقالات الحڪمت“ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائون. هي ڪتاب سنڌي مضمون نويسيءَ ۾ پهريون مضمونن جو مجموعو (ترجمو) شمار ٿئي ٿو. انهيءَ کانپوءِ مرزا صاحب ٻين ٻولين مان به مضمونن جا ڪتاب ترجمو ڪيا ۽ پاڻ طبعزاد مضمون به لکيائون.مرزا صاحب کانپوءِ ٻين ليکڪن به هن صنف کي همٿايو ۽ اخبار بينيءَ سان عوام ۾ مضمون نويسيءَ جو شعور وڌو. سنڌي صحافت به هن صنف کي ترقي ڏياري ۽ ورهاڱي کان اڳ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ آيل مضمونن کي جمع ڪرائي ڪيترائي مجموعا شايع ڪيا ويا، بعد ۾ به اخبارن جي ذريعي مضمون ڇپبا رهيا، جن اخبارن مضمون نويسيءَ کي عروج تي پهچايو انهيءَ ۾ ”معين الاسلام“، ”سنڌ سڌار“، ”پرڀات“، ”جوت“، ”سرسوتي“، ”اخبار تعليم“، ”روح رهاڻ“، ”الجامع“، ”بهار اخلاق“، ”مسافر“، ”معاون“، ”توحيد“، ”سنڌو“، ”عبرت“، ”هلال پاڪستان“ ۽ ٻيون اخبارون ۽ رسالا اچي وڃن ٿا، جيڪي مضمونن جا ڪتاب شايع ٿيا. انهيءَ ۾ ”گل ڦل“، ”هيري جون ڪڻيون“، ”چونڊ سنڌي نثر و نظم“، ”ادبي آئينو“، ”ثمر حيات“، ”ويچار“، ”ادبي گلشن“، ”ادبي تحفو“، ”انار داڻا“، ”ورق“، ”چڻنگون“، ”ڪچ ڪوڏيون“، ”ڪک هيٺان لک“، ”ڪلاڪار جي دنيا“، ”سنڌي سٻاجهڙا“، ”هٻڪار“، ”گلدستو“، ۽ ”مضامين خليل“ اهم آهن.سنڌي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي ڪتابن جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ مضمون ته بي حساب لکيا ويندا آهن پر انهن جي ڇپيل ڪتابن جو تعداد گهڻو گهٽ آهي.

انهيءَ جي برعڪس سنڌي ٻوليءَ ۾ مقالا وڌيڪ لکيا ۽ ڇپيا ويا آهن. مقالي ۽ مضمون جي صنف ۾ علمي ۽ ادبي طور ڪجهه فرق مقرر آهن. مضمون، مضمون نگار جو ڪنهن به خارجي موضوع تي ذاتي خيالن جو اظهار آهي ته مقالو فني ڇنڊڇاڻ ۽ پرک سان لکيل هڪ تنقيدي ۽ تحقيقي ليک آهي. اها تحقيق غير جانبدار، مستند ۽ علمي هوندي آهي ۽ مضمون انهيءَ جي برعڪس ليکڪ جي ذاتي مطالعي ۽ اظهار جو عڪس آهي. هن وقت ضرورت انهيءَ امر جي آهي ته مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ آيل مضمونن کي جمع ڪري ۽ انهن کي ڇپائي سنڌي مضمون نويسيءَ جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي. هن وقت به درسي ضرورت مطابق سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل مضمونن جا چند ڪتاب ئي دستياب آهن جيڪي ناڪافي آهن.

ڪيترائي مضمون مختلف موضوعن تي ”سهڻي“، ”روح رهاڻ“، ”نئين زندگي“، ”مهراڻ“، رسالن کان علاوه ”عبرت“ ”هلال پاڪستان ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. هيستائين جي ڇپيل مواد مان به خبر پوي ٿي ته سنڌي مضمون نويسي سنڌين جي تهذيب، تمدن، رسمن، رواجن، سوچن خيالن ۽ سماجي قدرن جو عڪس آهي، جيئن ته مضمون نويسي سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج ۾ به هڪ اهم حيثيت رکي ٿي، ان لاءِ نثر جي هن اهم صنف جي واڌاري تي ڌيان ڌرڻ جي گهرج آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *